انساني لڏپلاڻ
Notes from Europe
عبدالله مورائي
سنڌي ۾
چوندا آهن ته ميلي جي موٽ يا آخر خراب هوندي آ. موري جي ڀرسان شاهپور جهانيان جي
ميلي تي ته اسان ماما غلام رسول سان گڏجي هميشه وچين ڌمال تي ويندا هئاسين. شاهپور
جهانيان واري ان ميلي جي موٽ جي ته خبر ناهي ته اها ڪيئن ٿيندي هوندي پر مون پاڪستان
جي اترين علائقن ۾ شندور واري پولو راند واري ميلي جي پڇاڙي ڏٺي هئي. پاڪستان جي اڳوڻي
ڊڪٽيٽر ۽ صدر پرويز مشرف شايد نچڻ بند ڪيو ۽ ميلو جيئن ئي پڄاڻي تي پهتو ته هڪڙو
طوفان برپا ٿي ويو. ڪي گاڏين جا قافلا گلگت واري پاسي وڃڻ لڳا ته ڪي وري چترال
واري پاسي. هونئن ته علائقو تمام خوبصورت آهي پر گاڏين جي اڏايل ڌوڙ هڻي خوبصورتي
جا ڌاڻا ڪڍي ڇڏيا، خيما پٽجڻ لڳا، ماڻهو موڪلائڻ لڳا. مون کي گلگت جي دوستن اڳ ئي ٻڌائي
ڇڏيو هو ته ميلو ختم ٿيڻ کان پهريان تون مٿي پهاڙي تي بيٺل جيپ ۾ هلي ويهجان، نه
ته هڪ ٻئي کان وڇڙي وينداسين، پوءِ اهو سڄو لقاءُ مون ويهي جيپ مان ڏٺو.
