Saturday, October 05, 2013

پتايا ـــ رنڊين ۽ کنڊين جو شهر - الطاف شيخ

پتايا ـــ رنڊين ۽ کنڊين جو شهر
الطاف شيخ
پاڪستان مان جيڪي شوقين بئنڪاڪ لاءِ نڪرن ٿا اهي پتايا اچيو دنگ ڪن. پاڪستان جون ٽوئر ايجنسيون اهو پروگرام ڪراچي کان ئي مقرر ڪن ٿيون جيئن واپسيءَ تي همراهه چشڪا ڏيئي پتايا بيچ جون خبرون پنهنجن يارن دوستن سان ڪري، ۽ اهي به ٻاهر نڪرڻ لاءِ آماده ٿين ۽ ساڳي ڌوڙپائڻ لاءِ خرچ ڪن.
بئنڪاڪ کان ڏيڍ سؤ ڪلوميٽر پري، ”پتايا بيچ“ سمنڊ جي ڪناري تي، هڪ ننڍڙو شهر آهي. اهڙا سامونڊي ڪنارن وارا شهر ۽ تانگھا ڪنارا ٿائلنڊ کان علاوه ٻين ملڪن ۾ به کوڙ. ويندي پاڪستان ۾ به ڪلفٽن، منهوڙو، سئنڊس پٽ ۽ هاڪس بي کان وٺي پورٽ قاسم، گڊاني ۽ پسني وارو علائقو سمنڊ ئي سمنڊ لڳو پيو آهي.
ڪراچي ۾ هڪ واقفڪار همراهه کان پڇيم:
”سائين پتايا خير ۾ وڃو پيا ـــ؟“

