Wednesday, May 29, 2019

خوش گذارڻ ۽ ترقي ڪرڻ لاءِ ڪهڙي ذهنيت هجڻ گهرجي - عبدالله عثمان مورائي


خوش گذارڻ ۽ ترقي ڪرڻ لاءِ ڪهڙي ذهنيت هجڻ گهرجي
Notes from Europe
عبدالله عثمان مورائي
سياڻن جو چوڻ آهي ته ڪاميابي يا خوشي اها آهي جو اوهان رات جو سمهو ته توهان کي ٻئي ڏينهن جون سوچون يا مسئلا دماغ ۾ نه هجن. ٻئي ڏينهن لاءِ ڪا گهڻي پريشاني نه هجي ته اصل ۾ اها انسان جي هن فاني دنيا ۾ ڪاميابي آ. ڊومنڪ ڪورٽيچيو پنهنجي ڪتاب Design Your Future ۾ لکي ٿو ته مڪمل طور تي پنهنجي زندگي جيئڻ جي ڪوشش ڪريو. سندس چوڻ آهي ته ڪابه ڪاميابي، مسئلن وڏي پگهارواري نوڪري يا وڏو ڪاروبار، وڏي گاڏي يا وڏو ۽ سٺو گهر يا پيار ڪندڙ خاندان اوهان جي خوشيءَ جو ضامن ٿي نٿو سگهي يا اها نوڪري جيڪا ڪڏهن اوهان لاءِ اتساهه جو سبب هئي، تنهن ۾ هاڻي اهو اتساهه باقي نه رهيو هجي. ڊومنڪ جو خيال آهي ته اڄڪلهه ماڻهو کي ڪم ۽ ذاتي ڪمن جي وچ ۾ اهو سوچڻ ئي وسري ويو آهي ته مان آخر ڪهڙو ڪم ڪرڻ ٿو چاهيان يا ڪيئن پنهنجي حياتيءَ کي گذارڻ ٿو چاهيان. جيڪڏهن پاڻ ڪو نئون ڪم يا ڪا نئين شيءِ سوچي به ته مهيني جي آخر ۾ جيڪي بل پيارڻا هوندا آهن، انهن جو فڪر پاڻ کي رستو مٽائڻ نه ڏيندو ۽ ڪو نئون ڪم شروع ڪرڻ کان پهريان ئي پاڻ کي پوئتي ڌڪي ڇڏيندو. منهنجي خيال ۾ اهو ايڏو سولو نه هوندو. ڇاڪاڻ ته سومر کان جمعي يا ڇنڇر، صبح ۸ کان شام ۵ بجي تائين واري ٽريپ يا پڪڙ مان ماڻهو سولائيءَ سان نٿو نڪري سگهي. جيڪڏهن ڪي مسئلا هوندا آهن ته پاڻ سوچيندا آهيون ته ايندڙ پروموشن يا پگهار ۾ واڌ سڀ مسئلا حل ڪري ڇڏيندي يا اسان جنهن زندگي گذارڻ جا خواب ڏٺا هوندا آهن سا گذارينداسين. پر اصل ۾ ائين گهڻي قدر ٿيندو ناهي.


ڊومنڪ سمجهي ٿو ته اهڙي قسم جي حياتي ان ٽريڊ مل ورزش واري مشين وانگر آهي، جنهن جو پٽو ڪنهن منزل تي پهچڻ کانسواءِ رڳو اتي ئي پيو ڦرندو آهي. انگريزي ۾ اهڙي قسم جي ڀڄ ڀڄان کي ريٽ ريس به چئبو آهي يا پاڻ وٽ چاڪيءَ جي ان ڏاند جو مثال ڏئي سگهجي ٿو، جنهن جي اکين تي پٽي ٻڌل هوندي آهي ۽ هو به اتي جو اتي پيو ڦرندو آهي. پرڊڪٽبلٽي Predictability معنيٰ خبروار يعني روز مرهه جي ڪمن جي خبر ته روز ڪرڻو ڇا آهي؟ يعني صبح جو آفيس يا ڌنڌي تي وڃڻ ۽ اتي ساڳيا ڪم ڪرڻ، شام جو واپس گهر اچڻ، ماني کائڻ ۽ ٽي وي جي سامهون ويهي رهڻ ۽ وري سمهي رهڻ ۽ وري صبح ٿيڻ کانپوءِ ساڳي ڪرت. اهڙي قسم جي حياتيءَ کي ڊومنڪ انهن ماڻهن لاءِ روح جو قاتل سمجهي ٿو، جن ۾ اڳتي وڌڻ جي خواهش ۽ جستجو هوندي آهي پر اسٽيٽسڪو کان کين ٻاهر نڪرڻ ۽ اڻڄاڻ رستي تي وڃڻ کان ڊپ لڳندو آهي.
