داستان هڪ درد ياترا جو.....
نصير مرزا
کاهي روڊ حيدرآباد تي ڪورين واري پڙ آڏو، اسان پنهنجون گاڏيون وڃي بيهاريون
هيون. ڪنهن زماني ۾ حيدرآباد جي مشهور ڪلاسيڪل ’جهوپڙا‘ هوٽل به اتي ئي ته هوندي هئي،
جتي هاڻي هوٽل بدران ڪوئي ڀانڀاڙ کنڊر کڙو هو.... ڪورين جي ان پڙ ۽ اڳتي گل اندازن
واري مسجد وٽان اسان کي ”ناهين جي پڙ“ ۾ ديدي سُندري اتمچنداڻيءَ جي ”کٽين واري ويڙهي“
۾ موجود گهر ۽ اتمچنداڻي لين ۾ هن پريوار جي پراڻن گهرن، محلن ۽ ماڙين جي ياترا ڪرڻي
هئي. پر هي ان ياترا ۾ اسين هئاسين ڪير ڪير!؟ عزيزم ناز سهتو، سنڌ سڄڻ محترم قادر سرڪي،
دلبر دوست تاج جويو، نور چشم محسن سومرو، ذهين، بي باڪ، سنڌ پرست ۽ حيدرآبادي لهجي
۾ نج نبار سنڌي ڳالهائيندڙ آشا چاند، ڌيءَ ديدي سُندري اُتمچنداڻي، سندس گهوٽ
..... ور ..... مڙس ۽ حيدرآباد واري هومسٽيڊ هال لڳ ڄائو، ادو چاند پنجابي ۽ ان سموري
ڊنبلي جو مير ڪاروان، گائيڊ آ ناچيز نصير مرزا.
’ناهين جي پڙ‘ ڏانهن هن ڊنبلي سان اهڙي ياترا تي ويندي، مون کي اوچتو
ياد پيو ته ۱۹۶۴ع ۾ جنهن وقت ديدي سندري ’سنڌ ياترا‘ وقت پنهنجي ويڙهي ڏانهن وڃڻ لاءِ
اديب دوستن سان گڏ هتي پهتي هوندي، تڏهن ان وقت اهو قلم قافلو به هن سان ائين ئي وڃي
رهيو هوندو، جيئن هي اسين آشا سان گڏ اوڏانهن وڃي رهيا هئاسين. پر هي اسان جي ادي آشا
چاند جو هيئن اوچتو ئي اوچتو سنڌ اچڻ جو سبب بڻيو، ته بڻيو ڪيئن!؟ جي ها! هڪ ته ڊاڪٽر
فهميده حسين جي فرزند ارجمند جي شاديءَ ۾ شرڪت ۽ ٻيو هيءَ خواهش ته ان بهاني هڪڙو ته
سنڌ وطن جو درشن ٿيندو ۽ گڏوگڏ ”ان ميمري آف سندري“ يعني ماءُ جي جنم شهر.... پاڙي،
گهر ۽ اُتمچنداڻي لين جي پڪچرائزيشن به اڳو پوءِ ڪريو اينداسين. تڏهن ناهين جي پڙ ڏانهن
ويندي کٽين وارو ويڙهو.... کٽين وارو ويڙهو ڪندا... پڙ جي سامهون کٽين جي هڪ قديم ترين
دڪان تي پير رکي، آ ان بزرگ کان ’ويڙهي‘ ۽ اتمچنداڻي لين جو ڏس پتو اڃا پڇڻ ئي لڳس،
ته هو اوڏانهن اسان کي وٺي هليو ۽ اٿندي ئي، ٻڌائڻ شروع ٿي ويو ته، ”اتمچنداڻي لين
وارا، ’سنڌ ورڪي‘ سيٺ، ايڏا ته سکيا ۽ سوکا هوندا هئا، جو هڪڙي هڪڙي سيٺ جي گهران،
روز پنج پنج سؤ وڳا اسان وٽ ڌوپڻ لاءِ پيا ايندا هئا ۽ نفيس ۽ نازڪ وري اهي سيٺ ۽ سيٺياڻيون
ايڏا ته هوندا هئا، جو استري ٿيل ڪپڙن مان ڪنهن ڪوٽ جو ڪو اندريون يا قميص جو پاسي
وارو کيسو استري ٿيڻ کان رهجي ويندو هو، ته هو اهو وڳو ئي موڪلي ڏيندا هئا ته اهو نئين
سنئين استري ڪري موڪليو.“ اهڙيون ۽ ٻيون ڳالهيون ڪندا جهونڙي کٽيءَ سان، کٽين جي گول
ويڙهي ۾ پئي ڦرياسين. پر اتي ته هر پاسي نقشو ئي نئون پئي نظر آيو ۽ هر طرف پراڻن واڻڪن
گهرن جي جاءِ تي نت نيون سيمنٽيڊ بلڊنگون کڙيون هيون ۽ اڳوڻا سڀ قديم گهر صفحهء هستيءَ
تان گم.... ها! هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ ’سوڀراج لاج‘ ضرور موجود هئي، پر اها به ايڏي جهور ۽ ايڏي
ته خسته، جو بس جهڙي اڄ سڀان تي.... کٽين جي ان ويڙهي ۾ ديدي سندريءَ جو پيڪاڻو گهر
اسان کي گم نظر آيو، ته اسان سڀني لاچار، اُن قديم سوڀراج لاج آڏو بيهي، اتان لڏي ويلن
جي ياد ۾ خوب خوب گريو ڪيو ۽ هڪ ٻئي جا لڙڪ اگهيا.