سندس ڀر ۾ الوداع چوڻ لاءِ دوست ۽ مائٽ پڻ بيٺا هئا. ککو وکو ٿي چوڻ لڳو: ”ادا اتي جو سامونڊي ڪنارو ڏسڻ وٽان آهي. ضرور گهمڻ کپي. توهان جو ان پاسي وڃڻ ٿيو آهي“
”نه سائين“ مون سندس پت رکي مختصر جواب ڏنو.
دراصل پتايا بيچ جنهن شيءِ جو نالو آهي اتي ڪي اهڙاصحيح قسم جا سامونڊي ڪنارا به نه آهن. باقي چڪلا، رنڊيون، کنڊيون ۽ اسان جي  برادريءَ جا ماڻهو ـــ يعني جهازي (Sailors) ضرور ڌڪا کائيندا نظر اچن ٿا. ڪجهه سالَ اڳ تائين پتايا شهر ڪجهه به نه هو. اڄ جو پسني گوادار هو. پوءِ ڀر واري شهر Sattaheep ۾ آمريڪن جي فوجي اڏن ٿيڻ بعد هتي ناچ گانا، راڳ روپ ۽ ٻيا منڊل شروع ٿي ويا. آمريڪن پوءِ هليا ويا پر پٺيان ميلو مچائي ويا. سائين ڪهڙي ڳالهه ڪجي. هڪ طرف ٿائي ماڻهن جي ڪمائي هلندي رهي ٿي ته ٻئي طرف اوسي پاسي جي ايشين ۽ ڏورانهين ڏيهن کان آيل شوقينن جو کيسو هلڪو ٿيندو رهي ٿو. هاڻ ته رات جي وقت، هي شهر پتايا، هتي جي ڪلين، شراب خانن، ناچ گهرن ۽ ٻين اڏن جي روشن بتين جي جھڳ مڳ ۾، هالي ووڊ جو ڏيکُ ڏئي ٿو. پندرهن ويهه سالَ اَڳُ پتايا جيڪو هتي جي مهاڻن جو ننڍڙو ڳوٺ هو، جنهن کي اوسي پاسي جي ماڻهن به نٿي ڄاتو سڃاتو سو هاڻ بين الاقواميSex  جو اڏو بنجي ويو آهي.
اڄ کان ٻه سؤ سالَ اڳ ڀر واري علائقي کي فتح ڪرڻ لاءِ بادشاهه تاڪسن ۽ سندس لشڪر هن ڳوٺ ۾ مانجھاندو ڪيو هو ۽ هن ڳوٺ جي ماڻهن جي سادگي ۽ شرافت مان متاثر ٿي هن شهر جي نشاني (Logo) پنهنجي مورت واري سيل مقرر ڪئي هئي. تنهن کي ان وقت ڪهڙي خبر ته اهو شهر ٻن صدين بعد ڇا مان ڇا ٿي ويندو.  هي سڀ ڪم هاڻ ويجھڙائيءَ ۾ ئي ٿيا آهن.
مون کي ياد آهي ته ويهه سالَ اڳ (۷۰-۱۹۶۹ع ۾) هتي فقط هڪ ننڍڙو مئي خانوMariner-bar  نالي، پهريون دفعو کليو هو. ان ۾ ڏکڻ هندستان ۽ فلپين جا ٽرڙا ٽرڙا جهازي، سستي قسم جو شراب پيئڻ لاءِ ايندا هئا. واپسيءَ تي هڪ ٻه اتي ئي الٽيون ڪري ڍير ٿي ويندو هو...... يا پاڻ کي کڻائي  ويندو هو. شراب پيئارڻ، يعني ساقيءَ جا فرض ادا ڪرڻ لاءِ، بار جي مالڪ، کدڙن جهڙيون عورتون رکيون هيون ـــ جن لاءِ پوءِ معلوم ٿيو ته اهي آهن. ئي کدڙا. مٿينءَ ماڙ تي مئرينر ڊسڪو هو جتي سج لٿي کان پوءِ هڪ ڪاري ڪوجھي، عمر چڙهيل عورت، چنجھي روشنيءَ ۾ انگريزي گانا ڳائيندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ان کي ساٿ ڏيڻ خاطر ڊگهن وارن، بيل باٽم پتلونن وارا انڊونيشي Sailors (جن جا ننڍڙا جهاز ٿائلنڊ ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ ئي هلندا هئا) والنٽري طور، پنهنجي بي سري آواز جو مظاهرو ڪندا هئا. اسانجا جهاز به جپان ڪوريا ڏي ويندي توڙي موٽندي هند پاسي جي بندرگاهن ۾ پڻ ترسندا رهيا ٿي.
پوءِ آهستي آهستي ويو ڪم وڌندو. فئنٽسي ڪلب، يورپين ڊسڪوٿي Hank’s Hideway يورپين بار، وغيره وغيره هاڻ ته انهن اڏن جو تعداد ڳڻڻ کان ئي ٻاهر نڪري ويو آهي. انهن ۾ ڪم ڪندڙ ”ڇوڪرين“ جو تعداد به واقعي ڳاڻيٽي کان ٻاهر آهي. پر پتايا اڄ به پنهنجي پراڻي روايت قائم رکندو اچي. ڪن ڪن اڏن تي سؤ سيڪڙو، ڪم ڪندڙ ”ڇوڪريون“ عورتون نه پر کدڙا آهن جيڪي ٿائي زبان ۾ Ka-toeys يا ٺلها ”توئي توئي“ سڏجن ٿا. اڄ ڪلهه جي نت نين لالين سرخين ۽ ٻي مارڊرن سونهن ۽ ميڪ اپ جي سامان سان جھنجھيل، هو خوبصورتي ۽ ڏيکَ ۾ ننڍيون نيٽيون ڇوڪريون لڳن ٿيون. جيسين ڳالهائين نه تيسين شڪل شبيهه، ڪپڙي گندي، چال ڍال مان ڪنهن  کي نه گمان نه ٿيندو ته ڪي هي ڇوڪرا آهن. پر جنهن جي عمر گهٽ آهي ان جي ته ڳالهائڻ مان به محسوس نه ٿيندو.
Tiffany شو نالي هتي جو هڪ کدڙن جو مشهور شو آهي. جنهن جا هر رات ٽي شو ٿين ۽ موڪل وارن ڏينهن تي چار ٿين. هر شو ۾ تماشبين جي ويهڻ لاءِ ست سؤ سيٽون آهن. هر سيٽ جي ٽڪيٽ ڏهه ڀات آهي. ان ۾ پنجاهه کن ”ڇوڪريون“ نچن، ڳائين ۽ هٿ ٺوڪي ڪئبري  ڊانس ڪن ـــ يعني نچندي نچندي جسم جو هڪ هڪ لٽو لاهين..... سواءِ ڪڇي ۽ باڊيءَ جي. اهي ڇوڪريون ـــ جيڪي مڙيئي کدڙا (توئي توئي) آهن، دل ڦيٿڪ، تماشبين اڳيان دُڏ لوڏي، ٽنگون مٿي اڇلي دادُ وصولي  ڪن. ڪن ڪن کان پنهنجن هٿن تي چميون ڏياري ٽپ طور پئسا اوڳڙ ڪن. ٻئي ڌريون خوش هونديون آهن..... ان طريقي سان پئسا پني پتايا جا اهي کدڙا به خوش ٿين ته پرديس ۾ آيل پيار جا بکايل هي تماشبين به نرن کي چميون ڏئي خوش ٿين ۽ پنهنجي ڳوٺ وڃي ڊاڙون پڻ هڻن ته ڀوتار تي حسينائون عاشق ٿيون. ڪيترا ئي، پهرين نظر ۾ عاشق ٿيندڙ، شو بعد انهن ”محبوبائن“ لاءِ انتظار ڪندا نظر ايندا. يا انهن محبوبائن جو جمال ماڻڻ لاءِ وري وري ٽڪيٽ وٺي ساڳيو شو ويٺا ڏسندا آهن. اهي حال ڏسي منهنجو هڪ پراڻو جهازي عبدالصمد انهن کدڙن لاءِ هميشه چوندو آهي: ”ڪراچيءَ جا کدڙا فقط لالو کيت ۽ لياريءَ جي ماڻهن کي بيوقوف بڻائين ٿا پر پتايا جا کدڙا سڄي دنيا کي.“

اي جرني ٽو ٿائيلينڊ ڪتاب تان کنيل


No comments:

Post a Comment