ڪوالالمپور کان بٽروٿ (پينانگ)
الطاف شيخ
ڪرشن جا ٿورا مڃي کانئس رات واري
گاڏي جي 4-B نمبر واري سيٽ
جي ٽڪيٽ ورتم ۽ پٽ تي رکيل بئگ ۽ ٿيلهو کڻي ٽڪيٽ واري هال کان ٻاهر نڪتس. گاڏي اچڻ
۽ ڇٽڻ ۾ اڃا پنجَ ڇهه ڪلاڪَ هُئا. ٽڪيٽ جو مسئلو ته حل ٿي ويو، هاڻ باقي سامان جو
هو. سامان سان گڏ جهڙو ماڻهو ٻڌل ٻڌل. نه پاڻي پيشاب لاءِ وڃي سگهي ۽ نه بينچ تي ٽيڪ
ڏيئي ننڊ ڪري سگهي ۽ نه وري ٻاهر نڪري واڪ ڪري سگهي.
”ڪوالالمپور جي ريلوي اسٽيشن
انگريزن ٺاهي آهي ۽ اهو ٿي نٿو سگهي ته لاهور، ڪراچي، دهلي، ڪولمبو، چٽگانگ ريلوي
اسٽيشن تي ته سامان رکڻ لاءِ لگيج روم ٺاهين پر هتي ڪوالالمپور ۾ نه،“ مون سوچيو.
“Adakah setor simpan barang, disini” ٽڪيٽ گهر جي در وٽ بيٺل هڪ پوليس واري کان گودام (اسٽور) جو پڇيم. اسٽور
کي ملئي زبان ۾ ”سيٽور“ چون.
پوليس واري هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو ۽ ڪنڊ
واري ڪمري ڏي اشارو ڪيو.
ڪنڊ واري ڪمري وٽ پهچي پڪ ٿي ته
جنهن جو پڇيم ٿي اهو ئي آهي. ”واهه ڙي واهه انگريز!“ مون دل ئي دل ۾ مرڪيو.
دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ مونکي ڇڏيو.
ان جي ريلوي اسٽيشن ڏسي ٻڌائي سگهندس ته آيا ان ملڪ تي انگريزن جو راڄ هو يا نه.
اسٽور (لگيج روم) جو ساڳيو نمونو جيڪو اسان جي ريلوي اسٽيشن تي هوندو آهي اهوئي
نظر آيو. اتاهين ڇت، سامان تورڻ لاءِ ڪٽ لڳل پراڻي زماني جي ساهمي، روشني پوري پني
ــ بلب فيوز ٿيل يا انهن مٿان مَرُ چڙهيل. ڪُنڊن پاسن ۾ اهي ئي ڄارا ۽ ڇتين
جي ڪامُن تي پاريهر ۽ سندن ٽيڪنيڪلر وِٺيون.
لگيج روم ۾ گهڙڻ بعد اهو چوڻ مشڪل آهي ته ڪراچي ۾ آهيو يا ڪلڪتي ۾، نئروبي ۾ آهيو
يا نارائڻ گنج ۾.
پنجاهه سينٽ وٺي ڪلارڪ رسيد ڏني ۽ ڀر
۾ بيٺل مزدور سامان وٺي مونکي آجو ڪيو. ان بعد هٿ ڇنڊي ٻاهر نڪتس. هاڻ نه دماغ تي
بار هو ۽ نه هٿن ۾ هڙون. انهن ڳالهين کان پوءِ ريل جو مسافر جهڙو طوطو ٿيو پوي. بنهه
هلڪو ڦلڪو باقي بچيل وقت گذارڻ لاءِ هاڻ آزاد پکي هوس.