ڊومنڪ جو خيال آهي ته اهڙي قسم جي ٽريپ ۽ اسٽيٽسڪو مان نڪري سگهجي ٿو ۽ اهو ممڪن آهي، ماڻهوءَ کي رڳو پنهنجي اندر Can Do Mindset واري سوچ پيدا ڪرڻي پوندي ۽ ماڻهو ڪنهن به حد تائين پنهنجي زندگيءَ مان ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو ۽ هو پنهنجي زندگي مڪمل ۽ ڀرپور نموني سان گذاري سگهي ٿو. اها سوچ پيدا ڪري اڳتي وڌو ۽ پنهنجي مستقبل کي ائين ۽ ان مطابق ڊزائن ڪيو، جيڪا زندگي اوهان هميشه جيئڻ جي خواهش رکي آهي. رائٽ برادرس، بل گيٽس، اسٽيو جاب يا ٻين ڪافي ماڻهن جيڪي ترقيون ماڻيون، انهن اهو سڀ ڪجهه رڳو پيسي ڪمائڻ لاءِ نه ڪيو، پر اهو ان ڪري ممڪن ٿيو جو اهو انهن جو شوق ۽ زندگيءَ جو مقصد هيو. اهو ڪم جيڪو اوهان جو شوق ۽ زندگيءَ جو مقصد هجي ۽ پيسا به ان مان ڪمائجن ته باقي ڇا کپي.
ڊومنڪ ان ٽريڊمل واري زندگي مان جان ڇڏائڻ لاءِ ٽي ڏاڪا ٻڌائي ٿو، جنهن ۾ پنهنجي موجوده حياتيءَ جي حالت کان بيداري ۽ بيدار ٿيڻ کانپوءِ ان حالت کي روڪي ۽ نئين سر زندگي ۽ مستقبل کي ڊزائن ڪرڻ اچي ٿو. سندس خيال آهي ته هڪ وقت ۾ هڪ ڪم ڪيو ۽ جيڪا شيءِ شروع ڪيو، پهريان ان کي پورو ڪري پوءِ ڪنهن ٻي شيءِ ۾ هٿ وجهو ۽ ائين ڪرڻ سان هاڪاري نتيجا ملندا. ڊومنڪ وڌيڪ صلاح ڏيندي لکي ٿو ته اوهان پنهنجي ڄمار ۾ ٽي سال شامل ڪيو ۽ ڏسو ته اوهان ڪٿي هوندا، پوءِ وري پنج سال ٻيا شامل ڪيو ۽ پوءِ وري ڏهه سال ٻيا ۽ پنهنجي پاڻ کي پرکيو ته اوهان ڪٿي بيٺا هوندا. اوهان ڪيتري خوشي حاصل ڪئي هوندي ۽ ڪيترو پيسو حاصل ڪيو هوندو. ڪٿي ائين ته نه ٿيندو ته جڏهن اوهان ڏهه سال اڳتي پنهنجي پاڻ کي پرکيندا ته ڇرڪ نڪري ويندو ۽ محسوس ٿيندو ته وقت هٿن مان واريءَ وانگر نڪري ويو. جيڪو ڪيو سو حقيقت ۾ اوهان لاءِ معنيٰ رکندو هجي ۽ جنهن مان اوهان کي حقيقي خوشي ملي.
هتي اسٽاڪهولم ۾ منهنجو هڪ واقفڪار آهي، حوصلا وڏا اٿس. هڪ ڏينهن ملاقات ۾ چيائين آءٌ ٻن ٽن هفتن لاءِ نائيجيريا ٿو وڃان. مون پڇيومانس ڏي خبر، گهمڻ ٿو وڃين ڇا؟ چيائين نه، ڪاروبار جي سلسلي ۾ ٿو وڃان. وڌيڪ چيائين ته نائيجيريا ۾ کاڌي پيتي جي شين جي وڏي گهرج آهي ۽ سيڙپ به گهٽ، سو مون سوچيو آهي ته ڪم اتان کان شروع ڪيان. سندس خيال هو ته اتي وڃي ڪو زمين جو ٽڪرو وٺندس، جتي پالتو ڍورن ۽ جانورن جو ڪو فارم شروع ڪندس ۽ ٿي سگهي ٿو ڪي نيون شيون اتي متعارف ڪرايان ته جيئن اتي ان شيءِ جي منڊي شروع ٿي سگهي.
