Friday, July 10, 2015

سچ وڏي شيءِ آ... عبدالله مورائي

سچ وڏي شيءِ آ...
عبدالله مورائي
پنهنجي پاڻ کي تيز پوندڙ برف کان بچائيندي اچي اسانجي رڌڻي جي دريءَ کان بيٺو، جتي آءٌ ماني پچائي رهيو هوس. چيائين؛ ”ڀيا ميري لئي ڀي دو روٽي بناهي لو. ادهر ڪونسي امي ديک رهي هي.“
مون مشڪندي چيومانس؛ ”ٺيڪ هي آجائو.“


سائين ٿيو ائين جو منهنجو ڪلاس فيلو ڪارتيڪ، جيڪو انڊيا جي شهر حيدرآباد دکن جي آسپاس جو آهي، يونيورسٽي کان واپس ايندي اسانجي ڪاريڊور کان لنگهيو. مونکي رڌڻي ۾ ڏسي هلي آيو ۽ پڇيائين ته؛ ”ڀيا ڪيا بنا رهي هو؟ مجهي ڀي ڀوک لگي هي“.
مون ٻڌايومانس ته؛ ”چڪن ڪڙاهي بنائي هي، بيٺُو روٽي لگا رها هون، مل ڪر کهاتي هين.“
اتي ڪجهه سوچي چيائين؛ ”ڀيا آج تو مين ڪوئي ڀي گوشت نهين کا سڪتا، ڪيونڪه آج ڪي دن گوشت کانا منع هي، امي ديکي گي تو مار دي گي مجهي.“ ائين چئي ننڍو منهن ڪري رڌڻي مان نڪري ويو.
ٿوري دير کانپوءِ وري اچي رڌڻي جي دريءَ کان بيٺو ۽ کلندي چيائين ته؛ ”اڌر ڪونسا امي مجهي ديک رهي هي.“
امر جليل صاحب جي آتم ڪٿا ۾ ڪٿي پڙهيو آهي ته؛ ”سچ سڀني مذهبن کان وڏو آهي.“ هتي به ڳالهه ساڳي هئي. ڪارتيڪ جي مذهب هن کي منع پئي ڪئي ته گوشت نه کاءُ پر سچ اهو هو ته هن کي بک لڳي هئي ۽ شايد هن ۾ سڄو ڏينهن يونيورسٽي ۾ گذارڻ کانپوءِ ماني پچائڻ جي سگهه ئي نه هئي . اها هڪ حقيقت آهي ته هتي يورپ ۾ جتي پاڪستان، انڊيا ۽ بنگلاديش جا شاگرد رهن ٿا، اهي پنهنجو کاڌو پيتو هڪٻئي سان ورهائي ونڊي کائيندا آهن. ڇاڪاڻ ته گهڻي قدر کاڌو پيتو ساڳيو آهي. حيدرآباد دکن واري پاسي جا ماڻهو رڳو مرچ ۽ مصالحي جو استعمال حد کان وڌيڪ ڪندا آهن. سائين هتي سئيڊن ۾ مندر هجي يا مسجد ڪنهن به قسم جو ڪو ماني جو پروگرام هوندو ته اتي مسلمان به نظر ايندا ته هندو به. ڇاڪاڻ ته سچ کان وڏو ڪو به مذهب ناهي ۽ بک سڀني کي لڳندي آهي. مٿان وري شاگرد لڏو سو ماني ڪٿان پچائي.
آءٌ جڏهن اسڪاٽلينڊ (Scotland) جي شهر ڊنڊي (Dundee) ۾ يونيسڪو (UNISECO) طرفان منعقد ڪيل پاڻي جي بين الاقوامي قانون جي سکيا تي ويل هيس ته پهرئين ئي ڏينهن ڪلاس ۾ هڪ انڊيا جي آسام (Assam) رياست جي شهر سلچر (Silchar) جي مسلمان ڇوڪري علي اوسماني سان ملاقات ٿي، جيڪو اتي ايل ايل ايم ڪري رهيو هو ۽ پاڻي جي بين الاقوامي قانون  واري سکيا  به سندن تعليم جو حصو هئي. ڏاڍو پيارو ماڻهو هيو. جڏهن خبر پيس ته آءٌ به سندس گهر جي ڀرسان ئي هڪ مهيني لاءِ گهر ڪرائي تي ورتو آهي ته پاڻ ڏکارو ٿيندي چيائين ته؛ ”يار! پهلي ملاقات هوتي تو مين آپڪو اپني گهر مين ڪمرا ديتا.“ بهرحال آءٌ ته هڪ مهيني جو ڪرايو اڳواٽ ڏئي چڪو هوس. پر سائين پوءِ تقريبن روز ڪلاس کان پوءِ اسان گڏجي گهر موٽندا هئاسين ۽ علي مونکي پنهنجي گهر وٺي ويندو هيو ۽ گڏ ماني به پيا ٺاهيندا هئاسون ۽ پاڻي جي بين الاقوامي قانونن بابت پيا بحث مباحثا ڪندا هئاسون. علي کاڌي ۾ ڀلي ڇا به ٺاهي پر هر کاڌي سان گڏ سائو مرچ ۽ ڪچو بصر ضرور ڀڃي رکندو هو، جيڪو پوءِ آءٌ به شوق سان کائيندو هوس.
