Saturday, September 21, 2013

هاتيائيءَ ۾ پهرين رات جي ماني - الطاف شيخ

هاتيائيءَ ۾ پهرين رات جي ماني
الطاف شيخ
ان پهرين رات وهنجي سهنجي پوءِ ماني لاءِ هيٺ لٿاسين. هوٽلون ڳولڻ وقت مون ڏٺو ته رستي تي ڪيترا ئي ننڍا وڏا اسٽالَ ۽ گاڏا هئا جن تي کائڻ پيئڻ جو شيون جامَ هويون. ٻن ٽن گاڏن تي چنڊ تارو ٺهيل هو يا ”بسم الله“ جو فريم لڙڪيل هو جتي حلال کاڌو هجڻ ڪري اسين کائي سگهياسين ٿي. بلڪه منهنجو ارادو هو ته هيڏانهن هوڏانهن مانيءَ لاءِ پري ڀٽڪڻ بدران اسٽالن تان ئي ڪجهه وٺي کائجي. پر هاشم ان جي فائدي ۾ نه هو. هو ڪنهن پاڪستاني هندستاني يا ملئي جي مسلم هوٽل ۾ پُر تڪلف ماني کائڻ جي موڊَ ۾ هو ـــ جتي پهرين به کائي چُڪو هو.

