ٿائي ماڻهن جي منجھائيندڙ مُرڪَ
الطاف شيخ
هاتيائي شهر ۾ مون سان گڏ پينانگ
جو واقفڪار ملئي هاشم هو ۽ ٻيو هاشم جو پاڙيسري ۽ دوست قاسم ـــ جيڪو پڻ نالي مان
ئي ظاهر آهي ته ملئي آهي. هن غريب جو مائٽن ڄمڻ وقت نالو غلط لکرايو. يا ڳوٺ جي
رجسٽريشن آفيس ۾، ان وقت ڊيوٽي تي پوليس وارو لکڻ پڙهڻ ۾ صفا ڪو چٽ هو، تنهن سندس
نالو ڄم جي رجسٽر تي قاسم (Qasim) يا Kasim لکڻ بدران خاسم (Khasim) لکي ڇڏيو.
ملائيشيا جيڪو نالو ڄمڻ مهل لکائجي ٿو اهو ئي نالو ان ئي اسپيلنگ سان، سڄي ڄمار
قائم رکڻو پوي ٿو. پاسپورٽ توڙي شناختي ڪارڊَ تي به ائين لکائڻو پوي ٿو ۽ آخر ۾
مرڻ تي ڪانڌي دفن ڪري قبر جي ڪتبي تي ”ڪمبالي ڪپادا رحمة العالمين“ سان گڏ واري جو
نالو ان ئي اچار سان لکرائي هڻن ٿا. (ڪمبالي ڪپادا ملئي لفظ آهي جنهن جي معنا آهي:
واپس وريو ـــ الله جي رحمت ڏانهن.) ملائيشيا ۾ مسلمانن جي قبر تي لڳل ڪتبي تي اهي
لفظ، دفن ٿيل همراهه جو نالو، ۽ مرڻ جي تاريخ لکڻ جو دستور عام آهي.
ان ڏينهن هاتيائي شهر ۾ هاشم ۽
قاسم مونکي ڇڏي پاڻ ڪنهن مسلمان جي هوٽل ۾ ماني کائڻ لاءِ روانا ٿيا. آئون پوڙهي
انگريزي ۽ ٿائي ڇوڪرين سان ڳالهائي ڪمري تي آيس ۽ ٿائلنڊ جي هن سفر بابت وڌيڪ
پروگرام ٺاهيم. ان بعد سفرنامي لکڻ لاءِ ڪجهه خاڪا تيار ڪيم. ۽ هاڻ چانهه پيئڻ جي
ٻاڙ ستايو. ملائيشيا وانگر هتي ٿائلنڊ ۾ به چانهه معنا گهاٽي مٺي کير (Condensed Milk) جي چوٿي گلاس ۾ چانهه جي پتي واري پاڻيءَ جو
مڪسچر. هڪ هنڌ مونکي سجھيو ٿي ـــ هاتيائي ريلوي اسٽيشن جي ”راج ڌاني“ نالي هوٽل
ـــ جتي اها چانهه ملي سگهي ٿي، جيڪا اسان وٽ پاڪستان ۾ توڙي هندوستان يا انگلنڊ ۾
آهي ـــ يعني عام زبانَ ۾ اسپيشل چانهه ملي ٿي.
راج ڌاني (Rajthanee) هتي جي ريلوي اسٽيشن جي هوٽل آهي جيڪا ريلوي اسٽيشن سان بلڪل
ڳنڍيل آهي. هن پاسي ملائيشيا ۽ ٿائلنڊ جي ڪيترين ئي ريلوي اسٽيشنن تي انگريزن جي
ڏينهن کان هوٽلون ٺهيل آهن. بنگلاديش، سريلنڪا ۽ انڊيا جي به ڪن ڪن ريلوي اسٽيشنس
تي انگريزن جي دور کان ان قسم جون هوٽلون قائم آهن. پاڪستان جي شهرن جي ڄاڻ نه
اٿم. گهٽ ۾ گهٽ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ريلوي اسٽيشنن تي ته نه آهن. يا ٿي سگهي ٿو
انگريزن جي ڏينهن ۾ ڪا هجي ان بعد بند ڪئي ويئي هجي. پر ايترو آهي ته ماني ٽڪيءَ
يا چانهه پاڻيءَ لاءِ ريسٽورنٽ ضرور آهن. بهرحال هن پاسي ان قسم جون ريلوي اسٽيشن
واريون هوٽلون، مسافرن لاءِ وڏي سهوليت آهن. توهان کي صبح جو سوير واري گاڏيءَ ۾
وڃڻو آهي ته اهڙي هوٽل ۾ رهڻ کپي. گاڏي اچڻ کان فقط ڪجهه منٽ اڳ سامان کڻي اچي
گاڏيءَ ۾ چڙهجي. نه ٽئڪسيءَ جو فڪر نه رستي تي ٽرئفڪ جئم جو الڪو. قُليءَ بدران
هوٽل جي بئري کان ئي سامان هيٺ لهرائي وٺجي ۽ هوٽل واري جي ئي ڊيوٽي آهي ته توهان
کي گاڏي اچڻ کان اڳ اُٿاري. هنن هوٽلن جي مسواڙ به مناسب ٿئي ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي
ته رات جو لنگهندڙ ريل گاڏيون ڄڻ کٽ هيٺان پيون لنگهن جو هي هوٽلون پليٽ فارم جي
مٿان ئي اڏيل آهن.
ٿائلنڊ جي هن شهر هاتيائيءَ ۾ اسان
پڻ ريلوي جي هوٽل Raj Thanee ۾ رهڻ چاهيو ٿي پر هوٽل جي ڪلارڪ پنهنجي
روايتي مُرڪ سان آڌر ڀاءُ ڪندي ٻڌايو ته موڪل وارن ڏينهن جي ڪري هيءَ هوٽل سڄو
هفتو فُل آهي. ڪلارڪ ڇوڪريءَ هاشم ۽ قاسم کي سڃاتو ٿي جو هو پهرين به ٻه ٽي دفعا
هن ئي هوٽل ۾ رهي ويا هئا. ”توهان جي هڪ ڏينهن اڳ گهران فون ڪري نڪرو ها ته آئون
توهان لاءِ ڪمرا خالي رکي ڇڏيان ها.“
ٻي ڪنهن هوٽل جي ڳولا ۾ نڪرڻ کان
اڳ اتي ويهي چانهه پيتيسين. ان هوٽل ۾ ملئي يا ٿائي اسٽائيل بدران انگلش نموني جي
چانهه ملي ٿي يعني ڪٽليءَ ۾ فقط پتيءَ جو پاڻي ۽ کير کنڊ الڳ الڳ. هوٽل جي ان
ڪلارڪ ڇوڪريءَ، جنهن جو نالو (Se Ranee) سي راڻي هو
تنهن اسان جي رهائش لاءِ هن شهر جي ڪيترين هوٽلن کي فون ڪيو. پر ڪامياب نه ٿي. هر
فون بعد اسان ڏي ڏسي مرڪيو ٿي ۽ ان مرڪ کي پهرين مون هوٽل ۾ ڪمرو ملي وڃڻ جي سوڀ
سمجھيو ٿي. پر پوءِ هاشم ٻڌايو ته نه. هوءَ مجبوريءَ جو اظهار ڪري رهي آهي. پڪ ڪرڻ
لاءِ سي ــ راڻي کان پڇيم:
”ڪمرو خالي آهي ـــ؟“
جواب ۾ وري اها ئي مُرڪ
"Yes?“ سواليه پڇيم.
”I Try
Another Hotel. آئون ڪنهن ٻي هوٽل ۾ فون ڪري معلوم ڪريان ٿي
ته من اتي خالي ڪمرا هُجن.“ سي رانيءَ صحيح ۽ سٺي لهجي ۾ انگريزي ڳالهائي ٿي.
