Wednesday, May 15, 2019

سٻاجهن ماڻهن جو نرالو ٿر - شھربانو ڪاڪا


سٻاجهن ماڻهن جو نرالو ٿر
شھربانو ڪاڪا
شاھ جي بيتن جو محور، اياز جي گيتن جي گونجار، روپلي ڪولهيءَ جي زمين، مسڪين جهان خان کوسي جهڙي سٻاجهي ۽ انسان دوست جو ٿر پنهنجي سموري جوڀن سان ائين جڳ مڳ ڪندو منهنجي تصور ۾ نه هو.پوءَ اهورات جو گڊيءَ جي ڀٽ تان مٺيءَ شهر جو منظر هجي يا اسرارن سان ڀريل پروقار ۽ خاموش ڪارونجهر هجي، ڀالوا ۾ سنڌ جي پوَتر نياڻي مارئيءَ جو کوھ هجي يا قديم جين مت جو گوڙي مندر هجي انڊلٺ جي رنگن کان وڌيڪ سهڻو مور هجي ٿر پنهنجي هر روپ ۾ نرالو آهي. ٿر جي بيرنگ واريءَ جي ڀٽن ۾ جيڪي وڻ ۽ ٻوٽا ٿين ٿا اهي دنيا ۾ رنگن جو هڪ منفرد ڪمبينيشن پيش ڪن ٿا.


