است چُون عاقبت ڪار جهان نيستي.....
الطاف شيخ
امام زاد محروق جي مقبري سامهون باغيچي ۾ رکيل
بينچ تان اٿي آئون عمر خيام جي مقبري ڏي وڌيس جيڪو پڻ هن ساڳي باغيچي – باغِ محروق
جي هڪ ڪنڊ تي آهي. گيٽ وٽ ويٺل ڪلارڪ ٻڌايو ته اندر
داخل ٿيڻ لاءِ کائنس ٽڪيٽ وٺڻ ضروري آهي.
ايران ۾ جيڪي مذهبي جايون ۽ مذهبي ماڻهن جا مقبرا
آهن انهن جي ڏسڻ جي ڪا ٽڪيٽ ناهي باقي تاريخي جاين تي ٿوري گهڻي ٽڪيٽ رکي وئي آهي،
جيئن ان کي وڌيڪ بهتر بنائجي ۽ بنيل شيءَ جي ٺاهه جوڙ تي ڌيان ڏيئي سگهجي ۽ ان
فيءَ (ٽڪيٽ) مان هتي جا واسطيدار کاتا واقعي ايمانداري سان ان عمارت جي ۽ پسگردائي
جي سار لهن ٿا ۽ ساڳي وقت ٽوئرسٽن جي سهوليت ۽ بهتري جو خيال رکن ٿا. اهڙن هنڌن تي
توهان کي جتي ڪٿي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي، صاف سٿرا ٽئاليٽ، وهڻ لاءِ اڏاوتن هيٺيان
رکيل بينچون، گند ڪچري اڇلائڻ لاءِ ٽوڪريون، گاڏيون بيهارڻ لاءِ فري پارڪنگ، ڪنهن
جي ڪا شيءَ يا ڪو ٻار منجهي وڃي ته ان جي مدد لاءِ عملو ... وغيره نظر اچي ٿو.
