سنڌڙي
تنهنجا ڳوٺَ وسن
الطاف
شيخ
هونءَ ڏٺو وڃي ته لاڙڪاڻي واري ڪئڊٽ ڪاليج واري سائيٽ
واهه جي آهي. شهر جي گوڙ گهمسان ۽ پالوشن کان پري هي ڪاليج ٻهراڙي واري علائقي ۾ آهي.
لاڙڪاڻي وارو ايئرپورٽ، سنڌو درياهه ۽ موهن جو دڙو ڄڻ ته سڏ پنڏ تي آهن. اتي ئي ڀر
۾ جيڪر چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۽ انجنيئرنگ ڪاليج کوليو وڃي ها ته هي علائقو ڄام شوري
واري تعليمي علائقي کان به وڌيڪَ خوبصورت ۽ اهم حيثيت رکڻ وارو ٿي پوي ها. ۽ جي امن
امان جي حالت بهتر هجي ها ته تعليمي، تاريخي ۽ ٻهراڙي واري قدرتي ۽ پالوشن فري واري
ماحولَ ڪري هتي پوني، ممبئي ۽ مدراس کان به وڌيڪَ فارينر شاگرد اچن ها.
ڇنڇر ڏينهن لنچ تي ڪئڊٽ ڪاليج جي پرنسپال محمد يوسف
صاحب چيو ته اڄ شامَ جو توهان کي لاڙڪاڻي جو سير ڪرائيندس.
”لاڙڪاڻي مان ته پاڻ رات ٿي آياسين.“ مون چيو.
”رات فقط لاڙڪاڻي شهر جو چڪر ڏنوسين. اڄ هن ضلعي
۽ ڀر وارن ڳوٺن جو تڪڙو تڪڙو دورو ڪنداسين. مونکي پڪ آهي ته توهان هن کان اڳ هن پاسي
جي ٻهراڙي نه ڏٺي هوندي.“
محمد يوسف (والد جو نالو محمد جعفر شيخ صاحب) جو نه
فقط هن ضلعي سان واسطو آهي پر گذريل چوٿو صدي (۲۵
سالن) کان هن ڪاليج جو پرنسپال
۽ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ٿي رهيو آهي. پاڻ ۱۰
مئي ۱۹۴۶ع تي ماهوٽا ۾ جنم ورتو. بنيادي تعليم ڳوٺ مان وٺڻ
بعد مئٽرڪ ۽ انٽر لاڙڪاڻي جي ڪاليج آف ڪامرس ۽ ايڪانامڪس مان ڪرڻ بعد B.A آنرز، M.A ايڪانامڪس،
انگلش ۽ جرنلزم ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي. ان بعد ٻه سالَ حيدرآباد جي ‘غزالي ڪاليج’
۾ ليڪچرر رهڻ بعد ۹ سال کن آرمي ۾ رهيو جتي جنرل اسٽاف آفيسر (تعليم) کان
علاوه ٻه سالَ کن پاڪستان مليٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ پڙهايو. ان بعد ڇهه سالَ کن پبلڪ اسڪول
سکر جو پرنسپال ۽ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ٿي رهيو. هڪ سال ‘چنيوٽ اسلاميا پبلڪ اسڪول’ ڪراچي
جو ۽ ڏيڍ سال کن ‘سنڌ مدرسة الاسلام’ جو پرنسپال ۽ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ٿي رهيو. ان وچ
۾ ٻه سالَ ڊائريڪٽر Implementation ۽ سيڪريٽري ماس ايڊيوڪيشن ڪميشن (LAMEC) اسلام
آباد، ٿي رهيو. فيبروري ۱۹۹۱ع کان اڄ تائين سندن واسطو
لاڙڪاڻي جي هن ڪاليج سان هلندو اچي.
يوسف صاحب کي ننڍپڻ کان وٺي مطالعي ۽ لکڻ پرهڻ جو شوق
رهيو آهي ۽ هو پنهنجن شاگردن کي ان عادت تي قائم رکڻ لاءِ زور ڀريندو رهي ٿو. سنڌ يونيورسٽي
۾ تعليم دوران ۽ اسلام آباد ۽ ڪراچي ۾ رهائش دوران پاڻ مختلف اخبارن جو سب ايڊيٽر به
ٿي رهيو، جهڙوڪ: روز ناما الوحيد حيدرآباد، روزنامه مسلم اسلام آباد ۽ انگريزي اخبار
Dawn ڪراچي. سندن ڪيترائي ڪِتابَ
ڇپجي چڪا آهن جيئن ته: سنڌ _ باب الاسلام، سروري ڪائنات (صلعم)، ساريا مٿي سچ، ڏاهو
ڏات ڌڻي، معارف الطيف، لاڙڪاڻو تاريخ جي آئيني ۾، وغيره.
