آميريڪا جتي ماڻهو هڪ کان وڌيڪ ڪم ڪري سگهن ٿا
ڊاڪٽر ايوب شيخ
آميريڪا
جو حوال لکندي مون کي هڪڙو وڏو فائدو اهو ٿيو ته مون انهن ويهن ڏينهن ۾ پنجاهه مان
جيڪي چار رياستون گهُميون، انهن جو تاريخ، سياست، اصل آميريڪا، انتظاميا، وڻن ٽڻن
کان ويندي جانورن، پهاڙن ۽ وادين، پارڪن ۽ جهنگن توڙي ميوزمن توڙي ٿيئٽرن ۽ اڪيڊمين،
ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ گهمندي مونکي جيڪي لٽريچر مليو سو مون کنيو. ان کي سانڍيو.
ان لٽريچر ۾ هڪ ته انهن سمورين ڳالهين جي مارڪيٽنگ آهي، جنهن ۾ ڪهڙي شيءِ ڪٿان ملي
ٿي، ڪهڙي ڪٿان. پر خود جنهن شيءِ کي ماڻهو ڏسي ٿو، ان جي باري ۾ جيڪا تاريخي ڄاڻ
موجود آهي، سا واهه جو آهي. مونکي گهمڻ سان گڏ ٻيو فائدو اهو ٿيو ته مون کي نئين ۽
پراڻي آميريڪا جي باري ۾ وڌيڪ پڙهڻ جو شوق جاڳيو.
