پينانگ
کان ڪئالا ڪنگسار
الطاف
شيخ
دير ٿي رهي هئي سو هوٽل مان فقط چانهه جو ڪوپ پي پينانگ
ڇڏيم. ڏينهن جي روشنيءَ ۾ ئي ملاڪا پهچڻ چاهيم ٿي جو منهنجي گاڏيءَ جي جيتوڻيڪ
انجڻ سٺي حالت ۾ هئي پر تڏهن به پراڻي هجڻ ڪري رات جي سفر کان پاسو ٿي ڪيم. ملاڪا
۽ پينانگ جي وچ ۾ ۵۰۹ ڪلوميٽر فاصلو آهي. وچ ۾ بٽرورٿ، بڪت مرتجام، سمپانگ امپت،
سنگائي باڪپ، پارت بنتار، باگان سرائي، ڪئالا ڪنگسار تنجنگ رمبوتان، اپوح، گوپانگ،
مالم ناوار، سلم رور، ڪمپار، تاپاح، بدور، تجنگ مالم، ڪمپنگ ڪُبو، راوانگ،
ڪوالالمپور، سريمبان، لبق چينا ۽ مسجد تاناح جهڙا ننڍا وڏا ڪيترا ئي شهر اچن ٿا.
پينانگ جي فيري اسٽيسن تي پهتس ته فيري تيار بيٺي هئي.
مٿئين در کان پيادا ۽ هيٺين در کان ڪارون، وئگنون وڃي رهيون هيون. ان رستي کان
پنهنجي ڪار کي ڦيرائي فيريءَ جي ڊيڪ تي اچي بيهاريم. ويهارو کن ڪارون اڳهين بيٺيون
هيون. اهڙيون ڏهه پندرهن ٻيون اچڻ تي فيري ڀرجي ويئي. جيٽيءَ تي بيٺل تامل خلاصين
رسا کوليا ۽ فيري بٽرورٿ ڏي رڙهڻ لڳي. پينانگ ٻيٽ کان بٽرورٿ تائين ڪار ڍوئڻ جو
ڀاڙو ٽي ڊالر آهي، جيڪي فقط موٽندي وقت وٺن.
مسافر ۽ موٽر گاڏيون کڻندڙ جهاز (فيري)، جيسين سمنڊ لتاڙي
تيسين ڪار مان ٻاهر نڪري سندس ڊيڪ تي چڪر هڻڻ لڳس. فيريءَ جي ڪنڊ تي چانهه بسڪٽن
جي پيڍي هئي. دڪاندار تامل عورت کان هڪ ڊالر جا ٻه بن ۽ چونئرن جي ٿيلهي وٺي پنهنجي
پر ۾ نيرن ڪيم. هڪ چيني همراهه پلاسٽڪ جي ڇٻڙيءَ ۾ ڪافي ۽ شربت وڪڻڻ لاءِ کڻي اچي
لنگهيو. پنجاهه سينٽ ان کي ڏيئي ڪوڪا ڪولا ورتم. ڪوٽ جي کيسي جيڏي اڇي پلاسٽڪ جي
ٿيلهيءَ ۾ برف جا ٽي چار ڳوڙها ۽ اڌ بوتل ڪوڪاڪولا جي وجھي منجھس ڪاني (Straw) ٽنبي مٿان گلابي رنگ جي پلاسٽڪ جي تند سان
منهن ٻڌي ڏنائين. جيئن هارجي نه ۽ ساڳي وقت ڪانيءَ ذريعي پي به سگهجي.
بٽرورٿ پهچي پنهنجي ٽي سال اڳ ورتل سيڪنڊ هئنڊ ڪار کي
فيريءَ مان ڪڍي هلائڻ شروع ڪيم. ڪيتريون ئي لاريون، ٽرڪون ڪارون، بسون ۽ رستن مان
ڦٽندڙ ٻيا گهڻا رستا ايندا ويا ۽ گذرندا ويا. ڪجهه دير بعد شهر جون حدون ختم ٿيڻ
تي لارين ڪارين جي ٻوڏ ۽ رستن جي ڦنڊ ڦوٽ گهٽ ٿي. هاڻ رکي رکي رستن جي پاسي تي
پيٽرول پمپ، ناريل، پامل آئل ۽ رٻڙ جي پوک نظر آئي ٿي. يا زيتون، پوميلا (گريپ
فروٽ جهڙو ميوو) يا جمبو (زيتون) وڪڻندڙ ملئي ۽ چيني رستن جي ٻنهي پاسن تي هئا.