ڪيترائي اهو سوچيندا هجن ته ميجر محمد يوسف صاحب پنهنجي
فيلڊ ۾ ڪامياب ڇو آهي. سندس مٿين بايوڊاٽا پڙهڻ بعد هر ڪو اندازو لڳائي سگهي ٿو ته
هن سڄي زندگي، ننڍپڻ کان وٺي اڄ تائين پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ۾ گذاري آهي. هو لڳاتار چاليهه
سالَ پرنسپال ٿي رهيو آهي، هن کي مليٽري بئڪ گرائونڊ آهي ۽ هو نه فقط پاڻ ڊسپلينڊ زندگي
گذاري ٿو پر پنهنجن ماتحتن ۽ شاگردن کي به ان Life Style ۾ رهڻ
جي تلقين ڪري ٿو. هن کي پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجن ماڻهن سان پيار آهي، هن کي خدا جو خوف
رهي ٿو، هو وقت جو پابند ۽ ڊيوٽي ايمانداريءَ سان ڏيڻ جي حق ۾ آهي.
لاڙڪاڻو روڊن جو ضلعو ٿيندو وڃي. اها ٻي ڳالهه آهي
ته ڪي ڪي روڊ ڊهندا به تکا وڃن. چوڌاري ويڪرا ۽ با۳ءِ پاس روڊ ڳوٺن کي هاءِ ويز سان ڳنڍين ٿا. ڪئڊٽ ڪاليج جي ڪئمپس مان نڪرڻ
بعد اسان جي ڪار ساڄي پاسي هلي ته ٿورو ئي اڳيان ٻه واٽون ٿيون. هڪ کاٻي پاسي ڏي روڊ
وڃي رهيو هو جنهن لاءِ يوسف صاحب ٻڌايو ته اهو روڊ ڏوڪري ڏي وڃي ٿو جتان پوءِ اڳيان
باڊهه کان ٿيندو جسٽس راڻا ڀڳوانداس جي ڳوٺ نصيرآباد پهچي ٿو جتان انڊس هاءِ وي گذري
ٿو ۽ هي روڊ سامهون واره شهر ڏي هليو وڃي ٿو. ڏوڪري، باڊهه، نصيرآباد، وارهه.... هي
ڳوٺ يا شهر ڪٿي نه ڪٿي ٻڌل لڳا ٿي. دل چاهيو ته جيڪر انهن ڳوٺن ڏي به هلجي. سڄي عمر
ملائيشيا، جپان، سئيڊن، انگلنڊ جهڙن ملڪن جي شهرن جا نالا ملاڪا، پينانگ، نگويا، ڪوبي،
ڪيوٽو، مالمو، مانچسٽر، گلاسگو ٻڌي ٻڌي اڄ وري ننڍپڻ جي ڏينهن جا ٻڌل پنهنجي سنڌ جي
ڳوٺن ۽ شهرن جا نالا دماغَ ۾ سرور پيدا ڪري رهيا هئا.
ڏوڪري شهر تان مونکي منهنجو دوست مختيار سمون ياد آيو جيڪو عمر جي لحاظ کان ته مون کان ۱۶ سالَ کن ننڍو آهي پر سندس
تعليمي خدمتون تمام وڏيون آهن. هن جي جدوجهد ۽ سوچَ ڪري هن علائقي جا ڪيترائي نوجوان
سول سروس ۽ فوجَ ۾ مقابلي جي امتحانن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري رهيا آهن. مختيار هن شهر ڏوڪريءَ
۾ ڄائو. بنيادي تعليم اتي ئي حاصل ڪرڻ بعد هو پنهنجي فئملي سان لاڙڪاڻي ۾ اچي رهيو.
