دنيا جو پرامن ملڪ آئيس
لينڊ ۽ هٿيارن جي ريل پيل
عبدالله مورائي
توڙي جو هر ٽئين ماڻهو وٽ هٿيار آهي، پر تنهن هوندي به آئيس لينڊ (Iceland) جو شمار دنيا جي پرامن ملڪن ۾ پهرئين نمبر تي آهي. اهي هٿيار ماڻهن
تي استعمال ٿيڻ بدران رڳو شڪار ڪرڻ جي ڪتب آندا وڃن ٿا. هتي ائين هرگز نه آهي ته هٿيار
ڪي طاقت جو توازن برقرار رکڻ لاءِ هجن، پر هتي سندن تعليم ئي ايتري آهي جيڪا کين هٿيار
ڪنهن انسان تي هلائڻ لاءِ بنهه ڪانه اڪسائي. هونءَ اسان جي معاشري ۾ طاقت جو توازن
ضروري آهي، هٿيار شوبازي سان گڏوگڏ گهڻن ماڻهن کي حفاظت به مهيا ڪري رهيو آهي، جن معاشرن
۾ حڪومت حفاظت ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وڃي ته اتان جي عوام کي پورو پورو حق آهي ته هو پنهنجو
پاڻ حفاظت ڪن.
وطن تان سرگهوريو، ته به ٿورو. اسان جا سنڌي هندو ڀائر سر تان وطن گهوريندا
وتن ٿا لڏيندا، سنڌ کان وڌيڪ دنيا جي ٻين ملڪن جون حالتون وڌيڪ خراب آهن، پر اتان جا
رهواسي وطن کي ائين الوداع نٿا ڪن. شرافت پنهنجي جاءِ تي، پر بزدلي هڪ بيماري آهي،
جنهن کان بچڻ گهرجي. سنڌ ۾ هڪ مخصوص طبقو آهي جيڪو مسلسل فائدي ۾ آهي، باقي ٻيا توڙي
اهي سنڌي هندو هجن يا مسلمان، عذاب ۾ آهن ۽ انهن کي ٻيو ڪو عذاب مان اچي ڪونه ڪڍندو،
بلڪ انهن کي پاڻ ڪوشش ڪري ڪناري سان لڳڻو آهي.
سو سائين ڳالهه پي هلي آئيس لينڊ جي. ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ موجود هن ٻيٽ تي
وڻ بنهه ڪو نه لڀن، ڇاڪاڻ ته هتي جيڪي شروع شروع ۾ ماڻهو آيا، انهن وڻ وڍائي يا ته
ٻارڻ ۾ ڪم آندا يا انهن کي گهر ٺاهڻ جي ڪتب آندو، پوءِ خبر پين ته هن ملڪ ۾ هڪ وڻ تقريباً
پنجاهه سالن کانپوءِ وڃي ٿو وڌي وڻ ٿئي ۽ پنهنجي ان غلطي کي مڃيندي هاڻي ڪافي ڪوششون
ڪري رهيا آهن ته وري وڻ پوکي ۽ انهن جي حفاظت ڪئي وڃي.
آئيس لينڊ (Iceland) جي ٽي لک ۲۰
هزار آبادي جو وڏو حصو سندس
گادي واري شهر رئيڪجيوڪ (Reykjavik) ۾ رهي ٿو، هن ملڪ ۾ قيدين کان وڌيڪ پوليس وارن
جو تعداد آهي ۽ ڏوهه نه هئڻ جي ڪري پوليس کان ٻيا به ڪم ورتا وڃن ٿا، مثال طور وقتي
طور تي ايمبولينس هلائڻ يا فائر برگيڊ جي گاڏي هلائڻ وغيره. هن ملڪ ۾ مرڳو ۱۳۷ قيدي آهن ۽ اهي به ڪن سنگين
ڏوهن ۾ ملوث نه آهن. هتي جيڪڏهن ڪنهن کي گولي لڳي به آهي ته شايد اها اتفاقن لڳي آهي
۽ ان جو تعداد به نه هئڻ برابر آهي، جيئن ڏهن سالن ۾ هڪ واقعو اهڙو ٿيو آهي ۽ ان ۾
ڪير مئو نه آهي پر رڳو زخمي ٿيڻ جي صورت تائين قصو ڪوتاهه آهي.
پاڻ وٽ مثال آهي ته پٽاٽو ۽ پنجابي هرهنڌ موجود هوندو آهي، پر آئيس لينڊ
گهمڻ کانپوءِ خبر پئي ته هتي پٽاٽو ته وافر مقدار ۾ موجود آهي، پر پنجابين جو نالو
نشان به نه آهي. هڪ ملڪ ٿڌو ۽ ٻيو وري ٻين ملڪن کان ڌار هڪ ٻيٽ، سو اتي ڀائو وارا اڃا
نه پهچي سگهيا آهن. يورپ يا دنيا جي ٻين حصن جا ماڻهو به رڳو هتي گهمڻ ۽ ڦرڻ اچن ٿا.
هتي رڳو آمريڪين جي موجودگي ڪولڊ وار (Cold war) جي دؤر
۾ ضرور آهي ۽ جڏهن روس ٽٽو ته آمريڪي به هتان هليا ويا، جيڪي آئيس لينڊ کي پنهنجو ٻيو
گهر سمجهندا هئا. ان کانپوءِ چائنا به گهڻي ڪوشش ڪئي آهي ته انهن کي وڏي ايراضي ملي
ته جيئن هو چائنا ٽائون اڏي سگهن، پر اڃا تائين اهي اِها ايراضي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ويا
آهن.
آئيس لينڊ هونءَ ته يورپ جي کنڊ ۾ اچي ٿو، پر جيئن ته آمريڪا کي به ويجهو
آهي ته هتي ماڻهن جو لاڙو ٻنهي طرف محسوس ٿئي ٿو. ڪافي ماڻهو آمريڪا کان يورپ يا يورپ
کان آمريڪا ڏانهن ويندي هتي پڻ ڪجهه ڏينهن ترسڻ کانپوءِ اڳتي سفر ڪن ٿا. سياح گهڻي
قدر بلو لگون (Blue Luggon) جي گرم چشمن ۾ ترڻ اچن ٿا يا هتي جا ٻرندڙ جبل
ڏسڻ اچن ٿا. اهي جيوٿرمل (Geothermal) نه صرف سياحن کي پاڻ ڏانهن ڇڪين ٿا پر ملڪن
جي بجلي ۽ انرجي پڻ پيدا ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪن ٿا.
مان آئيس لينڊ ۾ پنهنجي دوست ايوي (Eyvi) وٽ رهيل
هئس. ايوي بين الاقوامي تعلقات ۾ تعليم حاصل ڪئي آهي ۽ پاڻ جپان ۾ پڻ رهيو آهي ۽ کيس
جاپاني ٻوليءَ تي پڻ عبور حاصل آهي. سندس ماءُ ۽ پيءُ به ڏاڍا پيار ڪرڻ وارا هئا، پاڪستان
۽ خاص طور تي سنڌ جي باري ۾ ڏاڍي معلومات ورتائون. ايوي جي ماءُ توڙي جو پنجاهه سالن
کان مٿي هئي پر اڄ ڏينهن تائين کيس گڏيون گڏ ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هو. سندس والد وري بيورو
ڪريٽ هو، پاڻ آمريڪين جي موجودگي واري دور ۾ سندن بيس جو ڊائريڪٽر انجنيئرنگ (Director Engineering) هو.
ايوي (Eyvi) جو مامو ڏاڍو دلچسپ ماڻهو هو، اسان کي رات جو
ماني جي دعوت ڏنائين. جيئن ئي سندس گهر ۾ داخل ٿياسين ته هڪدم هٿ اڳتي وڌائي پنهنجو
نالو بارڊي (Bardi) ٻڌايائين ۽ يڪدم سندس ٻلين ۽ ٻلن جي طرف اشارو
ڪندو ويو ۽ سندن نالا ٻڌائيندو ويو. ڪنهن جو نالو رام ٻڌايائين ته ڪنهن جو جيس ۽ وري
ڪنهن جو ٻڌها ۽ هڪ ٻليءَ کي ميري پئي سڏيائين، پر هڪ جو نالو نه ورتائين ۽ چيائين ته
متان تون ناراض ٿي وڃين. بهرحال هن جو گهر هڪ ننڍو عجائب گهر هو، جنهن ۾ مختلف مذهبن
جي اڳواڻن جي نالن واريون ٻليون هيون ۽ سندس چوڻ ته مون سڀني مذهبن کي هڪ ڇت جي هيٺان
گڏ ڪيو آهي. هر شيءِ ٻاهر رکيل ۽ سينگاريل هئي. سندس ڏاڏيءَ جي دور جون شيون به هن
محفوظ ڪري رکيون هيون. پاڻ وڏو مهمان نواز هو ۽ مون جڏهن سندس مهمانن واري ڊائري ڏٺي
ته هن وٽ منهنجي ڄمڻ کان پهريان کان گهڻو وقت اڳ اهو مهمانن جو سلسلو جاري هو. پاڻ
ملڪ جي قومي هوائي ڪمپني ۾ نوڪري به ڪري ٿو ۽ گڏوگڏ فلمن جي ڊائريڪشن پڻ ڪري ٿو ۽ مون
کي ڪجهه فلمن جون سي ڊيون پڻ تحفي ۾ ڏنائين.
هڪ ڏينهن ايوي (Evyi) سان گڏ سندن گهر جي بالڪوني ۾ چانهه پي پيتي
ته هڪ گهر جيڪو سمنڊ جي آس پاس هو، اٿاري ڪري ٻڌايائين ته اهو گهر هتان جي صدر جو آهي.
اهو گهر ٻين گهرن جهڙو هو ۽ مون کي ڪنهن به قسم جي ڪا سيڪيورٽي ظاهري نظر نه آئي. جيترا
ڏينهن به مان اتي رهيس، هر ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن ايوي (Eyvi) جي دوست
ماني جي دعوت ڏني ۽ سندن مکيه کاڌو مڇي هئي. شايد اهو ئي سبب آهي هتان جي ماڻهن جون
عمريون دنيا ۾ سڀني کان وڏيون ٿين ٿيون. مڇي ڦاسائڻ ۽ المونيم جا ڪارخانا هتان جي مکيه
صنعت آهي.
هن ملڪ جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو ملڪ کان ٻاهر اڄ تائين نه ويو هوندو ته اها
پڪ ڄاڻو ته هن کي ريل گاڏيءَ ۾ سفر ڪرڻ جو موقعو اڃا زندگي ۾ نه آهي مليو. هتي اڃا
تائين ريل گاڏي جو نظام نه آهي، رڳو بسن ۽ ڪارن تي منحصر ڪن ٿا. هتان جا ماڻهو ئي دنيا
۾ سڀني کان وڌيڪ سراسري طور تي گاڏيون ٻاهرين ملڪن کان گهرائين ٿا.
آئيس لينڊ (Iceland) جي ماڻهن جي دعويٰ آهي ته آمريڪا سندن شهري
ليف ارڪسن (Leif Eriksson) ڳولي لڌي هئي، نه ڪي ڪولمبس ليف ارڪنس جو مجسمو
شهر جي مکيه چؤڪ تي ٺاهي هر وقت ايندي ويندي ان ڳالهه کي ياد ڪن ٿا، بلڪه فخر محسوس
ڪن ٿا. آئيس لينڊ جا ماڻهو اڄ به جنن ۽ ڀوتن تي يقين ڪن ٿا ۽ سمجهن ٿا ته اها مخلوق
ضرور آهي، بلڪ ڪجهه روڊ ٺاهي انهن کي بند ڪري وري ٻين طرفن کان ٺاهيا اٿن، ڇاڪاڻ ته
کين يقين هو ته شايد ان جي وچ ۾ ڪنهن مخلوق جو رهڻ ڪهڻ آهي.
دنيا ۾ جنهن قوم پهريان ڪنهن عورت کي ملڪ جي سربراهي ڏني آهي ته اها آئيس
لينڊ جي قوم آهي، جن ۱۹۸۰ع ۾ وگڊس فنبوگوڊوٽر (Vigdis Finnbogodottr) کي ملڪ جو سربراهه چونڊي هڪ مثال قائم ڪيو، هتان جي ٻولي ۾ گذريل
هڪ هزار سالن کان ڪابه تبديلي نه آئي آهي، جنهن مان ظاهر آهي ته هتان جا ماڻهو پنهنجي
ٻوليءَ سان ڪيترو پيار ڪن ٿا. هڪ اسان وٽ اڄڪلهه پڙهيل لکيل جن کي مان پڙهيل لکيل جاهل
چوندس ته جڏهن به ايس ايم ايس ڪندا يا فيس بڪ تي لکندا ته اردوءَ ۾ شروع ٿي ويندا آهن.
ان مان سندن معيار جي خبر پوندي آهي ته ڪيترا سلجهيل آهن يار پاڻ وارا.
No comments:
Post a Comment