Monday, August 07, 2017

انساني لڏپلاڻ - عبدالله مورائي

انساني لڏپلاڻ
Notes from Europe
عبدالله مورائي
سنڌي ۾ چوندا آهن ته ميلي جي موٽ يا آخر خراب هوندي آ. موري جي ڀرسان شاهپور جهانيان جي ميلي تي ته اسان ماما غلام رسول سان گڏجي هميشه وچين ڌمال تي ويندا هئاسين. شاهپور جهانيان واري ان ميلي جي موٽ جي ته خبر ناهي ته اها ڪيئن ٿيندي هوندي پر مون پاڪستان جي اترين علائقن ۾ شندور واري پولو راند واري ميلي جي پڇاڙي ڏٺي هئي. پاڪستان جي اڳوڻي ڊڪٽيٽر ۽ صدر پرويز مشرف شايد نچڻ بند ڪيو ۽ ميلو جيئن ئي پڄاڻي تي پهتو ته هڪڙو طوفان برپا ٿي ويو. ڪي گاڏين جا قافلا گلگت واري پاسي وڃڻ لڳا ته ڪي وري چترال واري پاسي. هونئن ته علائقو تمام خوبصورت آهي پر گاڏين جي اڏايل ڌوڙ هڻي خوبصورتي جا ڌاڻا ڪڍي ڇڏيا، خيما پٽجڻ لڳا، ماڻهو موڪلائڻ لڳا. مون کي گلگت جي دوستن اڳ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو ته ميلو ختم ٿيڻ کان پهريان تون مٿي پهاڙي تي بيٺل جيپ ۾ هلي ويهجان، نه ته هڪ ٻئي کان وڇڙي وينداسين، پوءِ اهو سڄو لقاءُ مون ويهي جيپ مان ڏٺو.


ماڻهن جڏهن موڪلائڻ شروع ڪيو ته ان ۾ هڪ سهراب ميمڻ به هيو، سندس خيمو منهنجي خيمي جي ڀرسان لڳل هيو، اتي ميلي جا ٽي چار ڏينهن گڏ گذاريا هئاسين. مونکي واپس گلگت وڃڻو هيو ۽ سهراب کي چترال واري پاسي. پهريان ته مون سمجهيو ته شايد سهراب هاڻي به ڪٿي سنڌ ۾ رهندو هوندو پر پاڻ ٻڌايائين ته نه هو نيوزيلينڊ ۾ رهندو آهي ۽ سندس وڏڙا گهڻو وقت اڳ سنڌ جي شهر نصرپور مان لڏي ڪڇ ويا هئا ۽ اتان کانپوءِ به لڏڻ جو سلسلو بند نه ٿيو ۽ وري اسان جي وڏن اتان کان ممباسا ڪينيا جيڪو آفريڪا جو ملڪ آهي، اوڏانهن جو رخ ڪيو ۽ ان کانپوءِ وري اسان جا وڏا نيوزيلينڊ ويا هئا. سهراب وڌيڪ ٻڌايو ته هي پنهنجن وڏڙن جي ڌرتي سنڌ، خاص طور تي نصرپور کي ڏسڻ کان پوءِ هاڻي پاڪستان جي اترين علائقن کي ڏسي پوءِ پنهنجي ملڪ يعني نيوزيلينڊ واپس هليو ويندو. سهراب شندور ۾ موڪلائڻ مهل ٻڌايو ته اسان جي وڏن جو سنڌ کان ڪڇ، ڪڇ کان ممباسا ڪينيا ۽ ڪينيا کان نيوزيلينڊ تائين جو سفر صدين تي مشتمل آهي. مون کيس جس ڏيندي چيومانس ته اوهان کي شابس آهي جو اوهان ان صدين جي سفر کانپوءِ به سنڌ ۽ خاص طور تي نصرپور کي ناهي وساريو. اتي شاهه سائين جو بيت ياد آيو ته حيف تنين کي هوءِ، وطن جنين وساريو.