پاڻ سنڌ يونيورسٽي مان M.A پاڪستان اسٽڊيز ۾ ۽ ان بعد
انگريزي ۾ ڪيائين. پاڻ ۵ سال ائگريڪلچر ڪاليج ٽنڊو ڄام ۾ ليڪچرر ٿي رهيو ان
بعد اڄ ۱۸ سال
اچي ٿيا اٿس جو هو ڏوڪري جي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ائگريڪلچر ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر
آهي. پاڻ ۱۹۹۲ع ۾ :اڙڪاڻي شهر ۾ ”ناليج سينٽر“ نالي هڪ ڪمري جو ٽيوشن
سينٽر کوليائين جنهن جي صفائي به پاڻ ڪندو هو ته شاگردن کي انگريزي جا سبقَ به پاڻ
پڙهائيندو هو. اڄ سندس محنتن ۽ ڪاميابي سبب هي Knowledge سينٽر ۱۸ ڪمرن تي مشتمل آهي جنهن ۾
پنڌرهن سورهن ٽيچر آهن ۽ ۵۰۰
کن شاگردن ۾ ۲۰۰ کن اوسي پاسي جي ڳوٺن جون
نياڻيون تعليم حاصل ڪن ٿيون ۽ مقابلي جا امتحان ڏين ٿيون. گذريل چند سالن ۾ ۱۲ کن شاگردن CSS جا امتحان
پاس ڪري چڪا آهن. گذريل سال سڄي سنڌ مان ايندڙ پهريون نمبر عرفان علي سمون به هن سينٽر
جو شاگرد آهي ۽ هينئر هو شيخوپوره (پنجاب) ۾ ASP آهي.
ڏوڪري شهر ڪيترن ئي اديبن، شاعرن، سياستدانن ۽ مذّهبي
عالمن کان پڻ مشهور آهي. سڀ کان اهم ۽ اڃان حيات ڪامريڊ سوڀوگيانچنداڻي آهي. جيڪو ڏوڪري
تعلقي جي ٻنڍي شهر ۾ ۱۹۲۰ع ۾ ڄائو. نوجوانن ۾ ڪجهه
نالا دل تي هُري رهيا آهن جيڪي هن شهر ۾ ڄاوا: ”صوفي“ نالي ٽماهي رسالي جو ايڊيٽر ساغر
ابڙو جيڪو ڊاڪٽر آهي ۽ سنڌي سان گڏ اڙدو ۾ به شاعري ڪري ٿو.
ميهل داس جو پٽ پريم چاندواڻي جيڪو ڏوڪري ۾ چانورن
جي تحقيقي اداري ۾ آفيسر آهي غزل، گيت ۽ مزاحيه شاعري کان مشهور آهي. پاڻ تصوف تي به
مقالا لکيا اٿائين. سندس هڪ شعر آهي:
اسين صاف صوفي، هلئون راهه سچ تي،
سڌي ڳالهه سڀ کي ٻڌائڻ ٿا ڄاڻون
ڏسي ڪين سگهنداسين ڳوڙها اکين ۾
غمن گوندرن کي گهٽائڻ ٿا چاهيون
هتي اهو به لکندو هلان ته مرحوم حيدر بخش جتوئي جو
واسطو به ڏوڪري سان هو. پاڻ ۱۹۰۱ع
۾ ڏوڪري تعلقي جي بکيديري ڳوٺَ ۾ ڄائو. ويهين صدي جي پهرين سالَ ۾ پيدا ٿيندڙ هي سدورو
پٽ اڳتي هلي ”باباءِ سنڌ“ جي لقب سان سڏجڻ لڳو. پاڻ بيباڪ سياسي ليڊر، مقبول هاري اڳواڻ،
انقلابي شاعر ۽ صحافي ٿي گذريو آهي. جتوائي صاحب هارين جي حقن جي حفاظت ڪرڻ ۽ گڏوگڏ
ملڪي ۽ سماجي اصلاح لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي. انگريزن جي ڏينهن ۾ جتي ڪنهن معمولي نوڪري
يا ڪلارڪي کي به وڏي ڳالهه سمجھيو ويو ٿي اتي جتوئي صاحب هارين جي حقن لاءِ تحريڪَ
هَلائڻ لاءِ ڊپٽي ڪليڪٽري جي عهدي تان به استيفا ڏئي ڇڏي. مون کين هڪ دفعو ڏٺو هو.
