Monday, August 07, 2017

آميريڪا جتي ماڻهو هڪ کان وڌيڪ ڪم ڪري سگهن ٿا - ڊاڪٽر ايوب شيخ

آميريڪا جتي ماڻهو هڪ کان وڌيڪ ڪم ڪري سگهن ٿا
ڊاڪٽر ايوب شيخ
آميريڪا جو حوال لکندي مون کي هڪڙو وڏو فائدو اهو ٿيو ته مون انهن ويهن ڏينهن ۾ پنجاهه مان جيڪي چار رياستون گهُميون، انهن جو تاريخ، سياست، اصل آميريڪا، انتظاميا، وڻن ٽڻن کان ويندي جانورن، پهاڙن ۽ وادين، پارڪن ۽ جهنگن توڙي ميوزمن توڙي ٿيئٽرن ۽ اڪيڊمين، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ گهمندي مونکي جيڪي لٽريچر مليو سو مون کنيو. ان کي سانڍيو. ان لٽريچر ۾ هڪ ته انهن سمورين ڳالهين جي مارڪيٽنگ آهي، جنهن ۾ ڪهڙي شيءِ ڪٿان ملي ٿي، ڪهڙي ڪٿان. پر خود جنهن شيءِ کي ماڻهو ڏسي ٿو، ان جي باري ۾ جيڪا تاريخي ڄاڻ موجود آهي، سا واهه جو آهي. مونکي گهمڻ سان گڏ ٻيو فائدو اهو ٿيو ته مون کي نئين ۽ پراڻي آميريڪا جي باري ۾ وڌيڪ پڙهڻ جو شوق جاڳيو.


ڪئمبرج شهر جو سير:
اسان ٻئي زال مڙس صبح جو سويل بوسٽن شهر جي ڪئمبرج واري حصي ۾ پيرين پنڌ نڪري پياسين. جهڙالي موسم هجي. شهر سڄو ماڪ سان وهتل هيو. گل پنهنجي رنگن سان جرڪيا پئي. عجيب ٻوٽا، انهن جو حسن هر پاسي فٽ پاٿن کي سينگاري رهيو هو. مختلف رنگ هيا، جيڪي ڄڻ ته فٽ پاٿن تي هاريا پيا هئا. انهن فٽ پاٿن جي ٻوٽن ۾ گهڻو رنگ اڇو، ڳاڙهو ۽ واڱڻائي گلن جو آهي.
ڪئمبرج شهر هڪ وڏي مهارت ۽ رٿابندي سان اڏيل آهي. هر گهٽي سڌي، هر روڊ صفا سڌو. ان ۾ جيڪي گهٽيون ڪجهه آڏيون ابتيون ۽ ڏنگيون ڦڏيون آهن اهي مختلف تعليمي ادارن جي واڌ جي ڪري آهن. سڄو شهر هڪ پاسي آهي تعليمي ادارن سان سٿيل ته ٻئي پاسي انهن ادارن جي شاگردن جي رهڻ لاءِ جايون آهن. اتي هاسٽلن وانگر هر عمارت ۾ شاگرد-گهر ٺهيل آهن، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڪمرا موجود آهن. شاگرد جڏهن هارورڊ يونيورسٽي يا ايم آءِ ٽي جهڙن وڏن تعليمي ادارن ۾ داخلا وٺن ٿا ته انهن کان سال جو هاسٽل جو ڪرايو به ورتو وڃي ٿو، پر جي شاگرد پاڻ رهڻ چاهي ته پوءِ اهي ادارا کانئن اها في نه ٿا وٺن. جن شاگردن کي 100 سيڪڙو، 50 سيڪڙو يا 33 سيڪڙو اسڪالرشپ ڏين ٿا ته انهن کان هاسٽل جي في به ان شرح سان وٺن ٿا. اهو سمجهڻ گهرجي ته جي اوهان يونيورسٽي جي ويجهو رهڻ چاهيو ٿا ته اوهان کي وڌيڪ مسواڙ ڏيڻي پوي ٿي.
مکين ۽ مڇرن کان پاڪ شهر:
ڪئمبرج شهر جي باري ۾ اوهان کي ٻڌايان ته هي سڄو شهر گهڻو ڪري ڳاڙهين سرن سان اڏيل آهي. هر روز يا اڪثر برسات پوڻ جي ڪري نه شهر ۾ مٽي، نه ڪا عمارت ميري. ڳاڙهيون سرون روز ڌوپجن ته ڪيئن لڳنديون؟ اهو اوهان پنهنجي گهر جي ڳاڙهه سري فرش ڌوئڻ سان محسوس ڪري سگهو ٿا. شهر جي ميونسپل جو حساب به نرالو. شهر ۾؛ نه مک، نه مڇر. اسان ڪراچيءَ جا ماڻهو سڪي پياسين پر اهي ٻيئي جنسون ڪئمبرج ۾ ناياب نسل ٿي پيون هيون.
اسان گهمندي گهمندي شهر جي ”روچسٽر چوڪ“ تي آياسين. اڃا دڪان مس پئي کليا. هوٽلون، ڪلبون، قهوا خانا ۽ شراب خانا ايئن بند هيا ڄڻ وري کلڻا ئي ناهن. مون بجليءَ جي هڪ ٿنڀي تي لڳل بورڊ تي پڙهيو: هن روڊ جي صفائي جو ٽائيم رات اڍائي وڳا آهي. مون سوچيو ته ويچارا مسڪين عيسائي ڀنگي اڌ رات جو به شهر صاف سٿرو ڪرڻ جو ڪم ٿا ڪن. اسان وٽ ته ڪنهن ٻڌايو ته اتر سنڌ جي هڪ شهر جا ”ڀنگي طور نوڪريءَ ۾ کنيل“ رڳو ان ڪري صفائي جي ڪم ۾ هٿ نه ٿا وجهن. ”صفائي اڌ ايمان آهي“ جي شاندار هدايت باوجود صفائي جو اهو ڪم مسلمانن لاءِ عيب جو ڪم آهي. ڪئمبرج ۾ صفائي جي گاڏي ڇا هئي. وڏي ٽرڪ هلائڻ وارو به ڊرائيور ته گاڏي پويان لڳل مشين وسيلي گند ٽوڪريون گاڏيءَ ۾ الٽائي وجهڻ وارو به ساڳيو ڊرائيور. اها ماجرا ڏسي ڊاڪٽر حضورا شيخ چيو ته؛ ”اها ويچاري سان بيواجبي آهي، هن کي گند لاءِ ماڻهو ته ڏيڻ کپينِ، ڊرائيونگ به هو ڪري، گند به هو کڻائي.“ مون کيس ٻڌايو ته؛ ”آميريڪا ۾ هڪ پاسي مالڪ ۽ نوڪر يا آقا ۽ غلام جو تصور ختم ڪيو ويو آهي ته ٻئي پاسي نوڪري تي چڙهڻ کان اڳ، هر ملازم کي هڪ ئي وقت ڪيترا ڪم سکڻ جي تربيت ڏني وڃي ٿي.“ ان موقعي تي اسان سرڪاري ڊرائيور فضل امين کي دل سان ياد ڪيو، جنهن ڄمڻ وقت قسم کڻي ڇڏيو هو ته  هڪ ڏينهن ۾ هڪ ڪم کان وڌيڪ ڪم نه ڪرڻ گهرجي، پوءِ ڀلي ڪم پنجن منٽن جو ڇو نه هجي!.
