ڪوالالمپور شهر ۽ سلينگور رياست جا ڪجهه تواريخي سن ۽
دلچسپ ڳالهيون
الطاف شيخ
ويسٽ ملائيشيا يا Peninsular ملائيشيا واري ڌرتيءَ جو حصو جيڪو برما ۽ ٿائلنڊ کان پوءِ هيٺ سنگاپور
تائين وڃي ٿو، ان کي انگريزيءَ ۾ مشهور شاعر جان ملٽن پنهنجي ڪتاب Paradise Lost ۾ رومانوي انداز ۾ Golden Chersonese پڻ سڏيو آهي.
سؤ سالَ اڳ هن ملڪ جي آدمشماري فقط
اٺ لک به ڪا مس هئي ۽ بقول ڪنهن مسافر جي ملايا جي نه تواريخ پراڻي آهي، نه تهذيب
۽ نه وري ڪو ادبي خزانو. هن ملڪ ۾ نه ڪي وڏيون لڙايون لڳيون ۽ نه وري ڪي منجھس پراڻين
عمارتن جا متاثر ڪندڙ کنڊر آهن ـــ جيڪي دنيا جي ماڻهن جو پاڻ ڏي ڌيان ڇڪائين. پر
هن ملڪ جي جاگرافيائي بيهڪ اهڙي آهي جو چين ۽ ننڍي کنڊ جهڙن ٻن پراڻين تهذيبن وارن
ملڪ ڏي ايندڙ ويندڙ سامونڊي رستن جي وچ ۾ پوي ٿو. گڏيل هندستان کان ملئي ماڻهن دل
کولي مذهب، آرٽ، ادب ۽ رسم رواج جهڙيون شيون هٿ ڪيون. بعد ۾ جيتوڻيڪ ملئي مسلمان
ٿي ويا پر اڄ به هنن جون ڪيتريون ئي ريتون رسمون، سوڻ ساٺ هندڪا آهن. جهڙو هٿ ٻڌي
ملڻ، جادو منتر ۽ وسوسن ۾ وسواش ڪرڻ وغيره. شاديءَ جي ڪيترين ئي ريتن کان علاوه
ننڍي کنڊ جي زبانن: هندي، سرائڪي، تامل، بنگاليءَ جا ڪيترا ئي لفظ اڃا تائين ملئي
زبان ۾ هلندا اچن، جهڙوڪ: پرڌان منتري، پرتاما، پرٿوي، ڪيدائي، راجا، ورتا، وغيره.
انڊين کان علاوه چيني تهذيب جو پڻ هتي اونهو اثر آهي ـــ کاڌي پيتي کان وٺي عمارت
سازي ۽ ويس وڳي تائين.
هڪ پاسي کان ننڍي کنڊ ۽ عرب ملڪن
جا واپاري چوماسي (Monsoon) هوائن جي آڌار
تي پنهنجين ٻيڙين ۽ بتيلن ۾ چڙهي هندي عربي سمنڊ لتاڙي هتي آيا ٿي ته ٻئي پاسي کان
چيني پنهنجن ٻيڙن (Junks) ۽
بتيلن ۾ اتر اوڀر وارين چوماسي هوائن جي آڌار تي، ڏکڻ چيني سمنـڊ لتاڙي هتي اچي
نڪتا ٿي. هيءَ پندرهين صديءَ جي ڳالهه آهي جڏهن مرچ مصالن، سلڪ ۽ چيني مٽيءَ جي
ٿانون جو واپار اوج تي هو.
۽ پوءِ چار سؤ سالن بعد ڌارين ملڪن
جي ماڻهن کي هيڏانهن ايندي هيڪاندي گهڻي ڪشش ٿي. دور دراز کان ماڻهو، هتي جي ڀلي
زمين جي اپت حاصل ڪرڻ لاءِ اچي نڪتا ۽ ڪيترا هميشه جي لاءِ هتي جا ٿي ويا. دنيا جو
سڀ کان گهڻو رٻڙ، پام آئل، ٽين (قلعي) ۽ ناريل هتان نڪرڻ لڳو.
·
ملايا ـــ
جنهن کي هاڻ ملائيشيا سڏجي ٿو، ان جي وچ واري رياست سلينگور ۾، ڪوالالمپور (گپ
واري نديءَ جو منهن) نالي غيررومانوي نالي وارو شهر آهي. جيڪو ڏسندي ئي ڏسندي هڪ
سهڻو ۽ رومانٽڪ شهر بڻجندو وڃي. ڪوالالمپور هڪ سُست ۽ بيٺل ڳوٺ مان تمام تيز رفتار
سان دنيا جو وڏو شهر ٿيندو وڃي. هڪ پاسي ڪڪرن سان ڳالهيون ڪندڙ وڏيون وڏيون
عمارتون، ڇهن قطارن وارا رستا ۽ انهن مٿان هلندڙ B.M.W، وولو ۽ مرسيڊيز ڪارون آهن ته ٻئي پاسي دنيا جون ماڊرن هوٽلون
شيرٽن، حايات، هلٽن ۽ ڪانٽينينٽل وغيره، اسپتالون، ڪلب ٿيٽر، مندر، مسجدون، هوائي
اڏا ۽ ماڻهن سان سٿيل اسٽيڊيم ـــ لڳي ٿو ته رات اندر ڌرتيءَ جو پيٽ چيري هيڏو وڏو
شهر ٻاهر نڪري آيو آهي.
·
۱۷۶۶ع
ـــ هن سن ۾ بوگي (Bugi) قوم جي سردار
راجا لوموءَ (Raja Lumu) کي سلينگور
رياست جو سلطان ٺاهيو ويو. جنهن جي حڪم جي پيروي رعيت خوشيءَ سان ڪئي جو ملئي رسم
موجب کيس پيراق جي شاهي خاندان ان ڪم لاءِ مقرر ڪيو هو. پيراق خاندان جو شجرو
پندرهين صدي جي ملاڪا سلطنت جي حاڪم سان ملي ٿو.
·
۱۸۵۷ع ـــ راجا
عبدالله ٽين جي کاڻين جي کوٽائي ۽ ڳولا لاءِ پنهنجي خرچ تي ستاسي چيني مزور
گهرايا، جيڪي گومباڪ ۽ ڪلانگ ندين جي سنگم وٽ پهچي (جتي هينئر مسجد جامي آهي)،
ائمپنگ ڏي روانا ٿيا، جتي هنن کي کوٽائي لاءِ ٽين (Tin) ملي ويو. انهن ئي ڏينهن ۾ يورپ ۾ ٽين جو کپ هيڪاندو وڌي ويو، جنهن
لاءِ هنن کي ملايا ڏي ڏسڻو پيو ٿي. ملايا جي ڌرتيءَ اندر ٽين ته گهڻو ئي موجود هو
پر ان کي کوٽي ڪڍڻ لاءِ ماڻهن جي کوٽ هئي. کاڻين ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ گهڻي کان گهڻن
مزورن جي ضرورت پيئي ٿي، جيڪا ضرورت ڀر واري ملڪ چين پوري ڪئي ٿي. انهن ڏينهن ۾
چين ۾ھ سخت غربت هئي. پورهئي ۽ پئسي جو ٻڌي چين کان ٻيڙين پٺيان ٻيڙيون چيني ماڻهن
سان ڀرجي ملايا ۾ پهچڻ لڳيون. جن چينين وٽ هن سامونڊي سفر لاءِ ڀاڙو نه هو، اهي
سنگاپور، ملاڪا ۽ پينانگ جي بندرگاهن تي ضرورتمند واپارين کي چند ڊالرن ۾ وڪيا ويا
ٿي. کاڻين جي مالڪن، ڪم ڪندڙ مزورن لاءِ شراب، ڀنگ، ڏوڏي ۽ جوا جهڙيون شيون عام
ڪري ڇڏيون هيون ۽ پورهئي لاءِ آيل هي مزور انهن علتن ۾ اهڙو ڦاسي ويندا هئا جو
هميـشه قرضي رهندا هئا. هو جيتوڻيڪ اها اميد رکي ايندا هئا ته ڪجهه سال پورهيو
ڪري، پئسو ڪمائي واپس چين کڻي وڃبو. پر چين کان آيل هزارين ماڻهن لاءِ ملايا ئي
”هميـشه جي رهڻ لاءِ ملڪ“ ثابت ٿي ويو ۽ اڄ ڏينهن تائين سندن اولاد رهندو اچي.
مزورن جي نشي پتي لاءِ شراب جي
گهتن کان علاوه چڪلا پڻ هئا، جن جو کپ هيڪاندو گهڻو محسوس ڪيو ويو ٿي جو چين کان
مزوريءَ لاءِ جيڪي ايندا هئا سي سڀ زالن کي پٺيان ڇڏي ايندا هئا. نتيجي ۾ شهر ۾
رهندڙ رنڊين جي وڏي ڪمائي هئي ۽ هي ڌنڌو ايترو ته وڌي ويو جو ۱۸۸۰ع ۾ جڏهن انگريزن
پنهنجي سلينگور رياست جي گادي ڪلانگ کان ڪوالالمپور بدلائي ته ان وقت ڪوالالمپور ۾
موجود ۲۲۰ گهرن مان اڌ کان وڌيڪ رنڊين جا اڏا هُئا.
