Showing posts with label ويڙا، ٿر، اڪري، حسين، ڪپري،. Show all posts
Showing posts with label ويڙا، ٿر، اڪري، حسين، ڪپري،. Show all posts

Sunday, September 29, 2013

ويڙا ٿر اڪري! - حسين ڪپري

ويڙا ٿر اڪري!
حسين ڪپري
هيل مينهن اهڙا ته مست ٿي وٺا، جو ٿر سڄو سُر سارنگ ٿي پيو. هي دنيا جو زرخيز ترين صحرا آهي، جنهن جو انگ انگ برسات کان پوءِ ڦٽي سائو چهچ ٿيو وڃي. هر طرف ڏسڻ لاءِ اهڙا حسين نظارا هوندا آهن، جو اکين جو ڍءُ ٿيو وڃي. هن سال اهڙو ڪو ماڻهو نه رهيو، جنهن ٿر وڃي فوٽو نه ڪڍايو هجي. يار دوستن فيس بڪ کي تصويرن سان ڀري ڇڏيو. مٿان ڪڪر ڪارونڀار به ڀريو بيٺو هو، سو پنهنجو به روح نه رهيو، تنهن ڪري رومانٽڪ موسم جي حساب سان سفر جو سامان کڻي روانا ٿياسين.