پتايا کدڙن کان پڻ مشهور آهي
الطاف شيخ
اسان جي ڀر واري ضلعي جي هڪ
زميندار ٿائلنڊ گهمي موٽڻ تي ٿائي ڇوڪرين جي ڏاڍي تعريف ڪئي جو هڪ حسينا مٿس موهت ٿي پيئي ۽ بقول سندس،
ساڻس سچو پيار ٿي ويو.
”پر سائين توهان کي اها ڇوڪري ڪٿي
ملي؟“ مون پڇيومانس.
”بابا ڳالهه ئي نه پڇ،“ هن مڇ کي
وٽيندي ٻڌايو. ”گذريل سال پتايا ويو هوس.
اتي الڪاذار (Alcazar) ڪلب ۾ نچندڙ هڪ
ڇوڪري بس عاشق ٿي پيئي ۽ اسان به کيس دل ڏيئي ويٺا آهيون.“
”سائين ڳالهه ئي نه پڇو،“ سندس ٻئي
ساٿيءَ ٻڌايو جيڪو ان سفر ۾ ساڻس گڏ هو. ”ڇوري اسٽيج تي ٿورو گهڻو نچيو، اچيو سائينءَ کي هٿڙا لاهي.
پوءِ ته سائينءَ جي هئي نوٽن ڏيڻ تي ڌم.“
”بس ابا هفتي ۾ ئي فقير ٿي آياسين. چڱو جو بئنڪاڪ مان اڳواٽ
زال ۽ ٻارن لاءِ خريداري ڪري ڇڏي هُيم نه ته جهڙو هٿين خالي ويو هوس اهڙو ئي وران
ها.“
۽ هاڻ پڙهندڙن کي معلوم هئڻ گهرجي
ته الڪاذار پتايا جو هڪ ٻيو ڪلب آهي جنهن ۾ سؤ سيڪڙو کدڙا ڪم ڪن ٿا. ان ڪلب جي
فلپينو انچارج هڪ دفعي هڪ اهڙي حسين ڇوڪريءَ نما کدڙي سان ملايو. مون ساڻس انٽرويو
نما ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ فوٽو ڪڍيو. نالو هوس ائن هو/هوءَ پنجويهه سالَن جو
ٿيندو/ٿيندي. گذريل پنجن سالن کان هن شو
جو/جي آرٽسٽ آهي.
”اسانجي هتي جي زندگي وڌ ۾ وڌ ٽيهه
سالَ آهي.“ هن ٻڌايو، ”هن وقت آئون سٺو پئسو ڪمائي رهي آهيان جيڪو گڏ ڪندي وڃان. ٻن ٽن سالن ۾ ڪافي گڏ ڪري وٺندس تيسين سڀ
آپريشنون به ڪرائي وٺنديس. جنهن ڪري منهنجي ڌنڌي جي عمر ٻيا به اٺ ڏهه سالَ وڌي
ويندي.
”آپريشنون ـــ؟!“ مون پڇيومانس. هڪ
آپريشن جو ته مون جپان ۾ ضرور ٻڌو هو جنهن ۾ ڇوڪرا پنهنجا مردانا عضوا وڍائي ڇوڪريون ٿين ٿيون ۽ ان آپريشن لاءِ اهي
جپاني کدڙا فرانس ويندا آهن. پر هتي ٿائي کدڙي ائن جو آپريشن مان ڇا مطلب هو.
”منهنجو مطلب آهي ته نڙگهٽ جي
آپريشن ته تازو ڪرائي چڪي آهيان ۽ هاڻ ڇاتين جو ڀراءُ ڪرائڻ چاهيان ٿي. ان لاءِ چاليهه هزار ڀات گهرجن. ائين ته ٻارهن
هزارن ۾ به ان ڪم جي آپريشن ٿيو وڃي پر اها سادي قسم جي چئي وڃي ٿي. آئون چاهيان
ٿي ته منهنجي ڇاتين جي بيهڪ اعليٰ قسم جي رهي. جنهن لاءِ چاليهه هزار ڀات گڏ ڪري
رهي آهيان. ان بعد آخري آپريشن وڍ ڪٽ واري آهي جنهن تي پڻ ايترو ئي خرچ ايندو. ان
لاءِ هفتو ٻه موڪل وٺي بئنڪاڪ جي ڪنهن اسپتال ۾ داخلا وٺڻي پوندم.“
”چئبو ته توهان ان ڌنڌي کي ئي
ڪئريئر بنائڻ چاهيو ٿا ـــ منهنجو مطلب آهي چاهيو ٿيون؟“ مون چيومانس.