·
۱۸۶۸ع ـــ
چين جي حڪا (Hakka) قوم جو هڪ چيني
يپ آه لوآءِ (Yap-Ah-Loy) ڪوالالمپور جو
ٽيون ڪئپٽن چينا ـــ يعني هڪ قسم جو ميئر يا وڏيرو مقرر ٿيو. هن چيني همراهه جو
ڪوالالمپور کي وڌائڻ ۾ وڏو هٿ رهيو. کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ مزورن کان وٺي شراب ۽ جوا جي
اڏن تي ڪنٽرول رکڻ ۽ شهر جو چڱيءَ طرح
انتظام هلائڻ ۾ هن وڏو ڪردار ادا ڪيو. چوريءَ لاءِ ڳريون سزائون مقرر ڪيائين.
پهرين دفعي تي چور کي رسي سان ٻڌي شهر ۾ گهليو ويو ٿي. ٻئي دفعي تي هن جو ڪن ڪپيو
ويو ٿي ۽ ٽئين دفعي تي هن جوگلو ڪپيو ويو ٿي. نتيجي ۾ چوريءَ جون وارڌاتون بنهه
گهٽجي ويون.
يپ ۱۸۶۸ع کان وٺي ۱۸۸۵ع ۾ مرڻ
تائين ڪوالالمپور جو ڪئپٽن چينا ٿي رهيو. هو سترهن ورهين جي ڄمار ۾، چين جي گئانگ
ڊانگ (Guangdong) صوبي جي حڪا قبيلي
کان، پورهئي ۽ مزوريءَ لاءِ ملايا پهتو. سخت محنتي ۽ پورهيت مڙس هو. ڪيترا ئي
پورهيا ڪيائين. سور چارڻ ۽ وڪڻڻ کان وٺي باڊي گارڊ ٿي رهيو. پٽيواليءَ کان وٺي
ويندي آخر ۾ کاڻ جي مئنيجر تائين نوڪريون ڪيائين. هو سٺو ويڙهاڪ پڻ هو. پهرين
کاڻين جي علائقي جو ڪئپٽن چينا مقرر ٿيو. ان بعد، ايڪٽيهه سالن جي ڄمار ۾ سڄي
ڪوالالمپور جو طاقتور ترين ڪئپٽن چينا ٿي رهيو.
سلينگور جي شهري لڙائي بعد يپ،
ڪوالالمپور کي هڪ دفعو وري ٺاهيو. انهن ڏينهن ۾ ٽين جو واپار گهٽجي ويو هو، ان کي
وري وڌايائين ۽ ان ۾ پاڻ به سڀ ۾ وڏو امير ۽ واپاري ٿي ويو. ڪوالالمپور جو اڌ شهر
ته ڄڻ سندس هو. هن شهر ۾ امن امان رکيو. اسپتالون ۽ رستا ٺهرايا. ٽئڪس وصول ڪيا ۽
کاڻين جي جھيڙن جھٽن ۾ مئجسٽريٽ ٿي ڪم ڪيو. ڪوالالمپور کي ٺاهڻ ۾ عام طرح هن جو ئي
نالو کنيو وڃي ٿو.
·
۱۸۶۶ع کان
۱۸۷۳ع تائين هي اٺ سال سلينگور شهري لڙائي (Selengor Civil
War) کان مشهور آهن، جيڪا ٽين جي کاڻين تي قبضو
حاصل ڪرڻ لاءِ ملئي شاهي خاندان جي وچ ۾ هلي هئي. هن ۾ شهرين به حصو ورتو. چين جي
حڪا قوم ٻن حصن ۾ ورهائجي ويئي ۽ هڪ ٻئي جي مارڪٽ ڪندا رهيا. ڪئپٽن چينا يپ آه
راجا عبدالله جو پاسو کنيو. يپ دشمن جي هر ماڻهوءَ جو سر ڪپي، مارڪيٽ اسڪائر ۾
سندس گهر اڳيان آڻڻ تي پنجاهه ڊالرن جي آڇَ ڪئي ۽ سڄو ڪوالالمپور شهر ماڻهن ۽
گهوڙن جي لاشن جو ڍير ٿي ويو. ڌپ کي منهن ڏيڻ لاءِ جيڪو جتي لاش مليو ٿي ان کي اتي
ساڙيو ويو ٿي يا زمين اندر دفن ڪيو ويو ٿي. ايتريقدر خون خرابو ٿيو جو گهڻو پوءِ
هڪ انگريز ريزيڊنٽ پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته هن هڪ گهر ۾ ڦوهاري هيٺان انساني جانين
جا سورهن هڏائان پڃرا ڏٺا. بهرحال هن لڙائيءَ ۾ ڪوالالمپور جو سڄو شهر ڀڙڀانگ ٿي
ويو هو.
·
۱۸۷۴ع ـــ ملايا
۾ موجود انگريزن سلينگور رياست تي پنهنجو هٿ رکڻ لاءِ هڪ کيڏ کيڏي. انهن ڏينهن جي
گورنر سر ائنڊريو ڪلارڪ (Andrew Clarke) سلينگور
جي سلطان عبدالصمد کي سندس رياست ۾ انگريز ريزيڊنٽ رکڻ لاءِ زور ڀريو. نه مڃڻ تي
هن انگريز گورنر هڪ هٿ ٺڪيو ڌاڙي جو واقعو ٺاهي ان ۾ سلطان جي ماڻهن کي ڦاسائي نيٺ
پنهنجو مقصد حاصل ڪيو.
·
۱۸۷۵ع ـــ جيمس
گٿري ڊئوڊسن (Guthrie Davidson) سلينگور رياست
جو پهريون برٽش ريزيڊنٽ مقرر ڪيو ويو.
·
۱۸۸۰ع ـــ نئون
انگريز ريزيڊنٽ ڪئپٽن بلوم فيلڊ ڊگلس (Bloomfield Douglas) رياست
جي گاديءَ جو هنڌ ڪلانگ شهر مان کڻائي ڪوالالمپور ۾ آندو.
·
۱۸۸۱ع ـــ هن
سالَ جي شروعات ۾ ڪوالالمپور شهر جي چڱي حصي کي باهه ساڙي ڇڏيو ۽ سالَ جي آخري حصي
۾ وري اهڙيون ٻوڏون آيون جون هتي جا غريب پورهيت ترپٽ ٿي ويا.
·
۱۸۸۲ع ـــ فرئنڪ
سويٽنهام نئون ريزيڊنٽ مقرر ٿيو. ملايا جي تواريخ ۾ هيءُ تمام گهڻو مشهور آهي. هن
اچڻ سان گذريل سال لڳل باهه کان ٿيل نقصان صحيح ڪرايو. بچيل گهر نئينءَ سنئينءَ
پڪا ڪرايل. هنن جي ڏينهن ۾ ڪوالالمپور جا رستا ويڪرا ٿيا ۽ پنجن سالن اندر
ڪوالالمپور ۾ ۵۱۸ سرن ۽ ٽائيلن وارا گهر ٿي ويا. حڪومت طرفان پتالنگ اسٽريٽ چڪلن
لاءِ مقرر ڪئي ويئي. اهو فيصلو ڪيو ويو ته اخلاقي طرح جيتوڻيڪ چڪلن جو هجڻ غلط آهي
پر ڪوالالمپور جهڙي شهر ۾ جتي مردن جو تعداد عورتن کان ڏهوڻو وڌيڪ َ آهي، چڪلن جو
هجڻ تمام ضروري ڳالهه آهي ۽ پوءِ نه فقط چيني مزدور ۽ ٻي عام رعيت پر ۱۹۰۰ع جي
شروعاتي ڏينهن کان يورپي ۽ انگريز پڻ پتالنگ اسٽريٽ جي جپاني چڪلن ۾ نظر اچڻ لڳا.
انهن ڏينهن ۾ عام قسم جي چڪلن ۾ چيني، انڊين ۽ ٻيون لوڪل هونديون هيون. انهن کان
علاوه وڏن ماڻهن لاءِ جپاني چڪل هئا، جيڪي ڪجهه وڌيڪَ ٺٺ ٺانگڙ، ناز نخري ۽ ادائن
سان هلندا هئا. اهڙي ئي قسم جو هڪ جپاني چڪلو انهن ڏينهن ۾ ملاڪا ۾ به هوندو هو.
جنهن بابت انعام يافته ڊائريڪٽر امامورا(Shohei Imamura) اڄڪلهه ملاڪا ۾ انگريز فلم “The Diary of
Iheiji Muraoka” نالي ٺاهي رهيو آهي. بهرحال
چڪلن جي عام ٿيڻ جو نتيجو اهو نڪتو جو پوءِ ويهه پنجويهه سالن بعد شهر جا عام
ماڻهو ته هڪ طرف پر اڌ کان وڌيڪَ يورپي به باد فرنگ جهڙن موذي مرضن جو شڪار ٿي
ويا. ۽ پوءِ آخرڪار پنجاهه سالن جي وڇوٽيءَ بعد سن ۱۹۳۱ع ۾ ڪوالالمپور شهر جا
مڙيئي چڪلا غير قانوني ڪيا ويا.
·
۱۸۸۳ع ـــ ملايا
مان ايترو ته گهڻو ٽين نڪرڻ لڳو جو ٽين کان هي ملڪ دنيا جو پهريون نمبر مڃڻ ۾ آيو.
نه ته ان کان اڳ ڇهه سؤ سالن تائين اها حيثيت فقط انگلينڊ کي حاصل هئي.
