Saturday, September 21, 2013

ٿائي عورت جي سمگلنگ - الطاف شيخ

ٿائي عورت جي سمگلنگ
 الطاف شيخ

بهرحال هاڻ وري ڪيتريون ٿائي ڇوڪريون ملائيشيا گهمڻ جي ارادي سان پهچي، ڪنهن امير يا اثر رسوخ جون سرتيون (Keeps) ٿي رهن ٿيون. يا وري ملائيشيا جا چيني گڙنگ، جيڪي ملائيشيا ۾ سختي هجڻ جي باوجود اٽڪل بازيءَ سان شراب، جوا ۽ عياشي وغيرا جا اڏا هلائين ٿا، سي مختلف نمونن سان ٿائي ڇوڪرين کي ملائيشيا گهمڻ جي ويزا تي يا ڪنهن ٻئي بهاني سان، ملائيشيا آڻي پوءِ ڏورانهن هنڌن تي کين لڪايو ڇڏين. پوءِ وقت بوقت کين خاص گراهڪن آڏو پيش ڪري پئسو ڪمائين ٿا. ان قسم جا به ڪيترا ئي پاٿاريدارَ پڪڙيا ويا آهن جن جو ذڪر اخبارن ۾ ايندو رهي ٿو.

آخري ڏينهن تي ريل ذريعي جڏهن ٿائلنڊ کان ملائيشيا موٽي رهيو هوس ته هڪ سورهن سترهن سالن جي ٿائي ڇوڪري ۽ هڪ ٻي پنجويهه ٽيهه ورهيه ڄمار واري ٿائي عورت، اسان واري دٻي ۾ ئي سفر ڪري رهيون هيون. پڊانگ بسار وٽ ڪسٽم ۽ اميگريشن جي چڪاس ٿي. ان بعد گاڏي ملائيشيا جون مختلف ريلوي اسٽيشنون لتاڙڻ لڳي. هنن ٿائي عورتن سان گڏ، ظاهري طرح هڪ ملئي ڇوڪرو گڏ گڏ هو، جنهن جي عمر ويهارو سال ڪا مس هوندي. ڪو به هن جي نيت تي شڪ نٿي ڪري سگهيو. پر هتي جي پوليس جيڪا ڪافي قابل، مڃيل ۽ ايماندار چئي وڃي ٿي. جنهن لاءِ انگلينڊ جي پوليس به واکاڻ ڪندي آهي، ان جي خفيه برانچ وارن هڪ ٻن اسٽيسن بعد کين جھلي ورتو.
ملئي ڇوڪرو منهنجي پاسي واري ڊبل سيٽ تي ويٺل هو ۽ ان جي پٺيان واري ڊبل سيٽ تي هي ٻئي ٿائي عورتون هيون. باقي اڳين پوين سيٽن تي ڪجهه مڪاني ماڻهو هئا ته ڪجهه يورپ آسٽريليا جا ٽوئرسٽ.
