Showing posts with label ننگر، جا، نظارا، جبار، ڌاريجو،. Show all posts
Showing posts with label ننگر، جا، نظارا، جبار، ڌاريجو،. Show all posts

Sunday, September 29, 2013

ننگر جا نظارا - جبار ڌاريجو

ننگر جا نظارا
جبار ڌاريجو
جڏهن برساتون وسن ٿيون ته انسان پنهنجي علائقن، فصلن، زميني حقيقتن جي حساب سان React ڪري ٿو. زرعي ۽ آباد علائقن جا ماڻهو بارش ڏسي خوش ضرور ٿين ٿا، پر حد اندر. ڇاڪاڻ جو انهن جا فصل ۽ مال، ٻنيون ۽ گهر گهڻي برسات برداشت نه ٿا ڪن ۽ نعمت مان ڦري مصيبت ٿيو وڃي. جابلو ۽ ريگستاني ماڻهو، جتي زمينون هموار ناهن، اتي جا ماڻهو ٻارهوئي بارش لاءِ واجهائيندا رهندا آهن. سندن وڏي ۾ وڏي خوشي مينهن (برسات) سان وابسطه آهي. انهن علائقن ۾ پاڻيءَ جو ايريگيشن بندوبست آهي ڪو نه. جيڪو به فصل، گاهه ۽ پيئڻ جو پاڻي گهڻو ڪري برسات هوندو آهي. اهڙيءَ طرح سنڌ جو ٿر وارو پاسو به برسات ۾ سائو ٿيو پوي اها ساواڻ ڌرتي، مال ۽ جانور، پکين ۽ انسانن سڀني لاءِ بي حد خوشي ۽ زندگي جو باعث هجي ٿي.