انڊرگرائونڊ ريلوي اسٽيشن لاءِ هيٺ ڏاڪڻ لهي وڃڻو پوي ٿو. جيڪي ڏاڪڻ لهي نه ٿا سگهن تن لاءِ لفٽ لڳل آهن. بجلي وڃي ڪا نه ٿي ته لفٽ به چالو رهي ٿي. هر لفٽ جي اندر لکيل آهي ته هن لفٽ جي آخري چڪاس ڪهڙي ڏينهن ڪئي وئي ۽ ايندڙ هفتي ڪهڙي وقت تي ان جي چڪاس ٿيندي.
قومي ڳالهه ۽ نظر ايندڙ ساڳيون شيون:
اوهان ڪڏهن ڪڏهن اهو محسوس ڪندا آهيو ته جنهن به شيءِ جو اوهان سان واهپو وڌيڪ آهي، اها اوهان کي ٻين شين کان وڌيڪ ۽ جلد نظر اچڻ لڳي ٿي. مون ”مهراڻ“ گاڏي هلائڻ شروع ڪئي ته مون کي مرسيڊيز ۽ ٻيون گاڏيون گهٽ پر جتي ڪٿي مهراڻ گاڏي نظر ايندي.
ڪئمبرج ۾ هڪ چوڪ تي وڻ جي ٽيڪ سان چوڌاري ٽي ساڳيا بورڊ رکيل هئا، جنهن تي لکيل هو:
”عام اطلاع
اوهان جي گهرن تي آدمشماري 2017ع جا فارم Census Forms موڪليا ويا آهن. مهرباني ڪري اهي جلد ڀري موڪليو.“
سو لفظ Census پڙهي مون کي پاڪستان جي آدمشماري ياد اچي ويئي. ان آدمشماري سان گڏ سنڌ سان ٿيندڙ ويساهه گهاتيون ياد آيون. مون بورڊ پڙهي سوچيو ته، هتي ڇا جو پنجابي، ڇا جو سنڌي، ڪير گهٽ ۽ ڪير وڌ...  هن سال ٿينديون... هن سال ملتوي... ايندڙ سال ڏسبو... سپريم ڪورٽ چوندي ته ماڻهو ڳڻبا. پر آميريڪا ۾ هڪڙو سرشتو طئي ٿيل آهي. هر ڏهين سال ڳڻپ ٿيڻي آهي. ان ۾ ڪير ڪهڙي نسل جو آهي، عمر، جنس، تعليم، رهائش، آمدني، گذر سفر، ملڪ جي ريسرچ، زراعت، وڻ ٽڻ، جانور، جايون، جڳهون، محل محلات سڀ ڳڻيا وڃن ٿا.
ڪئمبرج شهر جا مشهور واقعا:
دنيا ۾ ”مذهبي ڪتاب“ کڻي زمين تي قبضي ڪرڻ جو وڏي ۾ وڏو مثال آميريڪا ثابت ٿيو، جنهن کان پوءِ ٻيا وڏا واقعا وجود ۾ آيا.
جڏهن 1620ع ۾ انگريز بهاماس ٻيٽ تي لٿا هئا ته انهن پنهنجي مذهبي تبليغ کي مختلف علائقن ۾ وڌايو. هنن جي سامهون اصلوڪا آميريڪي هندستانيIndigenous American Indians هئا، جن جون پنهنجون رسمون ۽ ڪلچر هيو. انهن عيسائيت پکيڙيندڙن لاءِ اصلوڪا هندستاني ڄٽ ۽ جاهل هيا.
ڪئمبرج شهر 1630ع ۾ ميسوچيسٽ درٻار ۾ قانونسازي وسيلي ٺاهيو ويو.
ڇهه سال رکي 1636ع تي ”هارورڊ ڪاليج“ ٺاهيو ويو، اهو اعلي تعليم جو پهريون ادارو هيو.
سن 1692ع ۾، انهن 19 ماڻهن کي ڦاهي ڏني ويئي، جيڪي ”شيطان“ ۽ ”ڏانئڻ“ ٺاهي انهن جي پوڄا ڪندا هيا. 25 سال رکي 1711ع ۾ان ئي ڪيس ۾ 200 ڄڻن کي قابو ڪيو ويو پر جج پنهنجو ڏوهه مڃيو ته هنن غلط انصاف ڪيو هو. ان اعتراف کان پوءِ، مري ويلن جي وارثن کي ”باوقار“ شهري جو رتبو ڏنو ويو.
ميسوچيسٽ ۾ اپريل مهيني جي ٽئين سومر تي ”وطن دوستي جو ڏينهن“ ملهايو وڃي ٿو. اهو ڏينهن آميريڪي انقلاب جي پهرين لڙائي 19 اپريل 1775ع کان وٺي ملهايو ويندو آهي.
آميريڪي انقلاب کان پوءِ ڏڪار سان منهن ڏيڻ لاءِ ڳرا ٽئڪس ۽ ڍل لاڳو ڪئي وئي. ان خلاف هاري اڳواڻ ”ڊينئل شي“ انقلاب ۾ حصو وٺندڙن ۽ هارين جي جٿي سان گڏجي هڪ وسندي ”اسپرنگ فيلڊ“ ۾ 25 جنوري 1787ع تي ڪيتريون ئي ڍل اڳاڙيندڙ ڪورٽون تباهه ڪري ڇڏيون. جيتوڻيڪ اها هلچل ناڪام وئي پر ان جي اثرن سبب آميريڪي آئين ٺهڻ جو رستو کُلي ويو.

ڊسمبر 1891ع ۾ اسپرنگ فيلڊ ۾ ڪثرت ڪرائيندڙ ڊاڪٽر جيمس نائيسمٿ سخت سردين ۾ راندين جي نقصان سان منهن ڏيڻ لاءِ ”باسڪيٽ بال“ ايجاد ڪئي.

No comments:

Post a Comment