پاسي کان لنگهندڙ هڪ ”ٽڪ ٽڪ“ کي بيهاري، کيس راتا ڪارن (Rattakarn) روڊَ تي، پاڪستاني مسجد وٽ، هلڻ  لاءِ چيو. ڊرائيور اسان ٽنهي کان جملي ٻارهن ڀات وٺي اڌ شهر جون گهٽيون ۽ رستا لتاڙائي، رستن تي لڳل پهرين جي ويٺل مسافرن کي لاهي، نيٺ اسانکي پاڪستاني مسجد اڳيان اچي ڦٽو ڪيو. رستي جي بتين جي روشني ۾ سٺي مون مسجد کي ڏٺو تها اها ساڳي رنگ روپَ ۾ هئي جنهن کان اڄ کان پنڌرهن سورهن سالَ اڳ ڏٺو هوم. اوسي پاسي ۾ ڪيتريون ئي عمارتون ۽ دُڪانَ ٺهي وَيا هُئا. سامهون واري ڪنڊَ تي هوٽل هاليڊي جي ڊگهي عمارت هُئي جنهن جو روشنين ۾ (Neon – Signs) لکيل نالو پري کان نظر اچي رهيو هو. ان جي سامهون ڪتابن جو دڪان هو. انهن دڪانن جي ڀر ۾ ربي ريسٽورنٽ هئي جنهن جي مٿان Muslim  پڻ لکيل هو. معنا هن موٽل ۾ مسلمانن لاءِ حلال کاڌو آهي.
اسان کان اڳ آيل، هڪ  ملئي فيمليءَ جا ڀاتي، در جي جي ويجھو واري ميزَ تي ماني کائي رهيا هُئا هوٽل ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪرين مان هڪ ملئي ۽ هڪ ٿائي کين Serve ڪري رهي هُئي. هڪ ٻئي ٽيبل تي تامل فئملي هُئي جيڪا لڳو ٿي ته انڊيا کان گهمڻ آئي هُئي. بئنڪاڪ کان، هتي جي هوائي ڪمپني Thai ايئر لائين جو مدراس يا بمبئي تائين ڀاڙو گهٽ پوي ٿو. ان کانسواءِ ٿائلنڊ مان سستي شاپنگ به ٿيو وڃي.
هوٽل جا باقي ٽيبل خالي هُئا. هڪ تي اسين ويٺاسين. سامهون V.C.R ذريعي ٽي ويءَ تي هڪ انڊين هندي فلم ”اجازت“ هلي رهي هُئي. (هيرو ۽ هيروئن وڻ جي چوڌاري ڦري گانو ڳائي رهيا هُئا) جنهن شيشي جي ڪٻٽ ۾ ٽي وي رکيل هُئي ان جي مٿان ٻيا به  ڪيترا ئي ڪئسٽ رکيا هئا. ڪجهه تامل ۽ هندي فلمن جا هئا ته ڪجهه WWF (ورلڊ ريسلنگ فيڊريشن) جي  ڪشتيءَ جا. پئسا وٺڻ واري ٽيبل تي هڪ سنهو همراهه، پنجويهه ٽيهه سالن جو ويٺل هو. هاشم ذري ذري چوي ته هيءَ پاڪستاني جي هوٽل آهي ۽ هو همراهه پاڪستاني آهي. اڙدو به ڳالهائي ٿو ۽ آئون ساڻس ضرور ملان.
نيٺ مانيءَ بعد کاڌي جو بل چڪتو ڪري پڇيو مانس ته آيا هو پاڪستان جو آهي.
”ها. ۽ ڇا توهان به پاڪستاني آهيو؟“ هن مونکان پُڇيو.
”هائو. پر ملائيشيا ۾ رهان ٿو. اتان هتي آيو آهيان.“ مون هاڻ ساڻس اڙدوءَ ۾ ڳالهايو.
”معاف ڪجو. مون توهان کي سڃاتو ڪونه. نه ته هر پاڪستانيءَ سان آئون پاڻَ ئي اچي ملندو آهيان.“ هوٽل واري چيو.
”ٻين کي ڪيئن سڃاڻين ته اهي پاڪستاني آهن؟“
”ڪپڙن مان. اهي گهڻو ڪري شلوارَ قَميص ۾ هوندا آهن ـــ چاهي ڪو سنڌي پنجابي هجي يا پٺاڻ بلوچ. اڄ ڪلهه پاڪستاني ۽ افعاني ان ڊريس مان سڃاتا وڃن ٿا. توهان پهريان آهيو جيڪي نڪر ۾ آيا آهيو.“
”هو پري کان ايندا آهن، آئون هتان ويجھو آيو آهيان ان ڪري چڍيءَ ۾ آهيان.“ مون چرچي طور چوندي کيس پنهنجو نالو ٻڌايو.
”۽ منهنجو نالو حاجي شبير احمد آهي. ٽن چئن مهينن کان هتي رهان ٿو.“
ٽيهن ورهين جي جوان شبير احمد وڌيڪَ ٻُڌايو ته هو لاهور جو آهي جتان بي ـــ ڪام ڪرڻ بعد لاهور ۾ ڪجهه سالَ ڪار ڊيلر ٿي رهيو. سندس پنهنجو Shabbir Motors نالي لاهور جي لبرٽي پلازا ۾ شو روم هو. جتان پوءِ  جپان جي شهر سائتاما ۾ ٻه سال کن غاليچن جو واپار ڪيو. هاڻ هتي سندس دوست طارق وٽ رهيل آهي جنهن جي هيءَ Ruby Restaurant نالي هوٽل آهي.
”طارق هن وقت سامهون واري ”پاڪستان مسجد“ ۾ سومهڻي جي نماز پڙهڻ ويو آهي. ڄاڻ ته آيو.“ شبير ٻڌايو.
”ڀلا طارق ڪڏهن کان ٿائلنڊ ۾ رهي ٿو ـــ؟“ مون پڇيو.
”هو ٻن سالن کان هتي آهي.“
”هتي جي پي آر (Permanent Residency) يعني پڪي رهائش ڪيئن مليس؟“ مون معلوم ڪرڻ چاهيو.
”هن جي زالَ ٿائي آهي.“ هن سامهون ڪچن ۾ هڪ عورت ڏي اشارو ڪندي ٻڌايو جيڪا آيل گراهڪن لاءِ ڪجهه پچائي رهي هُئي. ”ٻه سال اڳ هو بئنڪاڪ گهمڻ آيو هو ۽ اتي هن سان شادي ڪيائين.“
”اسانجا پاڪستاني به هاڻ ڪافي سمارٽ ٿي ويا آهن ۽Marriage of Convenience  چڱي عام ٿيندي وڃي.“ مون دل ئي دل ۾ سوچيو.
ڇوڪريءَ ڏي لڳاتار نهاريندو ڏسي شبير چيو: ”سائين هاڻ هوءَ مسلمان آهي.“
”ماشاءَ الله ڀلا پوءِ توهان هتي رهڻ جو بندوبست ڪيئن ڪيو آهي؟“
”منهنجي مهيني جي ويزا ختم ٿيندي آهي ته ٿائلنڊ ملڪ ڇڏي، ڀر واري ملائيشيا جي شهر پينانگ هليو ويندو اهيان. جتان وري  ٿائلنڊ موٽڻ تي وڌيڪ مهيني جي ويزا ملي ويندي آهي.


اي جرني ٽو ٿائيلينڊ ڪتاب تان کنيل


No comments:

Post a Comment