پڪي رستي تي رات جو گاڏيءَ هيٺان اچي مئل سانڍن، اگوانن ۽ ڀولڙن جون کلون لتل
هيون. سندن آنڊا گجيون ڪڏهوڪو ڪانگ کڻي ويا هئا.
شروع وارن ڳوٺن ۾ رستي تي ٺهيل مسجدن، مندرن، گرجا گهرن ۽
چيني عبادت گهرن مان ماڻهو آيا ويا پئي. ان بعد اٺين تائين اسڪولن جا آسماني ۽
فيروزي رنگ جي يونيفارم ۾ ٻار پنڌ، سائيڪلن تي سوار يا بسن جي انتظار ۾ مليا. ان
بعد ڀاڄي ڀتي وٺڻ وارا ماڻهو ـــ خاص ڪري عورتون ٻانهن ۾ ڇٻيون لڙڪائينديون مارڪيٽ
ڏي وينديون نـظر آيون.
بڪت مرتجام، سمپانگ امپت، سنگائي بڪاپ، ڪمپونگ فلاڻو ۽
ڪمپونگ فلاڻو ـــ هڪ ٻئي پٺيان ڳوٺ ۽ شهر لنگهندا ويا. مون به چاهيو ٿي ته بنا
ترسڻ جي يڪ ساهيءَ جيترو سفر پورو ڪري سگهان اوترو سٺو. چانهه يا منجھند جي ماني
اڳتي هلي اپوح ۾ کائڻ جو ارادو هوم. پر ان کان اڳ ايندڙ هڪ شهر ڪئالا ڪنگسار وٽ
پهچڻ مهل ٿڪجي پيس. ڪئالا ڪنگسار شهر اپوح کان جيتوڻيڪ گهڻو ننڍو آهي پر تواريخي
شهر آهي. منجھس ريلوي اسٽيشن پڻ آهي. جيڪا
بلڪل هاءِ وي جي ڪپر تي آهي. جيئن پاڻ وٽ ڪن ڪن ڳوٺن جون ريلوي اسٽيشنون آهن. اسٽيشن
وٽ هاءِ وي کي ڪافي موڙ اچڻ ڪري ڪار جي رفتار بنهه گهٽ ڪري هلائڻ لڳس. ايتريقدر جو
ريلوي اسٽيشن جي سامهون واري ڀت تي لڳل نوٽيس بورڊ به صاف نظر اچي رهيو هو. ٻه ٽي
پوڙهيون ملئي عورتون باجو ڪرونگ (Baju-Kurung) ۾
ڊزن کن ٻارن ۽ اوترن ئي هڙن سان ريل گاڏيءَ جي انتظار ۾ بيٺيون هيون. پاسي کان پڪي
رستي وارين هوٽلن تان هڪ ئي وقت ”علي ڪئٽ“ ۽ ”جليزا“ جا ملئي گانا پئي هليا ته
چيني ۽ انگريزي گانا پڻ.
Jika Begini terbiar mennati,
tanpa kata kata.....
گاني جي تال سان گڏ چانهه ٺاهڻ واري چمچي جو آواز پڻ. ڪجهه ڪجهه پاڪستان، هندستان، سريلنڪا
۽ بنگلاديش جي ريلوي اسٽيشن وارو ماحول لڳي رهيو هو. مذهب، زبان، ڪلچر وغيره کڻي
انهن ملڪن جو ٻيو رهيو هجي پر حاڪم ته ساڳيو انگريز هو! سو ڇو نه ماحول ۾ هڪ
جهڙائي هجي.