ملئي ماڻهن وانگر ٿائي به ڪيترين ئي ڳالهين جو جواب
اڦٽ نه ڏيندا خاص ڪري جنهن ۾ انڪار هُجي. گهڻو پڇ پڇ ڪرڻ تي به وات کولي جواب ڏيڻ
بدران رڳو چپ کولي مُرڪندا. مصيبت اها ته ڪم ٿيڻو هوندو يا هائوڪار ڪرڻي هوندي اٿن
ته به اهائي مُرڪَ ڏيندا. جنهن مُرڪَ کي سمجهڻ لاءِ تجربي ۽ وقتَ جي ضرورت آهي. سي
راڻي، هر فون بعد اهائي مُرڪَ ڏيندي رهي. آخر هڪ فون بعد اهڙي مُرڪَ ڏنائين جيڪا
مونکي ته پهرينءَ جهڙي ئي لڳي پر اها ڪاميابيءَ جي مرڪَ هُئي. اسان جي لاءِ هڪ
گيسٽ هائوس نموني جي هوٽل ۾، اها رات رهڻ لاءِ، ٻه ڪمرا ملي ويا. جتي پهرين رات
اچي رهيا هُئاسين، جنهن جو مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان ته ڪپڙا به ڌئارياسون. ٻئي ڏينهن
کان هڪ ٻي هوٽل (پهرين کان چڱيرڙيءَ) ۾ ڪمرا خالي ٿي رهيا هُئا، جن لاءِ پِڻ هِنَ
اسان لاءِ فون تي ريزرويشن ڪرائي ڇڏي. ٻئي ڏينهن ٽپڙ کڻي ان ۾ اچي رهياسين. هينئر
ان هوٽل مان واڪ ڪري چانهه لاءِ هن ريلوي اسٽيسن واري هوٽل (راڄ ڌانيءَ) ۾ پهتس.
سي راڻيءَ جي ان وقت ڊيوٽي هئي.
گهڙڻ سان هن کيڪارڻ خاطر مرڪيو. مونکان ٿوري کل نڪري ويئي.
”ڇو ڀلا ـــ؟“ هن پڇيو
”بس. تنهنجي مُرڪ چڱو ماريو آهي.“ وراڻيومانس.
”نئين هوٽل ڀلا ڪيئن آهي “
”اسان جهڙن لاءِ بلڪل صحيح آهي.
اڍائي سؤ ڀات (يعني ٻه سؤ رپين) ۾ ٻيو ڇا ملندو. منهنجي خيالَ ۾ تنهنجي هن ريلوي
واري هوٽل کان به ڪفايتي آهي. ايئرڪنڊيشنڊ آهي. گڏيل باٿ روم اٿس. فون، ٿڌو ڪوسو
پاڻي ـــ سڀ ڪجهه ته اٿس. ٻيو ڇا کپي. ان مقابلي ۾ تنهنجي هوٽل به مهانگي ٿي جنهن
جي مسواڙ هن کان ڊبل (پنج سؤ ڀاٿ) آهي.“
”نه اسان واري هوٽل وڌيڪ بهتر آهي.
هر ڪمري ۾ ٽي وي به اٿس.“ سي راڻيءَ وراڻيو.
”ٿائلنڊ ۾ هر ايندڙ مُسافر، ٽي وي
به ڏسندا آهن ڇا؟“ مون کيس چتائي ڏٺو. هوءَ بلو رنگ جي، انگلش اسٽائيل ڊريس ۾
سمارٽ لڳي رهي هئي. سندس چهري جا نقش هن پاسي جي مُون ۽ خمر يا ملئي ويٽنامين جيان
گول مٽول هجڻ بدران گهڙيل گهڙيل هئا. بنا شڪ جي هوءَ هن پاسي جي ڪليڪٽر انب جهڙين
شڪلين وارين ڇوڪرين جي وچ ۾ سونهن جي راڻي لڳي ٿي.
جواب ۾ هن وري چپن تي مُرڪَ آندي.
۽ اُنَ مُرڪَ کي Decode يا Decipher ڪرڻ ۽ لڪل معنا
ڪڍڻ وارو هاشم ۽ ان وقت مون سان گڏ هجڻ بدران قاسم ٽڪ ٽڪ ۾ چڙهي ڪنهن مسلمان جي
هوٽل ۾ ماني کائڻ لاءِ ويا هئا ۽ آئون فقط چانهه پيئڻ لاءِ هتان اچي نڪتو هوس.
اي جرني ٽو ٿائيلينڊ ڪتاب تان کنيل
No comments:
Post a Comment