پينانگ
ٻيٽ
الطاف
شيخ
پينانگ ٻيٽ تي ڏسڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ لاءِ سمنڊ جا ڪنارا آهن، پراڻا مندر مسجدون آهن، قلعا ۽
پارڪ آهن، جبل (Penang Hill) تي چڙهندڙ ريل
آهي، مڇي گهر ۽ خريداريءَ لاءِ ننڍا وڏا دڪان آهن. ڪي شيون مغرب کان آيل ٽوئرسٽن
کي وڻن ٿيون ته ڪي اسان جهڙن ايشيائي ملڪن کان ايندڙ همراهن کي.
پينانگ چڱو خاصو وڏو ٻيٽ آهي. وچ شهر وارو علائقو جارج
ٽائون (George-Town) سڏجي ٿو. فيري
اسٽيسن تي لهڻ بعد ڪارن والس قلعو (Fort-Cornwallis) ويجھو آهي، جتي
اڄ کان ڏيڍ سؤ سال اڳ هن ٻيٽ کي وسائيندڙ انگريز ڪئپٽن فرانسز لائيٽ (Francis-light) پهتو هو. قلعي وٽ رکيل پراڻي
توب اڳيان چيني عورتون گل رکندي ۽ اگربتيون ٻاريندي نظر اينديون. هنن جو اهو عقيدو
آهي ته ائين ڪرڻ سان سنڍ عورت کي به ٻار ٿيو وڃي.
ميل اڌ پنڌ ڪرڻ جي موڊ ۾ آهيو ته قلعو گهمڻ بعد کڙين تي زور
ڏيئي فورٽ روڊ ۽ لائيٽ اسٽريٽ (جيڪا اڃا تائين ڪئپٽن فرانسز لائيٽ جي نالي آهي)
ڏيئي فرقهار (Farquhar) اسٽريٽ تي هليا
اچو، جنهن تي پينانگ جون پراڻيون ۽ تواريخي جڳهيون آهن. رستي تي جارج ٽائون سٽي
ڪائونسل، اميگريشن آفيس، ديوان سري پينانگ جي عمارت، سپريم ڪورٽ، مئرينرس ڪلب،
پينانگ جي پراڻي لئبرري ۽ سينٽ زئيويئر (St-Xavier) اسڪول نظر اچي ٿو.
ڀر ۾ (Pitt) پِٽ اسٽريٽ
آهي، جنهن تي پينانگ جو ۱۶۰ سال پراڻو چيني مندر Kuan-yin-teng نالي آهي. هي مندر ”رحم جي ديويءَ“ جي شان ۾ جوڙايل آهي. ٽڪ جي ڪم
جا ڪاٺ جا ٿنڀا، جيتوڻيڪ وقت ۽ اگربتين جي دونهين ڪري ڪارا ٿي ويا آهن پر تڏهن به
اهي ۽ ڇت تي ٺهيل باهه اوڳاڇيندر اجگر (Dragons) ڏسڻ وٽان آهن.
هن مندر مان نڪري، پِٽ اسٽريٽ تي اڳيان هلندا وڃو. ٽرئفڪ
لائيٽ کان پوءِ مسجد ڪئپٽن ڪلنگ اچي ٿي. هيءَ مسجد پينانگ ۾ تمام پراڻي ۽ اهم
سمجھي وڃي ٿي. ڏکڻ هندستان کان هڪ مدراسي امير مسلمان قادر محي الدين ۱۸۰۰ ۾
ٺهرائي هئي. مسجد جي سامهون پِٽ اسٽريٽ پوسٽ آفيس آهي. ان جي ڀر واري گهٽي Queen
Street وٽ هندن جو ماريامان (Mariamman) ديويءَ نالي مندر آهي. جنهن ۾ ڪيتريون ئي شيون هيرن جواهرن ۽ سون
چانديءَ سان مڙهيل آهن.