·
۱۸۸۶ع ـــ ڪلانگ
۽ ڪوالالمپور جي وچ ۾ ريلوي لائين وڇائي ويئي ۽ هڪ پراڻي انجڻ ليڊي ڪلارڪ جي نالي
سان ۵۰ ڪلوميٽرن جي رفتار سان هلائي افتتاح ڪيو ويو. ۸۱ ورهين جي ملئي سلطان
عبدالصمد ان ۾ چڙهي بعد ۾ هي مشهور جملو چيو: ”ههڙي بهترين ڍڳي گاڏيءَ ۾ هن کان اڳ
مون ڪڏهن به سفر نه ڪيو.“
هن ريلوي لائين کي بعد ۾ هڪ پاسي
سنگاپور تائين ۽ ٻئي پاسي پينانگ تائين وڌايو ويو. ڪوالالمپور جي محل نما خوبصورت
ريلوي اسٽيشن جيڪا بعد ۾ (۱۹۹۱ع) ۾ ٺاهي ويئي، پراڻي زماني جي عمارت سازيءَ جو هڪ
مجسمو سمجھيو وڃي ٿو. سندس تازي مرمت ۽ وڌائڻ جو ڪم هن سال (۱۹۸۶ع) ۾ پڻ ڪيو ويو
آهي.
·
۱۸۸۸ع ـــ
الفرڊويننگ نالي هڪ سلوني پلانٽر ڪوالالمپور شهر جي ٻاهر واري دلدلي علائقي کي هڪ
خوبصورت باغ ۾ بدلڻ جي رٿ ڏني. ۽ پوءِ ستر هيڪٽرن جي هن باغَ کي ٺاهڻ ۾ هن کي ڏهه
سالَ لڳي ويا. اڄ اهو باغيچو Lake Gardens جي نالي سان
سڏجي ٿو ۽ جالان پارليمان ۽ جالان دمناسرا جي وچ ۾ آهي.
·
۱۸۹۰ع ـــ شهر جي سارَ سنڀال لهڻ ۽ شهرين کي صلاح سولي
ڏيڻ لاءِ ٽائون ڪائونسل ٺاهي ويئي، جهنهن کي ڪي ماڻهو سئنيٽري بورڊ به سڏيندا هئا.
ٽائون ڪائونسل ۾، شهر ۾ رهندڙ هر قوم جي ماڻهوءَ کي رکيو ويو ۽ ڪجهه قانونَ ٺاهيا
ويا. جن مان هڪ ته ڪوئي مٿان گاسليٽ هاري ساڙڻ تي بندش وڌي ويئي. انهن ڏينهن ۾ اها
هڪ عام ڳالهه هوندي هئي جنهن کي ”ڪوئي تي
ظلم“ عنوان هيٺ ڏوهه قرار ڏنو ويو.
·
۱۸۹۶ع ـــ ملئي
رياستن جي فيڊريشن (Federated Malay States) ٺاهي ويئي، جنهن ۾ پيراق، پهانگ، نگري سمبيلان ۽ چوٿين سلينگور
گڏجي هڪڙو ئي گاديءَ جو هنڌ ”ڪوالالمپور“ مقرر ڪيو. جيڪو انهن جي وچ ۾ آهي.
·
۱۸۹۷ع ـــ
ڪافيءَ جي واپار کي ڌڪ لڳڻ ڪري زميندارن جاگيردارن ڪافيءَ کي ڇڏي رٻڙ جي پوکَ تي
ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو. انهن ئي ڏينهن ۾ آٽوموبائيل انڊسٽري زور وٺي رهي هئي جنهن کي
رٻڙ جي ٽائرن جي ضرورت هئي ۽ ۱۹۲۰ ع تائين دنيا ۾ استعمال ٿيندڙ رٻڙ جو اڌ ملايا
کان وڃڻ لڳو.
·
۱۹۰۰ع ـــ ڪوالالمپور
۾ نشي لاءِ آفيم (Opium) جو واهپو تمام
گهڻو ٿيندو هو ۽ ۱۹۲۰ع تائين انگريزن جي ڪمائيءَ جو وڏو ذريعو ڏوڏيءَ تي ٽئڪس
اوڳاڙڻ مان هو. امير ۽ نالي وارا کاڻين جا مالڪ، ڏوڏي جو امپورٽ، ۽ منجھانئنس نشي
واريون شيون ٺاهڻ جو واپار ڪندا هئا. سندن چوڻ هو ته کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ مزورن کي جي
آفيم نه ڏبو ته هو ڇتا ٿي پوندا ۽ هنگاما پيدا ڪندا. بهرحال ٻي جنگ عظيم بعد ان تي
بندش وڌي ويئي.
·
نئين
صديءَ جي شروعات ۾ ڪوالالمپور ۾ رهندڙ مختصر يورپي ۽ انگريز ڪميونٽيءَ لاءِ هڪ
ڪلب، ڪرڪيٽ راند ۽ پرتڪلف ويس وڳا شروع ٿيا. وڏن ماڻهن جي گڏجڻ ۽ گپ شپ هڻڻ لاءِ
انگريزن پهريون ڪلب سلينگور رياست نالي “Selangor Club” شروع ڪيو. جيئن ڪراچيءَ ۾ سنڌ ڪلب سنڌ صوبي جي نالي سان آهي.
سلينگور ڪلب کي ڪي ماڻهو نفرت منجھان (Spotted Dog) چٽڪمرو ڪتو پڻ
سڏيندا هئا. جنهن پٺيان ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن. هڪ ڪهاڻي ته اها آهي ته پوليس
ڪمشنر جي زال شراب پيئڻ لاءِ هن ڪلب ۾ جڏهن ويندي هئي ته پنهنجا ٻه چٽڪمرا ڪتا
ٻاهر بيهاري ويندي هئي. پر ٻيا تواريخ نويس چون ٿا ته هن ڪلب تي اهو نالو نفرت ۽
حقارت جو اظهار ڪرڻ لاءِ لوڪل ماڻهن رکيو هو، جو انگريزن جي هن ڪلب ۾ فقط چونڊ
ايشين کي اچڻ ڏنو ويو ٿي ـــ جيڪي گهڻو ڪري سندن چمچاگيري ڪندا هئا يا ته وطن سان
غداري ڪري انگريزن جا پڇ لٽڪائو ٿي هلندا هئا. انگريزن اهو ساڳيو وهنوار پنهنجين
ٻين بيٺڪي راڄن ۾ پڻ رکيو.
سلينگور ڪلب اڄ به پنهنجي جاءِ تي
جالان راجا لائوت ۽ جالان حشام الدين جي وچ ۾ قائم آهي. ڀرسان پارليامان روڊ پڻ
وهي ٿو، جيڪو تن ڏينهن ۾ ڪلب روڊ سڏبو هو.
·
ڪيترن
انگريزن کي انهن ڏينهن ۾ اها ڳالهه ڌيان ۾ ويٺل هئي ته هن پاسي (Tropics) جي گرمي ۽ گهم انسان کي
جسماني توڙي ذهني طرح پست ڪري ڇڏي ۽ چئن سالن کانپوءِ هو سست، سودائي، ويسارو ۽
خودڪشيءَ لاءِ آماده ٿيو پوي. هنن کي پنهنجي ٿڌي ملڪ انگلينڊ وڃڻ لاءِ ته ڇهن سالن
بعد موڪل ملندي هئي، ان ڪري في الحال ٿڌي موسم جو سواد ۽ سڳنڌ ماڻڻ لاءِ هو ڪنهن
ڀرپاسي واري اتاهين ٽڪري (Hill-Station) تي هليا ويندا
هئا. جيئن ننڍي کنڊ ۾ انگريزن ڪيتريون ئي هل اسٽيشنون شملا کان ڪوهه مريءَ تائين پنهنجي سهوليت، سُک ۽ عياشيءَ لاءِ
ٺاهيون هيون. اهڙيءَ طرح هيڏانهن ڪوالالمپور جي ڀرپاسي ۾ فريزر (Fraser) هل ۽ ڪئمرون هاـءِ لئنڊس ٿڌي
موسم ۽ تفريح لاءِ تيار ڪيون ويون، جيڪي اڄ به ساڳين نالن سان مشهور آهن ۽ هاڻ
اهي جايون شهر جي رهاڪن ۽ ڌارين ملڪن کان
آيل ٽوئررسٽن جي وندر ۽ گهمڻ لاءِ آهن.
·
۱۹۰۹ع ـــ شهرين
۽ سلطانن جي هڪ فيڊريل ڪائونسل ٺاهي ويئي. جنهن مان اڳتي هلي ليجسليٽو ڪائونسل ۽
هاڻوڪي پارليامينٽ پيدا ٿي.
·
۱۹۲۰ع ـــ
مليريا جي آزار تي ڪجهه ڪنٽرول ڪيو ويو. هن پاسي مليريا جو آزار ايڏو وڌي ويو هو
جو هر سال ڪيترا ئي ماڻهو مليريا وگهي مري
رهيا هئا. ۱۹۰۰ع ۾ جيئن ان کوجنا
جي خبر گڏيل هندستان ۾ پيئي ته مليريا مڇرن مان ٿئي ٿي ته هتي ڪوالالمپور جي
واسطيدار عملدارن يڪدم ان معلومات مان فائدو وٺي شهر ۾ پکڙيل پاڻيءَ جا دُٻا بند
ڪرائڻ شروع ڪيا. گٽرن جا کليل منهن بند ڪيا ۽ ڪلانگ شهر جي چوڌاري جيڪي دلدلي
علائقا هئا، انهن جو گڏ ٿيل پاڻي سمنڊ ڏي نيڪال ڪري ڇڏيو يا مٿان مٽي وجھرائي
سڪائي ڇڏيو. نتيجي ۾ مليريا طرفان ٿيندڙ موت جو تعداد گهٽجي اڌ ٿي ويو.