هي سال ۱۹۵۹ع يا ۱۹۶۰ع
هو. جڏهن آئون ڪئڊٽ ڪاليج ۾ مئٽرڪ جو شاگرد هوس. اسين شاگرد حيدرآباد جي ريلوي اسٽيشن
تي ڪراچي ويندڙ ريلَ جو انتطار ڪري رهيا هئاسين ته حيدر بخش جتوئي صاحب ۽ سندس ڪارڪن
ڪنهن مطالبي لاءِ بينر کڻي اسٽيشن تي نعري بازي ڪري رهيا هئا. اسان به ڪجهه تماشي خاطر
۽ ڪجهه وقت پاس ڪرڻ لاءِ ان ٽولي ۾ بيهي نعري بازي ڪرڻ لڳاسين. مونکي چٽي طرح ياد آهي
ته مونسان گڏ منهنجو ڪلاس ميٽ درٻيلي جو احمد حسين مخدوم، خيرپور جو شوڪت جماڻي ۽ ٽنڊوالهيار
جو محمد علام هاليپوٽو (ڊاڪٽر منور هاليپوٽي جو وڏو ڀاءُ) پڻ هُئا. جتوئي صاحب پيارَ
سان اسان کي پنهنجي ويجھو سڏي چيو ته پٽ توهان اڃان شاگرد آهيو توهان جو ڪم پڙهڻ ۽
تعليم حاصل ڪرڻ آهي. هن عمر ۾ توهان کي سياست کان پري رهڻ کپي.“
ڪامريڊ حيدر بخس جتوئيءَ کي هي جهان ڇڏي اڄ ۴۵ سالَ اچي ٿيا آهن پر سندن
اهي لفظ هن وقت به دماغَ ۾ تازا آهن ۽ سندن اهو ميسيج اڄ به وڏي Value رکي ٿو
۽ اڄ جي شآگرد کي ان تي عمل ڪرڻ کپي ۽ هن کي گهڻي کان گهڻو وقت ۽ ڌيان پڙهائي کي ڏيڻ
کپي.
ڏوڪري کان اڳيان باڊهه آهي جنهن شهر يا ڳوٺَ جو نالو
مون انگلينڊ جي ڪنهن شهر لنڊن يا لورپول ۾ ان ڳوٺ جي ڇوڪري کان ٻڌو جيڪو اتي سنڌ يونيورسٽي
طرفان لسانيات جهڙي ٽاپڪ تي Ph.D ڪري رهيو هو. آئون کيس ڇوڪرو
ئي سڏيندس جو هو مون کان ڏهه سالَ ننڍو آهي. پنهنجي سبجيڪٽ جو ڄاڻو هجڻ ڪري مون بعد
۾ کانئس پنهنجي پهاڪن واري ڪِتابَ ”رٺي آهي گهوٽَ سان“ لاءِ هن کان پيش لفظ لکرايا.
پاڻ هن سال ۶۰ سالن تي پهچي رٽائرڊ ٿي رهيو آهي. سندس نالو ڊاڪٽر
قاسم ٻگهيو آهي. سال کن اڳ پاڻ سنڌ يونيورسٽي ميرپورخاص ڪئمپس جو پرو وائيس چانسلر
هو. هينئر سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ ”سماجي لسانيات“ جو پروفيسر آهي. سندن ڪيترائي ڪِتاب ڇپيل آهن جهڙوڪ:
مرزا قليچ بيگ جي سوانح حيات ـــ ‘عالمن جو سج، ‘سنڌي ٻولي: لسانيات کان سماجي لسانيات
تائين’، ‘شخص ۽ عڪس’ ۽ جرمني ۾ سندن ڇپيل انگريزي ڪِتاب: Comparative Socio-linguistic study of Sindh . مونکي پڪ آهي ته باڊهه جي
شهر کي پنهنجن پڙهيل لکيل ماڻهن تي ضرور ناز هوندو پوءِ اهو چاهي ڊاڪٽر قاسم ٻگھيو هجي، انجنيئر ڪرم
چند ڏوڏاڻي (سابق سيڪريٽري سنڌ) يا شيرل بيوس جهڙو شاعر هجي يا محمد ملوڪ تسر جهڙو
سگهڙ. شيرل بيوس باڊاهيءَ جو ڪو مجموعو نه ڇپجي سگهيو آهي پر پاڻ هن تر جو اعليٰ شاعر
ٿي گذريو آهي جيڪو اڄ به ڳايو وڃي ٿو. سندس اصل نالو شيرل خان ولد حامي محمد سومر نوناري
هو. ۱۶ جنوري
۱۹۲۱ع تي سندس باڊهه ۾ جنم ٿيو ۽ ۳۵ ورهين جي ننڍي ڄمار ۾ وفات
ڪيائين. سندس هڪ ڪَلام هن وقت ياد اچي رهيو آهي:
لبن تي دم ڏسي دلبر پڇڻ اچجانءِ
خدا نالي
ڪنهن ڪم جي بهاني سان ملڻ اچجانءِ خدا نالي
اچڻ تنهنجي کان جي اڳ ۾ وڃي دل دلربا نڪري
ڪفن کولي مٺا منهڙو ڏسڻ اچجانءِ خدا نالي
No comments:
Post a Comment