ٿائلنڊ پنڌ به پهچي سگهجي ٿو
الطاف شيخ
پاڪستان جي اوڀر ۾ هندستان آهي.
اهو لتاڙڻ بعد بنگلاديش اچي ٿو. اڃا به جي وڌيڪ اوڀر ڏي وڃبو ته برما ايندو.
برما جي بدليل حڪومتي نظامَ ڪري اڄڪلهه
اسان جو يا باقي دنيا جو واسطو ۽ اچ ڳوڃ گهٽ ٿي پيئي آهي نه ته مغلن ۽ انگريزن جي ڏينهن
۾ برما بلي بلي هو. سندس تواريخي شهر رنگون، منڊالي ۽ اروادي ندي ڪيترن ئي ڪهاڻين ۽
رنگين افسانن جو مرڪز آهي. مشهور مغل شهنشاهه بهادر شاهه ظفر به هندستان کان نڪتو
ته برما آيو ۽ رنگون ۾ ئي دفن ٿيل آهي. جنهن لاءِ مشهور غزل آهي:
ڪتنا هي بدنصيب ظفر...... وغيره.
برما کان اڃا به اڳتي هلبو ته ٿائلنڊ
اچي ٿو. ٿائلنـڊ جو نقشو، ڪجهه ڪجهه هاٿي جي سونڍ جهڙو آهي جيڪا هيٺ ڏکڻ ڏي هلي وڃي
ٿي جتان پوءِ ملائيشيا شروع ٿئي ٿو. ملائيشيا انگريزن جي ڏينهن تائين ملايا سڏبو
هو.
يعني پاڪستان کان جي اوڀر ڏي پيرين
پنڌ نڪري پئجي ته ٿائلنـڊ پهچي سگهجي ٿو. ساڳي طرح هتان ملائيشيا کان ٿائلنڊ ته ماڻهن
جوروز جو پنڌ آهي. ڇاڪاڻ جو ٿائلنڊ ملائيشيا جو پاڙيسري ملڪ آهي. ملائيشيا جي ٻي ڪنڊ
تي يعني ٻئي پاسي سنگاپور آهي.
ملائيشيا جي گادي جو هنڌ ڪوالامپور آهي. پر ڌارين ماڻهن
لاءِ ملائيشيا جا شهر جو هوربارو ۽ پڊانگ بسار پڻ اهم آهن. جوهوربارو (JOHOR BARU) سنگاپور جي بارڊر تي آهي ته پڊانگ بسار (PADANG BESAR) شهر ٿائلنڊ جي بارڊر تي آهي. ٻئي شهر
انگريزن جي ڏينهن کان وٺي ريلوي اسٽيشنون آهن. ٻنهي جي وچ ۾ هزار کن ڪلوميٽرن جو
پنڌ آهي.
سنگاپور هڪ ننڍڙو ٻيٽ نما ملڪ آهي
جنهن جي ڊيگهه ويڪر ويهه پنجويهه ميل کن مس آهي. چوڌاري سمنڊ اٿس. هڪ ڪنڊ کان،
سيمنٽ ۽ لوهه جي ڊگهي پل ذريعي ملائيشيا جي جوهوربارو شهر سان ڳنڍيل آهي. هيءَ پل
جيڪا ڪازوي (cause way) سڏجي ٿي، ڪافي
ويڪري آهي ۽ هڪ ئي وقت ٽي چار قطارون موٽر ڪارين ۽ لارين جون لنگهي سگهن ٿيون. ان
کان علاوه ريل پڻ لنگهي ٿي.
هي ڪازوي (پل) ۽ ان جي مٿان ريل جا
پٽا انگريزن جي ڏينهن جا ٺهيل آهن. انگريز جتي به رهيو، پنهنجي مطلب لاءِ ئي سهي
پر اهو چڱو ڪم ڪيائين جو ريل گاڏيءَ جا پٽا وڇائي سفر جو چڱو سک مهيا ڪيائين. اهي
ريل جا پٽا اسان جهڙن ملڪن ۾ اڃا تائين ان ئي صورت ۾ هلندا اچن. اڄ ڪلهه جيتوڻيڪ
بسون ڪارون جام ٿي ويون آهن پر تڏهن به غريب توڙي امير لاءِ ريل جو سفر سستو ۽
آرام وارو آهي. ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ به انگريزن جي حڪومت هئي جن سنگاپور ۽
ملائيشيا جي هڪ ڪنڊ جوهوربارو کان ٻي ڪنڊ پڊانگ بسار تائين ريل جا پٽا وڇرايا ــ
جن تان اڄ ڏينهن تائين KTM ”ڪيريٽا آپي تناح ملايو“ (ملئي ماڻهن جي ڌرتي جي
آگ گاڏي) هلي ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته سڄي سنگاپور ۽ ملائيشيا ۾ سوڙهي پٽي واري (Narrow Gauge) ريلَ آهي جيڪا ڪنهن زماني ۾ حيدرآباد کان
ميرپور خاص تائين هئي. يا هينئر به ٽنڊوآدمَ کان پڊعيدن تائين آهي يا ٻين هنڌن تي
ننڍن ڳوٺن کي ڳنڍڻ لاءِ آهي. باقي ڪراچي پشاور يا ڪراچي ڪوئيٽا ۽ ٻين هنڌن تي ويڪري
پٽي (Broad Gauge) واري ريل هلي ٿي.