هونئن ته اسان ننگر پارڪر ۾ هڪ سرڪاري سيمينار ۾ حاضر ٿيڻ ۾ ويا هئاسين پر ان ٽوئر جو هڪ اهم مقصد ٿر جي ڌرتيءَ سان سنڌ جي اهڙن ماڻهن کي روشناس ڪرائڻو جيڪي وڏي عرصي تائين ملازمت ڪري دائرن ۾ سفر ڪرڻ لڳندا آهن ٻيا ساٿي پنهنجي دائرن مان الائي نڪتا يا نه پر، ٿر منهنجي محدود دائري ۾ وسعت آڻي ڇڏي، جنهن لاء مان پنهنجي تعليم کاتي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر پرويز احمد سيهڙ جي هميشه ٿورائتي رهندس جنهن اسان سڀني کي نه رڳو ٿر هلڻ تي اُڪسايو پر سمورو سفر پنهنجيءَ نگرانيءَ ،رهنمائي ۽ سرپرستيءَ سان به خوشگوار بنايو.
پڙاءُ مِٺيءَ ۾ ڪيوسين ۽ جڏهن گڍيءَ جي ڀٽ تي پهتاسين ته رات ٿي چۡڪي هئي پر شهر جڳ مڳ جاڳي رهيو هو.رات جوهوائي سفردوران جڏهن جهاز ڪنهن شهر مٿان گذرندو آهي ته ائين ڀاسندو آهي ته ستارن سان ڀريل هڪ وڏي چادر وڇايل هجي هتي ته ائين پئي لڳو ڄڻ ستارا آسمان مان لهي ڌرتيءَ تي آيا هجن مِٺيءَ جي ان منظر کي ڏسندي جيڪو پهريون احساس اُڀري ٿو ڪا به ڪئمرا انهيءَ احساس کي قابو نٿي ڪري سگهي بس ان کي يادن جي بئنڪ ۾ سانڍڻو ٿو پئي. اسان جو ڊيزرٽ گيسٽ هائوس به ان ڀٽ تي هو. صبح جو سج اُڀرڻ جو منظر به بيحد وڻندڙ هو. آسمان جون اهڙيون وسعتون اسان شهرين کي ڪٿي نصيب آهن؟ پهرين ڏينهن صبح سويل ڪجھ گھڙيون ڀٽ جي سانتيڪي ماحول ۾ گھاري صاف هوا کي اندر ۾ اوتيندي رهيس ۽ من جون سموريون ڪثافتون ٻاهر نڪرنديون ويون .ڄڻ پنهنجي روح جو ٿڪ لاٿم.
هيٺ مٺِيءَ شهر جي گيسٽ هائوس مان قافلي جي ٻين ساٿين کي ساڻ ڪري، ننگر پارڪر لاءِ روانا ٿياسين. گاڏي اسلام ڪوٽ شهر ۾ پهتي ته غربت جو واسو ڏٺوسين، ڇو جو ماڻهن جي معاشي حالت جو اندازو ان علائقي جي بازارن توڙي انهن ۾ هلندڙ وڻج واپارمان لڳائي سگھجي ٿو. صورتحال افسوسناڪ هئي. لڳو پئي ته ٿرين کي پنهنجي ماتر ڀوميءَ جي ڪاري سون مان رک به نصيب نه ٿي هئي.
سفر ۾ پهريون پڙاءُ چوڏهين صديءَ جي قديم گوڙي مندر تي ڪيوسين جيڪو جين مت جي هڪ اهم اُهڃاڻ آهي. اڇي سنگ مرمر مان جوڙيل مندر ڪنول جي گل جيان لڳي رهيو هو ۽ پنهنجي وقت جي هنر ڪاريگريءَ ۽ ماڻهن جي خوشحاليءَ جو خاموش گواھ هو. راڳي اتي به موجود هئا جيڪي ڍاٽڪي ۽ سنڌيءَ ۾ سُر وکيري رهيا هئا.
گوڙي مندر کان اڳتي ڀالوا ۾ مارئيءَ جي کوھ تي پهتاسين. سنڌ جي ان سورميءَ پهنجا پاڪيزه ڪردار سان سنڌ جي ماروئڙن کي عظمت بخشي اَمَر ٿي ويئي. کوھ جو پوَتر پي اُڃ اجهائيسين. ننڍڙو ميوزيم به گھمياسين. هتي ڪلچر کاتي جو وجود نظر آيو.
ننگر پارڪر تعلقي جو هيڊ ڪوارٽر ڪارونجهر جبل جي پاڙ ۾ آهي تعقلي جي دفترن واري لائن ۾ ئي ڊگري ڪاليج ننگر پارڪر هو جتي سڄيءَ سنڌ جي سڀني ريجن مان استاد آيل هئا سيمينار ۾ سائين نور احمد جنجهي صاحب ڪارونجهر جو مختصر تعارف پيش ڪري اسان جي اشتها کي اڃان به وڌايو. پر ڪارونجهر ماڻا پئي ڪيا يا اسان جي قافلي کي رام جو مندر ڏسي پوءِ اتي اچڻو هو ڇو جو ننگر پارڪر کان ٻاهر اڌ ڪلاڪ جي مسافريءَ تي هندو ڌرم جو اهو قديم مندر هو جتي سڄي هندستان مان ياتري صدين کان ايندا رهندا آهن .ويجهو نئيون مندر به جوڙايو ويو هو جنهن جي آسپاس ڪيترا ئي مور داڻو چڳي رهيا هئا. فوٽو سيشن کان پوءِ جلد روانا ٿياسين.
