سي راڻيءَ جي مختصر ڪهاڻي
الطاف شيخ
سي راڻيءَ جي ڪائونٽر اڳيان ئي
چانهه جي ريسٽورينٽ آهي. هڪ ڪرسي تي ويهي چيومانس: ”چانهه پيئڻ لاءِ آيو آهيان. تون
به پيئڻ چاهين ته صلاح اٿئي. پر هڪ مهرباني ڪر. ان Serve ڪرڻ واري ڇوڪريءَ کي ٿائي زبان ۾ سمجھاءِ ته ففقط ڪوسي پاڻيءَ
بدران ٽهڪندڙ پاڻيءَ ۾ چانهه جي پتي وجھي اچي.“
هٿ جي اشاري سان ها ڪري، چانهه
لاءِ ڇوڪريءَ کي سمجھائين ۽ پاڻ جلدي جلدي ڪاغذ پٽ صحيح ڪرڻ لڳي. سندس ڊيوٽي ختم
ٿيڻ جو وقت اچي ڀريو هو.
ٿوري دير بعد ويٽريس چانهه کڻي
آئي. ان دوران سي راڻيءَ ڊيوٽيءَ تي آيل ٻي ڪلارڪ ڇوڪريءَ کي هوٽل جون بنديون،
رجسٽر ۽ چاٻيون ڏيئي، منهنجي ڀر ۾ اچي ويٺي.
”ڊيوٽي ختم ٿي ڇا ـــ؟“ مون
پڇيومانس.
”اڄ جي ”ڏهاڙي“ پوري ٿي. هاڻ وري
سڀاڻي.“ هن جواب ڏنو.
مون پنهنجي لاءِ چانهه ٺاهي، کير ۽
کنڊ هن ڏي وڌايو.
”هتي جي آهين يا ڪنهن ٻئي شهر جي
ـــ؟“ مون پڇيومانس.
”هتي جي ئي آهيان. هتان ويجھو ئي
گهر اٿم. ماءُ سان گڏ رهان ٿي.“ هن ٻُڌايو.
”۽ مڙس ـــ؟ يا اڃا شادي نه ٿي
اٿئي؟“ مون پڇيومانس.
”شادي ته پري جي ڳالهه آهي اڃا
ڪنهن ڇوڪر، پسند به نه ڪيو اٿم.“
”ڇو ڀلا ـــ ؟“
”بس سهڻي نه آهيان، شايد.“
”منهنجي خيالَ ۾ ته اها تنهنجي غلط
بياني آهي. يا نماڻائيءَ کان ڪم وٺي رهين آهين.“
”نه. سچ ٿي چوان.“
”بهرحال گهٽ ۾ گهٽ ايڪناميڪلي ته
سُکي آهين جو نوڪري اٿئي. ڪنهن تي بار ته نه آهين.“
”ڪهڙي نوڪري آهي.“ هن نوڪريءَ جي
نوعيت تي ناراضپي ۽ ڏک جو اظهار ڪندي وري ترت پنهنجي چپن تي مُرڪَ آندي.
”ڇو ڀلا! پگهار گهڻو ٿو ملنئي ـــ؟“
مون پڇيو مانس.
پهرين هن ٻڌائڻ کان ڪيٻايو. شايد
هوٽل طرفان کين منع ٿيل هُجي. جواب ۾ فقط مرڪندي رهي. پر پوءِ منهنجي زور ڀرڻ تي
ٻڌايائين ته کيس هڪ هزار ڀات کان به گهٽ ملي ٿو ـــ يعني پنهنجا پاڪستاني ڇهه ست
سؤ روپيا کن. جيڪي کاڌي پيتي، اٽي لٽي، گهر جي مسواڙ ۽ بجلي پاڻيءَ جي خرچَ جي
حسابَ کان هتي جي ڳوٺَ ۾ رهڻ لاءِ به گهٽ آهن. ان سان گڏ سندس ماءُ جي اگهائي
سگهائي جو خرچ به هن جي ذمي آهي ۽ ٿائلنڊ ۾ ميڊيڪل يعني دوا درمل تمام گهڻو خرچ
گهري ٿو.