بارڊر واري شهر ٽپڻ کان پوءِ سگهوئي اهو نوٽ ڪيم ته عام ڊريس ۾ ٻه همراهه ذري ذّري منهنجي پاسي واري سيٽَ تي ويٺل ملئي ڇوڪري (جنهن پنهنجو نالو فوزي عبدالله ٻڌايو) ۽ پويان ويٺل ٿائي عورتن سان اچيو ڳالهائين. پهرين آهستي آهستي جيئن ٻيا مسافر ڊسٽرب نه ٿين پر پوءِ ڪجهه ڇڙٻ ۽ دڙڪي سان ساڻن سوال جواب ڪرڻ لڳا. ملئي ڇوڪري جو شناختي ڪارڊ ۽ ٿائي ڇوڪرين جي سفر جا ڪاغذ ذري ذري ڏسندا رهيا. خفيه پوليس جي ٻن سپاهين مان هڪ، منهنجي ڀر واري خالي سيٽَ تي به اچي ويٺو ٿي. آخر ملئي زبان ۾ مون کانئس پڇيو ته ڇا ڳالهه آهي ۽ اهي ڪاغذ ڇا جا آهن ـــ؟
”هي ڪاغذ هنن ٿائي ڇوڪرين جا Travel Documents آهن جن ۾ لکيل آهي ته هي ٿائي عورتون ملائيشيا بارڊر کان فقط پنجويهه ميل ملائيشيا اندر سفر ڪري سگهن ٿيون، وڌيڪَ نه ـــ يعني وڌ ۾ وڌ ارائو (Arau) ريلوي اسٽيشن تائين جيڪا ڪڏهوڪي لنگهي ويئي پر هي نه لٿيون. ان ڪري اسان کي شڪ آهي. پڇڻ تي ڪڏهن پينانگ تائين وڃڻ جو ٻڌائين ٿيون ته ڪڏهن ڪوالالمپور تائين جو. ڏسو هي صاف صاف Tidak Labeh ۲۵ KM لکيو پيو آهي.“ هن مونکي ڪاغذ ڏيکاريندي چيو، جن تي هنن جا فوٽو به لڳل هُئا. ننڍي عمر جي ڇوڪريءَ جو نالو ”ملوات“ لکيل هو ۽ وڏيءَ جو ”ناتاپورن“.
مون پنهنجي سڃاڻپ ڪرائيندي کانئن پڇيو ته آيا هو اميگريشن ڊپارٽمينٽ سان تعلق رکن ٿا يا ريلوي ڊپارٽمينٽ سان.
”اسين ملائيشيا جي خفيه پوليس جا ماڻهو آهيون ۽ هنن کي بارڊر کان وٺي تاڻيندا اچون. هنن کي هي ملئي ڇوڪرو وٺيو پيو وڃي. پر پاڻ مڃي نٿو.“
”هي ــــ!“ مون فوزي عبدالله ڏي اشارو ڪندي تعجبَ مان پڇيو. ڇو ته هن جي معصوم چهري ۽ ننڍي عمر ڪري، بنا  ثبوت جي، اهو مڃڻ مشڪل لڳو ٿي، ”توهان ڪيئن ٿا چئو؟“
”ڇوڪريون مڃن ٿيون،“ هن ٿائي عورتن ڏي اشارو ڪندي ٻڌايو، جن اسان جي نهارڻ تي پنهنجي سڪل چپن تي هلڪي مرڪ آندي. ”هو چون ٿيون ته هو هن ملئي ڇوڪري سان گڏ هلن پيون. دراصل هن سڄي ڪرتا ڌرتا جو اڳواڻ ڪو ٻيو آهي جيڪو هي ڪم ڪرائيندو رهي ٿو. هن ملئي ڇوڪري کي ته ائين ئي استعمال ڪيو ويو آهي. اهڙي ريت ٿائلنڊ کان ڪڏهن ڪڏهن بارود گوليون پڻ ملائيشيا ۾ سمگل ڪيون وڃن ٿيون. هي ڇوڪريون ڪوالالمپور جهڙي  شهر ۾ چئن پنجن هزار ڊالرن (ٽيهه چاليهه هزار رپين) ۾ وڪيون وينديون.
مون ٿائي ڇوڪرين ڏي وري نهاريو. هو ساڳي پهرين واري روايتي ٿائي مرڪ سان مرڪي رهيون هيون. جنهن جو هن وقت اهوئي مطلب چئي سگهجي ٿو ته ”اسين بي وس ڇا ڪريون. چين سڪون جي جنهن اُميد تي سفر ڪري رهيون هيوسين، پڪڙجڻ تي اها اميد ختم ٿي ويئي.“
ڪجهه ائين لڳو ٿي ته هو ايترو ته نا اميدن ۽ نراسائن جو شڪار ٿيل آهن، جو هڪ ٻي اميد کي نا اميد ۾ بدلجندو ڏسي، کين ذري ماتر به رنج، افسوس يا صدمو نه پيو محسوس ٿئي. سندن چهري تي ڪو به Reaction نه هو. جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته هنن جي نصيب ۾ ڄڻ ڏک ئي ڏک هجن يا ڪنهن غنڊي جي اڏي تي. پنهنجو ملڪ هجي يا ڌاريون ملڪ، پوليس جي لاڪ اپ ۾ هجن، سندن زندگي لڳاتار جسماني پورهيو ۽ ذهني پيڙا آهي.