وڪٽوريا اسٽريٽ، ملئي اسٽريٽ ۽ ڪارناروان اسٽريٽ بعد
مئڪسويل روڊ جو بس اسٽاپ اچي ٿو. جتان
سائي، بلو ۽ زردي رنگ جون بسون پينانگ ٻيٽ جي مختلف هنڌن تي وٺي هلن ٿيون.
پينانگ ۾ پهچڻ کان اڳ ئي يا اچڻ سان توهان هيٺين شين جي گهڻي هاڪ ٻڌندائو.
1.
نانگن
وارو چيني مندر (Snake-Temple)
2.
پينانگ هِل
۽ ان جي چوٽيءَ تي پهچڻ لاءِ اُڀو چڙهندڙ ريل ــــ جيڪا Furnicular پڻ سڏجي ٿي.
3.
بوٽنيڪل
باغ.
4.
ٻڌن جو
مندر.
5.
سامونڊي
تانگها ڪنارا (Sea-Beaches)
شهر کان پري، ايئرپورٽ
واري رستي تي Snake-Temple آهي. ڏور اوڀر جو ڪو ملڪ ۽ ان جا منظر اڃا
نه ڏٺا هجنوَ ته پوءِ ڀلي ٽئڪسي يا بس جو ڀاڙو ڀري ۽ پنهنجو وقت ضايع ڪري هي مندر
ڏسي اچو نه ته هانگ ڪانگ، ٿائلينڊ، تائيوان يا سنگاپور جا مندر ڏسڻ بعد هي مندر
انهن فلمن جو فقط هڪ مختصر ٽريلر آهي. رهيو سوال نانگن جو سو نصرپور، تاج پور واري
همراهه جي شاگرد وٽ به ان کان گهڻا هوندا. ٻه يا ٽي سائي رنگ جا سنها نانگ، ان
مندر جي ورانڊي ۾ رکيل ڪونڊين ۾ ويٺل نظر ايندا. جن کي ڪجهه اهڙيءَ طرح پاليو ويو
آهي جو نڪو ڀڄن ٿا نڪو ڏنگين ٿا. اتي ئي ڍيري ٿيا پيا آهن. انڊيا، پاڪستان، سريلنڪا،
بنگلاديش ۽ انڊونيشيا ٿائلنڊ پاسي کان آيل اسان جهڙا ڳوٺاڻا همراهه جيڪي ننڍي
هوندي ئي رستن تي هلندڙ نانگن بلائن کان بچي بچي وڏا ٿين ٿا يا شهرن جي چوراهن تي
بازيگرن ۽ جوڳين کي مرلين تي نانگ نچائيندا ڏسن ٿا، انهن لاءِ هي نانگ ڪهڙي اهميت
رکن ٿا. باقي يورپين، آسٽريلين ۽ آمريڪن کي انهن نانگن سان گڏ تجسس مان فوٽو ڪڍائي
خوش ٿيندو ڏسي اسين به ضرور خوش ٿيون ٿا ۽ تعجب کائون ٿا ته اهڙا چريا به هن دنيا
۾ رهن ٿا. يعني اهي يورپ ۽ آمريڪا جا ماڻهو. (نانگ نه.)
هونءَ ڪتابن رسالن ذّريعي هن مندر جي اشتهاربازي ائين ڪئي ويئي آهي، ڄڻ هي
مندر نانگن سان ڀريل هجي ۽ منجھس نانگن جو راڄ هجي، پر ائين ناهي. اندر گهڙڻ سان
هڪ ٻه چيني همراهه توهان کان مندر لاءِ چندو وٺڻ لاءِ لڙي ايندو. شينهن ۽ اجگر
بلائن جا ڪاٺ ۽ ٺڪر جا بوتا نظر ايندا، جن جي چوڌاري ٿلهين ۽ سنهين اگربتين جي
دونهين ۽ واس جي ڌپ سان مندر ۽ ماحول ڀريل ملندو ــــ اهو سڀ ڪجهه ٻين چيني مندرن
۾ به عام ٿئي ٿو. ٻائي کي چندو ڏيئي جان ڇڏائيندائو ته سندس سوٽ ماسات فوٽو گرافر
توهان کي نانگ سان گڏ فوٽو ڪڍائڻ لاءِ راضي ڪرڻ ۾ لڳي ويندو. دونهين، گرمي ۽
پنهنجو پاڻ تي چڙ ڪري (ته اجايو ٽئڪسيءَ جو ڀاڙو ۽ وقت وڃائي پهتاسين)، ٻاهر هوٽل تان ڪجهه پيئڻ لاءِ وٺندائو ته خبر پوندوَ
ته سڄي پينانگ ۽ ملائيشيا ۾ ڪوڪا ڪولا پنجاهه سينٽن جي پر هتي هڪ ڊالر ۾ ملي رهي
آهي.
پينانگ ۾ ٻيو نمبر هاڪ پينانگ ٽڪريءَ جي آهي. هانگ ڪانگ جي
ٽاور پيڪ توڙي ڏٺي اٿانوَ ــــ يا نه ڏٺي اٿانوَ، پر هيءَ ضرور ڏسجو جو سڀ ۾ هيءَ ڪم
جي شيءِ (جيڪڏهن ڪا آهي ته) وري به ڪجهه آهي. جنهن مان ننڍو وڏو لطف اندوز ٿئي ٿو.
ريل گاڏيءَ مان به ته مٿي پهچي ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تان به ــــ جيڪا اٺ سؤ ميٽر
(اڍائي هزار فوٽ کن) اتاهين آهي. ۽ فنيڪيولر ٽرين ٽڪريءَ جي قدمن کان مٿاهينءَ
تائين ڪلاڪ ۾ پهچائي ٿي. ٽرين رسن ذريعي
اُڀي مٿي ڇڪجي ٿي ان ڪري ماڻهن کي سيسراٽ ۽ سيوڪاري پئجيو وڃي. ٻنهي پاسي جبل ساون
گهاٽن وڻن ۽ گل ٻوٽن (Ferns) ۽ ولڙن سان
ڀريو پيو آهي. جيئن ئي مٿي پهچجي ٿو ته هوا هڪدم سنهي ۽ ٿڌي ٿيو وڃي. وچ تي، انهن
جابلو جهنگلن ۾ انگريزن جي زماني کان ريل جي عملي جا گهر آهن، جيڪي پنڌ يا ان رستي
پنهنجن گهرن وٽ لهندا چڙهندا نظر اچن ٿا. جبل جي چوٽيءَ تي هڪ هوٽل، مسجد، هندن جو
مندر، ننڍڙو چڙيا گهر ۽ ٻيا ننڍڙا ننڍڙا دڪان آهن، جن تي هتي جون سوکڙيون (Souveniors) وڪامن ٿا.
پينانگ ٻيٽ تي جيئن ئي ۱۷۸۶ع ڌاري انگريز آيو ته هُن هِنَ
ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي پهچڻ جو رستو ٺهرايو، جيڪو اڄ پڻ سٺي حالت ۾ رکيو ويو آهي ۽
مضبوط قسم جا خچر ۽ گهوڙا لهي چڙهي سگهن ٿا.
ريل ٺاهڻ جي پهرين ڪوشش ۱۸۹۹ع ۾ ڪئي ويئي پر غلط ڊيزائين ۽
فنڊن جي کوٽ ڪري مڪمل ٿي نه سگهي. پهرين وڏي لڙائيءَ بعد انگريز حڪومت ان ريل ٺاهڻ
جو ڪم سئٽزرلئنڊ جي هڪ انجنيئر کي سونپيو، جنهن ۱۹۲۳ع ۾ هيءَ ريل ٺاهي راس ڪئي. هڪ
ئي وقت هڪ گاڏي مٿي ڇڪجي ٿي ته ٻي هيٺ لهي ٿي. هر هڪ سؤ کن مسافر کڻي سگهي ٿي. اوٽ
موٽ جو ڀاڙو ٽي ڊالر آهي. توهان کي قدرتي شين ۽ نظارن جو شوق آهي ته اوٽ موٽ جي
سفر ۾ جبل تي مختلف قسم جا قديم وڻ ۽ گلڪاريون ڏسي دل وندرائي سگهو ٿا. انجنيئرنگ
ڏي لاڙو آهي ته ريل جي ڪارڪردگي جو غورَ سان جائزو وٺي سگهو ٿا. پر جي ڪجهه به شوق
نه هجي ته پوءِ مون وانگر وقت گذارڻ لاءِ ڀولڙا ڳڻيندي مٿي پهچي سگهو ٿا ۽ پوءِ
واپسيءَ تي کين هڪلون ۽ اشارا ڪندا هيٺ
لهي اچو.
