ننگر جا نظارا
جبار ڌاريجو
جڏهن برساتون وسن ٿيون ته انسان پنهنجي علائقن، فصلن، زميني حقيقتن جي
حساب سان React ڪري ٿو. زرعي ۽ آباد علائقن
جا ماڻهو بارش ڏسي خوش ضرور ٿين ٿا، پر حد اندر. ڇاڪاڻ جو انهن جا فصل ۽ مال، ٻنيون
۽ گهر گهڻي برسات برداشت نه ٿا ڪن ۽ نعمت مان ڦري مصيبت ٿيو وڃي. جابلو ۽ ريگستاني
ماڻهو، جتي زمينون هموار ناهن، اتي جا ماڻهو ٻارهوئي بارش لاءِ واجهائيندا رهندا آهن.
سندن وڏي ۾ وڏي خوشي مينهن (برسات) سان وابسطه آهي. انهن علائقن ۾ پاڻيءَ جو ايريگيشن
بندوبست آهي ڪو نه. جيڪو به فصل، گاهه ۽ پيئڻ جو پاڻي گهڻو ڪري برسات هوندو آهي. اهڙيءَ
طرح سنڌ جو ٿر وارو پاسو به برسات ۾ سائو ٿيو پوي اها ساواڻ ڌرتي، مال ۽ جانور، پکين
۽ انسانن سڀني لاءِ بي حد خوشي ۽ زندگي جو باعث هجي ٿي.
هن سال ٿر ۾ آڳاٽو مينهن وسيو ۽ خاص ڪري اسلام ڪوٽ کان وٺي ننگرپارڪر
وارو علائقو آڳاٽي برسات ڪري بنهه فائدي ۾ ويو، جو آڳاٽي برسات ۾ انهن جي فصل جي پوکي
جي موسم هوندي آهي. ڪيترن سالن کان سنڌ ۾ پاڇاٽا مينهن پوڻ شروع ٿي ويا آهن، جيڪي موسمي
فصلن کي نقصان پهچائي رهيا آهن. اهڙيءَ طرح عمر ڪوٽ کان اڳتي ڪجهه پاڇاٽا مينهن پيا
آهن، ان ڪري گاهه ۽ ساوڪ ته زبردست ٿي آهي، پر ٿرين جا فصل ليٽ ٿي ويا، پر ان کان اڳتي
وقتائتيون برساتون پيون آهن، جن جي ڪري فصل بلڪل تيار آهن ۽ هاڻي جيڪو به مينهن وسي
پيو اهو انهن لاءِ تمام گهڻو گاهه، پاڻي ۽ زمين ۾ دير تائين آلاڻ يا گهم برقرار رکندو،
جنهن جي ڪري دير تائين گاهه ساوا هوندا، ۽ پاڻي تراين ۾ موجود هوندو. ٿر جي ماڻهن جو
گذر سفر مال متاع تي آهي. ان ڪري برساتن پوڻ ڪري مال متاع، پکي پکڻ خوش. مطلب ته ٿر
جا ماڻهو خوش ۽ خوشحال.
هن سال قدرت جي مهربانيءَ سان هن وقت تائين جيڪي برساتون پيون آهن، اهي
آڳاٽيون به ۽ پاڇاٽيون به وسن پيون. سنڌ جي زرعي ۽ آباد علائقن ۾ به نقصان ناهي ٿيو.
اهڙيءَ طرح ٿر ۾ ته بهاريون ٿي ويون آهن؛ وڻ ٽڻ، پکي پکڻ، مال متاع، جانور جڻيو ۽ ٿري
سڀ خوشين ۾ ماپن ڪو نه ٿا. ان صورت حالت کي ڏسندي، ٻڌندي سائين الهه ورايو بهڻ چيو؛
”يار ٿر جو سير ڪجي ۽ پنهنجن ٿري ڀائرن سان خوشيءَ ۾ شريڪ ٿجي. ڪنهن موچاري سواري
۽ ڪيميرا جو بندوبست ڪر ته هلون.“ مون کي سائين جي گڏ هلڻ واري صلاح تمام گهڻي وڻي.
ڇو جو مون جهڙو اٻوجهه ماڻهو، جيڪڏهن ڪنهن ذهين، پڙهيل ۽ تاريخ کان چڱي طرح واقف ٿڌي
طبيعت واري بهترين انسان سان ٿر جو ديدار ڪري ته ٻيو ڇا کپي؟ بندوبست ڪيم ته سائينءَ
کي بخار ٿي پيو ۽ ڪجهه ڪمزوري. انڪري پاڻ چيائين ته؛ ”توهان گهمي اچو منهنجي طبيعت
ايڏو سفر برداشت نه ڪري، ڪٿي وڌيڪ ڪمزور نه ڪري وجهي.“
جيئن ته ٿر گهمڻ جو موڊ به ٺاهي ويٺس ۽ نه وڃان ته مزو نه پيو اچي، هونئن
ته ۱۹۹۴ع کان وٺي ٿر ۾ رهيس. ٿر جا ٺيڪا جيڪي ضلع ٽيڪس ۽ آڪٽراءِ
ٽيڪس جا هئا، اهي هلايم، سنڀاليم پر عام ماڻهوءَ وانگر. نه تاريخي ڄاڻ، نه سمجهه. بس
ڪم سان ڪم. هن دفعي اهو خيال هو ته تاريخي، سماجي ۽ شعوري طرح سان گهمجي. ان ڪري هڪڙي
فقير منش دلي دوست حليم باغي کي صدا هنيم ته؛ ”يار ٿر گهماءِ!“ ڇو جو حليم شاعر به
آهي، ٿري به آهي ۽ ان سان گڏ ڳوڙهو مطالعو ڪندڙ هڪڙو عملي طور ايماندار، يار ويس، سادو
سودو، سچو انسان پڻ. هن دور ۾ اهڙين خوبين وارا انسان صرف ڪتابن، ڊرامن، فلمن ۽ تصورن
۾ هوندا آهن، جڏهن ته عملي دنيا ۾ ورلي ڪي آهن. منهنجي خوش نصيبي اها آهي جو سائين
الهه ورايو بهڻ، زلف پيرزادو، حليم باغي جهڙا مخلص، ايماندار ڌرتي سان، ڌرتي جي ماڻهن
سان سچا ۽ انهن لاءِ درد رکندڙ راهنما ۽ دوست آهن، جن سان ڪچهريون ڪريو ايمان تازو
ڪريو ويٺا آهيون. نه ته ٻيا لک خير. مال غنيمت آڻيو پوءِ جائز ناجائز جي ڪا حد، اخلاقيات
ڪا خودداري ڪا انا، ڪو اصول ڪو دين ايمان ڪل خير. بس پئسو کپي. پوءِ ڪيترو بي عزتو،
ذليل، ٿوڪو ٿيڻو پوي خير آهي.