ساڳي طرح هندستان، سري لنڪا، بنگلاديش ۽ برما ۾ پڻ انگريزن ريل ٺهرائي.
اهو ضروري آهي ته ملائيشيا ۽ سنگاپور
پاسي سوڙهي پٽي واري ريل آهي پر هتي جو ريل ڊپارٽمينٽ ان کي اهڙو ته سٺي نموني سان
هلائي ٿو دنيا مڃي ٿي. صاف سٿرا ۽ سهڻن ڪوچن وارا ريل جا دٻا جيڪي جپان وانگر هر وقت، سفر دوران ڇوڪريون صاف ڪنديون رهن ٿيون.
سفر پوري ٿيڻ تي سيٽن تي رکيل سفيد رنگ جي ڪپڙي جا پوشَ لاهي وري نوان چاڙهيا وڃن ٿا. ريل جي اچڻ ۽ ڇٽڻ جا مقرر وقت. هر هڪ
پئسينجر لاءِ ٽڪيٽ موجب نمبر سان وهڻ لاءِ سيٽَ يا سمهڻ لاءِ بسترو. ان کان وڌيڪَ
فالتو مسافر هڪ به نه. ۽ نه وري ريلوي
کاتي کي نقصان پهچائڻ لاءِ بنا ٽڪيٽ وارو. گاڏي توڙي ريلوي اسٽيشن تي امن امان. کائڻ پيئڻ لاءِ صاف سٿرا دڪان ۽ ڪئنٽينون.
انتظار لاءِ وهڻ جو بندوبست ۽ هتي جي معيار سارو ٽئاليٽ ۽ ڪمپيوٽرائيزڊ ٽڪيٽ گهر. ٽڪيٽ
جو اگهه پڻ هتي جي ڪمائي خرچ جي حساب موجب مناسب ۽ واجبي آهي. جوهوربارو کان پڊانگ
بسار تائين هڪ هزار ڪلوميٽر جو سفر جو ڀاڙو، (ايئرڪنڊيشنڊ سيڪنڊ ڪلاس) سٺ کن رنگٽ
آهي. يعني پاڪستاني ساڍا چار سؤ رپيا ٿيا.......
جو اڄ ڪلهه ملئي رنگٽ ۾ اسانجا اٺ رپيا آهن.
جھڙي طرح سنگاپور ۽ ملائيشيا جون
ريل گاڏيون هڪ ٻئي جي ملڪن ۾ اچن وڃن ٿيون تهڙي طرح ٿائلنڊ ملائيشيا جون پڻ، هڪ ٻئي
جي ملڪن جا مسافر کڻي بارڊر ٽپنديون رهن ٿيون. ٽنهي ملڪن ۾ يڪو سفر ڪرڻ لاءِ ٽڪيٽ ڪنهن
به ملڪ جي ڪنهن به ريلوي اسٽيشنن تان ان وقت يا اڳواٽ وٺي سگهجي ٿي ۽ پوءِ ان سفر
لاءِ توهان جي سيٽ رزرو ٿيو وڇي ۽ سڄو سسٽم ڪمپيوٽرائزڊ هجڻ ڪري ٽنهي ملڪن جي هڙني
اسٽيشن تي اها معلومات پهچي ٿي ۽ پوءِ ڪو به ساڳي سيٽ لاءِ ڊبل ٽڪيٽ جاري ڪري نٿو
سگهي. توهان جي ٽڪيٽ جا پئسا مفاصلي مطابق، سالَ جي آخر ۾ ٽئي ملڪ حصا پتيون ڪري کڻن.
اهو ليکو چوکو پڻ ڪمپيوٽر ذريعي ٿئي ٿو.
اي جرني ٽو ٿائيلينڊ ڪتاب تان کنيل
No comments:
Post a Comment