پگهر ۽ ڇيڻي جي ڌپ......
الطاف شيخ
ڪيترن ماڻهن لاءِ ٿائلنڊ بئنڪاڪ
آهي ۽ بئنڪاڪ ٿائلنڊ. هو هوائي جهاز ۾ چڙهي سڌو بئنڪاڪ لهن ٿا ۽ بئنڪاڪ کان اڳتي ٻي
ڪا ڳالهه نه ڄاڻن نه سڃاڻن. هڪ کان پڇيم ته هتان پوءِ ڪيڏانهن ويندين ته وراڻيائين:
”بس ادا هيءُ ئي هڪڙو ملڪ بئنڪاڪ ڏسڻو
آهي.“
يعني ڪيترن کي اها به خبر ناهي ته
بئنڪاڪ شهر جو نالو آهي يا ملڪ جو. ڪيترا ته عرب ملڪن جا (۽اسانجي ملڪ پڻ) ٿائلنڊ
فقط ۽ فقط عورت ۽ شراب لاءِ اچن ٿا.
اهڙن ماڻهن کي هفتو ٻه بئنڪاڪ ۾ رهڻ
بعد به ٿائلنڊ جي تواريخ جاگرافي، سياسي نظام، ڪلچر، رسم رواج يا ڪنهن ٻي ڳالهه جي
ڄاڻ نٿي رهي. هو جو چوندا آهن ته سفر ماڻهوءَ لاءِ تعليم آهي ۽ سفر معلومات مهيا ڪري
ٿو. پر اسانجي ڪيترن ماڻهن کي ٿائلنڊ جو سفر فقط پئت پانگ گهٽيءَ جي معلومات ميسر ڪري
ٿو ـــ جيڪا دنيا جي چڪلن اگهاڙن ناچن، شراب خانن، مساج پارلرن ۽ جماعي بيمارين جا
جراثيم ڏيڻ کان مشهور آهي.
بهرحال ڪي ڪي اسانجي ملڪ جا ـــ
تمام ٿورا ـــ کوجا، بوري چينيوٽي ۽ ٻيا واپاري ڪميونيٽين جا، واپار ۽ ڌنڌ ڌاڙيءَ
جي کوج ۾ پڻ اچن ٿا. نه ته گهڻي ڀاڱي، بئنڪاڪ يا ٿائلنڊ جي ٻين سهرن ڏي ٺڙڪو
عياشيءَ جي چڪر ۾، پئسي ۽ صحت جي بربادي ڪرڻ لاءِ اچن ٿا. هندستان کان ايندڙن جو،
شراب ۽ عورت تي ايترو مارو ناهي. اهي ڪم سندن ملڪ ۾ به لڳا پيا آهن. ويندي ڪيترا ڌارين
ملڪن جا ـــ خاص ڪري عرب، بيروت ۽ ڪراچيءَ جون سِڪون بمبئيءَ ۽ ڪلڪتي مان لاهين ٿا.
هندو ڪميونٽيءَ لاءِ مون ٻڌو آهي ته هو انڊيا ۾ به انهن ڳالهين پٺيان هروڀرو پئسو
نٿا وڃائين ـــ جيتوڻيڪ مذهب ۾ جھل اسان مسلمانن کي ٿيل آهي. پر هندو پئسي مان
پئسو ٺاهڻ ۾ مشغول رهن ٿا. ساڳي طرح ٿائلنڊ ۾ به سندن اهوئي مقصد رهي ٿو. هو
پنهنجي حيثيت کان وڌيڪ اتاهين هوٽل ۾ رهڻ بدران، سادي سودي هوٽل ۾ سادي سودي نموني
سان رهي، ڪجهه گهمڻ ۽ ڦرڻ ڪجهه ڌنڌي ڌاڙيءَ جو جائزو لڳايو وڃن ٿا. نتيجي ۾ سندن سڄو
سفر مفت ۾ ئي پئجيو وڃي. ٻين لفطن ۾ هنن جو سفر انڌي عياشيءَ بدران بزنيس ٽرپ رهي ٿو.