حليم جي هائوڪار تي جهول شهر مان سندرو ٻڌم. جهول لائبريري ۾ ويٺي ٿر
جي سفر جي ڳالهه ٿي ته ادبي سنگت جي دوستن علي مردان ۽ شاهنواز خاصخيلي به صدا هنئي
ته؛ ”يار اسان مورڳو ٿر ويا ئي ناهيون، اسين به هلنداسون.“ مون چيو؛ ”يار اها ته پاڻ
ڀلي ڳالهه ٿيندي.“ ڇاڪاڻ جو هاڻي جڏهن لائبريريون ويران ٿي ويون آهن، ماڻهن پڙهڻ ڇڏي
ڏنو آهي. ان دور ۾ جهول جهڙي ننڍڙي شهر ۾ شاندار لائبريري جي بلڊنگ ۾ لکن رپين جا ڪتاب
هٿ ڪري سنڌي ادبي سنگت کي قائم مقام رکي. انهن ڪتابن جو مطالبو به ڪن ٿا، بحث مباحثا
به ڪن ٿا، ان ورثي کي سنڀالين به ٿا ۽ هر هفتي سائين الهه ورايو بهڻ صاحب جي علم ڀري
ڪچهري مان پنهنجي ذهن، عقل ۽ اخلاقيات جي به آبياري ڪن ٿا، اها اسان ادبي سنگت جهول
وارن جي وڏي خوشنصيبي آهي ته سائين جهڙو سچو، ايماندار، علم دوست ۽ انسانيت سان ڀرپور
انسان سان گڏ ويهي اسان جا ذهن تازا ڪري ٿو. سياسي، سماجي، تاريخي، تهذيبي حوالي سان.
خير ۱۴ آگسٽ
تي صبح جو اسان ٽي ڄڻا نڪتاسون. ننڍي ڀاءُ سلام صاحب اسان کي پنهنجي ڪيميرا ۽ گاڏي
ڏئي موڪليو. سندس به لک قرب. حليم عمر ڪوٽ ۾ اسان جو انتظار ڪري رهيو هو. جيئن سانگهڙ
مان نڪتاسون ته هلڪي برسات اسان جو آڌر ڀاءُ ڪرڻ شروع ڪيو. جنھن تي علي مردان جو
ھيءُ نظم ياد آيو.
ٿر ۾ گذريا ڏينهن ٻه جاني،
ٿر ۾ ڪٽي هڪ رات.
ڪو نه کٽي برسات او جاني،
ٿر ۾ ڪٽي هڪ رات.
کپ، کٻڙ، دڻو پل، روهيڙو،
ڪنڊ، ڪونڀٽ، سنڌور، سڻي،
ويڪر، ڀرٽ ۽ هاڏ کڙو،
گاهه ڪئي گهٽ گهات او جاني،
ڪو نه کٽي برسات او جاني،
ٿر ۾ ڪٽي هڪ رات.
گوڙيءَ مٿان گوڙيون آيون،
ڀوڏيسر تي بجلي ڪڙڪي،
ننگر نگر ۾ ندي وهي پئي،
ڪارونجهر جي ڪک ٿي سائي،
وسريا سڀ ولات او جاني،
ڪو نه کٽي برسات او جاني،
ٿر ۾ ڪٽي هڪ رات.
يا ائين چوان ته سفر ۾ رنگ ڀرڻ شروع ڪيائين. جيڪڏهن اها برسات ۽ رنگيني
گڏ نه هجي ته سانگهڙ جا روڊ جيڪي افغانستان جو منظر پيش ڪندڙ آهن، تن روڊن تي هلندڙ
هر ماڻهو نفسياتي مريض ٿي چڪو آهي. هنڌان هنڌان ڀڳل، ٽٽل وڏا وڏا شاهي کڏا، ۱۰ کان ۲۰ جي اسپيڊ سان هلڻو ٿو پوي.
پوءِ کپرو سانگهڙ کان آهي ته ۶۰
ڪلو ميٽر پر ۲ ڪلاڪ ته ڪيڏانهن ڪو نه ويا.
سانگهڙ کان نواب شاهه، ميرپور، کپرو، شهدادپور، هالا وڃڻ ۾ جيڪو مسافر ٿڪي ٿو، آئون
سمجهان ٿو هتان کان ماڻهو ملتان پهچڻ ۾ به شايد ايترو ڪو نه ٿڪندو هوندو. سانگهڙ جي
روڊن تي ماڻهو سفر ڪو نه ٿو ڪري پر مري ٿو. اهي آهن اسان جي، سياستدانن، وڏيرن، وزيرن
۽ چونڊيل نمائندن جون ڀلايون عوام سان. خير وري جي وڃي حليم سان ملياسون. حليم رستي
۾ مسلسل فون ڪندو رهيو ته آئون عمر ڪوٽ جي ٿر بازار جي بسم الله هوٽل تي ويٺو آهيان.
اڄ ڪلهه باغي صاحب جو اهو ٺڪاڻو آهي. سندس ئي ڳوٺ جي ڀرسان جو جمال الدين بجير آهي،
جيڪو پڻ محبتي ماڻهو آهي. جيئن اسان اهو هوٽل ڳولي لڌو ته جمال الدين اسان جو انتظار
ڪري رهيو هو. ڇو جو باغي نماز لاءِ مسجد ڏي ويل هو. ٻنپهرن جي ماني جو وقت هو. مينهوڳيءَ
۾ بک به وڌيڪ لڳندي آهي. انڪري همراهه لاجواب قسم جي لنچ جو بندوبست ڪيو ويٺو هو. ٿري
ڀاڄيون، ڪڙهي، گوار، ڀينڊيون، لسي، رائتو، کير واريون سيون، تندور جون گرم گرم مانيون.
مينهوڳي جي بک، مٿان بادل جو وسڪارو. پوءِ واهه واهه ٿي وئي، هيڪاري ماني کارائيندڙ
جا چهرا، برساتن جي ڪري خوش هجن. فقرا ماني به تڏهن وڻندي آهي جڏهن اها پيار، محبت
۽ گرم جوشيءَ سان، سک ۽ احترام سان کارائي وڃي. ٻوٿ سڄائي، ڪتي وانگر اڇلائي، ٽڪر ڏيڻ
کان بک ڀلي آهي. سو سائين جيسين باغي پهچي، تيسين اسان جا ٻئي هٿ ماني ۾. بجير صاحب
جو قرب ۽ مهمان نوازي اسان جو ٿڪ لاهي ڇڏيو. عمر ڪوٽ، ٿر جي هن پاسي جو Gateway آهي. گيٽ وي تي اهڙو قرب، اهڙي گرم جوشي ڏسي اصل
دل خوش ٿي وئي. پوءِ ته باغي به شامل ٿي ڇانڌي پاڻي ۾ لنگرڙو ڪري نڪتاسون ننگر ڏي.
ڇاڇرو روڊ وٺي نڪتاسون. ٻيلي روڊ ڏاڍو سٺو ٺهيل آهي. ان ڪري ٻنهي پاسن کان قدرت جون
حسناڪيون روح ۾ داخل ٿيندي ۽ جسم جا وار ڪانڊاريندي محسوس ٿيون. قدرت جا حسين منظر،
ٿر جي ڀٽن سائي چادر سان ڍڪي ڇڏيون آهن. مختلف وڻن ۽ هزارين ٻوٽن ۾ جيڪا ساوڪ نظر ٿي
آئي، ان انساني وجود ۾ هڪڙي عجيب خوشيءَ جي لهر پيدا ڪري ڇڏي.
جت کرڙ کٿا ۽ کاهيون، پال، پڪا ۽ پڪ،
سرهيون سي سرتيون، حاضر پاسي حق،
ماروئن سي ماڻيان، شال مندائتي مڪ،
کنڪاريان خلق، جا ٿر ڄائي ۾ ٿو هرين.
