Showing posts with label فلمن ۾ ريل گاڏين جو ڪمال، الطاف شيخ،. Show all posts
Showing posts with label فلمن ۾ ريل گاڏين جو ڪمال، الطاف شيخ،. Show all posts

Saturday, July 29, 2017

فلمن ۾ ريل گاڏين جو ڪمال- الطاف شيخ

فلمن ۾ ريل گاڏين جو ڪمال
الطاف شيخ
ٽرينن بابت لکندي اها ڳالهه ڌيان ۾ آئي آهي ته اسان جي ننڍي کنڊ جي فلمن ۾... چاهي اهي پاڪستان جون هجن يا انڊيا ۽ بنگلاديش جون، انهن ۾ گهڻو ڪري ريل گاڏي ۽ اسٽيشن جي سين ضرور ٿاڦي وڃي ٿي ڇو جو اسان جي فلمن ۾ ڊانس ۽ گانا ڏيڻ ضروري آهن. ان ڪم لاءِ ريل گاڏي ۽ ريلوي اسٽيشن وڏي مدد گار ثابت ٿئي ٿي جِتي هيرو ۽ هيروئن جي اوچتو ملاقات ٿئي ٿي يا ته ماڻهن جي رش ۾ گمشدگي يا وڇوڙو ٿئي  ٿو يا وري هڪ ٻئي کي ڇيڙ ڇاڙ لاءِ هيرو ۽/يا هيروئن گانو ڳائڻ ضروري ٿيو پوي... اها سهوليت يا Situation هوائي جهاز يا پاڻي واري جهاز ۾ ايترو آسان ناهي.