Showing posts with label ڀوپال ۽ ان جا نواب، الطاف، شيخ،. Show all posts
Showing posts with label ڀوپال ۽ ان جا نواب، الطاف، شيخ،. Show all posts

Tuesday, October 11, 2016

ڀوپال ۽ ان جا نواب الطاف شيخ

ڀوپال ۽ ان جا نواب
الطاف شيخ
انڊيا جو شهر ڀوپال ڪٿي آهي؟ ڀوپال ”شهر“ جو به نالو آهي ته ”ضلعو“ ۽ ”ڊويزن“ جو به.... جيئن سکر آهي. ۽ جيئن سکر پاڪستان جي سنڌ صوبي جو شهر آهي، تيئن ڀوپال، انڊيا جي رياست مڌيا پرديش جو شهر آهي. هن رياست جي نقشي ۾ بيهڪ بلڪل انڊيا جي وچ ۾ چئي سگهون ٿا. سنڌ سان لاڳو انڊيا جون راجستان ۽ گجرات رياستون آهن ۽ ٿورو هيٺ مهاراشٽرا آهي، جنهن ۾ ممبئي ۽ پوني جهڙا شهر آهن. مڌيا پرديش انهن ٽن رياستن جي ڀرسان آهي. مڌيا پرديش رياست جي مٿان ۽ ساڄي پاسي يوپي (اتر پرديش) ۽ ڇتيس ڳڙهه رياستون آهن.