(شاهه)
جيئن ته باغي اسان کي رستي سان نظر ايندڙ وڻن، ٻوٽن، ولين ۽ گاهن جا نالا
ٻڌائيندو هليو ته ٻڌايائين ته ايم ايڇ پنهور صاحب لکيو آهي ته؛ ”ڪنڊو ۽ ٻير ٿر جا اهڙا
وڻ آهن، جو خدا نه خواسته ۷ ڏڪر به اچي وڃن ته به هي وڻ ساوا رهندا آهن.“ انهن
سان جانورن ۽ ماڻهن کي غذا ملي سگهي ٿي، سرڪار کي گهرجي ته ٿر ليول تي انهن وڻن جا
ٻيلا قائم ڪري ته جيئن وقت تي اهي ڏکيو ٽائم اڪاري وڃن. هونئن به ٿري ماڻهو وڏو مهذب
آهي. اهو وڻن جو تمام گهڻو خيال ڪري ٿو.
ٿر:
سنسڪرت لفظ ”سٿل“ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي؛ بيٺل يا نه وهندڙ
يعني خشڪ (جتي درياءُ ڪونهي) انهي سٿل لفظ جو اچار ڦري ٿيو؛ ”ٿل“. خشڪ زمين ۽ بعد
۾ ٿيو؛ ٿر. ٿر کي ريگستان به چون ٿا. واريءَ واري جاءِ. اهڙي نموني پارڪر قديم زماني
۾ پارڪر واري ڀاڱي ۽ ڪڇ جي ملڪ وچ واري حصي ۾ پاڻي جيڪو سمنڊ هو، اهو هوندو هو، ان
پاڻيءَ کي کاري چوندا هئا. ماڻهن کي اچ وڃ لاءِ اها کاري پار ڪرڻي پوندي هئي. جنهن
ڪري چوندا هئا؛ پار کاري. اھو ٽڪرو سنڌ جي ڏکڻ اڀرندي ڪنڊ تي آهي. ڪجهه بيانن ۾ آهي
ته؛ پارڪر لفظ جي معنيٰ آهي پهڻ يا پٿر جو ملڪ. ڇو جو هن حصي ۾ پهاڙ جا ننڍا ننڍا ٽڪر
آهن ۽ وچ ۾ ڪارونجهر جو جبل آهي، جيڪو ننگرپارڪر شهر سان لڳ آهي.
سنڌ گزيٽيئر موجب؛ تعلقي ننگرپارڪر جي پکيڙ ۱۶۱۷ چورس ميل آهي. جيئن ته ٿر
سڄو گهمڻ جهڙو آهي، پر خاص جيڪي گهمڻ جهڙيون پوائنٽس آهن، اهي ننگرپارڪر، تعلقي ۾ آهن.
ان جو سبب هڪڙو ته سٺو روڊ، ننڍا وڏا شهر ۽ اسٽاپ آهن. اتي ڪجهه سهولتون آهن؛ هوٽل
پاڻي، پيٽرول پمپ وغيره. ان ڪري اتي گهمڻ وارا ماڻهو آساني سان اچن وڃن ٿا. ان ڪري
مون خاص ڪري هن تعلقي تي ٿورو گهڻو لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڪارونجهر جي بيضي جهڙي شڪل
وارو جبل، جنهن ۾ ننڍيون ننڍيون ماٿريون پڻ آهن، ان جبل جي گول قطار جي ٻاهرين ماپ
ڪي ۳۲ ميل
۽ ڪي وري ۲۰ ميل
ٻڌائين ٿا. سنڌ گزيٽيئر ۱۲ ميل لکيو آهي. بلند ۾ بلند جبل جي اوچائي زمين کان
۱۰۰۰ فوٽ
لکن ٿا. هي جبل ننگرپارڪر شهر کان ڏکڻ-الهندي طرف ۽ ڪڇ جي رڻ کان اتر اڀرندي طرف ڪنڊ
تي آهي. ٻين جبلن وانگر هن جو پٿر ايترو سخت ناهي پر عمارت سازي ۾ ڪم اچي ٿو. هتي ڪيترا
ئي هندن جي تيرٿ جا آستان ۽ قدرتي نظاره ڏسڻ جهڙا آهن. ”سار ڌرو“ ننگرپارڪر شهر کان
الهندي طرف ۲ ميل
پنڌ تي ٽڪري جي اندر گورڌري نئي جي منهن وٽ آهي. هي مهاديو جو مندر آهي. هڪ پاڻي جو
ڪن آهي، جيڪو اونهو آهي، جيڪو سدائين پاڻي سان ڀريل رهي ٿو. عام طور هندن جو چوڻ آهي
ته؛ ويديا شاستر ۾ ڪارونجهر جي ان ڪُن جو ذڪر آهي. اهو اعتماد رکيو وڃي ٿو ته؛ ”ڪنهن
مردي جا هڏا هن ڪن ۾ وڌا ويندا ته گويه اهي گنگا ندي ۾ وڌا ويا.“ ڪُن جي مٿان هڪ ديويءَ
جو مندر آهي. جتي شو جو لُنگ به ٺهيل آهي. اتي هندو ماڻهو، مئل ماڻهن جي ڪريا ڪرم ڪندا
آهن. انهن جا هڏا/ ”شنک“ ان ڪُن ۾ وجهندا آهن. هتي مارچ مهيني ۾ شو-راتڙي جو هر سال
هڪ ڏينهن وارو ميلو لڳندو آهي. سار-ڌري کان ڪجهه مٿڀرو پاراشر جو آستان آهي. جتي چون
ٿا ته؛ ”پارا شر رشي ڏهه هزار سال بيهي تپشيا ڪئي هئي. پير جي هر هڪ آڱر تي هڪ هزار
سال بيٺو هو.“ اهڙا ڏهه آڱرين جا نشان جبل تي اڃا تائين موجود آهي.
گئو مکي:
سارڌري کان ڏکڻ طرف ميل کن پنڌ تي جبل ۾ آهي. هتي ٻن ٽڪرين جون چوٽيون
اچي پاڻ ۾ ملن ٿيون. جتان آبشار جو پاڻي ڪي ۳۰
فوٽ هيٺ وهي ٿو. هتي ياتري
ايندا آهن، زيارت ڪرڻ. ان کان سواءِ اتي سار-ڌري جي ويجهو، ڀيم ڪن، انچلشور، جهرڻو،
ڪاسبي جي ڀرسان اوڀر طرف گاميرو تلاءُ آهي. ان جي اڀرندي طرف، جبل جي تري ۾، هڪ جهرڻو
آهي، جتان پاڻي بڙ بڙ ڪري نڪري ٿو، جيڪو فوٽ کن مٿي وڃي، پوءِ زمين ۾ لهي ٿو. ڪاسبي
ڀرسان هڪ پشر آهي، جنهن هيٺان خال آهي. مٿان ڇٽيءَ وانگر ڇت آهي، ان ڪري اندر ڪي ۲۰ کن ماڻهو ويهي سگهن ٿا. جيڪو
ٽن پاسن کان بند آهي. چون ٿا ته؛ ”ان زماني ۾ امن امان خراب هجڻ ڪري ڌاڙا لڳندا هئا،
تڏهن ڌاڙيل کي ايندو ڏسي، ڳوٺ جا ماڻهو پنهنجون عورتون ان ۾ لڪائي، مٿان پٿر ڏئي، پاڻ
ڌاڙيلن سان منهن ڏيندا هئا.“
هن ٽڪريءَ ۾ ننگرپارڪر، ڀوڏيسر، موندرو، مئو، آڌيگام، کارڙيو، ڪاسبو،
گهرٽياري وغيره ڳوٺ آهن. جن سڀن کان ننگرپارڪر وڏو ڳوٺ آهي ۽ تعلقه هيڊ ڪوارٽر پڻ.