سندڌيءَ جو مشهور پهاڪو: ”هندو کُڏ مٿان کڏ اڏيندو آهي ۽ مسلمان......“ جنهن به ٺاهيو
آهي ضرور سوچي سمجي ٺاهيو هوندو.
ننڍي کنڊ جي ملڪن ۽ عرب رياستن جي
ماڻهن کان علاوه يورپ. آمريڪا، آسٽريليا، نيوزيلئنڊ ۽ جپان جا ماڻهو پڻ بئنڪاڪ ۽ ٿائلنڊ
جي ٻين شهرن ۾ نظر اچن ٿا. اهي ڀلي اچن جو انهن جون ڪمايون ۽ پگهار به وڏا آهن.
سندن ملڪ جي سِڪي جي ساک وڏي آهي. ان کائڻ پيئڻ، شراب شباب ۽ هتي جي هوٽلن ۽
تانگهن سامونڊي ڪنارن تي فرحت ۽ آرام لاءِ اچن ٿا. هو هن پاسي جا ماڻهو ۽ مندر ڏسڻ
اچن ٿا. هن پاسي جي غربت ۽ اڻ هوند ڏسڻ اچن ٿا. هتي جا جھونا ۽ ڊٺل شهر ۽ برقرار
رسمون رواج ڏسڻ اچن ٿا. اهي سُک جيڪي کين گهر ۾ نصيب ناهن اهي عيش هتان ماڻڻ اچن ٿا.
سندن ملڪ جي مقابلي ۾ هنن لاءِ ٿائلنڊ ۾ هونءَ ئي سستائي آهي. ويتر جو هنن جي پرس ۾
گلڊر، مارڪ يا يين ۽ آمريڪن ڊالر آهن ته پوءِ هنن لاءِ ٿائلنڊ ۾ مُرڪون ئي مُرڪون
آهن چاندي ئي چاندي آهي.
بئنڪاڪ جي روزگارڊن (Rose – Garden) ۾ منهنجي ڀر ۾ ٽي جپاني ڇوڪرا
ويٺا هئا. هنن ٻُڌايو ته هو ٽوڪيو ۾ ڪنهن ڪمپنيءَ ۾ ڪلارڪ آهن. هينئر مهيني لاءِ ٿائلنڊ
گهمڻ ۾ پئسو بچائڻ آيا اهن.
”اهو ڪيئن ـــ؟“ مون تعجب مان
کانئن پڇيو.
هنن سڄو حساب ڪري ٻڌايو ته کين ٻارهن
هزار رپيا کن پگهار ملي ٿو جيڪو ٽوڪيو جهڙي شهر ۾ رهڻ لاءِ تمام گهٽ آهي. ٽئي ڄڻا
هڪ ڪمري ۾ رهن ٿا جنهن لاءِ اٺ هزار رپيا کن مسواڙ ڏين ۔ باقي اٺاويهه هزار رپيه
ماني ٽڪي ۽ ڪپڙي لٽي تي پورا ٿيو وڃن. ٽوڪيو گهڻي مهنگائيءَ ڪري هو چانهه جو وڌيڪ ڪوپ
به سوچي سمجھي پيئن ٿا. ”ويتر جي ڪنهن مهيني شوق ڪري ڪنهن جپاني ڇوڪريءَ سان ڪنهن
چڱيڙي بار ۾، گلاس ٻه وسڪي يا سنتوري پي ورتوسين ته معنا مهيني جا آخري ڏينهن قرض
تي گذار وڪرڻو پوندو.“ هنن مان هڪ ٻڌايو.