ٽيون نمبر شيءِ بوٽنيڪل گارڊن آهي. جيڪو تمام وڏو باغيچو
آهي ۽ انگريزن جي ڏينهن کان وٺي ان کي سٺي حالت ۾ رکيو ويو آهي . اهڙا صاف سٿرا
پارڪ ايشيا ۾ فقط جپان ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا يا وري پينانگ جو هي پارڪ آهي. پينانگ هِل
کان شهر ڏي واپس موٽڻ مهل کاٻي پاسي رستي تي ئي اچي ٿو. ان ڪري هن پارڪ جي بخمل
جهڙي ڇٻر، قسمين قسمين وڻ ۽ آبشار ڏسڻ ڪو وقت جو ضايع نه ٿيندو. توهان جي معلومات
وڌي يا نه وڌي، گهٽ ۾ گهٽ ڳوٺ پهچي چئن چڱن تي لئه رکڻ ۽ ٻٽاڪ سٽاڪ هڻڻ لاءِ ڪي ٻه
چار شيون ڳڻائي سگهو ٿا ته پينانگ ۾ ٻين شين سان گڏ بوٽنيڪل باغ پڻ ڏٺو. جيتوڻيڪ
هن کان وڌيڪ مونکي انڙ صاحب جو قاضي احمد وارو باغ تمام گهڻو سٺو لڳي ٿو.
چوٿون نمبر تي هاڪ برما روڊ تي Wat-Chyamangkalaram نالي ٻڌن جي مندر جي آهي. منجھس سؤ فوٽ ڊگهو گوتم ٻڌ جو بت آهي،
جيڪو دنيا ۾ گوتم جو ٻيو نمبر وڏو بت ليکيو وڃي ٿو. وقت يا پئسي جي کوٽَ ڪري
پينانگ جلدي ڇڏيو پيا ته پوءِ هلي ملي مندر ۾ وڃي گوتم صاحب جو بت ڏسڻ بدران ڪنهن
ٽوئر کاتي جي ڪتاب يا پڪچر ڪارڊ ۾ ئي ڏسي سگهو ٿا. جنهن ۾ پڻ اوترو ئي چٽو ۽ صاف
نظر اچي ٿو جيترو روبرو ڏسڻ سان.
انهن مٿين شين کان علاوه پينانگ جا سامونڊي ڪنارا پڻ مشهور
آهن ۽ خاص ڪري سرد ملڪن جا ماڻهو ڪلاڪن جا
ڪلاڪ ڪناري جي ريتيءَ تي اچي ليٽي پوندا آهن. ان بعد اخبار لاءِ هڪ عدد خط
به لکي ويندا آهن. ڪي تعريفي خط ته هتي جا ڪنارا بيحد تانگها ۽ صاف سٿرا آهن. ڪي
وري لکندا آهن ته هتي جا ڪنارا گدلا آهن. ڪٿي ڪٿي تيل ۽ گند ڪچرو نظر اچي ٿو.
گذريل ٽن سالن کان ان قسم جا ڪيترا ئي خط اخبار نيو اسٽريٽ ٽائيمس ۾ پڙهي چڪو
آهيان. لڳي ٿو ته ڪڏهن اخبار وارا اخبار جي رهيل ڪنڊ پاسو ڀرڻ لاءِ ان قسم جا خَطَ،
پاڻ ئي لکيو، ڇپيو ڇڏين.
جت
جر وهي ٿو جال ڪتاب تان کنيل
No comments:
Post a Comment