”ها. بلڪل. آئون جڏهن سورهن سالن
جي هيس تڏهن کان منهنجو ان ڌنڌي ڏي رجحان هو. سو هاڻ ان جي خرابي يا سٺائي بابت وڌيڪَ
سوچڻ اجايو آهي.“ هن وراڻيو.
ائين نه آهي ته پتايا ۾ رڳو کدڙا
آهن. پئسي ڪمائڻ جي چڪر ۾ هتي هر قسم جو
شراب، شباب ۽ جوا پڻ هلي ٿي. ڪي ڪي امير، خاص ڪري عرب، عيش عشرت لاءِ ٻين هنڌن تان
پاڻ سان ڇوڪريون وٺي، هتي اچي رهن ٿا جيئن ڄاتل سڃاتل نظرن کان پاسيرا هجن. ڇو جو
هي شهر ڪنڊ پاسي ۾ آهي. پتايا جي هڪ پراڻي پوليس آفيسر ٻڌايو ته ڪو دور هو جڏهن
هتي عربن جا ميلا هئا.
”بيروت جي تباهيءَ بعد بئنڪاڪ ۽
پتايا هنن لاءِ ويجھا شهرٿي پيا جتي هنن
کي هر قسم جي عياشي ملي سگهي ٿي.“
”پر هنن لاءِ ته بئنڪاڪ کان وڌيڪَ
ويجھو ته بمبئي آهي.“ مون ٻڌايومانس.
”بلاشڪ اوڏانهن به وڃن ٿا. پر هڪ
ته هندستان ۾ رهائش ۽ کاڌو پيتو ايڏو صفائي وارو ناهي ۽ هو نا چاهين ته هندوستان
پاڪستان جا مسلمان کين انهن ڌنڌن ۾ مشغول ڏسن. سو پنهنجو اميج بچائڻ لاءِ هيڏانهن
اچن ٿا.“پوليس واري سمجھايو.
”پر مونکي ته عرب نظر نٿا اچن.“ مون وري کيس رد ڪد ڏنو.
”آهن. پر بئنڪاڪ ۾ لهڻ بعد هو
پنهنجو روايتي جُبي وارو لباس بدلائي عام سوٽ ڪوٽ يا سفاريءَ ۾ ٻين سان گڏ ٻين
جهڙا ٿيو وڃن. البت اهو آهي ته اڳئين کان هاڻ گهٽ اچن ٿا جو ٻن ٽن سالن کان هتي
نسلي ۽ ذاتي جھيڙا وڌي ويا آهن. عربن کي هتي جا ماڻهو نٿا سهن.“
ٻه چار ڏينهن اڳ، ٿائلنڊ جي اخبار Bangkok
Post ۾ هڪ عرب ڊاڪٽر جو ڇپيل خط مونکي ياد آيو
جنهن ۾ هن انهن ڳالهين جي نشاندهي ڪئي آهي ته عرب هجڻ ڪري ڪيترن هنڌن تي کيس نٿو
سَٺو وڃي. يا نفرت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو .
”................ عرب هجڻ ڪري
هوٽل جو بئرو توڙي رسيپشنسٽ منهنجو ايترو خيال نٿو رکيو جيترو هن ساڳي هوٽل ۾
رهندڙ يورپ جي رهاڪن جو رکيو وڃي.“ هن پنهنجي خط ۾ ڄاڻايو هو.
