Showing posts with label هڪ سفر، ڪجھ تاثر، رئوف نظاماڻي،. Show all posts
Showing posts with label هڪ سفر، ڪجھ تاثر، رئوف نظاماڻي،. Show all posts

Saturday, January 05, 2019

هڪ سفر ڪجھ تاثر - رئوف نظاماڻي


هڪ سفر ڪجھ تاثر
رئوف نظاماڻي
ويجھڙ ۾ لاهور وغيره وڃڻ ته ٿيو هو پر ڪراچيءَ کان ٻاهر سنڌ ڏسڻ جو اتفاق، هڪ ڊگھي عرصي کان نه ٿيو هو. تازو هنڱورجا ۾ هڪ شاديءَ جي دعوت ملي ته مون سوچيو ته ان موقعي کي هٿان نه وڃائجي ۽ گھٽ ۾ گھٽ سنڌ جي هڪ جھلڪ ضرور پسجي ۽ اهو ڏسجي ته اتي ان دوران ڪهڙيون تبديليون واقع ٿيون آهن. مون سوچيو ته بجاءِ رات جي، ڏينهن جو سفر ڪجي ته جيئن سنڌ کي ڏسي سگھجي. منهنجو مقصد رڳو منزل تي پهچڻ نه پر سفر ڪرڻ ۽ سنڌ ڏسڻ هو. ان ڪري مون ڏينهن جي سفر کي ترجيح ڏني ته جيئن سڄو منظرنامو منهنجي آڏو هجي.