تاريخي حقيقتون ٻڌائين ٿيون ته؛ ڪڇ جو رڻ، راجپوتانا وارا علائقه سمنڊ اندر هئا. پوءِ
قدرتي ڦير ڦار، اٿل پٿل، زلزلن وغيره جي ڪري، اهي سمنڊ مان مٿي ظاهر ٿي، ڪجهه خشڪ ٿي،
انسانن جي رهڻ ۽ آباد ڪرڻ جهڙا ٿي ويا. رڻ ڪڇ اڃا به هيٺ آهي. ڪنهن زماني ۾ سنڌو ندي
جي هڪڙي شاخ؛ هاڪڙو دريا، عمر ڪوٽ کان اڀرندي وهندي، وڃي ڪارونجهر وٽان، رڻ ڪچ مان
ٿيندي، سمنڊ ۾ داخل ٿيندي هئي. عيسوي سال کان سوا ٽي سو سال اڳ، جڏهن سڪندر اعظم هتان
لنگهيو هو، تڏهن به اتي پاڻيءَ جون لهرون هيون. ۶۰ع ۾ يوناني سياح پيرپلس به ان رڻ ڪڇ جو ذڪر ۽ اتي پاڻيءَ جو ذڪر ڪيو آهي.
الالسئي ريڪلس ٻڌائي ٿو ته؛ ”چوٿين صدي عيسوي تائين، اتي کليل سمنڊ هو. ننگرپارڪر جي
اتر-الهندي جيڪو ويرانو آهي، سو در اصل وڏو سامونڊي بندر گاهه هو ۽ وڏو واپاري مرڪز
هو.“
رڻ ڪڇ جي ماپ: ٽاڊ راجستان موجب، سندس ڊيگهه ۱۵۰ ميل ۽ ويڪر ڀڄ کان ٻلهاري
تائين ۷۰ ميل
آهي ۽ سندس جملي پکيڙ ۷۰۰۰ هزار چورس ميل آهي.
ڪپتان ريڪس لکي ٿو ته؛ هاڪڙو درياءُ جيڪو هتان وهندو هو، ان تي ننگر ڀرسان
ويرا واهه وٽ پاري ننگر بندرگاهه ھيو جتي جهاز ۽ دنگيون لنگر انداز ٿينديون هيون. هيءُ
بندر گاهه وڏو مشهور هو. تاريخدانن جو خيال آهي ته؛ ”هاڪڙو ندي پهرين صدي ڌاري بند
ٿي وئي.“ ڀوڏيسر مسجد ۽ مندر لاءِ لکن ٿا ته؛ ”اهو مندر مهاديو جي پوڄارين جو مندر
هو، جيڪي جين مت جا پوڄاري سڏجن ٿا.“ مهاديو جو تعلق به بهار صوبي سان آهي، جيڪو هندو
مذهب ۾ ريفارمر طور اڀريو. سندس تبليغ ۾ ڪنهن ساهه واري کي مارڻ، ڪهڻ، ايذائڻ، ستائڻ
تمام وڏو ڏوهه هو. ايتري تائين جو سندس اڪثر پوڄاري پنهنجو مٿو هميشه ڪوڙي رکندا آهن
ته جيئن سندن مٿي جي وارن ۾ ڪا جونءَ نه پئجي وڃي ۽ اها جونءَ سندن هٿان مارجي نه وڃي.
ان ڪري مٿي جا وار ڪوڙيل هوندا اٿن. نه صرف ايترو پر سندس ٻاوا، ساڌو، دنيا ئي آسائشن، عياشين کان ڪوهين ڏور،
ننڍن ننڍن کولين نما ڪوٺڙين ۽ هٿرادو يا قدرتي غارن ۾ تپسيا ڪندا هئا ۽ انسانن کي اهو
پيغام ڏيندا هئا ته؛ ”ساهه واري کي نه ماريو، قتل و غارت، قبضه مافيه، هڪ ٻئي سان بنا
مذهب قوم، رنگ نسل امن امان سان گڏجي زندگي گذاربي ته قدرتي ماحول به بهترين هوندو.
امن امان ۽ ڀائيچارو به بهتر رهندو. اهڙي صورت حال ۾ وڻن ٽڻن، جانورن ۽ ماڻهن جو بچاءُ
ٿيندو ته موسم، حالتون، ڪاروبار، معيشيت به بهتر هوندي.“ مون جڏهن سائين الهه ورايو
کان سوال ڪيو ته؛ ”اهي ٻاوا جيڪي گوڙي جي مندر ۾ اڄ کان هزارين سال اڳ، هيڏو وڏو مندر
قائم ڪري، انتهائي تنگ ۽ ننڍڙيون کوليون ٺاهي، مٿا ڪوڙي، موجوده جيلن جي بند وارڊ وانگر
پنهنجو پاڻ کي بند ڪري، ڪهڙو پيغام ڏيندا هئا ۽ تڏهن ايتري آبادي اتي ڇو ويٺي هئي؟“
سائين ٻڌايو ته؛ ”اتي وڏا واپاري مرڪز هئا، بندر گاهه هئا، مندر هئا. انساني آبادي
هئي ۽ اهي واپاري جين مذهب جا پيروڪار، پر امن، سادا ۽ معصوم انسان هئا. انهن جي پوڄا
پاٺ ۽ تپسيا جو اهو طريقو هو ۽ ماڻهو انهن کي Follow ڪندا هئا.“
گوڙي جي مندر جي احاطي ۾ هڪ هٿرادو غار ٺهيل آهي، جيڪا پڻ سرنگهه نما ڏسڻ ۾ اچي ٿي.