هن جي ڊيوٽي وري به تعليم يافته
هجڻ ڪري هوٽل جي ڪلارڪ واري آهي. جيڪا ايئرڪنڊيشن ماحول ۾، هڪ هنڌ ويهي ڪرڻ واري آهي
۽ اها هلڪي سمجھڻ گهرجي، نه ته گهٽ پڙهيل ڇوڪريون جيڪي دڪانن ۽ ڊپارٽمينٽل اسٽورن
۾ ڪم ڪن ٿيون انهن کان دڪانن جا مالڪ عام طرح اٺ نو ڪلاڪن بعد ڪڏهن ڪڏهن ڪلاڪ ٻه اڃا
به مٿي ڪم وٺن ٿا. اهڙي ڊيوٽيءَ ۾ هُنن کي بيٺي پير گراهڪن سان مغز ماري ڪرڻي پوي
ٿي ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙي ڊڪي سامان ڏيکارڻو پوي ٿو. انهن کي ته هن ڪلارڪ ڇوڪري
سي راڻيءَ کان به گهٽ پگهار ملي ٿي. گهٽ پگهار ۽ چوڌاري فئشن ۽ هر عياشي جي سامان
جي موجودگيءَ، هتي جي ڪيترن ڇوڪرين کي ان آسائشي زندگي کي حاصل ڪرڻ ۽ عيش عشرت جي
تمنا ۾ ڪرپٽ ڪري ڇڏيو آهي. ان گهٽ پگهار کي وڌندڙ ضرورتن لاءِ برابر ڪرڻ ۾ هو ڪيترا
ئي غير اخلاقي ڪم ڪن ٿيون. ڪيترا ئي ٿائي مرد شاديءَ بعد به پنهنجي زالَ جو نه قدر
ڪن ٿا ۽ نه جوابداري کڻن ٿا. هنن لاءِ هر عورت گوشت پوست جي گڏي آهي جنهن کي،
ضرورت جي وقت، فقط سؤ ڏيڍ سؤ ڀاتن ۾ حاصل ڪري سگهجي ٿو ۽ ان کي جيئن دل چاهي تيئن
استعمال ڪجي.
سي راڻيءَ ”ادب“ ۾ گرئجوئيشن
دوران، پئسي جي قلت ڪري، آخري وقت تي پڙهڻ ڇڏي ۽ نوڪري شروع ڪئي. انگريزي تمام سٺي
ڳالهايائين ٿي ۽ ٿائي ادب ۽ ڪلچر تي ڪافي ٻڌائيندي رهي. ”جيئن ٿائي ڪلچر تي هندو
مذهب جو وڏو اثر آهي، ساڳي ريت ٿائي زبان تي سنسڪرت جو وڏو اثر آهي. هن هوٽل جو
نالو راج ٿاني پڻ حقيقت ۾ هندي لفظ (راڄ ڌاڻي) لفظ جي کار آهي.“ هن ٻڌايو.
”لڳي ٿو تنهنجو نالو پڻ ننڍي کنڊ
کان امپورٽ ٿيل آهي.“ مون پڇيو.
”ها صحيح چئو ٿا.“ سي راڻيءَ
وراڻيو.
”پنهنجي نالي جي معنا جي خبر اٿئي
ـــ؟“ مون کانئس پڇيو.
”ها. اهو شايد راڻي لفظَ مان نڪتو
آهي. معنا اٿس راڻين جي راڻي.“
اهو چئي ٿورو شڪي ٿي. ڄڻ چئي رهي
هجي ”منهنجو ڏوهه ناهي. مائٽن جو آهي جن اهو نالو مونتي رکيو. آئون ته راڻين جي
راڻي ڇا پر ٺلهي راڻي به نه آهيان.“
”مائٽن توتي بلڪل صحيح نالو رکيو
آهي.“ هاڻ مون مرڪي وراڻيس. شآيد آئون
رومانٽڪ ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هوس يا وقت گذارڻ لاءِ دل پشوري. بهرحال اهو چوڻ تي
هن پهريون دفعو، فقط مرڪڻ بدران کِليو ۽، هٿ جي اشاري سان مهرباني ڪندي چيو:
”چانهه جا پئسا پاڻ ڏيندائو يا ان
ساراهه جي خوشيءَ ۾ آئون ڀريان.؟“
”في الحال ته آئون ٿو ڏيان ڪا سٺي
نوڪري ملنئي ته پوءِ ماني به ڀلي کارائجانءِ، ”چانهه جو بچيل آخري ڍڪ ڀري، اٿي کڙو
ٿيس.“
هن پنهنجو پرس کنيو ۽ مون پنهنجي ڪئميرا کڻي کانئس موڪلايو.
”مون توهان کان توهانجو Job ته پڇيو ئي ڪونه.“ سي راڻيءَ موڪلائيندي موڪلائيندي پڇيو.
منهنجو جاب ڇا ٿي سگهي ٿو. جهازن
جو انجنيئر؟ انجنيري پڙهائڻ جو ماستر ــــ؟ يا ڪو ٻيو!، مون دل ۾ سوچيو.
”آئون هڪ ننڍڙو ليکڪ آهيان.“ آخر
مون ڪڇيو، ”تو جهڙن ماڻهن جون ڪچيون ڦڪيون
ڳالهيون لکندو آهيان.“
”ته پوءِ منهنجي به اها مختصر
ڪهاڻي ضرور لکجانءِ.“
سي راڻيءَ آخري دفعو چپن تي مرڪَ
آڻي موڪلايو.
اي جرني ٽو ٿائيلينڊ ڪتاب تان کنيل
No comments:
Post a Comment