ڪشو
ـــ سگريٽ ۽ شراب نه پيئڻ وارو سيٺ
الطاف
شيخ
ڪوالالمپور جي مشهور ترين رستي-جالان تنڪو عبدالرحمان تي ”گلوب سلڪ اسٽور“ نالي
هڪ ڇهه ماڙ دڪان آهي. ڪوالالمپور ۾ جيتوڻيڪ ان کان ڪيترا ئي وڏا دڪان آهن پر گلوب
سلڪ اسٽور سڀني ۾ مشهور آهي. نه فقط ڪوالالمپور شهر يا ان جي سڄي رياستن سيلينگور
۾ پر اوسي پاسي جي ٻين به ڪيترين ئي رياست کان ماڻهو هتي شاپنگ لاءِ اچن ٿا. ملاڪا رياست ۾ رهندڙ اسين ڪجهه پاڪستاني، انڊين،
برمي، سلوني ۽ ٻيا غير ملڪي پڻ مهيني ٻئي ڪوالالمپور وڃي، گلوب سلڪ اسٽور تان
خريداري ڪري ايندا آهيون. خاص ڪري قميص، ٽاءِ، پينٽ، ڪڇا، گنجيون، چڍيون، ڪچو
ڪپڙو، ٻارن جا اسڪول يونيفارم، چادرون، پڙدا، ريڊيو، ڪئسيٽ وغيره جهڙين شين لاءِ
ڪوالالمپور ۾ گلوب جهڙو سستو ۽ بهتر دڪان ٻيو ناهي جتي ٻارهوئي ڄڻ Sale لڳي پيئي آهي. عيد، ڏياري، ڪرسمس، نئين سالَ جو ڏينهن، گوتم ٻڌ جو
جنم ڏينهن يا ويندي چينين جي نئين سال ۽ هر ڇنڇر تي هن دڪان ۾ پيهه پيهان هوندي
آهي. گراهڪن جي مدد لاءِ، ٻن شفٽن مان هر
هڪ ۾ سؤ کن ڇوڪريون Sales-Girls ڪم
ڪن ٿيون، اهڙيون ويهارو کن ڪئشير ڇوڪريون پئسا وصول ڪرڻ تي آهن ۽ انهن مٿان سنڌي
سپروائيزر ـــ ڪشوءَ جا مائٽ ۽ وفادار دوست نظرداريءَ لاءِ هر ماڙ تي پسار ڪن ٿا.
هڪ ڪئشير ڇوڪريءَ کان پڇيم: ”تو کي هن دڪان ۾ ڪم ڪندي ڪيترا سال ٿيا آهن؟“