ننگر پارڪر شهر جي سوڙهين گھٽين مان نڪري، جڏهن ڪارونجهر جي پيٽ ۾ پهتاسين ڄڻ امڙ جي هنج ۾ هئاسين ايڏي سانت ايڏو امن رڳو يا ته ڪارونجهر ۾ آهي يا ته ماءُ جي هنج ۾. سچ پچ ته زندگيءَ جي سفر جا سڀ سُور وسري ويا. اهڙو پُراسرار ماحول شايد ئي هن ڌرتيءَ تي ڪٿي هجي. سارڌڙي جي تيرٿ ياترا هئي اسان پانڌيئڙا مٿي چڙهندا جڏهن ڏاڪڻين تان ٿورو هيٺ لٿاسين نه وسارڻ جهڙو سڪون هو ڪارونجهر جي ماٺ ۾ وڏا داستان لڪل هئا. نور احمد جنجهي صاحب اتي به هڪ گائيڊ جيان اسان جي تجسس کي پنهنجي عالمانه گفتگوءِ سان وڌائيندو رهيو.
مونکي انگريز دور ۾ رائچند هريجن جو لکيل ڪتاب تاريخ ريگستان ياد اچي رهيو هو هڪ قابل پرائمري استاد هو جنهن ٿر جي تاريخ، تهذيب، ثقافت ۽ معشيت تي هڪ معتبر ڪتاب لکيو هو جيڪو اڄ به پنهنجي آب ۽ تاب سان سنڌي ادب جي وڏي خزاني جيان آهي. سنڌ جي تاريخ ۽ ادب سان دلچسپي رکندڙنوجوانن کي اهو ڪتاب ضرور پڙهڻ گھرجي..
خير ڪارونجهر جبل جهاڳي سارڌڙي جي ياترا ڪري، ٿر جي ڪاري سون کي ڏسڻ جي اڌوري خواهش من ۾ کڻي مٺيءَ پهتاسين. شهر جي ڪشمير چونڪ تي رات جي ماني کائي اچي گيسٽ هائوس ۾ راڳ جي محفل ٻڌيسين. راڳي صادق فقير جو هڪ ڀاڻيجو هو جنهن دل سان مهمانن جي سماعتن کي محظوظ ڪيو اسان جي قافلي ۾ به راڳين جي ڪمي نه هئي اهي به حسبِ حال ساٿين کي تفريح پهچائيندا رهيا . رات جو ڏيڍ بجي اسان پنهنجي گيسٽ هائوس پهتاسين جتان ٻئي ڏينهن اَمر ڪوٽ ڏسندي واپس وڃڻو هو..
اَمر ڪوٽ جي رستي ۾ چيلهار ۽ ڇاڇرو هئا ٻئي مڪمل سانتيڪا شهر! اتي ڏينهن به رات جيان ماٺ جي چاڌر اوڍيل هو. البت اَمرڪوٽ ۾ ڪجھ زندگي هئي. منزل اسان جي اَمرڪوٽ جو قلعو هو جتي ڀڙڀانگ لڳل هئي. اُجڙيل ۽ زبون حال قلعو سڄي سنڌ جو عڪس پئي لڳو شايد ثقافت ۽ سياحت کاتو اگھور ننڊ ۾ پيل هو. قلعي جي اهم جاءِ ميوزيم هو جتي جنگي ساز سامان جون مختصر شيون رکيل هيون. ڪي فارسي زبان ۾ لکيل قلمي نسخا به شوڪيسن ۾ بند هئا. قلعي جي پوري وچ ۾ هڪ ٽاور هو جتي سڀني رخن ۾ ڪل ست وڏيون توبون رکيل هيون جتان چوڌاري شهر پئي نظر آيو دشمن جي حملن کان بچڻ لاءِ بهترين بندوبست پئي لڳو. سڀني سياحن چڙهي شهر جو نظارو پئي ڪيو. قلعي اندر انگريز دور جون ڦٽل عمارتون به موجود هيون. ان قلعي کي هڪ وڏي شاندار پارڪ ۾ تبديل ڪري سياحن لاءِ وڌيڪ ڪشش پئدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. جتي ٿر ۾ ٿيندڙ وڻ ۽ ٻوٽا لڳل هجن ٿر ۾ پئدا ٿيندڙ جنگلي جيوت ۽ پکين وغيره کي به فطري ماحول ۾ رکڻ بندوبست ٿيل هجي ته جيئڻ سياحت کي فروغ ملي.
مغل بادشاھ اڪبر اعظم جي پئدائش جي جاءِ تي ٺهيل يادگار تي پهتاسين مختصر فوٽو سيشن ٿيو. اتي صفائي سٿرائي هئي ماڻهن جي ويهڻ لاءِ پٿر جو سيٽون رکيل هيون. جتي ڪجه نوجوان ويٺل هئا. اَمرڪوٽ کان واپسيءَ جو ڪراچيءَ تائين سفر به تفريح هئي ڇو جو گروپ هاڻي هڪ ٻئي جي گھڻو ويجهو اچي چڪو هواڌ صديءَ کان مٿي عمر جا مرد ۽ عورتون ڳائيندا وڄائيندا اچي ڪراچيءَ ۾ پنهنجي ماڳن تي پهتا.

1 comment:

  1. دنیا جی معدنیات سان مالا مال تھر جی مذھپٹی جی عقاسی لاء مھربانی۔ منھنجی جنم بھومی لطیف جی سورمی جو گوٹ بھالوا کان بھلیکار

    ReplyDelete