لطيف سائينءَ جو سُرُ سامونڊي به اهڙن ئي ماڻهن لاءِ چيل آهي، جيڪي وتندا هئا يا اڃا تائين وتن ٿا سمنڊ جهاڳيندا.
چاچا نذيرالدين سومرو سڪرنڊ وارو هميشه چوندو آهي ته اوهان جڏهن چنڊ تي پهچڻ جو سوچيندئو ته پوءِ اوهان لاءِ آمريڪا يا يورپ وڃڻ مسئلو نه هوندو. اهو آهي گروٿ مائنڊ سيٽ. Richard Wiseman پنهنجي ڪتاب Shoot for the moon ۾ لکي ٿو ته جنهن ماڻهوءَ جو گروٿ مائنڊ سيٽ هوندو آهي، ان کي اها خبر ۽ پڪ هوندي آهي ته حالتون ڪڏهن به ساڳيون يا هڪ جهڙيون ناهن رهنديون. اهي ۽ انهن جهڙا ٻيا کوڙ گروٿ مائنڊ سيٽ وارا قدم به قدم اڳتي نڪرندا ويندا آهن. رچرڊ جو چوڻ آهي ته ڪابه شيءِ ناممڪن ناهي ۽ اوهان هر شيءِ ڀلي اها ناممڪن هجي، حاصل ڪري سگهو ٿا ۽ چنڊ تي وڃڻ واري اپالو ٽيم جو مثال ڏيندي سمجهائي ٿو، شايد انهن لاءِ به اهو شروع ۾ ممڪن نه هجي ها پر سندن مسلسل ڪوشش ۽ شوق ان ناممڪن کي ممڪن ڪيو. سندس وڌيڪ خيال آهي ته جيڪا شيءِ جيترا گهڻا دفعا ڪبي ان ڪم ۾ ماڻهو اوترو تيز ۽ ماهر ٿيندو ويندو ۽ ڊپ نڪرندو ويندو ۽ اها شيءِ انسان کي خوشي ڏيندي.
Carol Deck پنهنجي ڪتاب Mindset ۾ لکيو آهي ته دنيا ۾ ٻن قسمن جي ذهنيت رکندڙ انسان رهن ٿا، هڪڙا Fixed mindset يعني محدود يا مقرر حد کان ٻاهر نه نڪرڻ ۽ نه سوچڻ وارا يعني اهي ماڻهو جيڪي اها سوچ رکن ته سندن بنيادي صلاحيتون، ڏات، سوچڻ سمجهڻ يا ترقي ڪرڻ قدرتي طور محدود آهي، جنهن ۾ واڌ ويجهه ممڪن ناهي، اهي ماڻهو تنقيد کي ذاتي طور وٺندا آهن يا برداشت ناهن ڪندا. فڪسڊ مائينڊسيٽ وارا ماڻهو نيون شيون سکڻ کان پري ڀڄندا آهن. ناڪامي انهن جي آخري حد هوندي آهي. مطلب ته اهي ماڻهو هڪ خول ۾ بند هوندا آهن. ٻين لفظن ۾ پاڻ انهن کي سنڌي ۾ کوهه جا ڏيڏر به چئي سگهون ٿا.
ٻيا انسان آهن Growth mindset وارا، يعني اهي ماڻهو جيڪي اها سوچ رکن ته سندن بنيادي صلاحيتون، ڏات، سوچڻ سمجهڻ يا ترقي ڪرڻ قدرتي طور لامحدود آهي، جنهن ۾ واڌ ويجهه، محنت ۽ ڪوشش سان ممڪن آهي. اهي ماڻهو تنقيد کي ذاتي طور ناهن وٺندا، پر تنقيد سندن لاءِ اڃا وڌيڪ بهتر ڪرڻ ۽ اتساهه جو سبب ٿيو پوي. گروٿ مائنڊ سيٽ وارا انسان نيون شيون سکڻ کان ناهن گهٻرائيندا پر انهن کي سکڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندا آهن. اهي انسان ناڪاميءَ کي ڪاميابي طرف هڪ وک اڳتي محسوس ڪندا آهن. مطلب ته اهي ماڻهو هڪ خول ۾ بند ناهن هوندا. مطلب ته اهي کوهه کان ٻاهريا out of box ڏسڻ جي ڀرپور صلاحيت رکندا آهن ۽ وڌڻ ويجهڻ انهن لاءِ ڪو مسئلو ناهي هوندو. ڪوشش ۽ محنت ڪرڻ سان ڪوبه فڪسڊ مائنڊ سيٽ وارو انسان گروٿ مائنڊ سيٽ وارن انسانن ۾ شامل ٿي سگهي ٿو.