·
۱۹۲۶ع ـــ
ڪوالالمپور ۾ گهڻي مينهن ڪري ڪلانگ نديءَ ۾ ايڏي ته اُٿل آئي جو ڪوالالمپور ۾ گوڏن
تائين پاڻي گڏ ٿي ويو. ڪيترين اهم آفيسن وارا سمپانن (بتيلن) ۾ چڙهي درين رستي
آفيسن ۾ پهتا ۽ ضروري ڪاغذ پٽ ۽ رڪارڊ بچايو. چارٽرڊ بئنڪ ۾ به ٻوڌ جو پاڻي اچي
ويو ۽ ڊالرن جا لکين نوٽ آلا ٿي ويا، جيڪي
پوءِ پاڊانگ (ميدان) تي فوجي سپاهين جي پهري هيٺ سڪايا ويا.
·
ان واقعي
کان پوءِ ڪلانگ نديءَ جي وهڪري لاءِ سڌو چئنل کوٽيو ويو ۽ پاسي کان ڀتيون (بند)
اڏيون ويون، جنهن کان پوءِ ٻوڏ ۾ ٺاپر اچي ويئي.
·
۸ ڊسمبر ۱۹۴۱ع
تي جپانين هڪ ئي وقت پرل هاربر، فلپين، هانگ ڪانگ ۽ ملايا تي ڪاهون ڪيون. ۱۱ ڊسمبر
تي ڪوالالمپور سندن هٿن ۾ چڙهيو ۽ ستر ڏينهن اندر سڄو ملئي اپٻيٽ ـــ سنگاپور سميت
هنن جي قبضي ۾ اچي ويو. انگريزن ـــ جن ملايا تي حڪومت پئي ڪئي، جپانين جي قبضي
بعد في الحال راڄڌانيءَ کان موڪل ڪري پنهنجو سر بچائڻ ۾ لڳي ويا. جپانين ملئي
سلطانن جي طاقت ۽ مالڪپڻو تسليم ڪيو ۽ کين سندن مذهب ۾ ڪنهن به قسم جي دخل اندازي
نه ڪرڻ جي گئرنٽي ڏني. جپانين چاهيو ٿي ته سرڪاري آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ عملدار پنهنجو
ڪم ساڳي نموني سان جاري رکن پر انگريز حاڪم بدران هاڻي جپاني شهنشاهه کي وڏو
سمجھن.
جپاني دور ۾، جنگ جي خرچ ۽ پئسي جي
کوٽ ڪري پگهار گهٽ رکيا ويا، جنهن ڪري پبلڪ
مارڪيٽنگ جهڙين شين ۾ سرڪاري ڪامورا توڙي جپاني فوجي ڦاسي ويا. ان کان
علاوه هڪ طرف گهرو پالتو جانور کائي کپايا ويا ته ٻئي طرف شهر جا ٻوٽا ۽ وڻ ڪپي
ناس ڪيا ويا. نتيجي ۾ چوڌاري مڇرن ۽ مکين جو راڄ
ٿي ويو ۽ مليريا وڌي ويئي. شهر جي عمارتن کي ان دوران ڪو نقصان نه رسيو ـــ
سواءِ ريلوي ورڪشاپ ۽ ميوزيم واري عمارت جي ـــ جن تي انگريزن، ڪوالالمپور کي واپس
وٺڻ جي ڪوشش ۾ حملي وقت بمباري ڪئي هئي.
·
۱۹۴۵ع ـــ
جپانين آڻ مڃي ۽ انگريز وري موٽي ماڳ آيا. پر انگريزن جي پهچڻ کان اڳ ملئي ڪميونسٽ
Mpaja ـــ جن جپان جي فوج خلاف پارٽي ٺاهي هئي،
اهي جنگلن مان ٻاهر نڪري آيا ۽ جپانين کان
هٿيار ڦري سوڀ جو شان پنهنجي مٿي کڻڻ لڳا. جيسين انگريز موٽيا تيسين هي
پبلڪ ڏڪائيندا رهيا.
·
۱۹۴۶ع ـــ
انگريزن سڄي ملڪ ۾ رهندڙ چيني انڊين ۽ ملئي ماڻهن کي هڪ برابر حق ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر
ملئي ماڻهو جيڪي هتي جا اصل رهاڪو آهن، تن کي اها ڳالهه ڏکي لڳي ۽ هنن کي اهو
احساس ٿيڻ لڳو ته ڌاريان ماڻهو، هن ملڪ ۾ پوءِ اچي، سندن حقن تي ڌاڙا هڻي رهيا
آهن. هنن پهريون دفعو ان جي خلاف وڏي آواز ۾ اعتراض ورتو. يونائيٽيڊ ملئي نيشنل
آرگنائيزيشن (UMNO) جي جھنڊي هيٺ
هو گڏ ٿيا.
·
۱۹۴۸ع ـــ عمنو (Umno) پارٽيءَ جي همت سان ملايا فيڊريشن ٺاهي
ويئي، جنهن ”ملئي سلطان“ کي حڪومت جا اختيار ڏنا. ملئي ماڻهن کي خاص شهري حيثيت ۽
باقي پوءِ جي آيل غير ملئي ماڻهن کي محدود شهريت جا حق ڏنا.
·
۱۹۴۸ع کان ۱۹۶۰ع
تائين ـــ ملئي ڪميونسٽ پارٽي سڄي ملڪ ۾ هنگاما برپا ڪندي رهي. هڙتالون، گوڙ
گمسان، خونريزيون، ۽ جيسين ڪميونسٽ جهل ۾ اچن تيسين ڏهه هزار کن شهري مارجي ويا.
ملڪ ۾ ايمرجنسيءَ جو اعلان ڪيو ويو.
·
۱۹۵۷ع ـــ ملايا
کي مرديڪا (آزادي) ملي. تنڪو عبدالرحمان ملڪ جو پهريون پرائيم منسٽر بڻيو.
·
۱۹۶۳ع ـــ
ملائيشيا نالي نئين ملڪ جنم ورتو. جنهن ۾ ملايا، سنگاپور، سرواڪ ۽ صباح اچي ويو
ٿي. گاديءَ جو هنڌ ڪوالالمپور ئي رهيو.
·
۱۹۶۵ع ـــ
سنگاپور کي ملائيشيا کان ڌار ڪيو و يو.
·
۱۹۶۹ع ـــ
اليڪشن دوران چيني ۽ ملئي ماڻهن جا جھڳڙا ايڏا ته وڌي ويا، جو هڪ دفعو وري
ايمرجنسيءَ جو اعلان ڪرڻو پيو. تن عبدالرزاق کي نئون پرائيم منسٽر بڻايو ويو.
·
۱۹۷۱ع ـــ نئين
ايڪانامڪ پالسي ٺاهي ويئي، جنهن موجب ڀومي پترن Bumiputra (ملئي لفظ پر اصل سنسڪرت مان ورتل. معنيٰ ڌرتيءَ جا پٽ (Sons of Soil) کي ۱۹۹۰ع تائين نوڪري، واپار ۽ ٻي ملڪيت ۾
وڌيڪ حق ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
·
۱۹۷۴ع ـــ
ڪوالالمپور شهر کي باقي سلينگور رياست کان ڌار رکي کيس فيڊريل علائقو قرار ڏنو
ويو.
·
انگريزن
جي ڏينهن ۾ رستن تي رکيل نالن مان اڃا تائين ڪجهه ڪجهه ساڳيا آهن. جهڙوڪ: جالان
واٽسن، جالان برڪفيلڊ، اسٽريچن وغيره. پر ڪيترا بدلايا ويا آهن. خاص ڪري انهن
ڏينهن جي انگريز حاڪمن جا نالا مٽائي ملئي سلطانن ۽ شاهي خاندانن جي ماڻهن جا نالا
رکيا ويا،. مثال طور برچ (Birch) روڊ جو نالو،
جيڪو انگريز ريزيڊنٽ نالي هو، جنهن کي پيراق ۾ ۱۸۷۵ع ۾ قتل ڪيو ويو هو، هاڻ هن جي
نالي بدران مهاراجا ليلا (Lela) نالي ڪيو ويو
آهي ـــ اهو ماڻهو جنهن انگريز ريڊيڊنٽ برچ کي مارڻ جو حڪم ڏنو.
·
ڪوالالمپور
۾ پراڻي زماني جي عمارتن مان Le Coq dor پڻ هڪ آهي،
جيڪا ائمپنگ روڊ تي آهي. انگريزن جي ڏينهن ۾ ٺهيل هڪ امير چينيءَ جو هي محل نما
گهر اڄڪلهه ريسٽورنٽ طور ڪم اچي ٿي. سندس بيهڪ ۽ نقشو ساڳيو ئي اهو آهي جيڪو ٺهڻ
وقت هو. عمارت جو مالڪ مسٽر چئا ـــ چينگ ـــ باڪ (Chua-Cheng-Bok) پنهنجي وصيت نامي ۾ لکي ويو ته سندس ٺهيل هيءَ عمارت نه وڪي وڃي ۽
نه وري ان ۾ ڪا ڦير ڦار آندي وڃي.
ڪوالالمپور ۾ ايندڙ هر ٽوئرسٽ کي
هيءَ عمارت نمايان لڳي ٿي ۽ هن عمارت سان وابسته پيار جو قصو ٻڌي ٿو. ”مسٽر چئا
جڏهن نوجوان هو“ قصو ڪجهه ان ريت بيان ڪيو وڃي ٿو ته: سندس ڪنهن ڇوڪريءَ سان عشق
ٿي ويو پر جيئن پاڻ غريب هو، ان ڪري سندس محبوبا جي پيءُ کيس سندس ڌيءَ سان شادي
ڪرڻ نه ڏني. غيرت ۽ جوش ۾ اچي هن سخت محنت ڪئي ۽ شهر جو امير ترين رئيس بڻجي ويو.