اڪشي مون سان هتي اسٽاڪهولم جي رائل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالوجي ۾ سسٽين ايبل رورل ائنڊ اربن ڊويلپمينٽ جي ڪورس ۾ گڏ پڙهيو هو، پهريان مون سمجهيو شايد هندستان جو آهي، پوءِ خبر پئي ته نه همراهه هندي وڏي سمنڊ جي ٻيٽ ماريشس جي شهر پورٽ لوئس جو رهواسي آهي ۽ هتي پڙهڻ آيو آهي.اڪشي جڏهن ماريشس جو ٻڌايو ته يڪدم منهنجو خيال رضا علي عابدي جي ڪتاب ’جهازي ڀائي‘ طرف ويو جيڪو هن انگريزن طرفان ننڍي کنڊ مان ماڻهن کي زوري لڏائي، پاڻي جا جهاز ڀرائي کين ماريشس پهچائڻ بابت لکيل آهي. اڪشي جو تعلق ماريشس سان ٻڌي منهنجي اندر کوجنا ڪرڻ جي هرکر وڌي ۽ مون پڇيومانس ته اوهان جا ابا ڏاڏا ڪڏهن ماريشس ويا هيا. چيائين ته جڏهن ننڍي کنڊ ۾ انگريزن جي حڪومت هئي تڏهن انهن کي انگريز ماريشس وٺي ويا هئا ۽ اسان جي ابن ڏاڏن کي ڪا ٻي واٽ، پسند ۽ چارو نه هو جو هو ڪو پاڻ پنهنجي لاءِ فيصلو ڪري سگهن. اڪشي وڌيڪ ٻڌايو ته سندس ابن ڏاڏن کي پهريان اهو ٻڌايو ويو ته ماريشس ۾ سون ڳولهڻ لاءِ انهن کان کاڻون کوٽڻ جو ڪم ورتو ويندو پر اتي وڃڻ کان پوءِ خبر پئي ته اتي سون ته ڪونه هو پر کين ڪمند جو فصل پوکڻ تي لڳايو ويو. اڪشي جا ابا ڏاڏا 1850 ڌاري اتر پرديش کان ماريشس پهتا هئا. مزي جي ڳالهه ته کين اڄ تائين اسڪولن ۾ پنهنجي مادري ٻولي سيکاري ٿي وڃي.
مون جڏهن هن ڪالم لاءِ کوجنا پئي ڪئي ته هڪ ٻيو ڪردار شان پانڊي به منهنجي نظر ۾ هيو جيڪو اسٽاڪهولم ۾ هالينڊ کان اسٽاڪهولم بزنس اسڪول ۾ پڙهڻ آيو هيو ۽ منهنجو مئنيجمينٽ جو ڪلاس فيلو هيو. مون جڏهن هن کي کوٽڻ شروع ڪيو ته هن ٻڌايو ته اسان جا وڏا گهڻو وقت اڳ ننڍي کنڊ جي شهر ڪلڪتي کان ڏکڻ آمريڪا جي ملڪ سورينم سمنڊ جي رستي لڏي ويا هئا ۽ اتان کان پوءِ وري اسان جا وڏا هالينڊ لڏي آيا. شان کي هندي يا اردو صفا ٿوري ٿي اچي، پاڻ وڌيڪ ٻڌايائين ته سورينم ۾ ڪجهه وقت تائين ته اسان جي وڏن سوريناميز جيڪا هندي جو ئي قسم آهي اها برقرار رکي، پوءِ انهن فيصلو ڪيو ته هاڻي اسان کي ڊچ ٻولي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته سورينم ۾ ڊچ ڳالهائي وڃي ٿي ۽ سندس خيال هو ته شايد اهو ئي سبب آهي جو مونکي يسوريناميز يا هندي تمام گهٽ ٿي اچي. شان وڌيڪ ٻڌايو ته سندس ڏاڏي جي شادي ڏهن سالن جي عمر ۾ ٿي هئي ۽ کيس پنهنجن مائٽن جي ڪا خبر نه هئي. شان آخر ۾ ٻڌايو ته اها سڄي معلومات مون توکي پنهنجي وڏي ڀيڻ کان وٺي ڏني آهي. مون جڏهن شان پانڊي جي ڏاڏي جي ڏهن سالن جي عمر ۾ شادي ۽ مائٽن جي ڪا خبر نه هئڻ جو قصو ٻڌو ته آءٌ اتي ٿوري سوچ ۾ پئجي ويس ته انهيءَ لڏپلاڻ جي پويان الائي ته ڪهڙا ڏکوئيندڙ قصا هوندا جن ماڻهن کي پنهنجو وطن سدائين لاءِ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو هوندو.