”ناهين جي پڙ“ مان هلندا، اسان ”اتمچنداڻي لين“ ۾ انهيءَ شاهي غوراب
نما ”ڪيولرام بلڊنگ“ جو در وڃي کڙڪايو، جنهن جي ديوارن تي ورهاڱي کان ڪئين ورهيه بعد
۾ دير دير تائين سندري اتمچنداڻيءَ جو نالو لکيل نظر ايندو هو. ورهاڱي کانپوءِ اها
ئي بلڊنگ جڏهن ڪن مهاجرن کان محمد اسماعيل عرساڻي خاندان خريد ڪئي ۽ پوءِ جڏهن حيدرآباد
۾ لساني فساد کڙا ٿيا ۽ شهر ۾ ”ڪوچڙا ڪلچر“ وڌيو ته انهيءَ شاهي محل ۾ هڪڙو نهايت وضعدار
۽ مهذب راجپوت خاندان اچي آباد ٿيو... ته بس هاڻي اسان ان ئي راجپوت محل جي دروازي
تي دستڪ ڏنيسين، ته نوڪرن جي اطلاع تي ان محل جون بزرگ راجپوت مالڪاڻيون، مٿي تي رنگ
به رنگي روا رکي آشا کي بي ڌڙڪ اندر اچڻ لاءِ محبت سان دعوت ڏيندي، چوڻ لڳيون: ”آئو
بهن جي... آئو بهن جي“ ۽ پوءِ فراخدليءَ سان چوڻ لڳيون: ”يه پورا محل آپڪا هي هئه.
بيٽا، ڀلي گهومو ڦرو....“ ۽ هي ڇا ته عاليشان محل هو. اڱڻ، ورانڊي کان وٺي ٽائلس جو
فرش، ديوارن ۾ آرسين وارا شاندار ڪٻٽ.... بلڊنگ جي پهرين فلور ۽ مٿي سمر هائوس ڏانهن
وٺي ويندڙ گلڪاريءَ واري ساڳوان ڪاٺ جي خوبصورت ڏاڪڻ... ۽ ڇت مٿان اوچا اوچا منگهه...
تڏهن ان محل جي درد ياترا دوران، آشا کان پڇي ورتو هئم: ”سندري صاحبه جا آخري ڏهاڙا،
پويان پَل ۽ انت واريون گهڙيون ماهم بمبئي واري فليٽ ۾ ڪيئن پئي گذريون!؟“ چيائين؛
”ان وقت نوي جي لڳ ڀڳ هن جي ڄمار ٿي چڪي هئي ۽ دم (بيماري) سبب هوءَ سخت تڪليف ۾ هئي،
ان ڪري آخري ڪجهه ڏينهن هوءَ ڪوما ۾ به رهي....“ تڏهن آشا جي عين اهڙي بيان تي ڪيولرام
بلڊنگ جي ڪٽهڙي ڏانهن ڏٺم... بلڊنگ جو خوبصورت مور ٽِلندو هڪڙي پاسي کان نڪري ٻئي پاسي
هليو ويو، (۽ مون يڪدم سوچيو... ڇا سندري آپا به ائين ئي آخري ساهه کڻي، هڪ پار کان
ٻئي پار ٽِلندي هلي ويئي هوندي.) ساڳئي ڪارنس تي ويٺل سفيد ڪڪڙ، پَر ڇنڊي ”ڪڪڙون ڪون“
جي صدا بلند ڪئي ته پوري محل تي اوچتو ڄڻ سناٽو ڇانئجي ويو.
