Thursday, September 05, 2013

بنگالي مسجد پينانگ - الطاف شيخ

بنگالي مسجد پينانگ
الطاف شيخ

پينانگ ٻيٽ تي جنهن هوٽل ۾ رهيل هوس، ان جي سامهون بنگالي مسجد هئي. ڀر ۾ هوٽل ۾ رهندڙن جي گاڏين لاءِ پارڪنگ ٺهيل هئي.
ڪار پارڪنگ جي انچارج ـــ عثمان ملباريءَ ٻڌايو ته بنگالي مسجد جو امام بنگالي آهي جيڪو مسجد جي در وٽ ئي نظر آيو. مون هن ڏانهن نهاري سلام ڪيو. پاڻ به مرڪندي وڏي واڪي سان جواب ڏنائين، ”وعليڪم سلام.“
آئون ڪجهه پڇانس، ان کان اڳ پاڻ اڙدوءَ ۾ کيڪاريائين:
”ڪيسا هي؟“

”ٺيڪ هي.“ مون به ساڳي نموني واري اڙدوءَ ۾ جواب ڏنومانس جيڪا پاڪستان هندستان کان ٻاهر ٻين ديسن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي.  مولوي صاحب جي هٿ ۾ چاٻي ڏسي پڇيومانس: ”توهان ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو؟“
”نه. هتي ئي ٻاهر تاج محل ريسٽورنٽ ۾ ماني کائڻ پيو وڃان.“ هن ٻڌايو.
”توهان سان ملي خبر چار وٺڻ ٿي چاهيم. پر هاڻ ڀلي توهان  ماني کائي اچو. پوءِ ڪنهن ٻئي دفعي.“ مون چيومانس.
”نه۔ نه مڙيئي خير آهي. اچو اچو.“ پاڻ وڏي قرب سان مسجد اندر امام واري ڪمري ۾ وٺي آيو. ”منهنجو هي گهر آهي.“
سندس ڪمري جي ڀر ۾ ٻيا به ٻه کن ڪمرا هئا. ڳپل اڱڻ بعد مٿاهين ڇت واري مسجد هئي، جنهن ۾ هزار کن ماڻهو نماز لاءِ بيهي سگهن. امام جو ڪمرو به چڱو وڏو هو. پٽ تي فراسيءَ جهڙي گلم مٿان ڪکن جي سنهي تونئري وڇايل هئي. چوڌاري ڪيترا ئي مذهبي ڪتاب رکيل هُئا. هڪ پاسي کان سندس لوهي پيتي ۽ سامان جون ٻيون هڙون هيون. مون کانئس ڪجهه سوالَ پڇيا. جهڙوڪ:
نالو؟
”موالانا الحاج ذوالفقار علي چوڌري“
عمر؟
”پنجاسي سالَ.“
اصل ڪٿي جا آهيو؟
”اصل بنگلاديش جي نوا کلي ضلعي جي شهر صوباپور جو آهيان.“
هتي  ملائيشيا ۾ ڪڏهن آيائو؟
”چڱو وقت ٿيندو. اڃا بنگلاديش مشرقي پاڪستان هو. شايد ۱۹۷۰ع ڌاري.“
هتي توهان پاڻ آيائو ۽ پوءِ رهي پيائو يا ڪو مٽ مائٽ توهان کي هتي وٺي آيو؟
”مون کي دراصل هتي جي حڪومت گهرايو. هن مسجد  جو اڳوڻو امام گذاري ويو هو . سو کين ٻي امام جي ضرورت هئي. هتي رهندڙ ڪيترن ئي بنگالين ۽ پاڪستان جي پنجابي مسلمانن مونکي سڃاتو ٿي. انهن مون لاءِ سفارش ڪئي.“
ڇا هي توهان لاءِ پهريون دفعو ملڪ کان ٻاهر نڪرڻ جو موقعو هو يا ان کان اڳ به نڪري چڪا هئائو؟
”هونءَ حج ڪرڻ لاءِ ته ڪيترا ئي دفعا سعودي عرب وڃڻ جو شرف مليو آهي. باقي هتي اچڻ کان گهڻو اڳ آئون برما جي شهر شوجين جي هڪ مسجد ۾ چار سال امام ٿي رهيو آهيان.“
پوءِ اها مسجد ڇو ڇڏيانوَ؟