موري ۾ جڏهن اسان جي عمر جا ڇوڪرا گولڊن گرائونڊ تي ڪرڪيٽ کيڏندا هئا، تڏهن منهنجو شوق وري ڪتاب، خاص ڪري سفرناما پڙهڻ جو شوق عروج تي هوندو هيو، نقشن ۽ جاگرافي جا ڪتاب ڏسڻ ۽ انهن کي سمجهڻ ۽ قلمي دوستيون ڪرڻ ان دور ۾ عروج تي هيو. انهن ئي ڏينهن ۾ منهنجي هڪ قلمي دوست ريحانه علي هوندي هئي. پاڻ ڪئناڊا جي شهر ٽورنٽو ۾ رهندي آهي ۽ سندس ابا ڏاڏا وري ننڍي کنڊ کان لڏي ڏکڻ آمريڪا جي ملڪ گيانا ويا هئا ۽ اهي به ڪمند پوکڻ جو هنر رکندا هئا ۽ انهي ڪري هي پاڻ آيا يا انهن کي زوري آندو ويو، اها ريحانه کي خبر ناهي. گيانا کان پوءِ وري ريحانه علي جا ماءُ ۽ پيءُ ڪئناڊا لڏي آيا ۽ اتان جا ئي ٿي ويا.
لڏپلاڻ ٻن قسمن جي ٿئي ٿي، هڪ جيڪا پنهنجي مرضي سان ڪئي وڃي، مثال طور ڪنهن پڙهائي، نوڪري يا ڪنهن سان شادي وغيره ٿيڻ جي سلسلي ۾ ڪنهن ٻئي هنڌ ماڻهو لڏي وڃي ۽ ٻئي قسم جي لڏپلاڻ اها آهي، جيڪا ڪنهن مجبوري جي ڪري ڪئي وڃي. پنهنجي مرضي سان خوشي خوشي لڏڻ کي، خاص طور تي ڪنهن ٻئي ملڪ وڃڻ کي اميگريشن چئجي ٿو ۽ مجبوري تحت لڏڻ کي رفيوجي يا پناهگير چئجي ٿو، جيئن جنگ وارن علائقن مان ڪنهن محفوظ هنڌ طرف لڏڻ يا سياسي پناهه وٺڻ.
شروع ۾ جيڪي مون چار مثال پنهنجن دوستن جا ڏنا، ان جو مقصد اهو هو ته انساني لڏپلاڻ صدين کان جاري آهي، خبر ناهي ته انهن دوستن جي وڏن سان صديون پهريان ڪهڙيون مجبوريون هونديون جن کين لڏڻ تي مجبور ڪيو هوندو يا شايد اهو به ٿي سگهي ٿو ته انهن وٽ ڪمند يا ٻيا فصل پوکڻ جو هنر هيو ۽ هو پنهنجي ان هنر جي ڪري ويا هجن يا انهن کي زوريءَ وٺي ويو هججي.
دنيا ۾ هاڻي ٽئين قسم جي لڏپلاڻ ٿيندي، جيڪا بنهه موسمي تبديلين جي ڪري هوندي ۽ اهڙي قسم جي لڏپلاڻ کي موسمياتي تبديلي جا پناهگير سڏيو ويندو ۽ اهو گهڻو ڪو پري ناهي. ٿوري نظر ڊوڙائجي ته آسپاس موسمي تبديلين جي ڪري ماڻهو بي گهر ٿيا آهن. ماهرن جو خيال آهي ته ڪلائمينٽ چئنج يا موسمي تبديلين جي ڪري سمنڊ جي سطح وڌندي، برف تمام تيزيءَ سان رجندي، جڏهن مينهن پوندا ته اهي عام رواجي نه هوندا پر اهي تمام شديد ۽ طوفاني هوندا، شديد ٻوڏون اينديون، گرمي ڏينهون ڏينهن وڌندي ۽ خشڪ سالي ۽ ڏڪار ٿيندو، ايڪو سسٽم يا ماحولياتي نظام تبديل ٿيندو، گرمي پد وڌڻ سان کاڌ خوراڪ جي شين جي پيداوار ۾ گهٽتائي ايندي ۽ فصلن ۽ ٻين جاندارن ۾ بيماريون وڌنديون، انهيءَ موسمياتي تبديلي جي ڪري سمنڊ اندر تبديليون اينديون ۽ سمنڊ اندر جيوت شديد متاثر ٿيندي.
تازو اپريل جي مهيني ۾ نيو يارڪ ٽائمز جي رسالي ۾ جيسيڪا بينڪو لکي ٿي ته فلپائين ۾ شديد طوفانن جي ڪري پندرنهن ملين ماڻهو متاثر ٿيا آهن ۽ اتر چين جو ريگستان اوڻيهه سؤ پنجهتر کان هن وقت تائين ايڪيهه هزار اسڪوائر ميل وڌي ويو آهي، جتي حڪومت اتان جي ماڻهن کي ڪنهن ٻئي هنڌ لڏايو آهي ۽ انهن کي ”ايڪولوجيڪل مائگرنٽ“ جو نالو ڏنو ويو آهي. جيسيڪا اوڀر شام جيڪو علائقو ترڪي، اتر عراق ۽ اولهه ايران سان لڳي ٿو بابت لکي ٿي ته اتي ٽن سالن کان شديد خشڪ سالي آهي، پاڻي جي کوٽ آهي، فصل ناڪام پيا ٿين، جانور مرن پيا ۽ نتيجي ۾ 15 لک ماڻهو ڳوٺن کان شهرن طرف لڏي ويا آهن ۽ شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي آهي. جيسيڪا جو چوڻ آهي ته آفريڪا جي ملڪن ڪيميرون، چاڊ، نائيجر ۽ نائيجيريا جي پاڻي جو ذريعو چاڊ ڍنڍ اوڻيهه سؤ ٽيهٺ کان هن وقت تائين نوي سيڪڙو سڪڙجي وئي آهي ۽ نتيجي ۾ پنجٽيهه لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن.

ماهرن جو وڌيڪ خيال آهي ته موسمي تبديلي جي ڪري گهٽ ترقي ڪيل ملڪ ۽ قومون وڌيڪ متاثر ٿينديون. ڇاڪاڻ ته هڪ پاسي موسمي تبديلي ۽ ٻئي پاسي وري وڌندڙ آبادي ۽ وسيلن جي گهٽتائي ان جا وڏا سبب هوندا. اڳواڻن جو ڪم هوندو آهي مشن ۽ وزن تي ڳالهائڻ، مشن معنيٰ اسان هن وقت ڇا ڪري رهيا آهيون ۽ وزن جو مقصد آهي ايندڙ اٺن ڏهن سالن ۾ اسان ڇا ڪري رهيا هونداسين. مشن ۽ وزن جي اکرن کي ٻين پاليسين ۽ پروگرامن سان گڏوگڏ موسمي تبديلين ۽ ان جي شديد اثرن جي حوالي سان ايندڙ لاءِ عمل تيار ڪرڻ ۾ استعمال ڪجي ته خبر پوندي ته پاڻ هن وقت ڪٿي بيٺا آهيون.

No comments:

Post a Comment