سو ان حساب سان ٿائلنڊ جي هوٽلن جي
مسواڙ ۽ کاڌو ٽوڪيو جي اڌ جيترو به ناهي. ۽
کائڻ پيئڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ بعد به سندن بچت ٿي ويندي. سو ڪمپني طرفان مليل مهينو
موڪل، ٽوڪيو ۾ رهڻ بدران هيڏانهن گذارڻ آيا آهن. ان ڪري مٿي لکي آيو آهيان ته ههڙن
ملڪن جا ماڻهو ڀلي گهمڻ ڦرڻ لاءِ نڪرن. باقي اسان جهڙن غريب ملڪن جي غريب ماڻهن
لاءِ پنهنجي هڙ مان خرچ ڪري ٻاهر نڪرڻ ڪهڙي ڪم جو. پر نه، ان هوندي به اسان جا ڪيترا
ئي ماڻهو به نڪرن ٿا. پوءِ مهيني جا آخري ڏينهن ته ڇا، ڀلي سال جا باقي مهينا ڪم
اوڌر تي هلي ــــ جيسين نئون فصل لهي ـــ پر هوائي جهاز ۽ ولايت جو سير ضرور ڪجي. ٻين
کي ڪيئن خبر پوي ته هو وڏي پئسي وارا زميندار آهن، وڏي پگهار ۽ رشوت وارا آفيسر
آهن ـــ ان لاءِ ولايت جو چڪر هڻي اچڻ ضروري ٿي پيو آهي. ڪاري ڪاروبار ۽ رشوت ۽ ڦر
جي پئسي مان هاڻ ڪيترن ئي وٽ گهر ۽ اوطاقون ٿي پيون آهن. ٽي وي، ريفريجريٽر ۽ ڪارون
به آهن. هاڻ ٻئي تي مٿڀرائي رکڻ لاءِ، اسان جهڙن ملڪن ۾، ”پار ـــ ولايت“ وڃڻ
ضروري ٿي پيو آهي. اهو هڪ نئون Status Symbol آهي. ٺڙڪو عياشيءَ پٺيان ، پنهنجي هڙون خرچ ڪري پوءِ، خالي کيسين،
اهي وڏيري قسم جا ماڻهو جڏهن پنهنجي وطن جي ايئرپورٽ تي لهن ٿا ته هنن جي اها به
خواهش آهي ته سندن راڄ جا ماڻهو، پورهيت ڳوٺاڻا
ـــ جيڪي هنن جي هٿ هيٺ آهن، اهي هلي اچي ايئرپورٽ تي گلن جي هارن سان سندن
استقبال ڪن. پوءِ باقي سال سفر جون ڊاڙون ٻٽاڪون ٻڌن. جهاز ۾ هنن ڇا ڪيو. ولايت جي
هوٽلن ۾ هنن جي ڇا لئه هئي. رستن تي هو هليا ٿي ته ڪيئن ان ملڪ جون ڇوڪريون مٿن
فدا ٿيون ٿي...... وغيره وغيره. ۽ پوءِ ڳوٺاڻا ”بلي!!“ ”بروبر! رئيس سچ ٿو چوين“
کان علاوه ڪڇي به ڇا ٿا سگهن.
مهراڻ يونيورسٽيءَ جي هڪ پڙهيل ڳڙهيل
ڳوٺاڻي نوجوان ٻڌايو:
”اهڙا اسانجي ڳوٺن جا وڏيرا يا
سندن اولاد راڄ لاءِ عذاب آهن. هڪ طرف هو پنهنجو نالو ٻاهر چٽ ڪريو اچن. ٻئي طرف
هو چاهين ٿا ته اسان غريب ماڻهو ڪم ڪاريون ڇڏي بس ريلن جا ڀاڙا ڀري کين وٺڻ لاءِ ڪراچيءَ
اچون. ايئرپورٽ تي پوليس وارن جا دڙڪا کائون جيسين صاحبن جو جهاز پهچي. ان بعد ڳوٺ
پهچي کين نذراني طور ڪجهه پيش ڪريون جو هو ”خير“ سان پهچي ويا ــــ ڄڻ وڏي کيپ کٽي
آيا هجن. پوءِ سندن سفر جون لٻاڙون ٻڌڻيون پون ٿيون. سائين ظلم آهي ظلم. ڪاڏي وڃجي.