ڪار جي رفتار اڃا به گهٽ ڪري پڪي تان لهي ڪچي تي ٿيس جيئن
پوين گاڏين کي اڳيان نڪري وڃڻ جو وجهه
ملي. پوءِ ڪار کي پاسي تي پارڪ ڪري
اسٽيشن جي در وٽ آيس. باٿ روم ۾ وڃڻ جو ارادو هوم. جنهن کي تاڙيم پئي ته ساڄي پاسي
پليٽ فارم تي رکيل ڪاٺ جي پٽين واري ڊگهي بئنچ تي ڏاڍي سڪون سان ويٺل چار ڊگهين
ڏاڙهين وارا پوڙها سک نظر آيا.
اسٽيشن جو مين گيٽ لتاڙي اندر ٿيس ته اهي سک جيڪي ريل
گاڏيءَ جي پٽي ڏي منهن ۽ پڪي رستي ڏي پٺ ڪيو ويٺا هئا، تن منهنجي پيرن جي آواز تي
مون ڏي مڙي ڏٺو.
”ست سري اڪال.“ مون کيڪاريو مان.
”ست سري اڪال.“ هنن وراڻيو ۽ عجب مان اٿي بيٺا. هن ننڍڙي
شهر ڪئالا ڪنگسار ۾ ـــ جنهن جي ريلوي اسٽيشن ۾ سواريءَ لاءِ رڳو هڪ ملئي فئملي انتظار
۾ هئي، پاڪستاني سٿڻ قميص ۾ آئون ائين نئون هوس، جيئن جنگشاهيءَ جي ريلوي اسٽيشن
تي ڪو ڏاڙهي ۽ پٽڪي سان سک اچي بيهي. جنگشاهي ته وري به آدمشماري جي لحاظ کان ڪئلا
ڪنگسار کان پنجوڻ ڇهوڻ وڏي آهي.
اورنگزيب جيڪو سکن کي رنجايو هو، ان لاءِ مون پاڪستاني کي هاڻ
احساس جرم نه هئڻ کپي جو سکن خاطر گذريل ڏهاڪو سالن ۾ خبر ناهي ڪيترن پاڪستانين
قربانيون ڏنيون هونديون، ڪيترا ڪوڙا الزام مڙهي کين مختلف حڪومتن پاڪستانين کي تنگ
ڪيو هوندو. جنهن مهمان نوازي ۽ کلئي دل
سان پاڪستان حڪومت ۽ عوام سکن کي پاڪستان ۾ سندن پاڪ جاين تي اچڻ لاءِ آڌر ڀاءُ
ڪري ٿي، اوتري ته اسان مسلمانن جي سعودي
عرب جي حڪومت به نٿي ڪري. اڄ جي سکن جو ڏهون گرو گوبند جيئرو هجي ها ته اهو به کلي
کيڪاري ها. اهي سوچي مون بنا تڪلف جي ڪئالا ڪنگسار جي هنن سکن سان ملڻ چاهيو ٿي.
ٿوري دير ساڻن گڏ ان ڪاٺ جي بئنچ تي ويهي خبرچار وٺڻ چاهي ٿي.
انهن چئن مان هڪ جو نالو پرتاب سنگهه هو. عمر پنجاسي سالَ.
باقي ٽي ڄڻا ننڍين عمرن جا ـــ هر هڪ سٺ ستر سالن جو، شهر سنگهه، پال سنگهه ۽
نرينا سنگهه هو. مون ساڻن هٿ ملائي پهرين ته باٿ روم جو معلوم ڪيو. منهنجو اڇل مان
پڇڻ ڪري يا ڪجهه ڪجهه ٻوڙا هجڻ ڪري هنن
ڪجهه به نه سمجھيو.
“Mana Tandas” هن دفعي ملئي
زبان ۾ پڇيم. هاڻ سڀني سمجھيو. وڏي عمر واري پرتاب سنگهه ننڍي عمر واري نرينا
سنگهه کي اشارو ڪيو ته اٿي ڏيکارينس. هن پهرين ته چشمو نڪ تي درست ڪري رکيو. پوءِ
پاسي کان لٺ کنئي ۽ بوٽ مٿان پير کڻي اندر وڌا. پوءِ گوڏن تي هٿ رکي اٿي بيٺو ۽
اڳيان وڌيون.
