Saturday, October 05, 2013

جپانين جا انسانن تي ظلمَ - الطاف شيخ

جپانين جا انسانن تي ظلمَ
الطاف شيخ
ريلوي جي ڪم دوران، پئان معصومه جا ڪم بدلبا رهيا. ڪڏهن بورچيخاني لاءِ جھنگ مان ڪاٺيون ڪري اچڻ هو ته ڪڏهن ڪمپ ۾ رهندڙن لاءِ پاڻي ڀري اچڻ.
”مٽي کوٽڻ ۽ پٿر کڻڻ جهڙا ڪم به ڪرڻا پيا  ٿي. ڪڏهن اگھائي يا ڪمزوريءَ ڪري تکو نٿي هلي سگهيس ته گارڊ سپاهين هڪدم رڙ ڪئي ٿي Kurrah! ۽ پٺن تي لڪڻ جا وسڪارا ڪيا ٿي.“
معصومه ٻڌايو ته ان بعد ٻي ڪئمپ جنهن جو نالو Konkoita هو، ۾ کيس موڪليو ويو.  اتي ته اڃا به گهڻي سختي هئي.  ڪو به مزور ٿورو ئي بيمار ٿيو ٿي ته هن کي جيئري ئي ساڙيو ويو ٿي.

”جپانين بيمار قيدين کي زمين تي سمهاري، مٿان سڪل  ڪاٺيون رکي، گاسليٽ هاري باهه ڏني ٿي. هڪ دفعي آئون مٿي تي ڀاڄين جو ٽوڪرو رکي ويس پئي ته رستي تي منهنجي ان ڪئمپ جي هڪ  سڃاڻ مائي ائياح ملي جنهن کي جپاني ٻين بيمار ماڻهن سان گڏ وٺي پئي ويا.  هن مونکي رڙ ڪري ملئي ۾ چيو:
Tolong Kakkak! Aku tak sihat
(وڏي ڀيڻَ واهر ڪر! آئون بيمار ٿي پئي آهيان.)
پر افسوس جو آئون ڪجهه ڪري نٿي سگهيس ۽ چيومانس:
Macam mana nak tolong. Jepun ada
(جپانين جي هوندي آئون تنهنجي ڪيئن ٿي مدد ڪي سگهان؟.)“
معصومه ٻڌايو ته هن کي اگنريزن ۽ يورپي نسل جي ماڻهن تي بيحد رحم ايندو هو، جيڪي ڪنهن زماني ۾ ته سندن حاڪم هئا ۽ هاڻي ڇاتي جيڏي پاڻيءَ ۾ بيهي پل جا پايا کوڙي رهيا هئا يا وڏي ڳري پٿر کي رسي سان ٻڌي مٿي ڇڪي ڪاٺ جي پيلپائي کي زمين اندر کوڙي رهيا  هئا. ٿوري به سستي ڪرڻ تي کين لوهه جي شيخن سان ڪٽيو ويو ٿي.
”اسان لاءِ وهنجڻ پڻ وڏو مسئلو هوندو هو. هڪ ته سڄو ڏينهن اسان کي مزدوري ڪرڻي پيئي ٿي. نه عيد برات نه جمعي ڇنڇر تي موڪل ٿيندي هئي جو کڻي پنهنجي جسم ۽ ڪپڙي گندين جي صفائي ڪجي. ٻيو ته درياهه پري هجڻ ڪري مرد ته اڪيلي سر به هليا ويندا هئا، پر اسان چار پنج عورتون گڏ ٿي ان وقت نڪرنديون هيونسين جڏهن ڪو مرد نه هجي. اهڙي ريت هفتن بعد وهنجڻ نصيب ٿيندو هو. ان ڪري عورتن توڙي مردن جا مٿا هميشه جؤئن سان ڀريل رهندا هئا.
”اڻ پوري، بي سواد ۽ بي طاقتي کاڌي ۽ پاڻيءَ ڪري، ۽ گهڻي ڪم ڪري ڪمزور هڪ طرف ٿي پياسين ته بيمار ٻئي طرف. ڪالرا ڊسينٽري ۽ بيري بيري (Beri - Beri) بيمارين ۾ ويا ماڻهو مرندا. جپانين محسوس ڪيو ته جيڪڏهن هو ڪجهه نه ڪندا ته بيماري سڀ  ماڻهو ختم ڪري ڇڏيندي ۽ هنن وٽ ڪم لاءِ پورهيت نه بچندو. ان لاءِ هنن آنڊي جو سئمپل ورتو. هر هڪ ماڻهوءَ کي، جپاني ڊاڪٽر اڳيان، پتلون لاهي جھڪي بيهڻو پيو ٿي. جنهن هڪ ڊگهي تار (جيڪا ٿورو مڙيل هئي)، ذريعي ڪاڪوسَ جو نمونو ڇڪي  ڪڍيو ٿي. ان لاءِ مرد توڙي  عورت ڪنهن کي به نه بخشيو ويو. هر هڪ کي سڀني اڳيان ان شرمناڪ حالت مان گذرڻو پيو. آپريشن لاءِ پڻ هنن وٽ ڪي خاص اوزارَ نه هئا. گئنگرين يا نرجي قسم جي ناسور لاءِ ماڻهوءَ جو هٿ پيرُ وڍيو ويو ٿي. ان لاءِ بورچيخاني جي ڪارائي استعمال ٿيندي هئي. آڱر آڱوٺي جهڙو عضوو ته ڪئنچيءَ سان  ڪٽيو ويو ٿي. انسٿيسيا جهڙي دوا جو ته نالو نشان ئي نه  هو جنهن جي استعمال سان مريض جو اوک گهٽائي سگهجي.
”هڪ عذابَ جي زندگي هئي. هڪ  ڀوائتو خواب هو جنهن جو اڄ تصور ڪندي به ڏڪڻي وٺيو وڃي. اڄ به انهن ڏينهن جي سوچڻ سان ماڻهن جا لاشَ ۽ زنده جلائڻ جا نظارا اکين اڳيان ڦرڻ لڳن ٿا  جنهن مان خبر ناهي مون جهڙي ڪمزور  ۽ ناتوان عورت ڪيئن بچي آئي.“
”پئان معصومه! آئون ٿائلنڊ پيو وڃان،“ اٿڻ مهل مون چيومانس، ”ڪانچنابوري شهر وري گهمڻ لاءِ تون  هلندينءَ؟“
”بلڪل، ضرور هلنديس،“ هن کلي وراڻيو، ”اهو ڏسڻ لاءِ ته هيڏي عرصي ۾ اتي ڪهڙي تبديلي آئي آهي.“

اي جرني ٽو ٿائيلينڊ ڪتاب تان کنيل



No comments:

Post a Comment