Markowitz Claude پنهنجي ڪتاب The Global world of Indian Merchants ۾ ۱۷۵۰ع کان ۱۹۴۷ع تائين سنڌ جي حيدرآباد ۽ شڪارپور جي انهن سنڌي واپارين جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪي بخارا کان پاناما تائين ڇانيل هيا. اڄ به جيڪڏهن ماڻهو اسپين جي ٻيٽنGran Canarias يا ايشيا جي ملڪن سنگاپور يا هانگ ڪانگ يا دنيا جي ڪيترن ئي ٻين ملڪن ۾ وڃي ته ان پراڻي دور جا لڏي ويل سنڌي اتي ملندا. يعني سندن وڏن جو مون واري واقفڪار وانگر گروٿ مائنڊ سيٽ هيو، جن ان پراڻي دور ۾ سمجهي ورتو ته ٻيلي ويٺي ڪجهه ڪونه ٿيندو، دنيا ۾ نڪرو ۽ روزي ڪيو. انهن سنڌين جا قصا پاڻ الطاف شيخ صاحب جي سفرنامن ۾ پڻ پڙهي چڪا آهيون.
Alan Beattie پنهنجي ڪتاب False economy ۾ لکي ٿو ته ڪوبه ڌرم معيشت جي قسمت جو فيصلو نٿو ڪري. انهيءَ ڪري اها ڳالهه هاڻي سمجهه ۾ اچي ٿي ته دنيا ۾ جيترو به ڳئون جو گوشت (بيف) پيدا ٿئي ٿو ان جو ۱۸ فيصد انڊيا پيدا ڪري ٿو ۽ سندس شمار بيف پيدا ڪرڻ وارن ملڪن ۾ ٻئين نمبر تي اچي ٿو. هونءَ ته ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته انڊيا ۾ ڳئون جو گوشت کائڻ تي زندگي خطري ۾ پئجيو وڃي پر جڏهن معاشي ترقي سامهون اچي ٿي ته شايد پوءِ ’سب چلتا هي‘ وارو قصو آ. معنيٰ نه رڳو ڪو انسان پر حڪومتون ملڪي ليول تي به گروٿ مائنڊ سيٽ واري سوچ ڪري پنهنجي ترقيءَ کي يقيني بڻائين ٿيون.
مٿيون سڀ ڳالهيون لکڻ جو مقصد رڳو اهو هو ته نه صرف اڳين وقتن ۾ پر هاڻي به دنيا ۾ تمام گهڻا معاشي ۽ اقتصادي ترقي ڪرڻ جا موقعا موجود آهن، بنسبت اڄوڪي دنيا جي پراڻن زمانن ۾ ته سفري سهولتن جي به اڻاٺ هئي، پر تنهن هوندي به اهي ماڻهو اڄ تاريخ جو حصو آهن، جن سخت محنت ڪئي ۽ منزلون ماڻيون، دنيا ۾ ڪابه شيءِ حاصل ڪرڻ لاءِ محنت سان گڏوگڏ صبر پڻ ڪرڻو پوي ٿو پر بنيادي ڳالهه آهي ته ماڻهوءَ کي رڳو Fixed mindset واري ذهني ڪيفيت مان نڪري Growth mindset واري دائري ۾ داخل ٿيڻو پوندو. بلڪل ائين جيئن پنهنجو ڪو ڪمپيوٽر خراب ٿي پئي ته پاڻ ان کي پهريان فارميٽ ڪري وري پوءِ ري انسٽال ڪندا آهيون، ساڳيءَ طرح سان فڪسڊ مائنڊ سيٽ مان نڪري يا ان کي فارميٽ ڪري پوءِ گروٿ مائنڊ سيٽ کي انسٽال ڪري ان ۾ داخل ٿيڻ به بلڪل ائين ئي آهي.