”ڇا تو کي پڪ آهي ته تون هنن عورتن کي نٿو سڃاڻين؟“
عام ڊريس ۾ ملبوس، هنن پوليس وارن مان هڪ، ملئي ڇوڪري فوزي کي وارن کان ڇڪي، سوال ڪيو.
ملئي ڇوڪري احتجاج ڪندي پهرين پنهنجا وار پوليس واري جي هٿ مان ڇڏايا. پر اتي جو اتي ٻي پوليس واري کيسي مان هٿ ڪڙي ڪڍي ڇوڪر جي ٻانهن ۽ ڪرسيءَ جي لوهي ٻانهن ۾ هنئي.
”جھٽ جھٽ ٻڌاءِ. جيڪڏهن تون اسان سان سچو ٿيندي ته وڏي سزا کان بچي ويندين.“ پوليس واري هاڻ سختي ڪرڻ بدران کيس ڌيرج سان آهستي آهستي سمجهايو. ساڳي وقت هنن چوڌاري دٻي ۾ نظر ڊوڙائي ته آيا سندن ان وٺ پڪڙ سان ٻيا مسافر پريشان ته نه پيا ٿين. پر ٻيا سڀ اڻ سڌُ ستا پيا هئا. يا دريءَ مان ٻاهر جو نظارو ڪري رهيا هُئا.
ڇوڪرو جيتوڻيڪ ننڍي عمر جو هو گهٽ ۾ گهٽ ڏسڻ ۾ معصوم لڳو ٿي پر پوليس کان بنهه نٿي ڊنو. هن ڪافي دير تائين  نه مڃيو سو نه مڃيو. ريل پنهنجي رفتارَ سان پنهنجي منزل (پينانگ) ڏي وڌي رهي هئي. پينانگ اچڻ ۾ هاڻ باقي ڪي ٽي چار اسٽيشنون هيون. پوليس وارن کي بيحد گهڻي تڪڙ هئي، ڏوهه مڃرائڻ جو ڪم، هنن پينانگ کان اڳ ڪرائڻ چاهيو ٿي جيئن هنن کي هن ڏوهه پٺيان لڪل همراهه يا ٽولي جي ڄاڻ پئجي سگهي. هنن کي پڪ هئي ته اصل ماڻهو پينانگ ۾ ضرور ايندو، جنهن هن انساني سمگلنگ تي پئسو لڳايو آهي.
ٿوري دير بعد پوليس واري ڇوڪري جي کيسن جو جھاڙو ورتو. هن کي اهو گمان اچي ٿيو ته متان هن وٽ ڪو هٿيار هجي جيڪي ٿائلنڊ ۾ (خاص ڪري اتر ٿائلنڊ ۾)، ڪمپوچيا ۽ لائوس جي بارڊر تي ائين سولائيءَ سان ملن ٿا جيئن اسان وٽ افغانستان جي بارڊر يا پشاور يا لنڊي ڪوٽل ملن ٿا.
