پتايا ـــ رنڊين ۽ کنڊين جو شهر
الطاف شيخ
پاڪستان مان جيڪي شوقين بئنڪاڪ
لاءِ نڪرن ٿا اهي پتايا اچيو دنگ ڪن. پاڪستان جون ٽوئر ايجنسيون اهو پروگرام ڪراچي
کان ئي مقرر ڪن ٿيون جيئن واپسيءَ تي همراهه چشڪا ڏيئي پتايا بيچ جون خبرون پنهنجن
يارن دوستن سان ڪري، ۽ اهي به ٻاهر نڪرڻ لاءِ آماده ٿين ۽ ساڳي ڌوڙپائڻ لاءِ خرچ
ڪن.
بئنڪاڪ کان ڏيڍ سؤ ڪلوميٽر پري،
”پتايا بيچ“ سمنڊ جي ڪناري تي، هڪ ننڍڙو شهر آهي. اهڙا سامونڊي ڪنارن وارا شهر ۽
تانگھا ڪنارا ٿائلنڊ کان علاوه ٻين ملڪن ۾ به کوڙ. ويندي پاڪستان ۾ به ڪلفٽن،
منهوڙو، سئنڊس پٽ ۽ هاڪس بي کان وٺي پورٽ قاسم، گڊاني ۽ پسني وارو علائقو سمنڊ ئي
سمنڊ لڳو پيو آهي.
ڪراچي ۾ هڪ واقفڪار همراهه کان
پڇيم:
”سائين پتايا خير ۾ وڃو پيا ـــ؟“