اتي جا ماڻهو چون ٿا ته؛ ”ٻاوا هتان اندر داخل ٿي، تپسيا ڪندا، وڃي ڪارونجهر نڪرندا
هئا. جيڪو اتان ڪافي پري آهي.“ ان ڪري ماڻهو سندن عزت ڪندا هئا ۽ سندن تبليغ تي عمل
ڪندا هئا. اهي ٻاوا امن، پيار، محبت ۽ انساني رواداري جو درس ڏيندا هئا. ان ڪري اڄ
تائين اتي وڻ وڍڻ، شڪار ڪرڻ، چوري ڪرڻ، ڦر ۽ ڌاڙو هڻڻ، قتل ڪرڻ، وڏو گناهه سمجهيو وڃي
ٿو. ٿر ۾ هندو، مسلمان، جين مت جا پوڄاري يا ٻڌ پاڻ ۾ ڀائرن وانگر رهن ٿا. اها ٻي ڳالهه
آهي ته هاڻي اتي مندرن ۽ مسجدن کان سواءِ مدرسه، قاديانين ۽ ٻين فرقن جا خطرناڪ ارادن
وارا ماڻهو آباد ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. ان کان پهرين به هڪڙو اهڙو زمانو آيو جو دهلي،
گجرات ۽ ٻين علائقن جا پرمار ٺڪر، راجپوت هنن علائقن ۾ ڌاڙا، ڦرون هڻڻ لاءِ ٽولا ڪري
ايندا هئا ۽ پر امن ماڻهن کان ڪاروبار، عورتون ۽ ڌن دولت ڦرڻ شروع ڪيائون ته هتي جي
واپارين صلاح ڪئي ته هاڻي هي علائقو ڇڏڻو پوندو ۽ ائين هڪڙي ڏياري جي رات سڄي ڪارونجهر
۾ ڏيئا ٻاري ڏياري ملهائي رات جو دير سان لڏي ڪارونجهر پار ڪري گجرات، مارواڙ ۽ راجستان
پاسي ويا هليا. انهن پر امن ڪاروباري ماڻهن جي وڃڻ ڪري هي علائقا ويران ٿي ويا. ڀوڏيسر
واري مندر جي جيڪا مهاديو جي مورتي هئي، اها مندر مان چورائي، ٺڪرن پنهنجي قبضي ۾ ڪري،
پوڄا واري ڏينهن، پوڄارين کي پابند ڪيو ته هي ٺڪرن جي اوطاق تي اچي پوڄا ڪن ۽ پئسه
ڏئي وڃن. اهڙيءَ طرح ڀوڏيسر واري مندر وٽ جيڪو تلاءُ ۽ مندر آهي، اتي گجرات جي بادشاهه
محمد شاهه بيگڙو (مارواڙي ۾ ٻي معنيٰ ٻه ۲- ڳڙهه ٻه بادشاهين وارو بادشاهه) جي والده جڏهن حج تي وئي ته گجرات مان
پاڻ سفر ڪندي اچي ڀوڏيسر وٽ (ڊراٻو) قيام ڪيو هو. ساڻس گڏ بادشاهي پروٽوڪول هو؛ فوجي،
آفيسر ۽ ٻيا ماڻهو. پاڻ هڪ رات لاءِ اتي ڀوڏيسر ۾ قيام ڪيائين ۽ انڊيا مان آندل خوشبودار
چانور رڌرائي پاڻ به کاڌائون ۽ علائقي جي ماڻهن ۾ خيرات پڻ ڪيائين. ننگرپارڪر جي آس
پاس ڪولهي ۽ ڀيل تمام گهڻي تعداد ۾ رهن ٿا. انهن ڪولهين رات جو سوچيو ته؛ ”بادشاه جي
ماءُ جي لشڪر وٽ اهي خوشبودار چانور بچيا هوندا، پاڻ رات جو حملو ڪري، اهي چانور ڦر
ڪري وٺون.“ اهڙيءَ طرح ڪولهين رات جو ستل لشڪر جا چانور چورائڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن تي
لشڪر جاڳي پيو ۽ حمله آورن سان جهيڙو ٿي پيو. جنهن ۾ ڪجهه بادشاهه جي لشڪر مان فوجي
مارجي ويا ۽ ڪجهه ڪولهي به مارجي ويا ۽ حملو ناڪام ٿيو. انهن بادشاهي فوجين جا لاش،
اتي ڀوڏيسر مسجد جي احاطي ۾ دفن آهن، جن جون قبرون هن وقت به موجود آهن. بادشاهه جي
والده کي حج تي وڃڻو هو سا صبح جو بندر گاهه، جيڪو اتي ويجهو هو، تان وئي حج تي. ويندي
ويندي پٽ کي چورائي موڪليائين ته؛ اتي امن امان خراب آهي ۽ حڪومت محمد شاهه بيگڙي جي
آهي. سو بادشاهه نوٽيس ورتو ۽ پنهنجو لشڪر موڪلي ننگر ۾ رهندڙ پرمار ڪولهين کي ٺاهوڪي
ڀڃ ڏني. ممڪن آهي ته هن وقت جيڪا ڀوڏيسر مسجد آهي، اها جين مذهب جو مندر هجي. اتي مسجد
قائم ڪرائي هجي، ڇاڪاڻ اها مسجد اڏاوتي لحاظ کان جين مذهب جي مندر جهڙي لڳي ٿي. ڀوڏيسر
تلاءُ، جيڪو هن وقت وڏو ۽ ڪشاده ٺهرايو ويو آهي، ان اندر محمد شاهه بيگڙو جو پتل جو
ٺهيل تلاءُ هن وقت به موجود آهي ۽ ان پتل جي
تلاءَ تي پتل سان ٺهيل هڪڙو گهوڙي سوار فوجي به ٺهيل هو، جيڪو چورايو ويو آهي. هي ننگر
پارڪر ۽ ٿر وارو علائقو، جنهن ۾ ننگر ۽ عمر ڪوٽ هزارين سالن جي تهذيب ۽ انساني آبادي
واريون وسنديون آهن، جيڪي پاڻ سان گڏ هزارن سالن جا داستان، تاريخي ماڳ ۽ تاريخون رکن
ٿيون، اتي جي ماڻهن جي زندگي گذارڻ، شرافت، امن ۽ ڀائيچارو، سادگي ايمانداري، اهي سڀ
شيون ڪي ايترو جلدي پيدا ناهن ٿيون پر انهن کي اهڙو بهتر ٿيڻ ۾ هزارين سال لڳا آهن.
انهن ۾ ڪيترا مذهب/ فرقا ڪم آيا آهن. اسان جي علائقن جا ماڻهو ٿرين جي مقابلي ۾ پاڻ
کي سکيو ستابو سمجهن ٿا. منهنجي خيال ۾ ٿري ماڻهو سادا ۽ ايماندار ضرور آهن پر غريب
۽ بکيا ناهن. توهان سندن رهڻي ڪهڻيءَ کان هٽي ڪري، سندن مال متاع جي قيمت لڳايو ته
گهڻي جو اٺ، ڍڳي، ٻڪري آهي. ان کانسواءِ سندن فصل اڳيان آهن. هي علائقا پنهنجي قدرتي
حسن سان ته مالا مال آهن پر هتي جا هنر، هٿ سان ٺهيل شيون؛ ڀرت ۽ هٿ جو ڪم سياحن لاءِ
انتهائي ڪشش جو سامان آهي. ان کانسواءِ سياحت لاءِ جيڪي لازمي شيون هجن ٿيون، اعليٰ
طريقي سان رهائش لاءِ ريسٽ هائوس، بهترين روڊ رستا، خريداري ۽ ضرورت جي استعمال جون
شيون، سرڪاري سرپرستيءَ ۾ قائم ڪري، جانورن جون نمائشون، هتي ٿيندڙ فصل، ڀاڄيون، ميوا،
جيڪي بنا فرٽيلائيزر ۽ پيسٽيائيڊ جي قدرتي ماحول ۾ پيدا ٿين ٿا، انهن لاءِ بهتر مارڪيٽ
۽ پهچ جو بندوبست، ڪولڊ اسٽوريج، بجلي ۽ گئس جو بندوبست. سڀ کان ضروري جيڪا شيءِ آهي؛
اها آهي ريلوي ٽريڪ جي بحالي ۽ وڌيڪ ريل سسٽم کي فعال ڪرڻ. ڇاڪاڻ ته قدرتي پيداوار
سان گڏوگڏ هتي معدني وسيلا پڻ لا تعداد موجود آهن. انهن جي بهتر مارڪيٽنگ ۽ سهولتون
هتي چيني مٽي، چائنا ڪلي، گرينائيٽ پٿر، ٿر جو ڪوئلو ايترو ته قيمتي آهي جو هي علائقو
جيڪڏهن ڌڻڪو هجي ته انتهائي وڏو ڪاروباري مرڪز ٿي سگهي ٿو. هن وقت دنيا انٽرنيٽ ۽ گوگل
ارٿ جي ايتري ترقي ڪئي آهي جو زمين تي هلندڙ هر شيءِ با آساني ڏسي سگهجي ٿي. جڏهن ته
ويرا واهه تي رينجرس وارا ايندڙ سياحن کان ڪيميرائون ۽ موويون کسيو جمع ڪرايو ڇڏين.