ڪڇ ته غريب ماڻهو اهڙن وڏيرن، صاحبن ۽ سندن چمچن جي موچڙن ۾ ٿو اچي.“
۽ هيڏانهن هي جپاني، يورپي، آمريڪن
وغيره پنهنجي خرچ تي اچن ته به ماڳهين بچت ڪريو وڃن. گهڻا تڻا ته اچن ئي سرڪاري يا
ڪمپنين جي خرچ تي. پوءِ آئي سارو گهميو ڦريو وڃن. يا وري بزنيس جي واڌاري لاءِ اچن
ـــ يعني هنن جو گهمڻ به ڪمائي ڪمائي آهي.
پنهنجي ملڪ جو هڪ ڪامورو بئنڪاڪ ۾
مليو جنهن ٻڌايو ته هو هر ٻئي ٽئي سال، ڪڏهن موڪل وٺي ڪڏهن لڪ ڇپ ۾ هن پاسي جو چڪر
هڻي ويندو آهي.“
”خير ۾ ـــ؟ مون پڇيومانس.
”بس. مولا پئسو پيو ڏئي ته ان کي
کپائڻ ته گهرجي.“ هن ٽهڪ ڏيندي ٻڌايو.
”پر توهان کي بچائڻ به ته کپي. ٻار
ننڍا اٿانوَ انهن جي پڙهائي ۽ پنهنجي صحت، دوا دارون وغيره لاءِ.“ مون چيومانس.
ٿوري دير اڳ، جيڪي هو ملڪ ۾ چوري،
اغوا ۽ ڌاڙن جون ڳالهيون ٻڌائي رهيو هو، انهن جو حوالو ڏيندي چيائين: ”پئسي بچائڻ
مان ڪهڙو فائدو؟ بئنڪاڪ ويندا کڻي ملڪ جا ڌاڙيل ۽ ٺڳ. تنهن کان بهتر آهي کپائي هن
دنيا جو چار ڏينهن چٽڪو ماڻي وٺجي.“
سو ڪجهه ماڻهن جي اها به سوچ آهي.
صحيح يا غلط، اها هڪ ذاتي سوچَ آهي. بئنڪاڪ هڪ هوٽل ۾ ٻه همراهه ڀاڙي جي ٻن ٿائي ڇوڪرين
سان گڏ ماني کائي رهيا هئا. هو بيحد خوش هئا. ان ئي هوٽل ۾ آئون به ٽڪيل هوس. ۽ ان
وقت سندن ڀر واري ٽيبل تي ماني کائي رهيو هوس. کين اها خبر نه هئي ته آئون به پاڪستاني
آهيان ۽ سندن زبان سمجھان ٿو. هو پنهنجي ملڪ کان ڏور، پنهنجي ڳوٺن جي ڄاتل سڃاتل
نگاهن جي زنجيرين کان آزاد، بئنڪاڪ جي هڪ هوٽل جي ڪنڊ ۾ ويٺا هئا. آءٌ به اهي گهڙيون
واندو هوس. ويٺي سندن ڳالهيون ٻڌم. هو ساڻ ويٺل ٿائي ڇوڪري مان بيحد خوش هئا. ڳالهين
ڪندي هڪ انهن ڇوڪرين جي واکاڻ ڪئي. ٻئي مانيءَ جو گراهه وات ۾ وجھي. ان ڳالهه جي، ڪنڌ
جي وڏي ڌوڻ سان تائيد ڪئي ۽ پوءِ ماني چٻاڙي چيو:
”بلڪل صحيح ٿو چئين. هي ٿائلنڊ جون
ڇوڪريون واهه جا پکي آهن. ماوا آهن مکڻ آهن سندن سنڌ سنڌ مان خوشبوءِ ٿي اچي. پنهنجين
زالن مان ته رڳو اچي ٿي پگهر ۽ ڇيڻي جي ڌپ.“ ۽ پوءِ ان پنهنجي ئي چرچي يا حقيقت تي
ٻئي ٽهڪ ڏيڻ لڳا.
اي جرني ٽو ٿائيلينڊ ڪتاب تان کنيل
No comments:
Post a Comment