ڪيولرام بلڊنگ مان جنهن وقت اسان جو هي ڊنبلو، ٻاهر پئي نڪتو ته ڏٺم،
سڀ راجپوت راڄواڙي جون بزرگ خواتين، نڪ تي روا رکي اسان کي ائين اداس اکين سان ڏسي
رهيون هيون، ڄڻ اسين زنده نه، پر ڪي جنازا هئاسين ۽ ان محل مان ٻاهر کڄاڻا پئي وياسين.
تڏهن اتان هلندا، درد ياترا جي ان انت تي، ڪورين جي پڙ واري گهٽيءَ ۾ قديم ”احمد پڪوڙائي“
جي هٽ وٽ آشا کي وٺي، آ بيهي ٿو رهان. چوانس ٿو، پڪ سان ڪنهن وقت دادي سندريءَ هن
پڪوڙائيءَ جي پيءَ کان پڪوڙا وٺي کاڌا هوندا... ڇا ان جي پُٽ کان پڪوڙا وٺي اوهان نه
کائيندوء!؟ تڏهن آشا... بي ڌڙڪ هٿ اڳيان وڌايو ۽ هڪڙو پڪوڙو ٿالهه مان کڻي وات ۾ وجهي،
ٻارن وانگر کلڻ لڳي هئي. ڪورين جي پڙ مان گاڏين
۾ سوار ٿي ڪنهن ٻي منزل ڏانهن اُسھڻ کان اڳ، مون ”ناهين واري پڙ“ ڏانهن منهن ڪري آواز
ڏنو: هن ديار جي اي در و ديوار... بازارو.... ڳليو.... هتان سدائين لاءِ لڏي ويندڙن
کي، ڇا اوهين به ڪڏهن ڪڏهن ياد ڪندا آهيو!؟ تڏهن عين ان گهڙيءَ آشا چاند، فلم عمر مارئيءَ
جو هي گيت، جهونگارڻ لڳي هئي:
”ديسي دوست مَٽي، ڌاريا سيڻ ڪرڻ،
آهي موت کان وڌ پنهنجو ملڪ ڇڏڻ،
جن کان ديس ويو، تن جو ڪهڙو جيئڻ،
ايندي ساهه سَڙيل کي سڌير ڪٿي،
منهنجا مارو ڪٿي ۽ ملير ڪٿي،
آندو هاءِ ڇڪي تقدير ڪٿي.“
او منهنجا مارو... هونئن سنڌ پهچڻ تي، آشا چاند جي هنن ماروئڙن، هن جو
سواگت به ڇا ته شاندار پئي ڪيو. اول ته سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران کيس بهترين
آجياڻو ڏنو ويو. ان آجياڻي جي ٻئي ڏينهن آشا چاند، مصطفى قريشي، ادي روبينه ۽ اسان
سان جيمخاني ۾ هڪ لنچ ۾ موجود هئي ۽ حيدرآباد ياترا جي آخري ڏينهن ٿڌي سڙڪ ڀرسان، ڊفينس
پلازه جي چوٿين فلور تي ڊاڪٽر دليپ ڪمار دولتاڻي جي ڊرائنگ روم ۾ اسين ويٺا هئاسين.
ڀانئيان ٿو ته شام جا پنج پئي وڳا، جو ڊفينس پلازه جي لفٽ مان لهي سڀني کان موڪلائي،
ڊبل ڊور گاڏيءَ جي فرنٽ سيٽ تي ويهي جڏهن الوداع وارو هٿ هن اسان ڏانهن کنيو ته مون
به جهٽ، هن جي نيڻن جي ماڻڪين تي تڪڙو تڪڙو تحرير ڪري ڇڏيو:
ٻيهار به ملنداسين،
ڪنهن دُور ستاري تي،
ٽيهار به ملنداسين،
پوءِ ملندا رهنداسين.
No comments:
Post a Comment