جيڪڏهن نه ته ميڊيا انهن شين کي پنهنجي ملڪي ۽ غير ملڪي چئنلن تي اهڙا خوبصورت منظر
ڏيکارين ته جيئن ملڪي ۽ غير ملڪي سياح هن طرف متوجه ٿين. جڏهن سياح هن پاسي ايندا ته
اهي سياحت سان گڏ ڪاروبار ڪرڻ جو ماحول به ٺاهيندا. اسان جي ڀر واري ملڪ هندستان جي
اسان سان لڳو لڳ رياست راجستان آهي، جتي سڄي دنيا مان سياح اچن ٿا. گهمن ڦرن، ڪاروبار
ڪن. ان سان راجستان ۽ جوڌپور جيڪو ناڻو ڪمايو آهي ۽ جيڪا غير معمولي ترقي ڪئي آهي ان
جو سبب صرف اتي ايندڙ سياحن ۽ ڪاروباري ماڻهن کي امن امان، سٺو سلوڪ، رهائش ۽ موقعا
ملن ٿا. اسان جڏهن پنهنجو ٿر ڏسون ٿا ته اتي هر قسم جا وڻ، ٻوٽا، ڀاڄيون، وليون ۽ قدرتي
طور پيدا ٿيل ساوڪ جهڙوڪ؛ گگراني، ڪونڀٽ، ٿوهر، سرهه، ڄار، ٻٻر، ٻير، ڪنڊو، جهل، ٻوهه،
کپ، سڻ، ويسوئي، کوسڻ، پٽ ڪنوار، مرٽ، ڪڙ، ڀنگري، ڳيرامڙو، کيرول، ابت ڪنڊڙي، ڍاماسو،
جوٺي، ڪنٽي، ساٽوڙو، هرڻ چپڙي، هاڏو اکڙو، سنهاڙي، سونيل، دينگڻي، منڍيري، بوبريو،
ملير ميندي، سراڌيا، مريڙو، للر، ٻگيرو، پپون، ماما موري، کنڀيون ۽ ٻيون لاتعداد وليون
گاهه روح کي فرحت بخشين ٿا. ڪارونجهر جي چوڌاري تمام گهڻا پاڻي جا تلاءَ پيدا ٿين ٿا.
مينهن وسڻ سان انهن ۾ ٻن مهينن کان وٺي ۱۲
مهينا پاڻي بيٺل رهي ٿو. ان
کان سواءِ جيئن برسات وسي ٿي ته مختلف نئيون سنڌو درياءَ وانگر وهڻ شروع ڪن ٿيون ۽
اهو پاڻي ڪارونجهر وٽان ٿيندو رڻ ڪڇ ڏانهن وهندو ويندو آهي. جيڪڏهن سرڪاري سطح تي ننڍا
ننڍا ڊيم ٺاهجن ته اهو پاڻي سڄي سال لاءِ گڏ ڪري، پوري علائقي مان ۱۲ مهينا بمپر فصل کڻي سگهجن
ٿا ۽ زبردست ناڻو ڪمائي، ملڪ ۽ علائقي کي ترقي ڏياري سگهجي ٿي. ان کان علاوه وڌ ۾ وڌ
ضرورت آهي ريل جي بحالي. ان سان ٻنهي ملڪن ۾ واپار ٿي سگهي ٿو. اتي ريسٽ هائوس، هوٽل،
بجلي، گئس ۽ ٻيون سهولتون ڏئي، ترقي ڪري سگهجي ٿي. اسان وارا همراهه ته ايندڙ سياح
تي اکيون ڪرڙيون ڪري ڪيميرائون ۽ موويون ڦريون اسان کي دشمن جو جاسوس سمجهيو بڇڙو ڪريو
موڪلين. جڏهن ته قصور واري بارڊر گنڊا سنگهه ۽ لاهور واري واهگا تي اهڙي ڪا پابندي
ناهي ۽ اها سرحد بلڪل گڏوگڏ آهي. مون عرض پئي ڪيو ڀر واري ملڪ انڊيا جو، جيڪو ۱۹۴۷ع کان پوءِ اسان جو حصو ناهي رهيو، اتي راجستان جيڪا
ترقي ڪئي آهي ۽ ملڪي توڙي غير ملڪي سياح اچن ٿا ۽ خريد و فروخت مان جيڪو ناڻو ڪمائي
ٿو، ان سان اتي ريلوي، بس سروس، ايئر پورٽس کان اعليٰ درجي جا هوٽل، کاڌا، لباس انهن
ماڻهن جي طرز زندگي بدلائي ڇڏي آهي. اسان صرف چند ڪلاڪ سفر ڪري صرف سرحد پار ڪنداسون
ته رياست گجرات، جيڪا اڳ ۾ اسان سان گڏ هئي، اتي جهر جهنگ ۾ بجلي جي روشني فوٽ فوٽ
تي نظر ايندي. ماڻهو صرف چند ڪلاڪ سفر ڪرڻ کانپوءِ، سرحد سان لڳو لڳ جيڪي بمپر فصل
گجراتي ٿا کڻن، انهن جي ترقي ۾ صرف هندستان نه پر نيويارڪ جي کرب پتي واپارين کي گانڙي
ننگر لاءِ متوجهه ڪيو آهي. هن رياست ۾ ۲۴
ڪلاڪ بجلي موجود آهي ۽ لوڊشيڊنگ
جو انهن کي پتو به ناهي. اهو ڪمال حضرت سليمان جي جادوئي جٺن ڪو نه ڪيو آهي نه ڪو آءِ
ايم ايف، نه ئي هندستان سرڪار. پر وزيراعليٰ نريندر مودي جيڪو اتي جو وزير اعليٰ آهي.
جنهن ڏهن سالن جي جفاڪشي کانپوءِ ايمانداري سان هن ريگستان کي جنت ۾ بدلائي ڇڏيو آهي.
انتهائي ايماندار ڇڙو مڙس، سندس مسلمان دشمني پنهنجي جاءِ تي نندا جوڳو عمل آهي پر
سندس جفاڪشي، ايمانداري ۽ ورلڊ ويزن هڻي گجرات کي نيويارڪ ٺاهي ڇڏيو آهي. مودي جي ويزن
۾ دبئي ۽ ڪوريا تي نظر ئي نٿي پئي. سلام صاحب لکي ٿو ته؛ احمد آباد جي ڀرسان هڪ نئون
واپاري مرڪز جو بنياد وڌو آهي. جنهن کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو واپاري مرڪز چيو پيو وڃي.
گجرات انٽرنيشنل فنانس ٽيڪ سٽي (GIFT) اتي هاڻي بين الاقوامي ڪمپنيون زمينون خريد
ڪري رهيون آهن. هن وقت گجرات هندستان جي امير ترين رياستن ۾ شمار ٿئي ٿو ۽ مودي لاءِ
مشهور آهي ته؛ نه خود رشوت وٺي ۽ نه راشي آفيسر برداشت ڪري. هن کان اڳ ۾ مون بهار جي
وزير اعليٰ نتيش ڪمار لاءِ لکيو هو ته؛ بدترين حالتن واري صوبي بهار جنهن ۾ نه قانون
هو نه امن هو، رڳي جهالت، روڊ رستا هئا ڪو نه. بلڪل سنڌ جهڙو تباهه حال صوبو هو. ان
کي نتيش ڪمار هزارين ڪلوميٽر روڊ، اسپتالون، ڳوٺ ڳوٺ، عدالتون ضلعي ليول تائين ۽ ۱۵ ڏينهن ۾ انٽرنيٽ تي پروسيڊنگ
تڪڙو انصاف. اسان وانگر اسڪول بند ۽ ماستر گوسڙو، انهن کي ريگيولر ڪري، ڳوٺ ڳوٺ ۽ گهر
گهر تعليم پهچائي، بهار کي انڊيا جو ٻيو نمبر ترقي يافته صوبو بنائي (GDP) ليول
۱۲ تي
آڻي، ٻيو دفعو جمهوري طور وزير اعليٰ ٿي ڪري، بهار کي دنيا ليول تائين پهچائي رهيو
آهي.