ڪوالالمپور جي ان قبن ۽ منارن واري
ريلوي اسٽيشن جي عمارت مان نڪري پنڌ ئي پنڌ هلندو رهيس. مسجد نگارا، دايا بومي بلڊنگ،
جنرل پوسٽ آفيس، بئنڪ رعيت ۽ هاءِ ڪورٽ جي عمارت وٽان ٿيندو جالان راجا لائوت تي
آيس. (جالان معنيٰ شاهراهه، روڊ، رستو. ڪوالالمپور جا ڪيترا رستا راجائن ۽ سلطانن
نالي آهن.) هاڻ هن روڊ تي آهستي آهستي هلڻ لڳس. اُهي دڪان جيڪي ڪار ۾ هتان لنگهڻ
وقت چڱي طرح نه ڏسي سگهندو هوس، اهي هڪ هڪ ڪري ڏسڻ لڳس. ڪو ڪار جي اسپيئر پارٽس جو
دڪان هو ته ڪو ريديو ڪئسٽن جو، ڪو چاٻي ٺهرائڻ ۽ پين، واچ جو ته ڪو چين تي نالو
لکرائڻ ۽ عينڪ گهڙيالن جو. ڪو پڙدن ۽ ڪار جي سيٽ ڪورن جو هو ته ڪو فوٽن تي فريم ٺاهڻ
واري جو. ٿورن ٿورن دڪانن بعد ڪنهن چيني، ملئي يا تامل انڊين (ماماڪ) جي هوٽل نظر
آئي ٿي. هتي جي ماڻهن جي چوڻ مطابق هن روڊ تي اڪثر هر شيءِ ملي سگهي ٿي ۽ اگهه پڻ
پوري پني تي. هي موقعو انهن دڪانن جاچڻ
لاءِ سٺو هو.
راجا لائوت روڊ تي سائيم ڊربي بلڊنگ،
گرانڊ ڪانٽينيٽل، پلازا ۽ سٽي هوٽل بعد ساڄي پاسي ڪئپيٽل ۽ فيڊرل سئنيمائون اچن ٿيون.
انهن جي ورلڊ ٽريڊ سينٽر ۾)، ايشيا جو وڏو دپارٽمينٽل اسٽور يوهان، The Mall ۽
پئن پئسفڪ نالي هوٽل آهي ـــ جنهن جي ٽي روم ۾ باقي وقت اچي گذاريم. ان ئي هوٽل جي
پبلڪ فون تان پينانگ ۾ رهندڙ هاشم نالي هڪ ملئي دوست سان هن سفر جو ذڪر ڪيم.
”هاشم! ٿائلنڊ شاپنگ لاءِ ڪڏهن وڃڻ
جو ارادو اٿئي؟“ مون پڇيومانس. پينانگ، پيرلس، ڪيداح جهڙن ملائيشيا جي اتراهين
رياستن جا ماڻهو ذري پرزي خريداري لاءِ ٿائلنڊ ڀڄن. ڪنهن کي ٻي يا ٽين زال آڻڻي
هوندي آهي ته ان لاءِ به هو ٿائلنڊ جو رخ رکندو آهي.
“Kenapa? Bila encik hendag pergai”
”ڇو؟ توهان ڪڏهن ٿا وڃو؟“ هاشم
جواب بدران سوال پڇيو.
”ڳالهه ٻڌ. آءٌ هينئر تو وٽ پينانگ
اچان پيو. هن وقت ڪوالمپور مان ڳالهايان
پيو. مون واري گاڏي هتان رات جو ڇٽندي ۽ بٽرورٿ اسٽيشن تي صبح جو اٺين ڌاري
پهچندي. جتان پوءِ SRT ۾ ٿائلنڊ وڃڻ چاهيان ٿو. تون
مون سان گڏ هلندين ـــ؟“
پينانگ بعد SRT (اسٽيٽ ريلوي ٿائلنڊ) جي ريلَ گاڏي هلي ٿي. جيڪا سؤ ميلَ کن
ملائيشيا جا لتاڙي، پڊانگ بسار وٽ بارڊر ٽپي پنهنجي ملڪ ٿائلنـڊ ۾ گهڙي ٿي.
”هائو. بلڪل هليو هلندس. مون سان گڏ
شايد دين يا قاسم به هلن.“ هاسم وراڻيو.