پوءِ اڳتي ڳالهه کلي ته عليءَ جو پيءُ آسام جي صوبائي اسيمبلي جو ٻه ٽي دفعا ميمبر ۽ انڊيا جي قومي اسيمبلي جو به ٻه ٽي دفعا ميمبر رهي چڪو آهي ۽ مختلف کاتن جو وفاقي وزير پڻ. انهن سڀني ڳالهين جي باوجود علي موڪل وارن ڏينهن ۾ ڪنهن ريسٽورنٽ تي ڪم پڻ ڪندو هو. پاڻ ٻڌايائين ته مان بينڪ کان قرض وٺي هتي پڙهڻ آيو آهيان ۽ چاهيان ٿو ته جلد تعليم مڪمل ڪري واپس وڃان ۽ قرض لاهيان. مون اها ڳالهه ٻڌي مرڪندي چيومانس ته؛ ”اگر آپ ڪي والد پاڪستان مين وزير هوتي تو نظارا ڪڇ اور هوتا.“ پاڻ به کلي چيائين؛ ”عبدالله ڀائي، هماري پاس ڀي ڪرپشن هي، ليڪن هر انسان ڪرپٽ نهين هوتا اور مجهي اپني والد پي فخر هي ڪي ان ڪا دامن صاف هي.“ آءٌ به ساڻس سهمت ٿيندي چيو ته؛ ”يه واقعي مالڪ ڪي نعمت هي ڪي والدين اولاد ڪو حق حلاح ڪا رزق کلائين.“ ۽ کيس بابا جو مثال ڏيندي ٻڌايومانس ته؛ ”مجهي ڀي اپني والد پر فّخر هي، انهون ني ڀي ميري دادا ڪا ڪاروبار سنڀالا اور آج تڪ سنڀالتي هين اور همين ڪسي چيز ڪي ڪمي نهين هوني دي.“
کائڻ پيئڻ جي ڳالهه نڪتي آهي ته لکندو هلان ته يونيورسٽي واري دؤر ۾ جڏهن آءٌ ۽ ڀائو فاروق پاڻ واري حيدرآباد سنڌ ۾ رهندا هئاسين ته پنهنجي ننڍپڻ جي جگري يار سيد عبدالحسين شاهه ڪاظمي وارن وٽ دال ۽ پڪوڙا ڏاڍا سوادي ٺهندا هئا سو سائين کي چيل هيو ته اوهان وٽ جڏهن به دال ۽ پڪوڙا ٺهن ته پوءِ اسان اوهان جا مهمان آهيون. سائين بادشاهه به يارن جو يار، سو هيلي بهاني سان پيو پڪوڙا ۽ دال کارائيندو هو. سو سائين ڊنڊي اسڪاٽلينڊ جو سائو مرچ ۽ بصر ۽ حيدرآباد واري دال ۽ پڪوڙا ڏاڍا ياد ايندا آهن. اهي ڏينهن اهي شينهن.
پاڻ وٽ سنڌ ۾ تمام گهڻا اهڙا پورهيت آهن، جيڪي روز ڪمائين ۽ روز کائين. ڪي ڇولا کپائين، ڪي چانهه وڪڻن، ڪي ٻيون کاڌي پيتي جون شيون وڪڻي گذر سفر ڪن، جيڪڏهن نه ڪمائين ته انهن جي گهر جو چلهو نه ٻرندو ۽ سندن ٻچڙا بک تي سمهندا. رمضان جو احترام اکين تي پر انهن روز ڪمائڻ ۽ روز کائڻ وارن جي پويان ڪات ڪهاڙا کڻڻ کان پهريان اهو به سوچجي ته انهن جي ٻچن جو ڇا ٿيندو؟ يا ته انهن سڀني پورهيتن کي حڪومت رمضان واري سڄي مهيني جا پيسا ڀري ڏئي يا ته انهن جي لاءِ رمضان شريف ۾ ڪنهن ٻئي ڌنڌي جو بندوبست ڪري ته ٿورو گهڻو روٽي، ڪپڙا اور مڪان واري نعري کي شرمندگي ڪانه ٿيندي.
سائين مون رولاڪ جي ڊائري به قصن سان ڀري پئي آهي. هڪ دفعي گلگت بلتستان جي شهر اسڪردو ڀائو فاروق، ڀائو غلام رسول، ڀائو نورمحمد، ڀائو نصرت، ڀائو رشيد ۽ ڀائو اعجاز ويل هئاسين، گهمندي ڦرندي خرپوچو قلعي جي پاسي کان وڃي نڪتاسين، جتان سنڌو درياهه جو تمام دل کي موهيندڙ نظارو ڏسبو آهي. ڪافي دير ديدار ڪندا رهياسين ۽ جڏهن ٿورو سيءُ محسوس ٿيو ته کڻي واپسي ڪئيسين. واپس ورندي هڪ بزرگ اسان کي پنهنجي گهر وٽ بيهاري پاڻ اندر هليو ويو ۽ ٿوري دير کانپوءِ سيرو ۽ ماني کڻي آيو ۽ چيائين ته نياز کائو. اسڪردو جي انهي گهٽي ۾ نياز کائيندي سچ پچ ته ڏاڍو مزو آيو هو. اسڪردو جا ماڻهو به ڏاڍا مهمان نواز پئي لڳا، ڪن ڪن هوٽلن تي ته چون پيا؛ ”آپ هماري مهمان سنڌ سي آئي هين، آپ سي پيسي نهين لينگي.“

مشهد ايران ۾ امام علي رضا جي روضي تي به ٻاهران آيل مهمانن کي مهماني کارائين. آءٌ جڏهن اها مهماني کائڻ پئي ويس ته ٻاهر بيٺل ڪجهه ماڻهن چيو ته ڪجهه اسان جي لاءِ تبرڪ طور بچائي اچجانءِ. اها ماني به ڏاڍي سوادي هئي سو سائين ڪير ٿو تبرڪ لاءِ بچائي ۽ اچي ماڻهن کي ٻاهر ورهائي ڏئي، پاڻ ڄاڻن پنهنجي پنڌ کي.

No comments:

Post a Comment