انڊيا جي آنڌرا پرديش رياست: Bye Bye banglore, Hellow Hyderabad جي مشهور نعري هيٺ چندر بابو
نائڊو وزير اعليٰ آنڌرا پرديش جو پهريون ڪارنامو حيدرآباد دکن کي بي نسلي ڪان ويلي
۾ تبديل ڪرڻ هو، بل گيٽ جي ڪمپني مائڪرو سافٽ ڪارپوريشن هندستان ۾ سڀ کان وڌيڪ سيڙپ
حيدرآباد دکن ۾ ڪئي ۽ ائين دکن ڪمپيوٽر بابو ٿي ويا. اولهه ۾ امريڪا جو دادلو نائيڊو
(Time Magzine) ۽CNN 1999
طرفان (South
Asian of the Year) جو لقب
ڏنو، سندس ڪمال اهو آهي ته هندستان ۾ تيزي سان ترقي ڪندڙ صوبن ۾ پنهنجي صوبي کي شامل
ڪيو، چون ٿا ته بل ڪلنٽن جڏهن پهريون دفعو هندستان آيو ته وزيراعظم سان هٿ ملائيندي
نائڊو سان ملڻ جي خواهش ظاهر ڪئي، ڪلنٽن کانپوءِ ٽوني بليئر حيدرآباد آيو، Vision 2020 دماغ ۾ کڻي هلندڙ نائڊو ايترو سخت آهي جو آفيسر شاهي
سندس پاڇي کان خوف کائيندي آهي، اهڙي طرح نظم و ضبط ۽ امن و امان قائم ڪري نائڊو جو
چوڻ آهي ته ترقي ڪرڻ لاءِ امن امان سان گڏ توهان پنهنجي شهرن کي اهڙو ٺاهيو جو سرمايو
کڻي ايندڙ ڪمپنيون اتي رهي، کائي پي ۽ گهمي سگهن، هن وقت مائڪرو سافٽ ڪمپني دکن ۾ پنهنجي
پوري سيٽ اپ سان موجود آهي پر ٻيون ڪمپنيون DELOITTE, DELL, IBM پڻ پنهنجا
ڪاروبار دکن ۾ شروع ڪري ڏنا آهن، هر وقت نائڊو Video ڪانفرنس
ذريعي عوام سان رابطي ۾ رهي ٿو، زندهه انسان پنهنجي لاءِ جنتون ٺاهيندا آهن ۽ لاشا
ٺهيل جنتون ڳوليندا آهن، هندستان جي وزير اعليٰ زمين، آبهوا سرحدون گڏ ۽ گڏ آزاد ٿيل
ملڪ ۾ گذريل ۱۰ سالن ۾ جيڪا غير معمولي ترقي ٿي آهي اها اسان لاءِ
ڏسڻ، غور ڪرڻ جهڙي ڳالهه آهي ٻيو مڙو ئي خير.
جيڪي ماڻهو بدامني، دهشتگردي ڦر ماري جا ستايل خاص ڪري ڪراچي حيدرآباد
۽ ٻين علائقن جا خوف ۾ ورتل ۽ ستايل ماڻهو آهن اهي جڏهن ٿر ۾ گهمڻ اچن ٿا ته انهن کي
حقيقي معنيٰ ۾ آزادي، امن و امان ۽ سڪون ملي ٿو، ٻارين ٻچين ٻوڙها وڏا سڀ پرسڪون ٿيو
گهمن ٿا، سواءِ ويرا واهه واري رينجرس جوڳي جي جتي ماڻهو کي تنگ ڪن ٿا، باقي نه ڪو
پڇڻ وارو نه ڪو روڪڻ وارو، رات هجي يا ڏينهن مزي سان گهمو ڦرو کائو پيئو پڪنڪ ڪريو،
جيڪڏهن ڪنهن کان ڏس پتو پڇو ته وڏي پيار سان توهان کي ٻڌائيندو بلڪ گڏ هلڻ لاءِ به
تيار، هتي ته تعصب پرستي نه ڪاروڪاري، نه ٽارگيٽ ڪلنگ نه پوليس جي ڀرماري، نه ڪنهن
کي تڪڙ نه ڪاوڙ يا جهيڙو صرف قدرتي حسن آهي، سڪون آهي، ڀائيچارو آهي، پنهنجائپ انسانيت
آهي، دڪاندار هجي يا ٽرانسپورٽر هر ماڻهو مٺو آهي، پيارو آهي، پنهنجو آهي نه هندو آهي،
ته جينن نه ٻڌ نه مسلم بس هڪڙي لاتعداد ماٺار ۽ محبت آهي، ويساهه ۽ ڀروسو آهي، ماڻهو
آهي ۽ سونهن آهي، مون هڪڙي هوٽل واري کان ڪٽلي ۽ ڪوپ چانهن سميت گهريا ننگر ۾ ڇو جو
مينهن تيز پي وسيو سو سوچيم باغي لاءِ چانهن ۽ ناشتو وٺي وڃان، جاءِ تي هوٽل واري مون
کان اهو ڪو نه پڇيو ته ڪيڏانهن کڻي ويندين ۽ پئسا ڪير ڏيندو حالانڪه آئون هن کي ۽ هو
مون کي سڄاڻي ئي ڪو نه پوءِ آيس ڪاڪي چيتن وٽ جنهن تيز بارش ۾ به گرم پوريون پئي تريون
وڏي رش هئس، دڪان تي ۽ دڪان ۾ به مينهن ٽرميو پئي ۽ اسان سڀ خريدار پاڻي ۾ پسيا پيا
هجون، سندس پوريون هٿو هٿ پي ويون، ڪاڪي چڻا ۽ پوريون ڏنيون، ۱۰۰ جو نوٽ لکيو ڪو نه ٿيس مون
کي ورائي ڏنائين ۽ نهارين به ڪبن ته آئون ڪيڏانهن ٿو وڃان، اهڙي باغي کي ناشتو ڪرائي
پوءِ اچي انهن همراهن کي پئسا ڏنم، ڇاڪاڻ جو اهي ماڻهو امانتن، ننگن، دنگن جا رکوالا
آهن، ٿر جا ماڻهو جڏهن مزدوري ۽ مال جي چاري لاءِ آباد علائقن ڏانهن مال ۽ ٻچا وٺي
ايندا آهن تڏهن پنهنجون قيمتي شيون پوين همراهن وٽ امانت رکي ايندا آهن، اتي ته گهرن
کي ڪوٽ ڏنل آهن نه لوڙها نڪي مورچا ۽ نه وري گن مين نه چوڪيدار، سڀ ڪجهه هڪ ٻئي جي
آسري تي محفوظ آهي، سڄو سال گهمي ڦري مزدوري ڪري واپس جڏهن پنهنجن ڪکن ۾ پهچن ٿا ته
سڀ ڪجهه ساڳيو ۽ ٺيڪ حالت ۾ موجود هوندو آهي، ملڪ جي مختلف هنڌان هزارين موٽر سائيڪل
سوار پي گهميا هن پڇيو ته ڪير توهان کي تنگ ته نه ٿو ڪري پوليس ڪاغذن لاءِ يا ڪو ٻيو،