ڪن دوستن جو خيال آهي ته سنڌين کي وڌ کان وڌ ٻاهر نڪرڻ گهرجي، ان جي ابتڙ وري ڪن ٻين دوستن جو خيال آهي ته جيڪڏهن ٻاهر ويندا ته Brain drain جو خدشو ٿيندو ۽ سندن وڌيڪ خيال آهي ته جيڪڏهن ذهين سنڌي سنڌ کان ٻاهر هليا ويا ته اهو به سنڌ لاءِ نقصانڪار ٿي سگهي ٿو. ان ڳالهه ۾ به وزن ته بلڪل آهي پر منهنجو خيال آهي ته جيڪي سنڌي ٻاهر وڃن ٿا، اهي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ سنڌ ۽ ملڪ جي Reverse brain drain يا Remittance جي صورت ۾ خدمت ته ڪن ٿا. هونءَ به سنڌ ۾ آبادي وڌي پئي، جنهن جي ڪري وسيلا ظاهر آ گهٽبا، سرڪاري نوڪريون به ڪيترن کي ملنديون؟ سرڪاري نوڪريون وٺڻ جي چڪر ۾ وري مٿان ڀوتارن جي غلامي ۽ چمچاگيري، ڪڏهن ”هُن هائوس“ جو چڪر ته ڪڏهن ”هُن هائوس“ جو. پڇاڙيءَ جو خبر پوي ته پيسا به ويا ۽ نوڪري به ڪانه ملي. سو بهتر آهي ته جنهن کي جتي موقعو ملي اهو پنهنجي پاڻ کي ضرور آزمائي باقي کٽن ڀاڳ.
سو منهنجو پنهنجو اهو خيال آهي ته ڀوتارن جي آسرن کان بهتر آ ته سنڌين کي جيڪڏهن موقعو ملي ته اهي ضرور ٻاهر وڃن، نوان نوان رستا ڳولهين ۽ معاشي ترقيءَ لاءِ جدوجهد ڪن. اهو ضروري ناهي ته يورپ يا آمريڪا جو رخ ڪن، دنيا جون وڏيون منڊيون ته يورپ ۽ آمريڪا کان ٻاهر آهن جن کي پاڻ يورپ ۽ آمريڪا پنهنجين نين نين ايجادن ۽ مختلف شيون وڪڻڻ جي چڪر ۾ هر وقت آتا آهن. چوڻ جو مقصد ته ڪٿان جو به سنڌي ڀلي ڪٿي به هجي پر ڪنهن به صورت ۾ سنڌ سان ناتو نه ٽوڙي، ڪافي دوست ٻاهر رهي به سنڌ سان جڙيل آهن, جيڪو انتهائي بهترين عمل آهي. چوڻ جو مقصد ته جيڪڏهن ماڻهو ڀلي هجي ڪٿي به پر جيڪڏهن قوم جي خدمت ڪرڻ جو جذبو آهي ته پوءِ ڪير به ڪنهن کي روڪي نٿو سگهي.
لطيف سرڪار به سُر سامونڊي ۾ جن ماڻهن جو ذڪر ڪيو آهي، اهي به گهرن کان مهينن جا مهينا يا ٿي سگهي ٿو سالن جا سال ٻاهر هوندا هئا پر وري به موٽي اچي پنهنجن پيارن ۽ پنهنجي پياري وطن سان گڏبا هئا.
ماهرن جو خيال آهي ته پيسو ڪنهن حد تائين خوشي ڏيندو، ان کانپوءِ رڳو انگ وڌندو ۽ خوشيءَ جي ليول ۾ وڌاءُ نه ايندو، ماڻهو ڦٻي رڳو اهو ٿو، جيڪو ان هن دنيا ۾ کاڌو پيتو، پاتو ۽ چوڙيو، خير خيرات ڪئي يا گهميو ڦريو، باقي رکيو مال پرائو ۽ الائي ڪنهنجو آهي. پر ائين به ناهي ته زندگيءَ ۾ جستجو ناهي ڪرڻي، جيڪڏهن زندگيءَ ۾ ڪي ٽارگيٽ نه هوندا ته زندگي مايوسيءَ طرف وڌندي ۽ زندگي جي معنيٰ ختم ٿيندي ويندي، سو چوڻ جو مقصد ته اهو ڪم ڪجي، جيڪو خوشي به ڏئي ۽ ايترو پيسو به ڏئي جو ماڻهو پنهنجو گذارو ڪري ۽ ٻين جي مدد پڻ ڪري سگهي.
منهنجي نظر ۾ هڪ ٻيو مائنڊ سيٽ به آهي، جيڪو هن سڄي ترقي، علم ۽ عقل کي رڳو اهو چئي رد ٿو ڪري ته اهو سڀ ڪجهه سرمائيداري نظام جي واڌ ويجهه لاءِ آهي، اهو ٿي به سگهي ٿو پر منهنجو پنهنجو خيال آهي ته ترقي ڪنهن حد تائين ٺيڪ به آهي، جنهن ۾ ڪنهن کي نقصان ڏيڻ کان بغير ۽ ڪن اصولن تحت انسان اڳتي وڌندو رهي. سو پاڻ ان مائنڊ سيٽ وارن کي سندن حال تي ٿا ڇڏيون.

1 comment: