Thursday, September 05, 2013

پلاءُ پينانگ - الطاف شيخ

پلاءُ پينانگ
الطاف شيخ

پينانگ (Penang) ملاڪا نار ۾ ملائيشيا جو هڪ ننڍڙو ٻيٽ آهي. هن تر ڏي انگريزن جو سڀ کان گهڻو قبضو پينانگ، سنگاپور ۽ ملاڪا تي رهيو. ۽ هي شهر يا ٻيٽ اهڙا آهن جن تي اڄ به انگريزي تهذيب ۽ ڪلچر جو ٿورو يا گهڻو اثر ضرور آهي. جيتوڻيڪ سنگاپور ۾ ته تمام گهڻو لڳي ٿو جو سنگاپور جي حڪومت انگريزن جي دور جي هر شيءِ ـــ ان کان اڳ ۽ پوءِ جي پڻ ـــ جنهن جو واسطو تواريخ سان آهي، اها هوبهو اصلي حالت ۾ سانڍيندي اچي. ۽ جيتوڻيڪ لڳي ائين ٿو ته هن پاسي سڀ کان اڳ انگريز سنگاپور ۾ آيا هوندا پر حقيقت اها آهي ته انگريزن جو پهرين پينانگ تي قبضو ٿيو، پوءِ ملاڪا تي ۽ گهڻو پوءِ آخر ۾ سنگاپور تي.

سنگاپور وانگر پينانگ ۾ به انگريزن جون ڪيتريون ئي يادون ڇڏيل آهن. جارج ٽائون، پرنس آف ويلس، لائيٽ اسٽريٽ، سويٽنهام پيئر، جالان ويلڊ (جالان ملئي لفظ آهي، معنيٰ رستو، شاهراهه)، جالان مئڪلسٽر، جالان گلئڊ اسٽون، جالان ڪئمپ بيل، وڪٽوريا اسٽريٽ ـــ ٻيا ڪيترا اهڙا نالا آهن جيڪي انگريزن سان ئي واسطو رکن ٿا، جيڪي اڄ به هن ٻيٽ پينانگ تي پهچڻ سان ٻڌڻ ۾ اچن ٿا.
پينانگ ٻيٽ تي اهو نالو پينانگ نالي هڪ وڻ Pokok Pinang تان پيو، جيڪو هن ٻيٽ تي تمام گهڻو هو. پينانگ ٻيٽ کي ڳولي، انهن جي اصلي مالڪن (ملئي حاڪمن) کان لکت پڙهت ۾ هٿ ڪري پنهنجي قبضي ۾ ڪرڻ وارو انگريز ڪئپٽن فرانسز لائيٽ (Francis-Light) هو ـــ جنهن جي نالي پينانگ ٻيٽ تي اڃا به ڪيتريون ئي شيون آهن: رستا، گهٽيون، بندرگاهه جا ڌڪا ۽ عمارتون وغيره. ڪئپٽن لائيٽ هن ٻيٽ جو اصلي نالو پينانگ بدلائي پرنس آف ويلس ٻيٽ رکيو پر اهو ايترو مـشهور نه ٿي سگهيو. باقي ٻيٽ جو مشغول علائقو ـــ جيڪو اڄ به هڪ بارونق علائقو آهي ۽ جتان مسافرن کي فيري کڻي ملائيشيا جي سرزمين بٽرورٿ پهچائي ٿي، جارج ٽائون جي نالي گڏجي ٿو، جيڪو انگلينڊ جي بادشاهه جارج ٽئي جي نالي پٺيان رکيل آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ملايا گهمڻ لاءِ نه اهو جارج آيو ۽ نه ان کان پوءِ وارا ٻه بادشاهه ۽ راڻي وڪٽوريل صاحبا. ملايا جي خود مختيار ٿيڻ کان پوءِ ٻارهن سال رکي (سن ۱۹۶۹ع ڌاري) انگلينڊ جي هاڻوڪي راڻي ايلزيبيٿ، شهزادو فلپ ۽ شهزادي ائن پهريون دفعو ملايا (ملائيشيا) گهمڻ آيا.
پينانگ ٻيٽ کي انگريز حڪومت لاءِ ڳولي هٿ  ڪندڙ ڪئپٽن لائيٽ فرانسز ۱۷۴۰ع ۾ انگلينڊ ۾ ڄائو هو. پاڻ پهرين نيويءَ ۾ هو. ان بعد هڪ مسافر جي حيثيت ۾ جهاز تي ڏورانهن ملڪن جا سير ڪندو رهيو. ان بعد ۱۷۶۵ع ۾ جڏهن هو ڪلڪتي آيو ته کيس هڪ ننڍڙي جهاز جي ڪمانڊ ڏني ويئي، جيڪو جهاز ڪلڪتي کان سيام (ٿائلنڊ) ۽ اتر ملايا تائين ويو ٿي.
ڪئپٽن لائيٽ ٿائلنڊ جي سيامي ۽ ملايا جي ملئي زبان سکي ورتي ۽ ٿورن ڏينهن ۾ پاڻ هڪ معزز ماڻهو سمجھيو وڃڻ لڳو. سيامي توڙي ملئي قبيلن جا وڏيرا، اڳواڻ ۽ لٺ سردار هن جي وڏي رهائي ۽ رسائي ڪرڻ لڳا. هنن جي نظرن ۾ هي هڪ اهم شخصيت بڻجي ويو.
بمبئيءَ جو ٻيٽ جيئن ڏيج ۾ انگريز حاڪم کي مليو هو، تيئن ڪن ڪن هنڌن تي اهو بيان ڪيو ويو آهي ته ڪئپٽن لائيٽ ڪيداح رياست جي حاڪم جي ڌيءَ سان شاديءَ ڪئي. ان ۾ هي ٻيٽ ـــ پينانگ کيس ڏيج ۾ مليو هو. پر اها ڳالهه بنهه غلط آهي. جنهن جو ڪو به پڪو ثبوت نٿو ملي. مارٽينا نالي جنهن عورت سان هو گڏ رهندو هو، ان جي اصل جي ته چڱي طرح ڄاڻ ڪٿي به ڏنل ناهي پر هوءَ يورشين (Eurosian) ضرور هئي. يعني ماءُ پيءُ مان هڪ يورپي هوس ته ٻيو ايشين. پوءِ ڪي چون ٿا ته هوءَ سيامي پورچوگيز هئي ته ڪي چون ٿا ته ملئي ـــ پورچوگيز هئي.
پينانگ ٻيٽ تن ڏينهن ۾ ڪيداح رياست ۾ هو، جنهن جي مسلمان ملئي حاڪم کان انگريزن هٿ ڪيو ۽ پوءِ آهستي آهستي ملايا جي مڙني رياستن تي انگريزَ ائين قبضو ڪري ويا، جيئن ننڍي کنڊ ۾ڪيائون. اها هڪ دلچسپ ڳالهه ضرور آهي ته انگريزن کان ملايا واپس به ڪيداح جي شهزادي ئي ورتو. اهو آهي تنڪو عبدالرحمان ـــ جيڪو ملايا جو پهريون پرائيم منسٽر ٿيو.
۱۷۷۱ع جي ڳالهه آهي. سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت هئي. باقي هندستان انگريزن جي هٿ ۾ اچي چڪو هو. لارڊ  ڪلائيو کانپوءِ وارين هئسٽنگس (Warren Hastings) بنگال جو گورنر جنرل ٿيو هو. انگريزن جا واپاري جهاز هندستان کان چين ايندا ويندا رهيا ٿي ـــ جيڪو مفاصلو اڄ جي تکن جهازن کي به اٺ ڏهه ڏينهن ۾ پورو ڪرڻو پوي ٿو. تن ڏينهن ۾ انهن سڙهه جي جهازن کي ته مهينا لڳندا هئا. ۽ انڊيا کان چين تائين رستي تي کين کاڌي پيتي، مرمت ۽ فرحت وٺڻ جي تمام گهڻي ضرورت پوندي هئي. پر واٽ تي ڪا به انگريزن جي ٻي ڪا بيٺڪ نه هئي. (سماترا ٻيٽ تي پنچولين جو بندرگاهه  ضرور هو پر اهو نه سڻائو هو ۽ نه رستي تي پيو ٿي) ڪئپٽن لائيٽ انڊيا جي گورنر جنرل کي ان ڳالهه لاءِ پينانگ ٻيٽ هٿ ڪرڻ لاءِ  چيو پر انگريز گورنر رضامندي نه ڏيکاري. ڪئپٽن لائيٽ به نه ڇڏيو، وقت بوقت کيس مطمئن ۽ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو.  آخرڪار جون ۱۷۷۶ع ۾ هن جي من جي مراد پوري ٿي  ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ لاءِ، ڪيداح جي راجا کان هي پينانگ جو ٻيٽ حاصل ڪيو ويو.
هڪ ڳالهه آهي ته اڳ جي سوچ ۾ انگريز بيحد ڏاها هئا. هنن پينانگ کي ان ڪري حاصل نه ڪيو ته اهو ڪو وڏو ۽ شاهوڪار شهر هو پر ان ڪري جو هن جي جاگرافيائي طور اهميت هئي. جڏهن انگريزن جو پينانگ ٻيٽ تي قبضو ٿيو ته ان وقت پينانگ ٻيٽ هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو، جنهن ۾ غريب هارين ۽ مهاڻن جا ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ گهر هئا، ٻيو چوڌاري جهنگل ئي جهنگل هو. پوءِ ان جهنگل کي ڪئپٽن فرانسز لائيٽ ٺاهيو جوڙيو. جيڪو هينئر پينانگ ٻيٽ جو اهم حصو جارج ٽائون  جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. اتي ماڻهن کان پهريائين جهنگل ڪٽريائين. گاهه، ٿلها وڻ، جانور جيت مڇر اهڙين حالتن ۾ ڪم  ڪرڻ ڪو چرچونه هو. ان بابت، تن ڏينهن ۾ ڪئپٽن فرانسز جا لکيل خط ۽ ڊائريون انگلينڊ ۾ اڃا تائين محفوظ آهن. انهن ڏينهن جي ڊائريءَ ۾ لکي ٿو ته........
”وڻ ڪٽڻ ۾ اسان جون ڪيتريون ئي ڪهاڙيون ۽ ڪوڏرون ڀڄيو پون. وڻ ايڏا ٿلها ۽ سخت آهن جو اهي لوهه جون شيون ائين چٻيون ٿيون وڃن، ڄڻ شيهي جهڙي نرم ڌاتوءَ جون هجن.“
انهن ڏينهن جي اها ڳالهه مشهور آهي ته ڊگهو ۽ گهاٽو گاهه صاف ڪرائڻ لاءِ ڪئپٽن فرانسز توب ۾ سڪا وجھي فائر ڪندو هو. پوءِ لوڪل ماڻهو انهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ گاهه صاف ڪندا اڳتي وڌندا هئا، ڪجهه حصو صاف ٿيڻ بعد ڪيداح رياست کان لڏي آيل ماڻهن کي اتي هڪ ننڍڙي بازار ۽ گهر ٺاهڻ جي موڪل ڏني ويئي. نئين شهر لاءِ نقشو پڻ ٺاهيو ويو. اڄ جي لائيٽ اسٽريٽ، پِٽ (Pit) اسٽريٽ ۽ مارڪيٽ اسٽريٽ شروعاتي رستا هئا ۽ پينانگ ٻيٽ جي جارج ٽائون شهر جي شروعات اتان ٿي. مختلف قومن جي ماڻهن کي شهر جي مختلف علائقن ۾ رکيو ويو. اهي گهٽيون ۽ پاڙا اڄ به انهن جي نالن سان مشهور آهن. جهڙوڪ: چوليا (تامل) اسٽريٽ، ملئي اسٽريٽ، چائنا اسٽريٽ وغيره.
۱۱ آگسٽ ۱۷۷۶ع تي ڪئپٽن لائيٽ انگريزن جي آيل چند جهازن جي  عملي، سؤ سوا سؤ فوجين ۽ سپاهين جي موجودگيءَ ۾ پينانگ ٻيٽ جو نالو بدلائي پرنس آف ويلس رکيو ـــ جيڪو هن جو جنم ڏينهن هو. پر پوءِ جيئن مٿي ٻڌائي آيو آهيان ته اهو نالو مشهور نه ٿيو. ويندي سرڪاري ڪاغذ  پٽن ۾ به اهو نالو استعمال نه ٿيو. ۽ اڄ تائين پراڻو نالو پينانگ سڏجڻ ۾ اچي ٿو. (پلاءُ Pulau ملئي زبان ۾ ٻيٽ کي چون). ۽ ٻيٽ جو اهو حصو جنهن ۾ مٿيون گهٽيون ۽ شهر ٻڌو ويو، ان جو نالو جارج ٽائون پڻ ان ڏينهن تي رکيو ويو، جيڪو البت اڃا تائين مشهور آهي.
پينانگ ٻيٽ ڏينهون ڏينهن وڌندو ويو هِتان هُتان جي جڳهين ۽ جهازن جا  ماڻهو انگريزن کان موڪل  وٺي هتي رهڻ لڳا. ڪجهه ته ڪم ڪارين لاءِ، انگريزن پنهنجي ٻين بيٺڪي ملڪن کان،  جهازن ۾ ماڻهو آندا.  ۽ ڪجهه ته ملائيشيا جا اصل باشندا به نوڪري ۽ پورهئي لاءِ رهڻ لڳا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ٻن سالن اندر هن ٻيٽ جي آدمشماري ڏهه هزار ٿي ويئي. سڀ کان گهڻا ملئي ۽ تامل هئا، جيڪي ڪيداح رياست ۾ گهڻو اڳ کان رهيل هئا. تن ڏينهن ۾ ملاڪا ۾ ڊچن جو راڄ هو انهن ملاڪا ۾ رهندڙ چينين کي هن ٻيٽ تي اچڻ کان جھليو ٿي نه ته اڃا به تعداد وڌيڪ هجي ها. (بهرحال پوءِ سگهو ئي ـــ نَون ڏهن سالن اندر ـــ ۱۷۹۵ع ۾ انگريزن ملاڪا پڻ فتح ڪيو ۽ پينانگ ۾ سڀ کان  گهڻا چيني ئي رهڻ لڳا).
ڪئپٽن فرانسز ڪارن والس قلعي (Fort Cornwallis) ۾ رهندو هو.، جيڪو اڃا تائين موجود آهي.
باقي ملايا وانگر هن ٻيٽ تي به گهاٽن جهنگلن ۽ پوسل ڪري مڇر ۽ مليريا تمام گهڻي هئي. مليريا جو علاج اڃا شايد ايجاد نه ٿيو هو ــــ  يا اڃا عام نه ٿيو هو، جو ڪئپٽن لائيٽ فرانسز مليريا جي ڪجهه حملن بعد جيئرو رهي نه سگهيو ۽ ۱۷۹۴ع ۾ گذاري ويو. سندس قبر نارٿام (Northam) روڊ تي عيسائين جي قبرستان ۾ آهي. وقت جي هوائن ۽ بارشن سندس قبر تي لڳل ڪتبي کي جيتوڻيڪ ڳاري ڇڏيو آهي پر تڏهن به غور سان ڏسبو ته انگريزيءَ ۾ اُڪريل هيٺيون سِٽون صاف نظر اينديون.
Beneath this Stone
Lieth the Remains of
Francis Light
Who First Established
This Island as a British Settlement
Died 21st October, 1794.

ڪئپٽن فرانسز لائيٽ جي مرڻ بعد، ايسٽ انڊيا ڪمپني هن ٻيٽ جي حڪومت مختلف ماڻهن ذريعي هلائيندي رهي. ميجر فوريس مئڪڊونالڊ فقط ٻه چار سال رهيو ۽ انهن ڏينهن ۾ انتظاميه جي خيال کان پينانگ کي بنگال صوبي سان ملايو ويو هو.  ان بعد ۱۸۰۰ع ڌاري ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ حڪومت جو نظام بدلائي ڪئپٽن سر جارج لئيٿ (George Leith) جي حوالي ڪيو. سر جارج اچڻ سان ڪيداح جي راجا کان مين لئنڊ جو ڪجهه حصو (بٽرورٿ) وارو ٽڪرو پڻ ورتو ۽ ان جو نالو ويلسلي صوبو (Wellesley Province) رکيو ـــ جيڪو ارڙهن ميل ڊگهو ۽ ٽي ميل ويڪرو هو. ان جي بدلي ۾ انگريزن ڪيداح جي راجا کي سالياني ڍل (Stipend) ڇهن هزارن مان وڌائي ڏهه هزار ڊالر ڏيڻا ڪيا. اهو علائقو هٿ ڪرڻ سان پينانگ ٻيٽ ۽ بندرگاهه ۾ جيڪي چوريون ۽ ڦرون ٿينديون هيون سي بند ٿي ويون. واپار وڙي ۽ جهازرانيءَ ۾ سهوليت ٿي ويئي ۽ ڏينهون ڏينهن واڌارو اچڻ لڳو. نه ته  مين لئنڊ (ڪناري) کان چور ٺڳ وجهه ملڻ تي بندرگاهه يا ٻيٽ تي ڦر لاءِ هليا ويندا هئا.
پينانگ ۾ هڪ ڊڪنس اسٽريٽ (Dickens) آهي. اها مسٽر جان ڊڪنس جي نالي آهي، جيڪو مشهور ناول نويس چارلس ڊڪنس جو چاچو هو. هو پينانگ ۾ ۱۸۰۱ ۾ جج ٿي آيو هو۔ ان کان اڳ بنگال ۾ مشهور بئريسٽر ٿي رهيو هو.
سر جاج ليٿ کان پوءِ ۱۸۰۴ع ۾ مسٽر فارقهار (Farquhar) پينانگ ٻيٽ جون واڳون سنڀاليون. سندس نالي جو رستو سمنـڊ جي ڪناري تي اڃا تائين آهي، جنهن تي اڄڪلهه هوٽل اِي ائنڊ او (E & O) آهي ۽ ڀر ۾ هوٽل مرلين آهي.
ٻيٽ تي آهستي آهستي واڌارو ۽ سڌارو ايندو رهيو. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جا انڊيا کان چين ويندڙ ۽ موٽندڙ جهاز نه فقط پينانگ ۾ ترسي ساهي پٽيندا هئا پر منجھن ڪاريون مريون، لونگ ۽ ٻيو گرم مصالو پڻ هتان روانو ٿيندو هو.
۱۳ سيپٽمبر ۱۸۰۵ع  تي پينانگ ۾ Ganges نالي هڪ جهاز انگلينڊ کان پهتو. ان ۾ نئون گورنر مسٽر فلپ ڊانڊاس پنهنجن ٽن ڄڻن جي مددگاري عملي سان گڏ لٿو. انهن ۾ هڪ ڊپٽي سيڪريٽري ٿامس اسٽئمفورڊ رئفلس نالي پڻ هو ـــ جنهن اڳتي هلي سنگاپور جو ٻيٽ هٿ ڪيو ۽ ان کي ٺاهيو جوڙيون. نوجوان رئفلس جو مشرق پاسي هي پهريون سفر هو.
۱۸۰۷ع ۾ نئون آيل گورنر فلپ مري ويو. رئفلس ڊپٽي سيڪريٽريءَ مان سيڪريٽري ٿيو. ان کان علاوه رجسٽرار آف ڪورٽس جو عهدو به سنڀالڻ لڳو. رئفلس جي اچڻ وارن ڏينهن ۾ پينانگ جو ٻيٽ، انگريز سرڪار، درجو وڌائي کيس مدراس ۽ بنگال وانگر الڳ فرسٽ ڪلاس پريزيڊنسي جي درجي تي رکيو.
پينانگ ۾ پهرين ڪورٽ ۱۸۰۹ع ۾ ٺاهي ويئي، جيڪا عمارت مڙيئي سؤ سال کن رهي. ان بعد ۱۹۰۴ع ۾ اها ڊهرائي ان جي جاءِ تي اڄ واري سپريم ڪورٽ جي عمارت ٺهرائي ويئي.
۱۷۹۵ع ۾ ڊچن، جن جي ملاڪا تي حڪومت  هئي، آڻ مڃي ۽ ملاڪا تي پڻ انگريزن جو قبضو ٿيو. ۱۸۰۸ع ۾ ٿامس اسٽئمفورڊ رئفلس کي ملاڪا ۾ رکيو ويو. انهن ڏينهن ۾ گڏيل هندستان جو گورنر جنرل لارڊ منٽو هو، جنهن کان انتظام سنڀالڻ جي سلسلي ۾ مختلف حڪم ملندا هئا. ۱۸۱۱ع ۾ جاوا سان لڙائيءَ جي سلسلي ۾ لارڊ منٽو پينانگ پڻ آيو هو. بهرحال هي سڀ ڳالهيون هن وقت عجيب لڳي رهيون آهن جو ننڍي هوندي اسڪولي ڏينهن ۾ انڊو پاڪ جي تواريخ ۾ جڏهن لارڊ هئسٽنگس يا لارڊ منٽو جهڙا نالا پڙهندا هئاسين ته اهو ئي سمجھندا هئاسين ته انهن جو واسطو فقط هندستان تائين محدود آهي. پر هاڻ خبر پوي ٿي ته پينانگ ۽ سنگاپور جهڙا ٻيٽ جيڪي هندستان کان فاصلي جي لحاظ کان جيتوڻيڪ تمام ڏورانهان هئا پر انتظاميه جي لحاظ سان تمام گهڻو ڳنڍيل هُئا.
مسٽر فلپ بعد پينانگ جو مئڪ السٽر (Mcalister) ۽ پوءِ بروس (Bruce) گورنر ٿيو. انهيءَ دوران انگريزن رئفلس ذريعي سنگاپور پڻ حاصل ڪيو. سنگاپور جي آزاد بندرگاهه هجڻ ڪري پينانگ تي وڏو اثر ٿيو ۽ ڪيترا واپاري پينانگ کان لڏي سنگاپور وڃي رهيا. ۱۹۲۶ع کان پوءِ انگريز سرڪار پينانگ، ملاڪا ۽ سنگاپور جو ڪاروبار هلائڻ لاءِ هڪ ئي حاڪم، انڊيا جي چوٿين پريزيڊنسي هيٺ مقرر ڪيو. ۽ جيئن ئي سنگاپور وڌيڪَ وڌڻ لڳو ته گورنر پنهنجا هيڊ ڪوارٽر اوڏانهن قائم رکيا ۽ باقي ٻن بيٺڪن: ملاڪا ۽ پينانگ جو انتظام هلائڻ لاءِ ريزيڊنٽ قونصلر مقرر ڪيا ويا.

جت جر وهي ٿو جال ڪتاب تان کنيل


No comments:

Post a Comment