ان جھاڙؤَ ۾ پستول يا خنجر ته ڪونه نڪتو پر ڇوڪري جي کيسي مان سفر جي هڪ ٽڪيٽ بدران ٻه نڪري آهيون. جن جي پڇا تي هن کي ٻڌائڻو ئي پيو ته اها سندس هڪ ٻئي ملئي دوست جي آهي جيڪو ٻه چار سيٽون اڳيان ويٺو آهي. ان بعد پوليس وارن جو ڪم آسان ٿي ويو. ان ڇوڪري کي به آڻي سندس ڀرسان وهاريائونس ۽ ٻي هٿ ڪڙي هن جي هٿن ۾ هنيائون. هي جيتوڻيڪ پهرين کان ڀريل جسم جو هو پر بيحد ڊڄڻو هو. ٿوري ئي دڙڪي دامان تي نڙي خشڪ ٿي ويس ۽ اُگلي ڇڏيائين ته هي واقعي هنن ڇوڪرين کي سڃاڻن ٿا ۽ ڪنهن جي چوڻ تي کين ٿائلنڊ کان وٺيو پيا اچن.
”پينانگ ۾ ڪنهن جي حوالي ڪرڻيون اٿانو؟“ پوليس پڇيو.
”اها اسان کي به خبر ناهي.“ هاڻ ته پهرين واري ملئي ڇوڪري به ٻڌائڻ شروع ڪيو، ”اسان کي ڪو روزگار ڌنڌو ناهي. هڪ توڪئي (چيني سيٺياڻيءَ) اسان کي ٿائلنڊ وڃڻ اچڻ ۽ کاڌي پيتي جو خرچ ڏنو آهي ۽ مٿان ٻه سؤ ڊالر خرچي ته هنن کي پاڻ سان وٺي اچون.“
”هنن کي توهان جي حوالي ڪنهن ڪيو؟“ پوليس ڇوڪرن کان پڇيو.
”هدايتن موجب هنن کي اسان سان هاتيائي (ٿائلنڊ جي ريلوي اسٽيشن) تي ملڻو هو. پوءِ پينانگ (ملائيشيا) تائين مٿن نظر رکڻي هئي ته ڪٿي لهي ڀڄي نه وڃن.“
پوليس ڇوڪرن سان ان شرط تي نرميءَ جو وعدو ڪيو ته هو اندران ئي اندران پوليس سان ملي ان چيني سيٺياڻيءَ کي ٻڌرائڻ ۾ مدد ڪن جيڪا هن قسمَ جي انساني سمگلنگ جو ڌنڌو هلائي رهي آهي.
ڇوڪري مڃيو ۽ سندن هٿ ڪڙيون کوليون ويون.
مون ڇوڪرين ڏي نهاريو. سندن منهن تي اهائي ساڳي ۽ اوتري جي اوتري مرڪ هُئي. نه وڌ نه گهٽ. سندن ”رهنمائن“ يا ”چوڪيداري ڪندڙن“ کي هٿ ڪڙيون پئي لڳيون ته به سندن اهوئي چهرو ۽ اُهائي مرڪ هئي. هٿ ڪڙيون کليون ته به اهوئي چهرو اوترئي مرڪ هئي.
پوليس ڇوڪرين کان به سوال ڪيو ته هو ڪنهن وٽ وڃي رهيون آهن. پر هنن اهوئي ٻڌايو ته ان بابت کين ڪا خبر ناهي. کين سندن ٿائي مالڪ اهو ئي ٻڌايو آهي ته هڪ ملائيشيا جي چيني سيٺياڻيءَ کين خريد ڪيو آهي ۽ هاڻ هن جي مرضيءَ مطابق کين هلڻو آهي.
پوليس طرفان جيئن ئي ڇوڪرن کي چرپر جي موڪل ملي ته سنهو ڇوڪرو اٿيو ۽ گاڏيءَ جي هوٽل واري بوگيءَ مان ٻه ڪوڪا ڪولا جا دٻا خريد ڪري آيو. هڪ مان اڌ اڌ ڪري پاڻ ۽ سندس ٿلهي دوست پيتو. ٻيو دٻو ڇوڪرين کي پيئڻ لاءِ ڏنو. جيڪو وڏي عمر واري عورت وٺي ننڍي عمر واريءَ کي پهرين پيئڻ لاءِ ڏنو. پر هن بنا پيئڻ جي پاسي کان ئي رکي ڇڏيو. اتي هنن خفيه پوليس جي ايجنٽن جو صاحب پڻ اسان جي دٻي ۾ اچي ويٺو جيڪو پڻ ان ريل گاڏيءَ ۾ موجود هو ۽ هنن پوليس وارن وانگر سادي لباس ۾ هو.
پينانگ اچڻ ۾ هاڻ فقط ڪا هڪ ريلوي اسٽيشن ”بڪت مرتجام“ هئي. پوليس جي صاحب جو خيال هو ته متان هن گاڏيءَ ۾ چيني سيٺياڻي جو ڪو ٽيون همراهه هجي جيڪو ٿائي عورتن ۽ ملئي ڇوڪرن تي نظر رکندو هجي ۽ هن سڄي ڪاروائيءَ کان ايندڙ اسٽيشن تي لهي فون ذريعي آگاهه ڪري ۽ سيٺياڻي، جيڪا هينئر پينانگ جي ريلوي اسٽيشن (بٽرورٿ) تي هوندي، متان ڀڄي نه وڃي. سو ڇوڪرن کان ان مالڪياڻيءَ جي ڪار جو رنگ ۽ نمبر پڇيو جيئن پينانگ پوليس کي پاڻ اطلاع ڪري هن کي ڀڄڻ کان جھلرائي. پر ڇوڪرن کي ان بابت ڪا خبرَ نه هُئي.
هڪ پوليس واري هنن ٿائي ڇوڪرين کي ٿائي زبان ۾ سمجھايو ته پينانگ ۾، هي ڇوڪرا توهانکي جنهن پاٿاريدار عورت جي حوالي ڪرڻ وارا آهن، ان سان هيءَ پوليس جي روئداد بيان هرگز نه ڪجو.
ٻنهي هائوڪار ۾ ڪنڌ جي ڌوڻ ڪئي. مون هنن ڇوڪرين ڏي وري ڏٺو. سندن چهري تي نه ڪا خوشيءَ جي ليڪَ هُئي ۽ نه وري غمَ جي ريکا. نه ڊپ جو اولڙو نه نراسائيءَ جي لهر. سندن چهرو ساڳيو هو، جهڙو شروع کان هو. هنن جي چهري تي هن وقت به اهائي هلڪي اڌ گابري مرڪ ڄڻ ڇپي پيئي هئي.
ٿائلنڊ واري هن گاڏيءَ جي آخري منزل پينانگ جي ريلوي اسٽيشن (بٽرورٿ) ٿئي ٿي. اڳتي وڃڻ وارا هتان ريل گاڏي بدلائيندا آهن. جيئن مونکي ڪوالالمپور وڃڻ لاءِ ٻي گاڏي ءَ جي پليٽ فارمَ تي وڃڻو هو. پينانگ (بٽرورٿ) پهچڻ تي اسين سڀ پئسنجر لٿاسين. ملئي ڇوڪرا ۽ ٿائلنڊ واريون مايون اسان واري دٻي مان هيٺ لٿيون. پوليس وارا، گاڏيءَ منجھان انداران ئي اندران هلي ٻئي دٻي مان لٿا. سندن هٿن ۾ خالي بئگون هيون جيئن ڪنهن کي به شڪ نه ٿئي ته هو ڪي خفيه پوليس سان تعلق رکن ٿا. هر ڪو اهو سمجهي ته هي به مسافر آهن.
اسٽيشن کان ٻاهر نڪري ضرور ان پاٿاريدار چيني عورت کي جھليو هوندائون. ان سان، ان ڪاروبار ۾ شامل ٻين ساٿين کي پڻ جھليو هوندائون. آئون اسٽيشن کان ٻاهر وڃي نه سگهيس جو ڀر واري پليٽ فارمَ تي منهنجي ڪوالالمپور واري ٽرين وڃڻ لاءِ تيار بيٺي هُئي.

اي جرني ٽو ٿائيلينڊ ڪتاب تان کنيل


No comments:

Post a Comment