پوءِ پنهنجي محبوبا جي پيءُ کي ڏيکارڻ لاءِ سندس گهر جي ڀرسان هيءَ عمارت ٺهرائي
جيئن محبوبا جي گهر مٿان آڏ ڪري بيهي ۽ چيني عقيدي موجب بخت جي ديوتا کي محبوبا جي
گهر اچڻ کان روڪي. (ياد رهي ته چيني گهر يا قبر ڪوشش ڪري کلئي ۽ مٿاهين ميدان تي
ٺهررائيندا آهن، جيئن بخت جا ديوتا سندس گهر ۾ ۽ رحم جي ديوي قبر تي ايندي رهي).
مٿيون قصو جيڪو ڪوالالمپور جي
هوٽلن جي بئرن ۽ ٽئڪسي ڊرائيور جي وات تي هوندو آهي، ان جي حقيقت بابت جڏهن هن
عمارت جي انچارج کان پڇيم ته هن مرڪندي چيو: ”اهڙي ڪا ڳالهه يا ڪهاڻي ناهي. سڀ هٿ
جا گهڙيل قصا آهن.“
انهي ئي روڊ تي يعني جالان ائمپنگ
تي اڄڪلهه جون ڪجهه ماڊرن عمارتون پڻ آهن. هوٽل منگ ڪورٽ، Wisma mpa بي ايم ايف پلازا، انگڪاسا رايا بلڊنگ وغيره. (Angkasa – Raya) عمارت ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي هوائي ڪمپنين
جون آفيسون پڻ آهن. ٿورو اڳتي پاڪستان ايمبسيءَ جي عمارت آهي، جيڪا پراڻي آرڪيٽڪٽ
کان مشهور آهي ۽ ايندر ويندڙ جي نگاهن جو مرڪز رهي ٿي. چيو وڃي ٿو ته اها عمارت ۱۹۵۸ع
۾ تنهن وقت جي پاڪستاني سفير جناب شير علي خان جي ذاتي ڪوششن ۽ ذاتي مالي مدد جو
نتيجو آهي جو اها هميشه لاءِ خريد ڪئي ويئي. پاڪستان ايمبسيءَ جي سامهون ديوان
تنڪو عبدالرحمان جي عمارت آهي، جيڪا پڻ پراڻين عمارتن مان هڪ آهي.
·
ڪوالالمپور
شهر مان لنگهندي پهريون ڏينهن ئي هڪ اهڙي عمارت نظر آئي، جنهن جي ٻاهرين بائونڊري
واري ڊگهي ڀت تي آرٽ جو ڪم نظر آيو ”ڇا ٿي سگهي ٿو؟“ ڪوالالمپور ۾ ايندڙ هر نئون
ماڻهو هن عمارت بابت سوچي ٿو جنهن جي ٻاهرين ڀت ايڏي ڊگهي ۽ اتاهين آهي ۽ اها آرٽ
جو خوبصورت ڪنواس آهي. ڪو آرٽس ڪاليج، يونيورسٽي، کليل ٿيٽر، ريلوي اسٽيسن يا ڪا آرٽس
ڪائونسل جهڙي شيءِ؟ نه.
·
شهر جي وچ
۾، پودو روڊ تي، آرٽ جي شاهڪار ڀتين واري هيءَ عمارت هتي جو جيل خانو آهي. ڪوالالمپور
جي هن Pudu Prison جو نالو ۱۹۸۶ع ۾ دنيا جي رڪارڊن واري ڪتابGuinness
Book of Record ۾ پڻ اچي چڪو آهي. هنن سجايل ڀتين ڪري، پودو
جيل جي اڍائي سؤ ميٽر (يعني چوٿو ڪلوميٽر کن) ويڪرين ڀتين تي آئل ڪلر سان چٽ گل
نڪتل آهن. هن کان سال کن اڳ هنن ڀتين تي هڪ يڪي تصوير (Mural) هئي ۽ ان وقت، ان ڪري، هي جيل دنيا جي ڊگهي تصوير کان پڻ مشهور هو. اها تصوير
هڪ ٽراپيڪل نظارو هو. سمنڊ جو ڪنارو، ڪناري وٽ ٻيڙيون ۽ ناريل جا ڊگها وڻ، آسماني
رنگ جي اُڀ ۾ مينهن سان ڀريل چانديءَ جي ڪنار وارا گهاٽا ڪڪر، ڪاٺاڻا گهر ۽ ڪکائون
جهوپڙيون وغيره هيون. اها تصوير چئن قيدين گڏجي ٺاهي هئي. چيو وڃي ٿو ته اها تصوير
ٺاهيندي ٺاهيندي اهي قيدي ڀڄي ويا هئا.
·
دنيا جي
رڪارڊن وارو مٿيون ڪتاب جيڪو هينئر تازو ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو آهي، تنهن جي ٻاهرين
ڪور تي پاڪستان جي عالم چنا جي تصوير پڻ
آهي، جيڪو اڄڪلهه دنيا ۾ قداور ترين انسان مڃيو وڃي ٿو. وڏي لئه عالم چنا جي. جنهن شهر جي جنهن وڏي
بڪ شاپ ۾ وڃ ته سامهون گنيس بڪ آف رڪارڊ جي نئين اشاعت ٽنگي پيئي آهي جنهن جي
ٽائيٽل ڪور تي عالم چنا جي تصوير آهي. ڪوالالمپور، ملاڪا، اپوح ۽ پينانگ کان
سنگاپور، منيلا، بئنڪاڪ جڪارتا جي جنهن به وڏي يا ننڍي دڪان ۾ گهڙ ته عالم چنا
سامهون. اسان به جنهن تنهن کي اهو ٻڌائي ته اسان جي ڀر واري ڳوٺ جو آهي، پنهنجي
لئه رکندا آهيون. يعني ”گهوٽ جي ماءُ نه سهي گهوٽ جي پڦي ته ٿياسين“ وارو مثال
ٿيو. بقول سنگاپور جي هڪ چيني ليکڪ مسٽر اين آءِ لو (Low) جي: ”پاڻ اهم ٿيڻ بدران ڪنهن اهم انسان جو چاچو مامو يا ڳوٺائي ٿيڻ ۾
وڌيڪَ مزو آهي. ٻئي جي بهاني سان پنهنجو پاڻ کي پڏائي سگهجي ٿو.“ ۽ جيئن هتي جا
چيني ڳالهه ڳالهه ۾ چوندا ته فلاڻو مشهور چيني همراهه (آرٽسٽ، سياستدان، فلم
ائڪٽر) چين جي ان صوبي سنڪيانگ، هونان، ڪينگسي يا فوڪين جو آهي، جنهن مان اسين
آهيون. تيئن گهٽ ۾ گهٽ هي سال اسان به عالم چنا جي تصوير ڏي اشارو ڪري فخر سان چئي
سگهون ٿا ته هي دنيا جو ڊگهو ماڻهو پاڪستان جي ان صوبي مان آهي جنهن سان اسان جو
تعلق آهي. هونءَ باءِ دي وي قدرت اسان کي تيل سان اڃا کڻي چڱيءَ طرح نه نوازيو آهي
پر اهو به چڱو جو عالم چنا، عمران، جهانگير خان، مولانا مودودي ۽ ذوالفقار علي ڀٽي
جهڙن ماڻهن ڪري اسان جي ملڪ جي سڃاڻپ سڄي دنيا ۾ ٿي رهي آهي. ذاتي نظريو ڪنهن جو
ڪنهن لاءِ کڻي ڪهـڙو به هجي. اهڙي طرح ٻئي نمبر تي مائي نور جهان، جهازن واري سيٺ
سپيرا جي مڱيندي سلما آغا، ڊاڪٽر عبدالسلام جهڙا آهن ــ جن کي سڄي دنيا کڻي نه پر
دنيا جا مختلف علائقا: سنگاپور، ملائيشيا، ٿائلينڊ، برما ۽ بنگلاديش، يا عرب
رياستون ۽ عربستان، يا يورپ جا ملڪ سڃاڻن ٿا.
·
ملائيشيا
جي مرديڪا (آزادي) واري ڏينهن تي ڪوالالمپور ۾ وڏي پريڊ ٿيندي آهي، جنهن ۾ فوج،
پوليس، اسڪول، ڪاليج کان وٺي فئڪٽرين، ڪارخانن، هوائي اڏن ۽ بندرگاهن ۾ ڪم ڪندڙ
ماڻهو حصو وٺندا آهن. مٿئين ڪتابَ ۾ گذريل سال جي ان پريڊ جو پڻ رڪارڊ آهي، جنهن ۾
فقط بئنڊ اڍائي هزار ماڻهن وڄائي.
·
مسٽر،
مسز، جناب، محترم، محترمه، الرئيس، اخي، سان ــــ اهي مختلف لقبن مان ڪجهه آهن،
جيڪي مختلف ملڪن ۾ عورتن يا مردن جي نالن
سان گڏ استعمال ڪيا وڃن ٿا. اهڙيءَ طرح ملائيشيا ۾ مرد جي نالي اڳيان انچڪ Encik لکيو وڃي ٿو. يا رڳو En. (جيئن انگريزيءَ
۾ مسٽر بدران رڳو Mr).
