Saturday, September 21, 2013

کچهه پاکستان نو کچهه قبرستان چلي گئي - الطاف شيخ

کچهه پاکستان نو کچهه قبرستان چلي گئي
الطاف شيخ

واپس موٽڻ لاءِ، رستو ٽپي، ٻئي پاسي پاڪستان مسجد جي در وٽ ٽُڪ ٽُڪ (سواريءَ) لاءِ اچي بيٺاسين. ڏور اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن: هانگ ڪانگ، برما کان ٿائلنڊ، ملائيشيا ۽ انڊونيشيا سري لنڪا وغيره ۾ ڪيترا ئي پاڪستاني پنجابي ۽ پٺاڻ رهن ٿا. اهي هينئر کان نه پر ورهاڱي کان به گهڻو گهڻو اڳ انگريز فوج سان آيا ۽ پهرين ۽ ٻي وڏي لڙائيءَ بعد هتي ئي ترسي پيا. ڪي ته واپار وڙي ڪارڻ آيا، ٻي وڏي جنگ بعد حالتن جي مجبوريءَ ڪري هن پاسي رهي پيا. بهرحال انهن ڏينهن ۾ هن پاسي رهڻ ڪو چرچي ڀوڳ جو ڪم نه هو. ان زماني ۾ هي ملڪ، پاڪستان هندستان کان به وڌيڪ غَريب هئا. موسم به ڪا خاص سٺي نه هئي. مڇرن ۽ جيتن جڙن کان  علاوه  هنن جھنگلي علائقن ۾ پيئڻ لاءِ صحيح پاڻي به نه هو. جيڪي واپس موٽيا ٿي تن مان ڪي پهتا ٿي ته ڪي تن ڏينهن جي ڪمزور ٻيڙن سميت سمنڊ جو اَجل ٿي ويا ٿي. هتي رهندڙن جيئڻ لاءِ هر ممڪن جتن ڪيا. مٽن مائٽن کان پري هنن ڪئين سالَ غربت جي زندگي گذاري. ڏکي کان ڏکيا پورهيا ڪيا. سندن روزيءَ ۾ رب برڪت وڌي. ان سان گڏ هن پاسي جا ملڪ به سکيا ستابا ٿي ويا. هاڻ اهي تن ڏينهن جا پنجابي توڙي پٺاڻ، اڄ چاهي ٿائلنڊ ۾ آهن يا ملائيشيا ۾، هانگ ڪانگ ۾ آهن يا سنگاپور ۾، پنهنجي زبان، ڪلچر ۽ مذهب قائم رکندا اچن. ڏهٽن پٽن پوٽن وارا ٿي ويا آهن واپار ۽ نوڪرين ۾ پنهنجو نالو ڪڍي رهيا آهن.  ملائيشيا جو پوليس ڪمشنر زمان خان پٺاڻ آهي جيڪو هاڻ هن ملڪ جو شهرري آهي ۽ ملائيشين سڏائي ٿو. ڪوالالمپور جي باتو روڊ ۽ سنگاپور جي آرچرڊ روڊ تي مشهور ڪارپيٽن جي دڪانن جا مالڪ پنجابي ۽ پٺاڻَ آهن. هو وڏا ماڻهو ٿي وڃڻ بعد به پنهنجن غريب مائٽن کي ياد رکندا اچن. جيڪي بچين ٿو، اهو پاڪستان موڪلين ٿا. عيد برات تي انهن سان ملڻ پاڪستان وڃن ٿا. سنگاپور ۽ ملائيشيا کان PIA ۽ MAS جي هوائي جهازن ۾ پاڪستان ايندڙ ويندڙ اڌ کان وڌيڪ پنجابي ۽ پٺاڻ پاڪستاني پاسپورٽ نه پر ملائيشيا، سنگاپور يا ٿائلنڊ  جو پاسپورٽ رکن ٿا. پر هنن جي دل اڄ به پنهنجي اصلي وطن جي رهواسين سان گڏ ڌڙڪي ٿي. سندن نئين ٽهي هنن نون ملڪن ۾ هري مري ويئي آهي پر جھوني جڳ جا بچيل هي ماڻهو اڄ به پنهنجن ڳوٺن جون ڳالهيون ياد ڪري هنجون هارين ٿا. هاتيائي شهر جي هيءَ مسجد اڄ کان چاليهه پنجيتاليهه سال اڳ اهڙن غريب مسلمانن پائي پائي چندو ڪري ٺهرائي. هنن گاري ۽ گچ جون تغاريون پنهنجن ڪلهن تي ڍوئيون. سرون ۽ ڪامون پاڻ کنيون. اهڙي طرح ٿورن وسيلن هوندي به هيءَ مسجد سهڻي کان سهڻي ۽ وڏي کان وڏي ٺاهي ورتي. ان جو نالو رکيائون ”پاڪستان مسجد“. جيئن ڪوالالمپور ۾ پاڪستانين جي ٺهيل مسجد ”پاڪستان ـــ مسجد“ سڏجي ٿي.