عرب ڊاڪٽر سان اڻپورو برتاءُ
ڪا اتفاقي ڳالهه ناهي. ان جا ڪيترا ئي
مثال ملندا. مغربي پريس جو هن ملڪ (ٿائلنڊ) تي چڱو واسو آهي ۽ هتي جا ماڻهو مغربي
اخبارون رسالا پڙهي پڙهي هاڻ هر عرب کي هوائي جهاز هاءِ جئڪ ڪندڙ سمجھن ٿا. اهڙي
طرح هتي جي ماڻهن جو اسان (ننڍي کنڊ جي ماڻهن) لاءِ پڻ سٺو تاثر ناهي. هو پاڪستان،
هندستان، بنگلاديش جي هر ماڻهوءَ کي کُٽل ۽ Illegal
Immigrant سمجھن ٿا. هنن کي اهوئي لڳي ٿو ته متان اسان پورهئي لاءِ هتي ئي نه ترسي
پئون. اهو سبب آهي جو اسان جو ايشين ان احساس ڪمتريءَ کان بچڻ لاءِ وڏي کان وڏي
هوٽل ۾ رهي ٿو. بئري کي گهڻي کان گهڻي ٽپ ڏئي ٿو ـــ جيئن هتي جا ماڻهو کيس صحيح رخ ڏين.
عربن، پاڪستانين، ملئين ۽ ٻين
مسلمانن کي ٿائلنڊ ۾ گهمندو ڏسي ڪڏهن ڪڏهن ٻين مذهبن جا ماڻهو کلن ۽ تعجب کائين ٿا
ته سندن ته ڀلا ٿيو ڪارو منهن جو سندن مذهب شراب يا شباب لاءِ روڪي نٿو پر اسان
جهڙا مسلمان جيڪي وڏيون وڏيون دعوائون ڪريون
ٿا اهي ٿائلنڊ پهچيو ڇو بدلجيو وڃون. هڪ اهڙي غير مسلم Lynard
Skynard نالي هڪ بار جي ٻاهر واري ڀت تي هيٺيان جملا اپري رنگ سان لکي پنهنجي ان قسم
جي خيال جو اظهار ڪيو آهي:
“No
Arab to sit down here.
We do not
want Arab people consuming alcohol and accosting women.
We
respect your belief in Islam. Thank you.”
افغان مجاهدين لاءِ جيترو پاڪستان
کي همدردي آهي اوترو ملائيشيا وارن کي به.
ملائيشيا جون اخبارون توڙي ٽي ــ وي ريڊيو هر وقت افغانين لاءِ دل کولي چندو ڏيڻ
لاءِ اپيلون ڪندو رهي ٿو. ڪوالالمپور ۾ افغان مجاهدين جي آفيس پڻ آهي ۽ هو ملائيشيا
جي وڏن شهرن ۾ اڪثر نظر اچن ٿا. قداور جسم،
وڏي چاپئي ڏاڙهي، شلوار قميص ۾ ڪو پاڪستاني پيو ويندو ته به چوندا افغاني
آهي. پتايا شهر جي رستي تي، هڪ ڏينهن هڪ
ملئي همراهه سان بيٺو هوس ته رستي جي ٻي ڀر تي هڪ اهڙي بار مان ٽي چار افغاني
نڪتا. مون واري ملئي واقف ڪار هنن کي ڏسي يڪدم رمارڪ ڏنو:
”ڪمال آهي! عربن کي ته آهي پئسو
جيڪي ڀلي لٽائين ۽ عيش ڪن. پر هنن جي هٿن ۾ ته بندوقون هجڻ کپن ۽ پتايا جهڙي بدنام
شهر ۾ هجڻ بدران جنگ جي ميدانَ تي هئڻ کپن.“
۽ پوءِ ساهه کڻي چيائين: ”پڪ اسان
جو ڏنل چندو ائين ضايع ٿي رهيو هوندو يا بندوقون توهانجي ملڪ ۾ ئي وڪڻي ڪئش کڻي
عيش لاءِ آيا هوندا.“
سمجھ ۾ نه آيو ته اهڙي Comment تي، چاهي اها پنهنجي جي هجي يا ڌارئين جي، ڇا ڪرڻ کپي. چرچو سمجھي
کلڻ کپي، شرم کان ٻڏڻ جي واهه ڳولڻ کپي، سنجيدو ٿي سوچڻ کپي يا عام ڳالهه سمجھي ڪن
لاٽار ڪرڻ کپي؟ بهرحال ڪڏهن ڪڏهن اهڙا نظارا ڏاڍو ڪربناڪ ٿين ٿا ۽ ٻين کي اسان تي
کلڻ جوموقعو ڏين ٿا.
اي جرني ٽو ٿائيلينڊ ڪتاب تان کنيل
No comments:
Post a Comment