·
ملائيشيا
پهچڻ تي پنهنجي نالي اڳيان EN ڏسي تعجب لڳم
ته هنن کي ڪيئن خبر پيئي ته آئون انجنيئر آهيان، جنهن جو شارٽ فارم ڪيترن ئي ملڪن
۾ EN لکيو وڃي ٿو. پر پوءِ جلد ئي ڄاڻ پئجي ويئي
ته اها EN ملئي لفظ انچڪ جي آهي، جنهن
جي معنيٰ جناب يا مسٽر سمجھڻ کپي. شادي شده عورت لاءِ هتي (Puan) پئان ۽ ڪنواري ڇوڪريءَ لاءِ (Cik) چڪ لفظ استعمال ٿئي ٿو. ملئي زبان ۾ “C” چ لاءِ استعمال ٿئي ٿي.
·
هڪ دفعي
هتي جي ملئي اخبار ۾ بينظير ڀٽي جي آيل تصوير ڏي هڪ دوست ڌيان ڇڪايو. فوٽي هيٺان
ملئي زبان ۾ لکيل هو: ”بينظير بنت الله يا رحم ڀٽو“ مون پنهنجي دوست کي چيو ته
هن ملئي اخبار وارن غلط لکيو آهي. بينظير الله يا رحم ڀٽو جي نه پر شهيد ذوالفقار
علي ڀٽو جي ڌيءَ آهي.
”پر هو جيئرو ڪٿي آهي؟“
”ڇا مطلب؟“ مون پڇيو مانس.
”توهان گذاري ويل ماڻهوءَ جي نالي
اڳيان ڇا لکندا آهيو؟ هن پڇيو.
”مرحوم، جيڪو توهان پڻ لکو ٿا.“
مون وراڻيومانس. ”ها. پر اسان وٽ مرحوم بدران الله يا رحم گهڻو استعمال ٿئي ٿو، خاص
ڪري شهيد لاءِ.“ هن ٻڌايو.
بهرحال مونکي ان لفظ جي ان وقت خبر
پيئي نه ته پهرين ان کي نالو سمجھندو هوس، جيئن اسان وٽ سنڌ ۽ پنجاب ۾ ان سان
ملندڙ جلندڙ نالا عام آهن: جيئن ته: الهه
ورايو، الهه وڌايو، الهه بچايو، الهه ڏنو وغيره وغيره .
·
ڪوالالمپور شهر کان ٿورو ٻاهر تي، شاهه عالم شهر وٽ
تازو هن سال هڪ وڏي مسجد ــــ مسجد سلطان صلاح الدين نالي ٺهي راس ٿي آهي. هيءَ
مسجد هن پاسي سڀ کان وڏي گنبذ واري مسجد آهي، جيڪو ٻيانوي ميٽر اتاهون آهي ۽ سندس ڊاياميٽر
ايڪونجاهه ميٽر آهي ــــ يعني لنڊن ۾ جيڪو سينٽ پال ڪئٿيڊرل آهي ان کان به وڏو
گنبذ ٿيو. منهنجي خيال ۾ دنيا جي ڪنهن به مسجد، مندر، درگاهه، مقبري، گرجا گهر،
ٽڪاڻي جو ايڏو وڏو ۽ مهانگو گنبذ نه هوندو.
·
جپانين جي
قبضي دوران جپاني، ملائيشيا جي ريلوي جا پٽا، ڪيترن هنڌن تان پٽرائي برما کڻائي
ويا، جتي بدنام ”سيام ـــ برما“ ريلوي لائين ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪيائون. جنهن بابت The
Bridge on the River Kawai ڪتاب آهي ۽ ساڳي نالي تي مشهور فلم پڻ ٺاهي ويئي، جنهن ۾ اليڪ گينس Alec-Guinness ڪم ڪيو آهي.
·
ملائيشيا
۾ ”توڪئي“ (Tokawy) ۽ ”چيتيز“ (Chetties) لفظ ٻڌڻ ۾ ايندا. توڪئي چيني وڏي واپاري يا
سيٺ کي سڏجي ٿو. پر اهو نالو اصل چينين لاءِ آهي. باقي Chetties ڏکڻ هندستان کان آيل انڊين جي هڪ ذات آهي، جيڪي وياج تي پئسا ڏيڻ
جو ڪم ڪن ٿا. انگريزن جي حڪومت جيئن ئي هن پاسي (ملائيشيا ۽ سنگاپور) ڏي وڌي ته هو
هنن سان گڏ هيڏانهن آيا ۽ هن ڌنڌي تي تڏهن کان وٺي سندن ئي قبضو ۽ هڪ هٽي هلندي
اچي. ڪيترن سالن تائين ماڻهن کي ڇٽيهه سيڪڙو وياج تي اوڌر ڏيندا رهيا. ۽ هو ان
ڌنڌي کي ايڏو وڌائيندا ويا جو ۱۹۳۰ع تائين مشهور ٿي ويو ته انهن چيتين ڏهه ڪروڙ
ڊالر وياج تي هلايا آهن جيڪا انهن ڏينهن ۾ وڏي دولت هئي. ڳري وياج ڪري ماڻهن جون
زمينون ۽ ٻيون ملڪيتون گروي ٿينديون ويون.
حڪومت جڏهن ڏٺو ته هتي جا اصلوڪا رهاڪو ملئي ۽ ٻيا وڃن ڏينهون ڏينهن غريب ٿيندا ۽
زمينون کسائيندا ته هنن کي ان ڏس ۾ ڪجهه ڪرڻو پيو. پوءِ سرڪاري طرح قاعدا قانون
ٺاهي ان ڌنڌي کي گهٽايو ويو. ڪوالالمپور توڙي سنگاپور ۾ اڄ به هي چيني وياج تي قرض ڏيڻ ۽ ڪميشن تي غير
ملڪي ناڻو مٽي ڏيڻ ۾ مشغول نظر ايندا.
·
سمرسٽ
ماهم جي پڙهندڙن سندس مشهور افسانو The Letter ضرور پڙهيو
هوندو. هيءَ ڪهاڻي ان مشهور اسڪئنڊل بابت لکيل آهي جيڪو هتي ڪوالالمپور ۾ ٿيو. ۱۹۱۱ع
۾ ڪوالالمپور جي هڪ بهترين اسڪول وڪٽوريا انسٽيٽوشن جي ائڪٽنگ هيڊ ماسٽر جي گوري
زال مسز ايٿل پرائوڊ لاڪ (Ethel Proud Lock) هڪ يورپي
همراهه کي گولي هڻي ماري رکيو. جنهن لاءِ پوءِ هن جو چوڻ هو ته هو ساڻس زوريءَ زنا
ڪرڻ لاءِ سندس گهر ۾ گهڙي آيو هو.
·
قانوني
تحقيقات موجب اهو ماڻهو ــــ جيڪو ڪنسلٽنٽ انجنيئر هو، مسز پرائوڊ لاڪ جو ٺهيل يار
نڪتو. حقيقت جي ته پوءِ آخر تائين خبر پئجي نه سگهي پر ڪورٽ مسز پرائوڊ لاڪ کي
ڏوهاري ٺهرائي ڦاسيءَ جي سزا ٻڌائي. ان بعد ڪوالالمپور ۾ رهندڙ يورپي ماڻهن ــــ
جن کي اها ڳالهه نه وڻي، چڱو ٻائيتال مچايو ته مائي بيگناهه آهي. بهرحال سلينگور رياست
جي سلطان رحم جي درخواست منظور ڪري ڦاهيءَ جي سزا رد ڪري عمر قيد جي سزا قائم ڪئي،
جنهن لاءِ مسز پرائوڊ لاڪ کي في الحال
انگلينڊ روانو ڪيو ويو.
سمرسٽ ماهم جي ڪهاڻيءَ ۾ ڪورٽ
طرفان زال کي بي ڏوهي ثابت ڪيو وڃي ٿو ۽ اهو خط جيڪو هن کي ڏوهاري قرار ڏئي ها ان
کي ضايع ڪيو وڃي ٿو. سمرسٽ جي هن افساني تي هالي ووڊ وارن فلم به ٺاهي هئي، جنهن ۾
بيٽي ڊئوس (Bette Davis) ڪم ڪيو آهي.
·
گذريل اڌ
صدي کان وٺي، رکي رکي هتي جي زالن کي هڪ تيل هاڻو ماڻهو (Orang Minyak) نظر اچي ٿو. (ملئي زبان ۾ Orang معنيٰ: ماڻهو ۽
Minyak معنيٰ: تيل) ۽ پوءِ ان بابت ڪجهه ڏينهن لاءِ
اخبارن ۾ سُرخيون هونديون آهن. هي تيل-هاڻو ماڻهو ڪوالالمپور ۾ گهڻو ڪري جالان
امبي (Imbi) تي نظر اچي ٿو.
نه فقط ڪوالالمپور ۾ پر سڄي ملائيشيا ۽ سنگاپور جي عورتن جي بيڊ رومن تي هو ڇانيل
آهي. همراهه کي فقط چڍي هوندي آهي. هن جو سڄو جسم تيلَ سان ڀريل هوندو آهي. هو
سوڙهو ٿي ڪنهن چير يا سوراخ ۾ به هليو وڃي ٿو ته پنهنجي شڪل بدلائي ڏيڏر، ڪوئو،
ڇڇوندر به ٿيو وڃي. ڪن جو اهو خيال آهي ته هن جي مٿان ٿائلنڊ جي جادوءَ جو اثر
آهي، جنهن ڪري هو مردن کي نظر نٿو اچي. هن کي فقط عورتون ئي ڏسي سگهن ٿيون. هو
ڇوڪرين سان هٿ چراند ڪري ٿو، چوريون ڪري ٿو ۽ سڄي علائقي ۾ ڏهڪاءُ مچائيندو رهي
ٿو. اسان کي به هتي ٽي چار سال ٿي ويا آهن. پيا اخبارن ۾ پڙهون، پر همراهه اڃا نٿو
جھلجي. شايد تيل هاڻو هجڻ ڪري جھلڻ وارن جي هٿن مان ترڪيو وڃي.