هاتيائي (ٿائلنڊ) جي هيءَ ”پاڪستان مسجد“ اڄ به ان رنگ روپَ ۾ قائم آهي. انهن ماڻهن، جن هن جي اڏاوت ۾ حصو ورتو، جيتوڻيڪ اڄ موجود نه آهن. ڪي وقت جي تقاضائن موجب، ٻارن جي تعليم نوڪرين ۽ ڌنڌي ڌاڙين پٺيان هي ننڍا شهر ڇڏي بئنڪاڪ لڏي ويا. انهن مان فقط ڪي ٿورا هيڏانهن هوڏانهن نظر اچي رهيا آهن. نه ته اڄ کان پنڌرهن سال کن اڳ (۷۳ ـــ ۱۹۷۲ع ۾) جڏهن هنَ شهرَ ۾ ايندا هئاسين ته شلوار قميص ۽ وڏين ڏاڙهين ۾ ڪيترا ئي پٺاڻ هن علائقي ۾ عام جام نظر ايندا هئا. انهن لاءِ طارق کان پڇيم. پر طارق کي ته هتي آئي فقط ٻه سالَ ٿيا آهن. تنهن اڻ ڄاڻائيءَ جو اظهار ڪندي چيو:
”خبر ناهي. آئون ته اهي ئي ڏسندو اچان.“
”ڀلا مسجد جو امام اڄ ڪلهه ڪير آهي؟“ مون طارق کان پڇيو. ڇو جو جيڪڏهن اڃا تائين اهو ئي جوھنو آهي ته هو گهڻو ڪجهه ٻڌائي سگهي  ٿو.
”هڪ پاڪستاني پٺاڻ هوندو هو. پر هو گهڻو اڳ گذاري ويو. هاڻ برما کان، هن مسجد لاءِ، هڪ برمي امام گهرايو اٿئون.“ طارق ٻڌايو.
مسجد جي در وٽ ٽُڪ ٽُڪ جو انتظار ڪرڻ وقت هڪ پٺاڻ اندر مسجد مان نڪرندو نظر آيو. ساڻس عليڪ سليڪ ڪئيسن. يڪدم پنهنجائيءَ جو اظهار ڪندي چانهه پاڻيءَ جي صلاح ڪيائين. هو چڱو چرچائي ۽ خوش اخلاق لڳو ٿي. پنهنجو نالو سيد افضل شاهه ٻڌايائين. پاڻ هن شهر هاتيائيءَ ۾ ڪپڙي جو دڪاندار آهي. آڱر جي اشاري سان ٻڌايائين ته سامهون واري روڊ تي، پل جي هيٺان سندس دڪان آهي. موڪلائڻ وقت پڇيومانس:
”خانصاحب! ڪنهن زماني ۾ هتي تمام گهڻا پٺاڻ رهندا هئا پر هاڻ نظر نٿا اچن؟“
”بس چلي گئي.“ هن ڏاڍي آرام سان وراڻيو.
”ڪهان چلي گئي؟“ کلندي پڇيومانس.
”ڪهان چلي گئي!؟“ جواب بدران هن پهرين منهنجو سوال دهرايو ۽ پوءِ چيو؛ ”بس کچهه لوگ پاڪستان ڪو واپس چلي گئي تو کچهه قبرستان ڪو چلي گئي.“
۽ پوءِ پاڻ به اسان سان گڏ ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو. ايتري ۾ ٽُڪ ٽُڪ اچي ويئي. ڊرائيور کي منزل ٻڌائي اسان ان وئگن جي پوئين پاسي کان داخل ٿياسين.

اي جرني ٽو ٿائيلينڊ ڪتاب تان کنيل


No comments:

Post a Comment