”ڇو ڇڏيم؟ نه ڇڏيان ها. پر ٻي وڏي لڙائي جا لڳي ته جپاني فتح  مٿان فتح ڪندا اچي برما کان نڪتا. تن ڏينهن جي سرڪار ـــ انگريز بادشاهه جڏهن ڏٺو ته هو هاڻ جپانين جو مقابلو نٿا ڪري سگهن ته پاڻ به ڀڄي نڪتا ۽ اسان (ننڍي کنڊ جي ماڻهن) کي به خبردار ڪيائون ته بابا هاڻ هرڪو پنهنجو بچاءُ پاڻ ڪري. هرڪو ڀڄي پاسو ڪري. شوجين شهر ۾ ٻيا به ڪيترا ئي اسان جي تر جا بنگالي رهيل هُئا. سڀ پيرين پنڌ نڪري پياسين. ڀٽڪندا ڀٽڪندا بکون ڪاٽيندا، جبل، جهنگل ۽ درياهه لتاڙي اچي پنهنجي ڳوٺان نڪتاسين. ڄڻ نئين حياتي ملي۔“
چاچا گهڻا ڏينهن لڳا پنڌ ۾؟ مون پڇيومانس.
”هڪ مهينو تيرهن ڏينهن ـــ يعني پورا ٽيتاليهه ڏينهن.“
اها ڪهڙي سن جي ڳالهه آهي؟
”۱۹۴۱ع جي.“
ان وقت توهان جي عمر ڇا هُئي؟
”ايڪيتاليهه سالَ. آئون پوري ۱۹۰۰ع ۾ ڄائو آهيان.“
توهان بنگالي ٿي ڪري تمام سٺي اڙدو ڳالهايو ٿا. تعليم دوران آئون به ٻه سال کن بنگال ۾ رهيو آهيان پر مون اهڙي سٺي اڙدو ڪنهن بنگاليءَ کان نه ٻڌي.
”آئون ته لکي به ڄاڻان ٿو.“ اهو چئي، بنگالي مسجد جي امام مولانا ذوالفقار وهاڻي هيٺان خط کڻي ڏيکاريو، جيڪو هن ڪجهه گهڙيون اڳ پنهنجي پٽ کي لکيو هو. تمام سهڻي رائيٽنگ هئي.
لڳي ٿو ته توهان تعليم دهلي، لکنو يا ڪراچي، لاهور ۾ ورتي هُجي؟ مون پڇيومانس.
”نه. اسان جڏهن ننڍا هُئا سين ته اسان کي مذهبي تعليم عربي، فارسي ۽ اڙدوءَ ۾ ڏني ويندي هئي. چٽگانگ ۾ ”مدرسه لطيفيه مير سراءِ“ تمام مشهور هو، جنهن جا استاد وڏي هاڪ وارا ٿي گذريا آهن، جهڙوڪ: استاد مولانا نور الحق صاحب ۽ مولانا محمد احمد صاحب وغيره. جيڪي منهنجا پڻ استاد رهي چڪا آهن ۽  آئون ان ۾ تيرهن سال عربي، فارسي ۽ اڙدو پڙهيس. منهنجو هڪ استاد پاڪستان جو مفتي زين العابدين پڻ هو.“
اهو مدرسو اڃا آهي يا نه؟
”اڃا آهي. پر هاڻ منجھس رڳو عربي ۽ بنگاليءَ ۾ پڙهايو وڃي ٿو.“
ان وقت ۾ جيڪي  ڪتاب توهان کي پڙهايا ويندا هئا، انهن مان ڪن جا نالا ياد آهن؟ مون پڇيو.
”گلستان، بوستان، پڌناما ۽ محمد فيوض ۽ ظاهر آهي سڀ کان گهڻو زور قران شريف، حديث ۽ فقي تي هوندو هو.“
زندگيءَ ۾ ٻي به  ڪا نوڪري، توهان ڪئي؟
”نه. منهنجي سڄي ڄمار پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ۾ گذري آهي.“
اڪيلا آهيو يا شادي شده؟
”زال اٿم۔ ٻارَ اٿم.“
ڪٿان شادي ڪئي اٿوَ؟ برما مان، بنگلاديش مان يا هتان ملائيشيا مان؟
”پنهنجي وطن نواکليءَ مان“
اولاد ڪهڙو اٿوَ؟
”ماشاءَ الله گهڻو ئي اٿم. اٺ ڌيئون هڪ پٽ. سڀني ڇوڪرين جي شادي ٿي ويئي آهي. ڏهٽا ۽ ڏهٽيون به اٿم. پٽ سڀ ۾ ننڍو آهي. نالو عزيز باري چوڌري اٿس ۽ چٽگانگ ۾ مير سراءِ ڪاليج ۾ پڙهي ٿو.“
منهنجو ڪڏهن چٽگانگ وڃڻ ٿيو ته ساڻس ضرور  ملندس. مون چيومانس.
”ضرور. پٽ کان علاوه منهنجو وