Monday, August 03, 2015

مرچنٽ نيوي ۾ اچڻ جي صلاح نه ڏيندس - الطاف شيخ

مرچنٽ نيوي ۾ اچڻ جي صلاح نه ڏيندس....
الطاف شيخ
مختلف اخبارن ۾ مختلف تعليمي ادارن جا ڪورسن بابت ڪوڙا سچا اشتهار ايندا رهن ٿا ته ٽن يا ڇهن مهينن جو اليڪٽرڪ جو يا ريڊيو مڪينڪ جو ڪورس ڪري توهان پنهنجي توڙي ڌارئين ملڪن ۾ هيتري وڏي پگهار واري نوڪري حاصل ڪري سگهو ٿا. اهڙيءَ طرح هڪ GP3 ڪورس جو به اشتهار ايندو آهي ته ”ڇهن مهينن جو هي ڪورس ڪرڻ سان توهانکي جهاز تي هيڏي ڳري پگهار جي نوڪري ملي سگهي ٿي ۽ توهان جي محنت ڪندئو ته هڪ ڏينهن جهاز جا ڪئپٽن به ٿي ويندئو، جنهن جو مهيني جو پگهار چار کان ست لک رپين تائين آهي. ڪو به مئٽرڪ پاس هن ڪورس جي چاليهه هزار رپيا في ڏئي ڪري سگهي ٿو.“


بلڪل صحيح آهي. ان ۾ ڪوڙ تر جيترو به نه آهي. تمام دلڪش ۽ وڻندڙ اشتهار آهي. ڪيترا ئي شاگرد... خاص ڪري ڏڏ شاگرد، جن ڇڪي تاڻي مئٽرڪ ڪئي آهي ۽ جن لاءِ انٽر سائنس ڪري ڪنهن انجنيئرنگ يا ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا حاصل ڪرڻ محال آهي... اهي ۽ انهن جا والدين اهو ئي سوچيندا ته GP3 (جي پي ٿري) جو ڪورس ڪري جهاز تي نوڪري ڪرڻ کان ٻي ڪهڙي بهتر ڳالهه ٿي سگهي ٿي .... جهاز تي ماني ٽڪي ۽ رهائش مفت. ڳري پگهار کان علاوه دنيا گهمڻ جا موقعا الڳ....! هڪ شاگرد ان قسم جو اشتهار پڙهي خيرپور کان مونکي فون ڪيو ته هن کي ان بابت منهنجو مشورو کپي ته آيا هو چاليهه هزار في ڀري ڪراچي ۾ اچي جهازن جي نوڪري وارو اهو GP3 وارو ڪورس ڪري يا نه؟
جواب ۾ مون صلاح ڏنس ته؛ ”هرگز نه.“
منهنجي ان جواب تي ته سڀ پڙهندڙ حيران ٿيندا هوندا ۽ خيرپور جي هن ڇوڪري کان به رڙ نڪري وئي ته سائين توهان جهازن جي نوڪري ڪندڙ ٿي ڪري اسان کي منع ٿا ڪريو!.... وغيره وغيره.
يقين ڪريو ته مٿئين قسم جو سوال، گذريل ڏهاڪو سالن ۾ خبر ناهي سنڌ جا ڪيترا شاگرد مونکان فون تي يا email ذريعي يا فيس بڪ تي پڇي چڪا آهن. مونکي پڪ آهي ته ان کان وڏو انگ انهن جو هوندو جيڪي اهو ساڳيو سوال پڇڻ چاهيندا هوندا، پر وٽن منهنجو فون نمبر يا ٻيو ڪو contact ناهي. ان ڳالهه جو سوچي اڄ هن تفصيلي مضمون لکڻ جو ارادو ڪيو اٿم جيئن منهنجي هيءَ ڳالهه يا سوچ ٻين لاءِ رهنمائي ثابت ٿي سگهي ۽ پوءِ هو پاڻ فيصلو ڪري سگهن.
پهرين ڳالهه ته GP ڇا آهي؟ اهو مخفف آهي جنرل پرپز جو. پاڻيءَ جو جهاز هلائڻ لاءِ هڪڙا آفيسر ٿين ٿا جن ۾ پنج ڇهه ڪئپٽن کان ڪئڊٽ تائين نيويگيٽر ٿين. اهڙيءَ طرح ڇهه ست مئرين انجنيئر ٿين ٿا جن ۾ چيف انجنيئرن کان جونئر انجنيئر تائين اچي وڃن ٿا. انهن کان علاوه سندن مدد لاءِ ۽ جهاز جي مختلف ڪمن: رسا ڇڪڻ، طوفانن ۾ اسٽيرنگ ويل کي جھلي بيهڻ، انجڻ روم ۾ مشينن کي صاف ڪرڻ ۽ تيل ۽ گريز ڏيڻ، ۽ رنگ روغن ڪرڻ لاءِ جيڪي ورڪر (خلاصي) ٿين ٿا اهي GP سڏجن ٿا. اڳئين دور ۾ يعني گذريل صديءَ جي ستر واري ڏهي تائين جڏهن اڃا جهاز اڄ جهڙا ماڊرن ۽ آٽوميٽڪ نه ٿيا هئا ته هر جهاز تي آفيسر ۽ خلاصين جو تعداد ڪافي وڏو هوندو هو... ايتريقدر جو ايم وي چناب ۽ ايم وي سرفراز رفيقي جهڙن 25 هزار ٽنن وارن جهازن تي جن جو آئون چيف انجنيئر هوس، ڪئپٽن کان ٽوپس (جهاز جي ڀنگيءَ) تائين ستر کن ماڻهو هوندا هئا. پوءِ 1980ع ۾ جپان کان پهريون آٽوميٽڪ جهاز خريد ڪيوسين ته ان تي جملي 40 کن ماڻهو هئاسين، جيڪي پڻ هڪ 25 هزار ٽن واري جهاز لاءِ وڏو عملو هو جو هاڻ ته هڪ لک ٽن واري جهاز تي به 30 کن ماڻهو ڪافي سمجھيا وڃن ٿا.
ستر واري ڏهي تائين، يعني مالاڪنڊ نالي جهاز کان اڳ تائين، آئون جن به جهازن تي رهيس ان تي انجڻ روم ۾ اسان جي مدد ۽ انجڻين جي صفائي لاءِ الڳ ماڻهو هوندا هئا ته ڊيڪ لاءِ الڳ ... جن ڊيڪ آفيسرن (ڪئپٽن، چيف ميٽ کان ڪئڊٽ تائين نيويگيشن آفيسرن) جي ماتحت رسا ڇڪڻ، رنگ روغن ڪرڻ ۽ ٻيا ڪم ڪيا ٿي. انجڻ روم ۾ انهن ڪم ڪندڙن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي ”تيل وارا“ هوندا هئا ۽ جهاز جي وڏي ۽ پراڻي موجب.... يعني ان تي هلندڙ مرمت ۽ maintenance جي ڪم مطابق چار، پنج يا اڃا به وڌيڪَ ڪم ڪرڻ وارا رکيا ويا ٿي جيڪي ”آگ وارا“ سڏبا هئا. انهن آگ وارن (Firemen) ۽ تيل وارن (oil men & Greasers) مٿان جيڪو انچارج يا ڪمدار هوندو هو اهو سرنگ سڏبو هو. اهو به شڪر جو ڊيزل جا جهاز ٿيڻ ڪري گهڻن بئالرن جي ضرورت نٿي پئي جو جهاز جي مين انجڻ جا پسٽن ٻاڦ ذريعي هيٺ مٿي ٿيڻ بدران ڊئريڪٽ فيول سان ٿيا ٿي. هينئر جهاز تي جيڪو هڪ يا ٻه ننڍا بئالر هلن ٿا اهي پڻ تيل تي ٻرن ٿا، نه ته انهن ڏينهن ۾ جڏهن اسان پڙهندا هئاسين يعني سٺ واري ڏهي جي شروع وارن سالن تائين بئالرن جي کوري (فرنيس) ۾ ڪوئلو وجھي ساڙيو ويو ٿي. جنهن لاءِ جهاز تي ٽي چار ماڻهو وڌيڪَ هوندا هئا.
جهاز جا باٿ روم صاف ڪرڻ لاءِ، ٽي چار ٽوپس (ڀنگي) هوندا هئا. ظاهر آهي وڏي عملي ڪري بورچي خاني جو عملو به وڏو هوندو هو.... ٽي کن بورچي، ٻه کن ڀنڊاري (ڀاچي ڪٽڻ وارا)، ڇهه ست بئرا (کاڌو سَروِ ڪرڻ وارا)، انهن جو انچارج پئنٽري مئن وغيره هوندا هئا. انهن سڀني جي چونڊ فقط سندن ڪم جي ڄاڻَ تي ٿيندي هئي ۽ گهڻو ڪري جهاز جو مالڪ پنهنجي مرضيءَ مطابق نوڪريون ڏيندو هو ۽ جهاز تي سفر ڪرڻ لاءِ ملڪ جي سرڪاري شپنگ آفيس انهن کي CDC (پاسپورٽ نموني جو ڪِتاب) جاري ڪندي هئي.
جهازن کي حادثن کان بچائڻ، جهاز تي ڪم ڪندڙ انسانن جي سلامتي ۽ دنيا جي سمنڊن کي گدلي ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ستر واري ڏهي ۾ UNO جي جهاز سان واسطو رکندڙ برانچ IMO جهازن ۽ سمنڊن بابت سخت قاعدا قانون ٺاهيا.... انهن ۾ اهو به شامل ٿيو ته جهاز جي انجن روم ۽ ڊيڪ لاءِ الڳ الڳ ڪم وارا رکڻ بدران عام طرح رکبا جيڪي جِتي به ضرورت پئي ته اتي ڪم ڪندا ... يعني اهي عام مقصد (جنرل پرپز) لاءِ هوندا ۽ آگ وارا، تيل وارا، خلاصي، ڀنڊاري وغيره سڏجڻ بدران GP سڏبا، ٻي ڳالهه ته هنن مان هر هڪ مئٽرڪ پاس ضرور هجي ۽ جهاز تي G.P ٿي ڪم ڪرڻ لاءِ هن کي ڇهه کن مهينن جو ڪورس ڪري ان جو امتحان ڏيڻ لازمي آهي جنهن ۾ ٿوري گهڻي انگريزي ۽ مئٿس جي ڄاڻ کان علاوه جهازراني سان واسطو رکندڙ هنن ٽن سبجيڪٽن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ ضروري ڪئي وئي: فائر فائيٽنگ (جنهن ۾ مختلف شين کي باهه لڳڻ تي ان کي وسائڻ ۽ پاڻ کي بچائڻ جا طريقا)، فرسٽ ايڊ (ميڊيڪل جي بنيادي ۽ فرسٽ ايڊ معلومات)، Survival at sea (يعني جهاز جي ٻڏڻ وقت پنهنجو پاڻ کي ڪيئن بچائجي.... وغيره)
بين الاقوامي طور اهو قانون پاس ٿيڻ تي پاڪستان توڙي ٻين ملڪن ۾ خلاصين کي تعليم ۽ تربيت ڏيڻ لاءِ ”سي مين ٽريننگ سينٽر“ سرڪاري توڙي خانگي طرح کوليا ويا ۽ نون سان گڏ جهاز تي نوڪري ڪندڙ پراڻن کي به موڪل تي لاٿو ويو ته هو مئٽرڪ ڪري، پوءِ GP3 جو ڪورس پاس ڪري، جهاز تي اچن. جيڪي پاس نه ڪري سگهيا، انهن جو مستقل طور نوڪريءَ واري لسٽ مان نالو ڪڍيو ويو. ڪيترن عرب ملڪن، توڙي يورپ جي ملڪن ۾ ان ٽريننگ جو بندوبست شروع نه ٿيڻ تي اسانجي ملڪ جي ڪيترن نوجوانن کي جيڪي جيڪي GP3 جو ڪورس ڪندا ويا انهن کي ايران، ڪويت توڙي يونان ۽ اٽلي وغيره جي جهازن تي نوڪريون ملنديون ويون. GP3 خلاصيءَ جي ٻه اڍائي سال جهاز تي نوڪري ڪرڻ بعد، ترقي ٿئي ٿي ۽ GP2 سڏجي ٿو. ان بعد هو GP1 ٿئي ٿو. يعني GP1 (جي پي ون) تجربيڪار ٿئي ٿو ۽ جي پي ٿري نئون سيکڙاٽ يا وڌ ۾ وڌ کڻي سال ڏيڍ جي تجربي وارو ٿئي ٿو. بهرحال هيءَ اسڪيم شروع ٿيندي اڄ ٽيهن کان مٿي سال اچي ٿيا آهن ۽ هاڻ هر ملڪ ۾ اتي جا نوجوان GP3 جو ڪورس ڪريو ويٺا آهن ۽ ضرورت پوڻ تي هو اسانجي ملڪ انڊيا، پاڪستان، بنگلاديش مان کڻڻ بدران هر ملڪ پنهنجا ماڻهو کڻي ٿو ۽ جيڪي اسان جا نوجوان اتي هئا انهن کي به GP2 ۽ GP1 هجڻ جي باوجود انهن ملڪن مان ڪڍيو ويو. هونءَ به ڏينهون ڏينهن پاڻيءَ جي جهازن جو تعداد گهٽجي رهيو آهي. مسافر جهاز تي ڪي چند وڃي بچيا آهن. مالبردار جهاز به گهٽجي رهيا آهن جو هر ملڪ جي حڪومت چاهي ٿي ته اها ٻئي ملڪ کان چانور ڪڻڪ، ڪپهه ۽ ٻيو سامان جيتري قدر گهٽ ٿي سگهي گهرائي جو ان تي غير ملڪي ناڻو ضايع ٿئي ٿو. اڳ ۾ اسان جا جهاز جپان مان ڪارون کڻي نه فقط پاڪستان پر عرب ملڪن ۾ پهچائيندا هئا. هاڻ جپان توڙي جرمنيءَ جي هر ڪار جو، هر ملڪ ۾ ڪارخانو آهي. 1980ع تائين اسان جي ملڪ کي 80 کن جهاز هئا، هاڻي ڏهه کن وڃي بچيا آهن. انهن کي به ورلي ڪو امپورٽ يا ايڪسپورٽ جو سامان ٿو ملي. مونکي ياد آهي ته منهنجي ڏينهن ۾ پاڪستان کان چانورن، ڪپهه، ڌاڳي ۽ گانگٽ مڇين جا جهاز ڀرجي جپان ويا ٿي. اسان جي ڪڻڪ سعودي عرب وئي ٿي. اڄ سعودي عرب ۾ ئي ڪڻڪ ايتري ٿئي ٿي جو هو ٻين کي وڪڻڻ لاءِ تيار آهي. ملائيشيا ۽ جپان وارا پئسو بچائڻ جي چڪر ۾ پنھنجي ملڪ جا سادا چانور کائيندا هئا پر هاڻ هو اسان جا خوشبوءِ وارا اوچا سڳداسي، باسمتي چانور گهرائڻ کان پرهيز ڪن ٿا. اسان جا جهاز جپان کان ٽي وين، واشنگ مشينن ۽ فِرجن سان ڀرجي ايندا هئا. هينئر اهي جپاني شيون لائسنس تي اسان جي ملڪ ۾ پيون ٺهن.... بلڪ پنهنجي لوڪل برانڊ جون به ٺهي رهيون آهن... سو اهڙيءَ حالت ۾ جهاز ڌارڻ نقصان جو سودو آهي. جهاز جي ڪيترن مالڪن پنهنجو پئسو شپنگ مان ڪڍي هوٽل بزنيس ۽ ٻين شين ۾ لڳايو آهي ۽ دنيا جي سمنڊن تي جهازن جو تعداد وڃي ڏينهون ڏينهن گهٽبو.
بهرحال جهازن جي کوٽ سبب ”نوڪريون“ نه پيون نڪرن. GP3 ته ڇا GP1 به هڪ سال کن جهاز تي Sail ڪرڻ بعد ٻه ٻه سال بيروزگار ويٺا آهن. اهڙيءَ صورت ۾ هي ڪورس ۽ تعليمي درسگاهه بند ڪري سگهجن ٿا ۽ بند به ٿي وڃن ها پر عوام پُرزور مطالبو ڪيو ته تعليم ته ڏني وڃي ... ٿي سگهي ٿو ڪنهن کي نوڪري به ملي وڃي .... ۽ ڪڏهن ڪڏهن واقعي ڪو فريش گرئجوئيٽ يعني ”جي پي ٿري“ ڀاڳ وارو آهي ته هن کي ڪنهن جهاز تي نوڪري مليو وڃي. مثال طور ڪو يورپي جهاز ٻن ڏينهن لاءِ ڪراچي آيو. ان جهاز جو ڪو GP سخت بيمار ٿي ڪناري جي اسپتال ۾ داخل ٿي پيو. جهاز کي ٻئي ڏينهن Sail ڪرڻو آهي ۽ ان جي جاءِ تي ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ ڪو GP کپي ئي کپي. پوءِ هو ڪراچيءَ ۾ رهندڙن پنهنجي ايجنٽس کي جلد از جلد ماڻهو هٿ ڪري ڏيڻ لاءِ چون ٿا ۽ اهڙيءَ صورت ۾ تازو ڪورس ڪيل GP3 کي نوڪري مليو وڃي نه ته عام صورت ۾ هر جهازران ڪمپنيءَ وٽ پنهنجن پراڻن ماڻهن جي لسٽ آهي جن کي وارو ڏيندا رهن ٿا. پر جي نئون GP کپين ٿو ته به هو GP3 بدران GP1 ڳولين ٿا، جيڪو وڌيڪَ تجربو رکي ٿو. هر جهاز جو مالڪ ۽ جهاز هلائڻ وارو، ڪئپٽن توڙي چيف انجنيئر، چاهي ٿو ته هن جي جهاز تي پراڻو ۽ تجربيڪار ماڻهو هجي جيڪو خراب سمنڊ ۽ اوچتو آيل طوفانن ۾ ٻين تي بار ٿيڻ بدران، همت ۽ پراڻي تجربي مان فائدو وٺي جهاز هلائڻ وارن لاءِ مددگار ثابت ٿئي ۽ باهه لڳڻ جهڙن حادثن ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي، ڪم ڪري سگهي. ڇو جو جهاز تي تمام گهٽ ماڻهو رهن ٿا ۽ هنن کي ڏينهن رات (ويندي آچرن تي ۽ عيد براد) سخت پورهيو ڪرڻو پوي ٿو. ڪو به جهاز جو آفيسر نه چاهيندو ته هن جو جونيئر آفيسر يا ڪم ڪار ڪرائڻ وارو GP سست ۽ ناتجربيڪار هجي.... پوءِ اهو ڀلي سندن ڀائيٽو ڀاڻيجو ڇو نه هجي... ڇو جو سمنڊ تي سڀني جي زندگي داءَ تي لڳل رهي ٿي. ڪنهن هڪ جي غلطيءَ يا سستيءَ ڪري، سڄو جهاز ۽ ان جا سوار، سورن ۾ پئجي سگهن ٿا.
بهرحال اها حقيقت آهي ته جهاز تي خلاصيءَ جي نوڪريءَ لاءِ GP3 جو ڪورس ڪرڻ ضروري آهي ۽ اها به حقيقت آهي ته هيٺئين درجي جي GP يعني ”جي پي ٿري“ جو پگهار به چڱو خاصو ٿئي ٿو، پر سوال آهي ته جهاز ڪٿي آهن؟ ۽ نوڪريون ڪٿي آهن؟ هن وقت فقط سنڌ جا هزارين نوجوان پئسو خرچ ڪري GP3 جو ڪورس ڪريو ويٺا آهن پر ملڪي يا غير ملڪي جهاز تي ڪا ورلي جاءِ خالي ٿئي ٿي جنهن تي جي پي ون رکيو وڃي ٿو جيڪي پڻ هن وقت مارڪيٽ ۾ انيڪ ويٺا آهن!
ڪو شايد ائين به چوي ته ملڪ جا جيڪي جهاز آهن... چند ئي سهي، انهن تي جيڪڏهن 8 کن جي پي جي ضرورت آهي ته 8 بدران 12 يا 16 رکيا وڃن، جيئن ملڪ جا نوجوان تجربو حاصل ڪري سگهن ۽ ٻه اڍائي سال جهاز تي نوڪري ڪري گهٽ ۾ گهٽ GP2 ٿي سگهن جن لاءِ ڌارين ملڪن جي جهازن تي وري به بهتر موقعا ميسر ٿي سگهن ٿا. بلڪل سٺي سوچ آهي ۽ جيڪي مالڪ جهازن جي روزانو تيل سڙڻ، بندرگاهن ۾ بيهارڻ جي في ۽ انجڻ جي مرمت تي لکها بلڪ ڪروڙها خرچ ڪري سگهن ٿا انهن لاءِ ڏهه کن وڌيڪ هيلپر (GP) جن جو پگهار سڀني کان گهٽ ٿئي ٿو، رکڻ ۾ ڪهڙو عار! ۽ جهاز تي ڪيترا ئي فالتو ڪمرا ٿين ٿا. هڪ هڪ ۾، ٻه ٻه يا ٽي ٽي ٿي رهي سگهن ٿا ۽ ماني ٽڪيءَ جو به ڪو خاص خرچ ناهي.
پر اهو ڪم نا ممڪن آهي. بندرگاهه ۾ بيٺل جهاز تي ڀلي ڪيترا به ماڻهو ۽ مهمان رهيا پيا هجن پر سمنڊ تي جهاز هلڻ وقت فقط ۽ فقط اوترا ماڻهو رهي سگهن ٿا جيترن لاءِ Boat Capacity آهي. يعني جهاز جي ٻڏڻ وقت جيترن ماڻهن جي جهاز جي ٻيڙيءَ ۾ وهڻ جي جاءِ، لائيف جئڪيٽ ۽ کاڌو پيتو مقرر ٿيل آهي. هي ائين آهي جيئن هوائي جهاز ۾ پنج ڇهه ماڻهو پٽ تي به ويهي سفر پورو ڪري سگهن ٿا پر بين الاقوامي قانون ان ڳالهه جي اجازت نٿو ڏئي، جو خدا نخواسته رستي تي موسم خراب ٿي پوي ته ٻيا ته پنهنجو پاڻ کي بيلٽ ذريعي پنهنجي سيٽ سان کڻي سوگھو ڪندا ۽ هي فالتو ماڻهو جهاز جي پاسن ۽ ڇت سان ٽڪرائجي زخمي ٿي پوندا يا آڪسيجن جي کوٽ وقت مقرر مسافرن لاءِ ڇت مان ماسڪ ڪري سگهندا باقي فالتو ته مري ويندا. اهو ئي قانون بحري جهاز تي آهي. هڪ ماڻهوءَ جي موڪل ڪرڻ تي هڪ ماڻهو ئي جهاز تي چڙهي سگهي ٿو.
هڪ ٻي ڳالهه جيڪا اشتهارن ۾ چئي وڃي ٿي ته GP3 چاهي ته محنت ڪري ڪئپٽن تائين پهچي سگهي ٿو. بلڪل صحيح آهي. پر ان لاءِ پروسيجر اهو آهي ته GP1 ٿيڻ بعد هن کي مزيد ٻه ٽي سال سمنڊ جي نوڪري ڪرڻ بعد انٽر جو امتحان، ان بعد ڪئڊٽ جو امتحان ڏئي پوءِ ڪئڊٽ جي پوسٽ تي Sail ڪرڻو پوندو. مقرر سال Sail ڪرڻ بعد ٿرڊ ميٽ، پوءِ سيڪنڊ ميٽ، پوءِ چيف ميٽ ۽ پوءِ ڪئپٽن جا امتحان ڏيڻا پوندا. سمنڊ تي هر ترقي 21 مهينا رهڻ ۽ مقرر امتحان ڏيڻ بعد ٿئي ٿي ... هاڻ سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڪو اهڙو قابل آهي ته پوءِ هو مئٽرڪ بعد GP3 ٿيڻ بدران ٻه سال وڌيڪَ پڙهي انٽر ڪري آفيسرن واري چونڊ يعني مئرين اڪيڊمي ۾ ٻن سالن جي ڪئڊٽن واري پڙهائي لاءِ مقابلو ڇو نٿو ڪري؟ جنهن بعد هو جهاز جو ڊئريڪٽ ڪئپٽن يا مون وانگر چيف انجنيئر ٿي سگهي ٿو. انٽر بعد منهنجي مئرين انجنيئرنگ ڪئڊٽ جي حيثيت سان 1963ع ۾ چونڊ پاڪستان مئرين اڪيڊمي چٽگانگ ۾ ٿي هئي جيڪو هن وقت بنگلاديش جو شهر آهي.