·
مٿيون قصو
ڪجهه ڪجهه ائين آهي، جيئن ڪراچيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڊرگ روڊ تي آڌي رات کان پوءِ هڪ
ڇوڪري فقط مردن کي نظر ايندي آهي.
·
ملائيشيا
۾ گوري همراهه کي گهڻو ڪري مت ــــ صالح (Mat-Salleh) سڏيو وڃي ٿو، جيڪو انگريزي لفظ Mad
Sailor (پاڳل جهازي) مان نڪتل آهي. اهو نالو پهرين
انگريز جهازين تي رکيو ويو هو، جيڪي بندرگاهه ۾ پهچي هٿن مان نڪري ويندا هئا. مغرب
جي ماڻهن کي جن نالن سان سڏيو وڃي ٿو، انهن مان سڀ کان گهڻو مشهور Orang-Putih آهي. (ورانگ معنيٰ ماڻهو ۽ پوتيح معنيٰ سفيد، اڇو ـــ يعني ڀورو
ماڻهو.)
·
آفريڪا يا
آمريڪا جي شيدين کي هتي Gagak معنيٰ ڪانگ
سڏيو وڃي ٿو ــــ جيئن پاڻ وٽ ڏاڏو حبشي يا بلال سڏيو وڃي ٿو. ملائيشيا ۾ ٻيو نالو
جيڪو ٻڌڻ ۾ ايندو، اهو آهي Kawai-Lo اهو چيني لفظ آهي
جنهن جي معنيٰ آهي ڌاريون شيطان. اهو انهن چينين تي رکيو ويو آهي، جيڪي ڌارين ملڪن
(چين، تائيوان، هانگ ڪانگ) جا چيني هتي رهيل آهن. پر اهو نالو هميشه خراب رنگ ۾
استعمال نٿو ڪيو وڃي. جيئن ننڍي کنڊ ۾ ڪانگ هميشه گدلي ماڻهوءَ لاءِ استعمال نٿو
ٿئي. ڏاهي کي پڻ ان نالي سان سڏيو وڃي ٿو. يا جيئن چٻ، چٻرو يا ”اُلو ڪا پٺا“ لفظ
ننڍي کنڊ ۾ خراب مفهوم ۾ استعمال ٿين ٿا پر يورپ ۾ چٻرو عقلمند ماڻهوءَ کي چئي
سگهجي ٿو.
·
ملائيشيا
۾ ”ٽاڊي ــــ بار“ اهي ننڍڙا دڪان آهن جتي اوچي يا ولايتي شراب بدران ناريل جي وڻ
جي رس (Sap) ــــ جيئن کجيءَ
جي وڻ جي ”تاڙي“ ٿئي ــــ پنجاهه سٺ سينٽ ۾ گلاس وڪامي ٿو. ان سستي شراب کي
”ملائيشين شئمپين“ پڻ سڏيو وڃي ٿو ته ”غريب ماڻهوءَ جي ڊرنڪ“ پڻ. اهي بار ملائيشيا
جي مختلف شهرن ۾ انگريزن جي ڏينهن ۾ کوليا ويا هئا، جيئن گهاٽن ٻيلن ۽ جھنگلن ۾ ڪم
ڪندڙ غريب تامل هارين کي پيئڻ لاءِ سستو شراب ملي سگهي. سڄي ملائيشيا ۾ ههڙا ٻه سؤ
کن بار آهن، جن مان اٺ ڪوالالمپور ۾ آهن.
·
ناريل جو
وڻ جيئن ئي گل ڏيڻ وارو هوندو آهي، ته ميوي واري شاخ کي چيهڪ ڏيئي ان مان ٽمندڙ رس
ٽڀي ۾ گڏ ڪئي ويندي آهي. جيئن ته هيءَ رس اُس جي ٽڙڪي تي يڪدم کٽي (Fermented) ٿيو وڃي، ان ڪري مٺي سواد لاءِ جيترو جلد ٿي
سگهي (ڏهين يارهين کان اڳ) پي ڇڏجي.
·
منهنجي
خيال ۾ ملائيشيا دنيا جو اهڙو ملڪ آهي، جنهن جا سڀ کان گهڻا شاگرد ٻاهرين ملڪن ۾
تعليم وٺن ٿا. کين پئسو به آهي ته تعليم لاءِ تانگهه به. جيتوڻيڪ حڪومت هاڻ هر قسم
جا ڪاليج يونيورسٽيون ملائيشيا ۾ ٺاهيندي وتي ۽ ساڳي وقت ٻاهر تعليم وٺڻ کان
دلشڪستو به ڪري پئي ته به ڪافي ڇوڪرا آسٽريليا، نيوزيلينڊ، انگلينڊ ۽ آمريڪا پڙهڻ
لاءِ ويندا رهن ٿا. جن ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جا اشتهار هتي جي اخبارن ۾ اڪثر نظر اچن ٿا. ان کان علاوه هانگ
ڪانگ، سنگاپور ۽ انڊيا جي ڪاليجن جا پڻ اشتهار هوندا آهن. انڊيا جي هڪ ميڊيڪل
ڪاليج جو تمام گهڻو اچي ٿو جنهن جي سالياني ٽيوشن في لک رپيا کن آهي. آمريڪا ۽ آسٽريليا پاسي ته اڃا به ڳرا خرچ آهن.
اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ڪيترا ئي ملائيشيا
جا شاگرد انگلينڊ ۽ آمريڪا جي اهڙن ٺڙڪو قسم جي ڪاليجن ۾ به هليا وڃن ٿا جيڪي اتي
جي يا هتي جي تعليم کاتي طرفان تسليم شده نه
آهن. پاڻ ۽ مائٽ خوش ته اجهي ٿا ڊگريون وٺي هو ڊاڪٽر انجنيئر ٿين. پر پوءِ
چئن پنجن سالن بعد پئسو ۽ وقت برباد ڪري جڏهن هو پنهنجي وطن ملائشيا پهچندا آهن ته
خبر پوندي اٿن ته ان ڪاليج جي بيڪار تعليم ڪري ان جي ڊگريءَ کي ڪو پڇي ئي ڪو نه
ٿو. نوڪري ته نوڪريءَ جي ماڳ ماڳهين مغربي ماحول ۾ رهي ڪيترا هن پاسي جا مشرقي
تهذيب ۽ ڪلچر ۾ پيدا ٿيل نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون هٿن مان نڪري ويندا آهن. ان ڏس ۾
ڏينهون ڏينهن حڪومت خبردار ڪندي رهي ٿي ۽ انهن ملڪن جي تعليمي ماهرن سان ملي شاگردن
جي رهنمائي ڪرڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪري ٿي، جيئن شاگردن کي خبر پوي ته ڪهڙي ملڪ جي
ڪهڙي ڪاليج يا يونيورسٽيءَ ۾ هو پڙهن، جن جي ڊگري هتي ملائيشيا ۾ قابل قبول سمجھي
وڃي ٿي. ان ساهميءَ ۾ جيڪڏهن اسان پنهنجي ملڪ پاڪستان جي تعليمي معيار کي
پرکينداسين ته خبر پوندي ته اڄڪلهه اسان جو ملڪ انڊيا کان به پٺتي پيل آهي ۽ فقط
آغا خان ميڊيڪل ڪاليج کي هتي مان ڏنو وڃي ٿو.
·
جپان
وانگر هتي ملائيشيا ۾ به ٻليون پڇ بنا آهن. يا تمام ذرڙو پڇ جو اٿن. ائين لڳندو ڄڻ
ڪنهن ڪپي ڇڏيو هجين. ڪن جو اهو خيال آهي ته ماڻهن ٻلين جا پڇ وڍي ڇڏيا آهن، جيئن
چيني عقيدي موجب هو بهشت کان ٻاهر ئي رهن. ڇو جو ٻلي چيني ڪئلينڊر جو حصو ناهي
ــــ جنهن ۾ ڪتو، شينهن، ڪوئو، ڀولڙو، ڍڳو ۽ سوئر وغيره اچي وڃن ٿا. ڪن جو اهو چوڻ
آهي ته پڇ ڪپڻ سان ٻلي مالڪ وٽان ڀڄي نٿي. هونءَ حقيقت اها آهي ته هنن ٻلين جي جنس
ئي اهڙي آهي جنهن جو پڇ ائين آهي.
