Saturday, September 21, 2013

هوءَ چرچا پيئي ڪري - الطاف شيخ

هوءَ چرچا پيئي ڪري
الطاف شيخ

”گهڻو ڏوهه هنن ٿائي ڇوڪرين جو آهي.“ ڊئوڊ چيو، ”هتي جي غربت ۽ پورهئي واري زندگيءَ کان ڀڄڻ ۽ وڌيڪَ خوشحال ۽ آسائشي رهائش لاءِ هو واقعي جيڪو پئسي وارو ڏسن ٿيون ان کي چنبڙيو پون. پوءِ کڻي اهو پوڙهو هجي، بيمار هجي، اڌ چريو هُجي، جرائم پيشه هجي يا هن وٽ اڳهين زالن جو ڌڻ ويٺو هجي.“
”خاص ڪري گوري کل واري کي ته هي الائي ڇا ٿيون سمجھن. اهو ڀلي کڻي خالي کيسي واروڳ رومانيا، بلغاريا، البانيا جهڙي ڪنهن کٽل ملڪَ جو هجي پر هي ڇوڪريون هن کي امير آمريڪن ئي سمجھن ٿيون، جيڪو هنن جي سپنن کي ساڀيان ڏئي سگهي.“ هاشم چيو.

جيڪڏهن ان پهلوءَ جو تجزيو ڪيو وڃي ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪيترن شاهوڪار يورپين ۽ آمريڪنن، پنهنجي اتي جي گهرو زندگي ۽ چڙچڙي زالن کان بيزار ٿي هتي جي ٿائي ڇوڪرين سان شادي ڪئي آهي جيڪي جپاني ڇوڪرين وانگر بيحد چئيوان ۽ خذمتگار آهن ۽ ٿوري ۾ به خوش رهن ٿيون. شادي بعد اهي فارينر هتي رهيو پون ۽ وڏا گهر ٺهرائي  ٿائي زالن کي رکن ٿا. ڪي هنن کي پنهنجي ملڪ وٺيو وڃن. بهرحال ٻنهي صورتن ۾ هنن جو ٺٺ ۽ ٺانگر ڏسي اوڙي پاڙي جون يا مٽي مائٽيءَ جون ٻيون هڪ جيڏيون ٿائي ڇوڪريون پڻ اهڙي زندگي لاءِ تمنا رکن ٿيون. نتيجي ۾ ڪهڙو به گورو ماڻهو، انگريز، آمريڪن يا ڪو يورپين يا آسٽريلين، کين نظر اچي ٿو ته هي ڇوڪريون ان تي فدا ٿيو پون. پوءِ ان کي ڀلي پنهنجي پيٽ پالڻ لاءِ به ڪجهه نه هجي! اهو ئي سبب آهي جو ٿائلنڊ ۾ هڪ ايشين يا آفريڪن، وڏي نوڪري ۽ جھجھي پئسي هوندي به اها عزت نٿو ماڻي سگهي جيڪا اڇي کل وارو مغربي. هتي جي ڇوڪرين لاءِ هو دلپسند شخصيت آهي پوءِ چاهي هن جا کيسا خالي هجن ۽ عمر ۾ سندن ڏاڏو هجي ۽ کل پيئي لڙڪيس.
مٿين ڳالهه ڊئوڊ سان ڪيم ته هن کان ٽهڪ نڪري ويو. گاڏي وٽ سڪينا جيڪا ٻاڦ تي ڊبل روٽيون سيڪي رهي هئي تنهن شڪي نگاهن سان اسان ڏي ڏسي ڊئوڊ کي چيو:
”توهان اڃا منهنجي مڙس جي ڳالهه پيا ڪريو ڇا؟“
”نه هاڻ ڪنهن ٻي بادشاهه جي ڳالهه پيا  ڪريون.“ ڊئوڊ ٺهه پهه وراڻيس.
”ڪهڙي جي. مونکي به ته ٻڌايو.“
سامهون رستي تي ڪيترا ئي يورپي ڦري رهيا هُئا. ڪي اڪيلا ڪي پنهنجن زالن يا ملڪي ساهيڙين سان، ته ڪي هتي جي ٿائي ڇوڪرين سان. هڪ ڊگهو پوڙهو يورپي جيڪو ان وقت هڪ بندري قد جي ٿائي ڇوڪريءَ سان هٿ هٿ ۾ ملائي اسان جي ڀرسان اچي لنگهيو، تنهن ڏي ڊئوڊ اشارو ڪندي سڪينه کي بنا ڪنهن رک رکاءَ جي چيو:
”اسان ان جهڙن رنڊي بازن جي ڳالهه پيا ڪريون.“
اتفاقَ سان ساڳيو همراهه ان ساڳي ڇوڪريءَ سان گڏ واپسي واري ڏينهن بئنڪاڪ کان بٽرورٿ (پينانگ) ويندي ريلَ گاڏيءَ ۾ مليو. هن ٻڌايو ته ڇوڪري هن سان گڏ سندس ملڪ هلڻ لاءِ ماندي آهي. ”خبر ناهي ويزا مليس به يا نه. پر في الحال هن پرديس ۾ مون لاءِ سٺي ڪمپني ٿي پيئي آهي.“
هاشم ۽ قاسم چانهه پي بس ڪئي. پئسا وٺڻ لاءِ سڪينه آئي ته ڊئوڊ چيس: ”چڱو هاڻ هيڏانهن اچي ويهه ته توسان گڏ فوٽو ڪڍرايون.“
سڪينه کلي ڊئوڊ کي ڪجهه چيو تنهن ترجمو ڪري اسان کي ٻڌايو ته هوءَ فوٽي لاءِ تيار آهي پر ان جا ڇهه ڀات (پنج رپيا کن) چانهه جي بل ۾ جوڙ ڪندي.
اهو ٻڌي هاشم چڙي پيو. ”اٿو اٿو. فوٽو ڪڍائڻ جو ڪو شوق نه اٿئون. اتي جو اتي ڏٺانو. گورا آهن سي وتن مفت ۾ عياشيون ڪندا. باقي اسان فوٽي جا به ڇهه ڀات ڏيون.“
“Oh She is joking – Jangan Marah”
(هوءَ چرچا پيئي ڪري ـــ ڪاوڙجو نه) ڊئوڊ هاشم کي اڌ انگريزي اڌ ملئي ۾ سمجھايو. پر سائين هاشم باهه ٿي ويو. سرچي ئي نه. هوءَ ڇوڪري ماڳهين اسٽول کڻي، فوٽو لاءِ، اسان جي وچ ۾ اچي ويٺي. نيٺ مون سمجايو مانس ته خدا جا بندا تون کڻي فوٽو نه ڪڊراءِ پر اسان جو ته ڪڍ. ٿي سگهي ٿو مونکي ڪنهن مضمون ۾ ڏيڻ لاءِ ضرورت پئجي وڃي. ان بعد ڪئميرا وٺي مونکي وهڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ مون پاران فوٽو ڪڍيو.

اي جرني ٽو ٿائيلينڊ ڪتاب تان کنيل


No comments:

Post a Comment