Friday, May 31, 2019

رُل تي گئي آن پر چس بڙي آئي هي - منظور ڪوھيار


رُل تي گئي آن پر چس بڙي آئي هي
منظور ڪوھيار
جيئن چئبو آهي، ته اٺ سئيءَ جي پاکڙي مان ڪنهن معجزي تحت گذري سگھي ٿو. تيئن قمبر جي بالڪل اولھ طرف ويندڙ وچئين روڊ تان، گاڏي گذاري دوست علي واري سڙڪ تي پهچائڻ به معجزي کان گھٽ ناهي، ليکيو ويندو. پر ست سال اڳ ڳوٺ ”ڪنڍو بليدي“ ڏانهن ويندي، اهو ڪم احسن طريقي سان انجام ڏئي ويندو هيس. نگر پارڪر ۾ صوفي زلف علي چيو، ته: ”ڪوهيار سائين گاڏي هلائيندا آهيو؟“


مون کيس مٿيون پس منظر ٻڌائي، ڪار ورتي، اهو سوچي ته سائين گلشن حديد کان بدين، مٺي، نگرپارڪر، ڀوڏيسر، ۽ ڪاسبو تائين گاڏي هلائي آهي، ڇو نه کيس ساهي پٽائجي.
صبوح جو گاڏي ڦرڙاٽ ڪندي نگر کان ڀوڏيسر طرف هلڻ لڳي. ڀوڏيسر پهچي، جين مندرن طرف ويندڙ ڳلين مان گذرڻ لڳي. اوچتو هڪ سوڙهي گھٽي، سامهون اچي وئي، جن جي ٻنهي پاسن کان خوامخواه جون ٿوڻيون لڳل هيون. پاڻ کي ته اهڙين سوڙهين جاين مان گذرڻ جو ۱۹۷۰ کان وٺي تجربو هيو. بس ته پوءِ اتان ائين گاڏي گذاريم، جيئن سئيءَ جي پاکڙي مان اُٺ لنگهي وڃي، البت ”ڊڙم!“ جو آواز ضرور آيو. سائين زلف علي سواليه نگاهن سان ڏٺو، ته مون کيس چيو؛ ”سائين، قمبر مان لنگھندي به ائين اجايا آواز ايندا هيا. پر اهڙن آوازن کي پاڻ ليکيون ئي ڪو نه. شريف ماڻهو ڪجھ نه ڪڇيو. پر اسان سان گڏ صداقت تنولي کي پيٽ ۾ وٽ هجن. سندس چهري جي تاثر مان ائين پئي لڳو، ڄڻ چوندو هجي، ته گاڏي هلائڻ نه ٿي اچيس. جيئن ئي پوني مندر پهتاسي، اتي موهن لال سان ملاقات ٿي. پوني مندر کي گھمندي ان سان نوان پراڻا حال احوال به ٿي ويا.
پوءِ اسان کي جين مندر جي ڪامپليڪس گھمڻ جو خيال ٿيو. ان وقت ڪار کي ڏسي مون کي احساس ٿيو، جي ائين ٻه ٽي ٻيون سوڙهيون گھٽيون آيون، ته ڪار کي نه هوندا در ۽ نه هوندس پاسا. سو مون صوفي زلف علي کي چاٻيون ڏيندي چيو؛ ”سائين، بهترآ، ته جنهن جو ڪم اهو ڪري، ٻيو ڪري ته گھاٽو ڀري!“
اهو ٻڌي صداقت تنولي هندڪو ۾ چيو؛ ”مين چلا ليسان!“
سائين کڻي چاٻيون هٿ ۾ ڏنس. پري کان جين مندرن جون قبيون نظر پئي آيون. صداقت کڻي کاٻي پاسي وارو ڪچو ستو ورتو. حالانڪ ساڄي پاسي کان به رستو ويو پئي. گاڏي ائين پئي هلايائين ڄڻ ڪراچيءَ جي روڊن تي موٽر سائيڪل هلائيندو هجي. هر هيڏي، هر هوڏي. رستو جين مندرن جي ڪامپليڪس کان وڃي پرتي ٿيندو. واريءَ جا کوڙا وڃن وڌندا. چار فرلانگن کانپوءِ گاڏي اهڙي ڦاٿي، جو نه اڳتي هلي سگھي، نه پٺتي. مونکي دل ۾ آيو، ته هندڪي جي ان پهاڪي” ذاتي دي ڪرڪولي، تي ٿما نال ايڙڪي“ (ذات جي ڪرڙي ۽ شهتيرن کي ڀاڪر) جي ٿوري ترميم ڪري ٻڌايانس، ته ”ذات دا تنولي، تي ريتان نال ايڙڪي“. پر سوچيم دل ۾ نه ڪري، جو صوفي زلف علي جو دوست هيو، ۽ پنهنجي ان سان ان سفر دؤران پهرين ملاقات هئي.
لهي ڪار کي گھڻا ڌڪا ڌوما ڏناسي. اڳين پٺين ڦيٿن کان واري ڪڍيسي. سروٽا رکياسي. پر گاڏي چوي، ته: مان چرانوَ ڇو ٿي؟.... نيٺ صوفي زلف علي گاڏي جو هيٺان مٿيان جائزو وٺندي نتيجو ڪڍيو، ته گاڏيءَ جو چيسس واريءَ ۾ ڦاسي پيو آهي. جيستائين اتان واري نه نڪرندي، گاڏي نه چرندي. مون چيو، ته: بهتر اهو آهي، ته مان پوني جين مندر وڃان، جو اتي ريسٽوريشن جو ڪم هلي رهيو آهي. موهن لال کي چئي بيلچي وارو مزدور وٺي اچان. توهان تيستائين ساهي پٽيو. پوءِ مان پنڌ هڻي ٽاڪ منجھند جو پوني مندر پهچي، موهن لال کي چئي ڪري هڪ مزدور گرڌاري لال ساڻ ڪري موٽ ڪيم. ان ويچاري اڌ ڪلال بيلچو هلايو، چيسس آزاد ٿيو، ته گاڏي هلي. صداقت چيو، ته پٺتي موٽئون. مون چيو، پٺتي نه موٽبو، پر جين ڌرم جي گڏيل مندرن جو ڪامپليڪس ضرور ڏسبو. جتي ڪنهن زماني ۾ پاري نگر آباد هيو. اڳيان گرڌاري لال کي سونهون ڪري ويهاريوسي. زلف علي، پاڻ گاڏي هلائڻ لڳو. نيٺ اتي پهتاسي. دل کولي گھمياسي، فوٽو گرافي ڪئي سي، توڙي جو پگهر لوندڙين کان وهي رهيو هيو.
موٽندي مان صداقت تنولي کي ڏسي چيو؛ ”ڪيوين مزا آيا؟“
وراڻيائين، ”رل تي گئي آن. پر چس بڙي آئي هي.“

No comments:

Post a Comment