چند وکن بعد، اسٽيشن جي نالي واري بورڊ وٽ (جنهن تي اسٽيشن
جو نالو Kuala –Kangsar لکيل هو.) بنا درن جي ٽي مردانا ٽئاليٽ هئا،
جن جي ٻاهران Lelaki لکيل هو ۽ اهڙائي ٽي، درن سان عورتن لاءِ،
جن جي ٻاهران Prempuan لکيل هو معنيٰ خواتين لاءِ .
”سردار جي صحيح جڳهه تي وٺي آيو.“ مون دل ئي دل ۾ شڪر ڪيو.
هڪ دفعي پنهنجي ملائيشين دوست ميجر هريش داس وٽ پهريون دفعو ملٽري اسپتال ۾ ملڻ
لاءِ ويس. جتي هو ڏندن جو ڊاڪٽر آهي. رسيپشن تي ويٺل ملئي نرس کان ڊاڪٽر داس جو
پڇيم ته ڪٿي آهي: “Mana Das?”
هوءَ غريب فائيل بند ڪري اُٿي ۽ مون کي ورانڊي مان ڦيرائي
اسپتال جي پويان هڪ هن جهڙي چؤديواري اڳيان بيهاري معصوميت سان چيو: “Inilah Tandas” اهو ٻڌي پهرين ته آئون وائڙو ٿي ويس ته هيءَ
مون کي هتي ڇو وٺي آئي آهي پر پوءِ جڏهن چڱي طرح چيومانس Saya mahu
Jumpa Dr. Das تڏهن سمجھه ۾ آيس. هوءَ داس
بدران ٽنڊاس سمجھي ڪاڪوس ۾ وٺي آئي. ملئي زبان ۾ ڪاڪوس کي ٽنڊاس چون. هونءَ سنڌ ۽
پنجاب ۾ ڪيترن هنڌن تي ڪاڪوس لاءِ ٽنڊاس سان ملندڙ جلندڙ لفظ ”سنڊاس“ پڻ استعمال
ٿئي ٿو.
ٻاهر نڪري سکن سان
ڪجهه دير ڪچهري ڪرڻ تي دل چاهيو. سڀني چانهه پاڻي ۽ کاڌي لاءِ ڏاڍو زور ڀريو.
”وڏي مهرباني. هن وقت ڪنهن به شيءِ جي ضرورت ناهي. بس توهان
سان خوش خيريت ٿي اهو ئي ڪافي آهي.“
”نه . نه ائين ڪيئن ٿيندو.“ سردار پال سنگهه زور ڀريو،
”هيڏو پري ــ پاڪستان کان آيو آهين. ڪجهه ته اسان طرفان کائڻو پوندوءِ.“
”پر هينئر ته پينانگ کان اچان پيو ۽ هتي ملائيشيا ۾ ئي رهيل
آهيان.“
”تڏهن به پاڻيءَ چڪو ٿي وڃي.“ شهر سنگهه چيو.
نيٺ مون اهو ئي سوچي هائوڪار ڪئي ته جيسين ڪو شربت پيارين
تيسين کانئن خبر چار لهي وٺان. پر منهنجي ها ڪرڻ تي پرتاب سنگهه اٿيو ۽ گيٽ جي
ٻاهر وارين هوٽلن مان هڪ تي مون کي وٺي آيو. ٻيا همراهه اتي ئي ترسي پيا.
”هي ڪو نه ٿا اچن؟“ مون پڇيومانس.
”اسين سڀ هاڻ چانهه پي ويٺا آهيون. سڀ پوڙها آهيون. منڊڪ منڊڪ
ڪري جيسين سڀ پليٽ فارم جون ڏاڪڻيون، اسٽيشن جو دروازو ۽ رستو ٽپون تيسين تنهنجو
اڌ ڏينهن ته اتي ئي ويندو هليو.“
ملئي هوٽل ۾ در وٽ هڪ همراهه وڏي تئيءَ تي اڦراٽا (Roti Kosong) پچائي رهيو هو. سندس زال باتڪ جي گوڏ گراهڪن
کان آرڊر وٺي رهي هئي ته ڀُڳل مِي (Mee-Goreng) به ٺاهي رهي
هئي. مي سنهين سوين جو ٻوڙ ٿئي ۽ اٽلي جي
اسپا گهيٽيءَ سان ڪافي ملي ٿو. ٽهڪندڙ پاڻيءَ ۾ ستربيني جهڙي ڪچي مي کي منٽ کن اُٻاري پوءِ ڇاڻيءَ سان ڪڍي منجھس ڪنهن
به ٻوڙ جو ٿورو رس وجھي کائبي آهي. سردارجيءَ ڪجهه کائڻ لاءِ چيو پر مون ڪوڪا ڪولا
لاءِ ها ڪري، سندس احوال لکڻ لاءِ کيسي مان ڊائري ڪڍي.