انهن چيو اسان مزي سان آيا آهيون، اڃا تائين ته نه پوليس وارا نه ڦورو اسان وسندڙ مينهن
۾ ننگر ۾ پنهنجي رهائش واري جاءِ تي وياسون ته وسڪارو تمام تيز ٿي ويو، اسان جو ميزبان
رضا کوسو جيڪو ٿر ۾ ڪم ڪندڙ NGO ٻانهن ٻيلي ۾ ڪم ڪري ٿو، ان
اسان کي ٻانهن ٻيلي جي آفيس ۾ تازو ٿيڻ ۽ چانهن پيئڻ لاءِ ترسايو ۽ کائنس ٿر جا حال
احوال پئي ڪياسون ۽ جلدي کائنس اسان لاءِ رهائش واري جڳهه تي وڃڻ لاءِ نڪتاسون ته هڪڙي
ڊاٽسن ڪولهين جي ٻارين ٻچين ڀرجي آئي ۽ اهو ڪو ۱۲
وڳي رات جو وقت هو بجلي به
ڪو نه هئي، اهي به ڪي ٿر جو هي ننگر وارو پاسو گهمڻ آيا هئا، مون ڏٺو ته شديد برسات
۾ انهن کي پنهنجو پاڻ ۽ ٻچا لڪائڻ جي جاءِ نه ملي ڇو جو ننڍڙو شهر هجڻ ڪري سياح تمام
گهڻا هئا، مون ڏٺو ته اهي ننڍڙا ٻار وسندڙ مينهن ۾ زمين تي ويٺا رهيا ۽ سندن ايتري
ڏکي حالت ۾ به بجاءِ پريشاني جي انهن جون مايون ٽهڪ ڏئي کلي انهي مينهن کي ENJOY ڪري رهيون
هيون، اتي هي شعر اياز جو ياد آيو:
هي ٿڌڙي جي رات، ٿر ۾ ڪيئي ڪولهڻيون
تاڙيون وڳيون اوچتو، چيري چپ چپات
آئي تنهنجي يات، راسوڙا رڪجي ويا
مون ٻانهن ٻيلي وارن دوستن کي چيو يار هنن جا ننڍا ننڍا ٻار آهن، انهن
کي توهان جو صرف اڱڻ ڏيو ته هي ماڻهو رات گذارين، اهڙي طرح انهن هنن ڪولهين کي اتي
ترسايو، صبح جو ٻانهن ٻيلي ۾ ڪم ڪندڙ ڪولهي کان پڇيم ته رات اهي ڪولهي ڪيڏي مهل نڪتا
ته هن جواب ڏنو ته اهي رات ۳ وڳي ڌاري ويا هليا، شايد ويجهڙ ۾ ڪي سندن واسطي وارا
هئا، ننگر جون نئيون وهڪرا پاڻي جون ڇوليون ڏسندا، لوڪ فنڪار نظر محمد جيڪو ان نئين
واري منظر وٽ پنهنجا سر وکيري رهيو هو وسندڙ هلڪي بوند ۾ ڏاڍو ٿي وڻيو، جڏهن حليم باغي
تي نظر پيس ته خوشيءَ ۾ اٿي بيٺو جهڪي باغيءَ سان ملي سندس ئي ڪلام ”هاءِ هٺيلا هوڏي
پريتم مند ملهاري تون ريسارو“ ڳائڻ شروع ڪيائين تيسن ٻيا حليم جا دوست ڪڙيو گهنور جو
مهيري ۽ ذوالفقار ارباب به اچي ويا، انهن سڀني ڏاڍو محفل کي رنگا رنگ ڪري ڇڏيو، اهي
باغ بهاريون ڪندا جڏهن واپس ماروي جي ڳوٺ ڀالوا آيا سون اتي ماروي جي کوهه تي ڪلچرل
ڪامپليڪس سٺي نموني سان ٺهيل ڏسي دل خوش ٿي وئي، رستي ۾ ايندي جڏهن نمن جي شهر سلام
ڪوٽ پهتاسون ته شهر ۾ ۽ آس پاس نمن کان وڌيڪ روايتي وڻ ناهي اهو مهاجر وڻ صدر ايوب سنڌ ۾ آندو، جام هو، ان تي باغي ٻڌايو ته اهو ڏسڻ
۾ سائو ضرور آهي پر جڏهن ٿر ۾ ٻيا گاهه سڪي ويندا آهن تڏهن بک ۾ ٻڪريون يا ڪو ٻيو جانور
دئي جا پن ۽ پلڙا يا ڦري کائيندو آهي ته بيمار ٿي پوندو آهي، خاص ڪري ٻڪرين جون ڄاڙيون
ڦري وينديون آهن، اهي ديون سنڌ ۾ عام جام ۽ روڊن رستن تي عام جام ٿي ويون آهن، ان مان
ظاهر ٿو ٿئي ته هر هڪ خطي جا ماڻهو وڻ، جانور پنهنجو پنهنجو مزاج رکن ٿا، ٿر ۾ جيڪي
نوان ماڻهو اچڻ شروع ٿيا آهن ۽ مذهب پرستويون تعصب پرستيون هن پر امن خطي ۾ داخل ٿي
رهيون آهن ان مان ايندڙ وقت ۾ جيڪي واپاري ذهن ڪاروباري ماڻهو هتي جا پرامن باشندا
جيڪي صدين کان پنهنجون روايتون طور طريقا اختيار ڪيو، ان خطي کي وسايو آباد ڪيو پر
سڪون فضا قائم ڪيو ويٺا هئا، اهي هن مذهبي تعصب پرستي قتل و غارت واري ماحول کي برداشت
نه ڪري پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي ڀر واري ملڪ طرف روانا ٿي ويندا، ڇو جو انهن جو مزاج الڳ
آهي ۽ ڀر واري ملڪ ۾ انتهائي ترقي سهولتون مذهبي رواداري قانون ۽ انصاف بهتر آهي. نظر
ائين پيو اچي ته ايندڙ وقت ۾ هتي به خودڪش بمبار، بم ۽ گولا انسانن جي لاشن تي سياست
ڪندڙ اهي خون خوار انسان نما حيوان هوندا. باقي امن جا پکيئڙا وڃي ڪو ٻيو ديس وسائيندا.
سؤ سال اڳ ۾ جيڪي انگريز ريلون، رستا، پليون ۽ اسٽرڪچر ٺاهيو هو اهو هنن ۷۰ سالن ۾ کائي وڪڻي ناس ڪري
ڇڏيو. ڀارت ترقي ڪندو وڃي ۽ اسان ڏينهن و ڏينهن پنهنجا ادارا اسٽرڪچر، روايتون، قانون،
اصول تباهه ڪندا وڃون.
هي ٿڌڙيءَ جي رات، ٿر ۾ ڪيئي ڪولهڻيون
تاڙيون وڳيون اوچتو، چيري چپ چپات
آئي تنهنجي بات، راسوڙا رڪجي ويا (اياز)
No comments:
Post a Comment