”اهو ته ڏاڍو سٺو پر مون کي هتان ٽڪيٽ
نه پئي ملي. تون اتان پينانگ مان ڪوشش ڪر. ٿي سگهي ٿو ڪنهن مسافر ٽڪيٽ ڪئنسل ڪرائي
هُجي ۽ پاڻ کي ملي وڃي. فارين ايڪسچينج پڻ مون لاءِ مٽائي رکجانءِ جو ٿائلنڊ پهچي
ملائيشيا جي سڪي جو سٺو اگهه نٿو ملي.“
”او ڪي. آ هينئر ئي ريلوي اسٽيسن تي وڃان ٿو.“ هاشم چيو.
ٿوري دير بعد آءُ پنهنجي ريلوي اسٽيشن
ڏي روانو ٿيس. رستي تان هڪ چينيءَ جي دڪان تان مڇرن ڀڄائڻ جي چڪري ورتم. اهو ڪم
ضروري هو. هاشم جو گهر ڪجهه ٻهراڙي ۾ آهي. گهاٽن وڻن ۽ گاهه ڪري مڇر ڪجهه وڌيڪ ئي
آهن. هاشم کي جي اڳتي جي ٽڪيٽ نه ملي سگهي ته ان صورت ۾ سندس گهر رات رهڻ لاءِ مڇر
ڀڄائڻ جو اڳواٽ بندوبست ڪرڻ ضروري هو.
ڪي ٽي ايم (Kereta api –
Tanah – Malayu) کاتي جي ريلَ گاڏي پوري وقتَ تي ڪوالالمپور
جي ريلوي اسٽيشن ڇڏي. اها ڳالهه هتي جي ريلوي ڊپارٽمينٽ جي نيڪي واري خاني ۾ ڪريڊٽ
ڪري سگهجي ٿي. باقي سڄي رات گاڏيءَ ڇا ته لوڏا ڏنا! اڻانگا سامونڊي سفر ياد
اچي ويا. ٿي سگهي ٿو اهو ويل اسان واري
بوگي سان هجي جيڪا بلڪل آخر ۾ هئي. يا ٿي سگهي ٿو ان جا اسپرنگ/شاڪ آبزرور/يا جيڪو
سسٽم کي آرامده بنائڻ جو هجي، خراب هجي. بهرحال سفر جي هيءَ مائينس ــ پئائنٽ لکڻ
پڻ، ضروري سمجھان ٿو. ”متان ڪا اُڃَ مري ڏئي پاراتو پنهلَ کي“ وانگر متان ڪو پڙهندڙ
هن ٽرين ۾ سفر ڪري پوءِ مونکي پٽي. ان ڪري اڳواٽ ڪن کڻائڻ ضروري سمجھان ٿو. آن ــ
دي ــ هول، لوڏن جي ڳالهه درگذر ڪري باقي سفرَ جي تعريف ڪري سگهجي ٿي. ۽ ها. هڪ ٻي
ڳالهه! آڌي رات کان پوءِ نلن مان پاڻي پڻ آهستي آهستي ٿي ختم ٿي ويو هو. جنهن بعد
ماڻهو ڄڻ عمر ڪوٽ کان مٺيءَ پئي ويو ـــ لوڏا ڏيندڙ اٺَ تي.
صبح جو ستين بجي ڌاري بڪت مرتجام
اسٽيشن تي ٽرين پهتي. ٽڪيٽ چيڪر هڪ هڪ کي اٿاري ٽڪيٽ چيڪ ڪَئي. بڪت مرتجام کانپوءِ
سگهوئي پينانگ جي ريلوي اسٽيشن بٽرورٿ آئي، جتي سڄي ٽرين خالي ٿي. هاشم ڏند ڪڍي آڌر
ڀاءُ ڪيو. مطلب ته ايوري ٿنگ از اوڪي. ان
هوندي به پڪ ڪرڻ لاءِ پڇيومانس: ”ڪر خبر هلبو يا نه.“
”ها ٽڪيٽ به ملي ويئي پر هاتيائي (Hatyai) تائين جي.“
اي جرني ٽو ٿائيلينڊ ڪتاب تان کنيل
No comments:
Post a Comment