هتي ٻليون ملئي ۽ چيني ــــ ٻنهي
جي گهرن ۾ نظر اينديون پر ڪتا فقط چينين جي گهرن ۾ ڏسڻ ۾ ايندا. اسلام ۾ ڪتو هڪ
پليت جانور سمجھيو وڃي ٿو، جنهن جي زبان نقصانڪار چئي وڃي ٿي. ان ڪري هن جانور کي
ــــ سواءِ چند ضرور حالتن جي ــــ پالڻ جي منع ٿيل آهي. ملئي جيئن ته مسلمان آهن، ان ڪري انهن جو سڄو سڄو ڳوٺ پاليل يا رول
ڪتي بنا نظر ايندو. بي ڊپا ٿي پيا وڃو. ساڳيو عالم عرب ملڪن جو آهي. سعودي عرب،
يمن، عدن کان وٺي اتر آفريڪا جي ٻي ڪنڊ
لبيا موراڪو تائين هليا وڃو. هروڀرو رول ڪتو نظر نه ايندو. وچ ۾ خبر ناهي ڇو اسان
ئي پاڪستان، هندستان، بنگلاديش جا مسلمان آهيون جن جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ ڪتا نظر اچن
ٿا ــــ سي به پاليل، صاف سٿرا ۽ سيکاريل نه پر رول، بيمار ۽ ڇتا ــــ پنهنجي
گهٽيءَ مان ئي لنگهندي گھٻراهٽ ٿيندي ته ڪٿي سندن پڇ تي پير نه اچي وڃي. ڪٿي اجايو پيار ۽ پنهنجائپ جو اظهار ڪرڻ لاءِ هو
ناليءَ مان ٻوڙيل پڇ نه لوڏي، متان ڪنهن معصوم ٻار کي چڪ هڻي لولو لنگڙو نه ڪري يا وڏي کي هائڊرو فوبيا
نه ڏيئي ڇڏي. مزي جي ڳالهه اها ته ميونسپالٽي يا واسطيدار کاتي جا ماڻهو جڏهن اهڙن
رول ۽ بيمار ڪتن کي مارڻ نڪرندا آهن ته پاڙي جون پوڙهيون ٻڪ کڻي کين پٽي واپس
ڪنديون آهن ته گگدامن تي ڪهل ڪريو ۽ کين نه ماريو. اهو اهو عالم نه فقط سنڌ،
پنجاب، هريانا ۽ هماچل صوبن جو آهي پر بنگال، بهار، يوپي، مهاراشٽر ــــ ويندي
ڪيرالا ۽ تامل نادو تائين جو آهي. (بلوچستان ۽ صوبو سرحد البت ان ڳالهه ۾ پاڪ صاف
آهي) ڪاش انهن رول ڪتن جو پچاء ڪندڙ انهن هزارين انساني جانين کي ڪتي جي چڪ وگهي
تڙڦندو مرندي ڏسن، جيڪي هر سال پاڪستان، هندستان
۽ بنگلاديش ۾ موت جو شڪار ٿين ٿا.
·
ملائيشيا
دنيا ۾ هڪ واحد ملڪ آهي، جنهن جو بادشاهه هر پنجن سالن بعد بدلجندو رهي ٿو.
ملائيشيا جي تيرهن رياستن مان جن ۾ سلطاني راڄ_ آهي. ۱۹۵۷ع کان پوءِ انهن نون
رياستن جا سلطان پنهنجو پاڻ ۾ ويهي واري وٽيءَ تي هڪ کي چونڊيندا آهن، جيڪو سڄي
ملڪ جو پنجن سالن لاءِ بادشاهه ٿيندو آهي. ان کي ملئي زبان ۾ Yang
Di – Pertuan Agong سڏبو آهي. هونءَ کيس خطاب ڪرڻ لاءِ سڄو لقب
هن ريت آهي:
Duli yang
maha mulia, siri paduka
Badginda
yang Di – Pertuan agong.
ان سڄي جي معنيٰ ـــ بلڪه مفهوم
ڪجهه هنريت چئي سگهجي ٿو: ”اسين جيڪي هن (بادشاهه سلامت) جي پيرن جي تري هيٺان ڌوڙ
کان به هيٺاهان آهيون، جيڪو طاقت، شان، دٻدٻي ۾ نهايت اتاهون آهي ۽ هن ملڪ جو مٿانهون
حاڪم آهي.“
ٽائيم مخزن وارن هڪ دفعي ان ملئي خطاب
جو انگريزيءَ ۾ سٺو ترجمو ڪيو هو:
“We
who are below the dust under the sole of the foot of the most exalted, radian
majesty, he who is made highest in the land”.
هيڏن لقبن القابن واري، هيڏي ملڪ
جي هيڏي طاقتور هستي ـــ پر فقط پنجن سالن لاءِ! پنج سال پورا ٿيڻ تي جنهن آرام،
سڪون ۽ بنا ڪنهن ردوبدل جي ملائيشيا ۾ هڪ لهي ٻيو بادشاهه ٿيو وڃي.، قابلِ تعريف ڳالهه آهي. نه ته چوندا آهن ته هڪ
دفعو جنهن ماڻهوءَ کي طاقت جو چشڪو لڳي وڃي ته پوءِ اهو تخت تاج جي جان هرگز ڇڏي
نٿو سگهي. يا ته اها چوڻي (يا بدقسمتي) فقط ڏکڻ آمريڪا ۽ اتر آفريڪا جي ملڪن سان
آهي. اسان جو ملڪ ۾ ڪجهه اهڙي ئي خاني ۾ اچي ٿو.
·
دنيا ۾ سڀ
کان گهڻو ”پام آئل“ ملائيشيا ۾ ٿئي ٿو. پام آئل جا وڻ کجيءَ جهڙا ٿين ٿا ۽ سندن
ميوو به جارکن جهڙو ٿئي ٿو پر جارکن جي ڇڳي کان هن جو ڇڳو ڳرو ۽ وڏو ٿئي ٿو. ان کي
نپوڙي منجھانئس تيل ڪڍيو وڃي ٿو. اهو تيل رڌ پچاءَ لاءِ گهڻو ڪم اچي ٿو. ٻين ملڪن
کان علاوه اسان جو ملڪ پڻ اهو تيل ملائيشيا ۽ انڊونيشيا کان وٺي، نج حالت ۾ يا ان
۾ ٻيا تيل ملائي رڌ پچاءَ جي ڪم لاءِ مهيا ڪري ٿو.
هي تيل ملائيشيا جو سونو فصل (Golden Crop) سڏيو وڃي ٿو. جيئن ڪپهه پاڪستان جو روپو فصل
(Silver Crop) سڏجي ٿو. هي
تيل نه فقط رڌ پچاءَ لاءِ ڪم اچي ٿو پر صابڻ، ميڪ اپ، چوپائي مال جي ڏاري، مٺي
کير، آئيس ڪريم ۽ چاڪليٽن ٺاهڻ ۾ ڪتب اچي ٿو. هاڻ هتي وڌيڪ تجربا هلي رهيا اهن ته
ان تيل کي ڪنهن نموني سان ڊيزل آئل ۾ تبديل ڪجي، جيئن موٽر ڪار هلائڻ لاءِ ڪم اچي.
·
هتي جي
ماڻهن ۾ ڪيترا ئي وهم وسوسا، سوداءَ آهن. چيني ۽ انڊين ۾ ته تمام گهڻا آهن پر مسلمانن
۾ پڻ، جيتوڻيڪ اسلام ۾ انهن ڳالهين جي ڪا
حيثيت يا اهميت نه آهي پر رسم ۽ روايت طور هلندا اچن. اها ٻي ڳالهه آهي ته هاڻ
ٽيڪنالاجي ۽ سائنس جي ترقي ۽ تعليم جي واڌاري ڪري اهي سڀ ڳالهيون گهٽجي رهيون آهن
ته به ڪي ڪي ٽوڻا سوڻا اڃ تائين مشهور آهن.
دوا درمل ۽ هر قسم جي جسماني توڙي
نفسياتي بيماريءَ لاءِ بومو (Bomoh) وٽ وڃڻ جو رواج
پڻ عام آهي. بومو مسلمان ملئي ٿئي ۽ کيس درويش، فقير، جادوگر، ڊاڪٽر ــــ سڀ ڪجهه
چئي سگهو ٿا. هر قسم جي علاج لاءِ هن وٽ نه فقط ملئي اچن ٿا پر چيني ۽ انڊين پڻ
ــــ پنهنجي عشق جي آزار کان وٺي نوڪري ۽
واپار جي واڌاري جهڙن مسئلن لاءِ. ڪجهه مهينا اڳ ڪوالالمپور جي جيل اندر چئن قيدين
جيل جي ڊاڪٽر ۽ ڪمپائونڊر کي کڻي يرغمالي بڻايو ۽ ڏينهن پٺيان ڏينهن ــــ هفتو کن
معاملو هلندو رهيو. جيسين پوليس قيدين کي ڌتاري سندن چنبي مان ڊاڪٽر ۽ ڪمپائونڊر
کي آزاد ڪرائي، تيسين ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ڪيترا ئي بوماح، بنا سڏ جي اچي پهتا. ڪو
جيل جي ٻاهران (Kuning Beras) ــــ
زردن چانورن جي ڇٽ پيو ڪري ته ڪو گلاب جو پاڻي کڻي جيل جي ڀتين تي پيو هڻي. بهرحلا
جڏهن ڪمانڊو پوليس حملو ڪري يرغمالين کي آزاد ڪيو ته هرڪو بومو اها ڪاميابي پنهنجي
ڪرامت سان وابسته پيو ڪري.
·
ملئي
ماڻهن ۾ ٽن جو انگ به خراب سمجھيو وڃي ٿو. ٽي شيون ڪنهن کي ڏبيون ته چوندو هڪ وجھي
چار ڪري ڏي يا هڪ ڪڍ ٻه ڪري ڏي. ٻيو ته ٺهيو پر فوٽوءَ لاءِ ٽن ڄڻن جو بيهڻ به سٺي
ڳالهه نه سمجي ويندي آهي. هڪ ڄڻو ماٺ ڪري پري ٿي ويندو. يا چوٿين کي سڏي وٺندو.
·
ٽين جي
کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ چيني ڪنهن کي به جتيءَ سميت اتي اچڻ نه ڏيندا آهن، جو متان سندن
ديوتا ناراض ٿي وڃي. هاڻ ته اهو ڪم گهٽجي ويو آهي نه ته اڳ ۾ مجال آهي جو ڪو يورپي
به ڌوپ ڇٽي ۽ بوٽ سان ٽين جي کاڻ واري علائقي ۾ پهچي.
جت
جر وهي ٿو جال ڪتاب تان کنيل
No comments:
Post a Comment