هونءَ ته ڏٺو وڃي ته GP3 يا GP1 ڇا هن وقت مرچنٽ نيوي جي جهازن جا 50 کن ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر به جهازن جي کوٽ ڪري بيروزگار ويٺا آهن. هي ائين آهي جيئن ڪو پائليٽ جي ڪورس پٺيان ويهه پنجويهه لک رپيا خرچ ڪرڻ بعد بيڪار ويهي رهي جو ڪٿي آهن نوڪريون؟ مون کان ته ڪو پڇي ته آئون اها ئي صلاح ڏيندس ته GP3 ته ڇا مئرين انجنيئر ٿيڻ کان به بهتر آهي ته مڪينيڪل، اليڪٽريڪل، اليڪٽرانڪ وغيره جو انجنيئر ٿيڻ کپي جنهن کي جيڪڏهن ڪا سرڪاري نوڪري نه ملي ته پنهنجو ئي هڪ ننڍڙو ورڪشاپ کولي روزگار ڪمائي سگهي ٿو. مئرين انجنيئر (يعني جهاز جو انجنيئر) ڇا ٿو ڪري سگهي؟ ڇا پنهنجو جهاز خريد ڪري اهو هلائي؟ هِتي پڙهندڙن جي معلومات لاءِ اهو به لکندو هلان ته پاڻيءَ جو جهاز خريد ڪرڻ واري لاءِ اهو به ضروري ٿئي ٿو ته دنيا جي مختلف ملڪن ۾ آفيسون ٺاهي، اتي مڪاني عملو رکي، جيئن جهاز اتي پهچي ته ان جي ديک ڀال ٿي سگهي. بهرحال ڪو زمانو هو... خاص ڪري گذريل صديءَ جو آخري اڌ، جڏهن هيءَ ٽيڪنالاجي بُوم تي هئي... جهاز تي نوڪري ڪرڻ جي ڪشش پيدا ڪرڻ لاءِ مون شروع جي سفرنامي ۾ سمنڊ تي درپيش ايندڙ مشڪلاتن جو احوال لکڻ بدران ڪوڙيون سچيون ڇوڪرين جون ڳالهيون يا گهمڻ ڦرڻ جا مزا لکيا ته جيئن سنڌ صوبي جا نوجوان سامونڊي زندگي ڏي رخ رکن.... ۽ ان ۾ وڏي حد تائين ڪاميابي به نصيب ٿي ۽ نه رڳو شهرن جا پر ڳوٺن جا به انيڪ نوجوان هن فيلڊ ۾ آيا ۽ ڪيترن ته دنيا ۾ وڏو نالو پيدا ڪيو. جهڙوڪ؛ اسان جي ڳوٺ جو ڪئٽپن رشيد ابڙو، دادو جو چيف مئرين انجنيئر ظهير بابر قريشي، غلام شبير ميرجت، روهڙي جو ڪئپٽن عالم شيخ، ميرپورخاص پاسي جي ڪنهن ڳوٺ جو ڪئپٽن عبداللطيف لاشاري، جيڪب آباد جو ڪئپٽن اوستو، نواب شاهه جو ڪئپٽن پيرزادو وغيره وغيره. پر هاڻ سڄي دنيا جي مرچنٽ نيوي جو حال ڏسي شاهه جو شعر ٿو ياد اچي ته:
اڳي ائين هياس، جو پنهونءَ ڌوتم ڪپڙا،
هاڻ ائين ٿياس، جو جت نه نين پاڻ سين.


No comments:

Post a Comment