اسي ـــ پنجاسي کن سالن جو پرتاب سنگهه اڄ کان سٺ سال کن اڳ
پنهنجي چاچي جي سڏائڻ تي پنهنجي ڳوٺ کان لڏي هيڏانهن ملائيشيا آيو هو. سندس اصل ڳوٺ
پنجاب جي ضلعي بٺندا کان ٽيهه ميل پري ڳوٺ
بري آهي. سندس چاچو ڀارا سنگهه ملائيشيا ۾ ۱۹۱۰ع ۾ آيو ۽ انگريز پوليس ۾ تڏهن
سارجنٽ ميجر ٿيو هو.
پرتاب سنگهه ڪجهه عرصو پوليس ۾ ننڍيون نوڪريون ڪرڻ بعد
واپار شروع ڪيو.
”ماڻهو تمام گهٽ هئا ان زماني ۾.“ پرتاب سنگهه اهو زمانو
ساري ٻڌايو، ”هينئر وانگر عوام وڌيل نه هو (لڳي ٿو سردار جي گذريل ويهن ٽيهن سالن
۾ نه پنهنجي ڳوٺ ويو آهي ۽ نه وري انڊيا جي ڪنهن ٻئي شهر ۾، جو کيس صحيح معنيٰ ۾
گهڻي آدمشماري وارن شهرن جي خبر پوي)
”پر سڪون جي زندگي ۽ سک ئي سک هو.“ هن وڌيڪ ٻڌايو ”مون سڄي
عمر ڪپڙي جو واپار ڪيو. هڪ ڪولي (مزور) رکيو هوم، جنهن کان ڪپڙو کڻائي ڏورانهن
ڳوٺن (Kampongs) ۽ ٻنين جاگيرن (Ladang) تي رهندڙ هارين نارين کي وڪڻندو هوس.“
(يعني جيئن پاڪستان هندستان ۾ ڳوٺن ۾
مڪراني عورتون يا پٺاڻ سامان جون هڙون کڻي وڪڻندا آهن)
”ڪپڙو ڪٿان وٺي ايندا هئائو؟“ مون پڇيومانس.
”تن ڏينهن ۾ ڪوالالمپور ايڏو وڏو واپاري شهر نه ٿيو هو. ڏکڻ
۾ سنگاپور اتر ۾ پينانگ خريداريءَ کان سٺا هنڌ هئا، جتان ڪپڙو وڍي ايندو هوس مون
پڇيومانس. چين، جپان، هندستان، جرمل (جرمن)، عروس (روس) کان سڀ جهاز مال کڻي اتي ايندا هئا.“
”گراهڪن ۾ گهڻا ڪير
هوندا هئا؟ چيني، ملئي يا تامل؟“
”سڀ . سڀ پر گهڻي ڀاڱي ملئي هئا. اوڌر جام هلندي هئي. بلڪه
عام جام هلندي هئي. پوءِ آهستي آهستي ڪري پيا ڏيندا هئا. لکت پڙهت ڪانه ٿيندي هئي.
ڪو هڪ اڌ اوڌر ڏيڻ ۾ ڏکيائي به ڪندو هو پر اسان گهڻي گُهر گُهر نه ڪندا هئاسين جو
گهڻي ضد تي ڪي ته ماڳهين چوندا هئا:
Mahu wang Atau Parang معنيٰ
پئسا گهرندين ته جھيڙو نصيب پوندءِ. پر ان قسم جا ڦڏي باز ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ هوندا هئا.
نه ته ملئي طبيعت جا نهٺا ۽ سادا ماڻهو آهن.“
”روزانو ڪيترا ميل سفر ڪندا هئائو”“ مون پڇيومانس.
”ڪڏهن پنڌ ڪڏهن سائيڪل تي ڏهه ڏهه پندرهن پندرهن ميل به پنڌ
ڪندو هوس. پوءِ ويجھڙائيءَ ۾ هڪ پڪ اپ به ورتم، ان تي ڪپڙو کڻي هلندو هوس.“
”اڃا تائين اهو واپار ڪريو يا نه“
”نه هاڻ ڪٿي سگهه رهي آهي. ٻار به وڏا ٿي ويا آهن. اسان تي
هاڻ ڪائي جوابداري نه رهي آهي. روز صبح جو
نائين ڏهين بجي اهي سڀئي پوڙها جيڪي ڏسين ٿو گهرن کان نڪرندا آهيون، پو ءِ شهر جو
چڪر هڻي هن وقت ان بئنچ تي اچي ويهندا آهيون. سڄي ڏينهن جون خبرون به ڪريون ته
گاڏيءَ جي اچڻ جو انتظار پڻ. هڪ بجي ڌاري ”گڊي“ ايندي آهي. جيڪي چار چڱا چهرا
لهندا چڙهندا آهن انهن جا ديدار پسي، ملڪ جو واءُ سواءُ لهي گهر اچي روٽي سوٽي
کائيندا آهيون. اولاد وڏو ٿي ويو آهي. اهو ڪمائي. اسان کي به کارائي.“
”ٻار گهڻا اٿو؟“
”بس ڀڳوان جي ديا آهي، ڇهه ڌيئون ۽ ٻه پٽ اهن. هڪ پٽ سرجيل
سنگهه ريل هلائي. اپوح ۾ رهي ٿو. هن کي ڇهه ٻار آهن. ٻيو پٽ نروان سنگهه پوليس ۾
ميجر آهي. پينانگ ۾ رهي ٿو.“
هوٽل جي ملئي مالڪڻ ڪوڪاڪولا جي خالي ٿيل بوتل ۽ پنجاهه
سينٽ وٺڻ آئي. ان سان گڏ مون به موڪليو. سردار پرتاب سنگهه وري اچڻ لاءِ وري وري
چيو.
”حياتي رهي ته انشاءَ الله وري ملبو.“
Kalau ada umar panjang
Boleh kita berjumpa lagi
ريلَ پوري وقت تي ريلوي اسٽيشن تي پهچي ڦيٿن تي بريڪ هنئي.
مون ڪار جو پاڻي ۽ تيل چيڪ ڪيو. پرتاب سنگهه پنهنجي ٽولي سان وڃي مليو. ڪار جي
انجڻ ۾ پاڻيءَ جي ضرورت هئي پر في الحال
ان کي ڇڏي ڪار ۾ اچي ويٺس، جلدي جلدي ڪار اسٽارٽ ڪري مون اسٽيشن جي حد مان ٻاهر
نڪرڻ چاهيو ٿي جو خدشو هوم ته متان ريلَ مان لهندڙ مسافرن ڪري رش ٿئي. پر ڪئالا
ڪنگسار جا ڪل ٽي مسافر لٿا. گاڏي اڌ منٽ کن ڪو مس ترسي رواني ٿي ويئي. لٿلن ۾ هڪ
انڊين تامل هو ۽ ٻه ملئي اڌروٽ عمر جا پتلون بشرٽ ۾ هئا. جن مان هڪ شايد سکن جو
سڃاڻو هو جو سڀني هن سان ويٺي ويٺي کيڪار
ڪئي/ يا ڪو چرچو ڪيو. تيسين آئون آهستي آهستي ڪار کي واپس پڪي رستي تي آڻي اڳتي وڌيس.
اڄ به منجهند ڌاري ڪئالا ڪنگسار ياد ايندو آهي ته يڪدم چار ئي
قربائتا پوڙها سک ياد اچي ويندا آهن جيڪي شهر جو چڪر هڻي چار چڱا چهرا ڏسڻ لاءِ
روزانو ريلوي اسٽيشن جي بئنچ تي اچي ويهندا آهن ـــ جھڙ هجي چاهي اُسَ هجي. مينهن هجي
چاهي گهم ۽ گرمي هجي.
جت
جر وهي ٿو جال ڪتاب تان کنيل
No comments:
Post a Comment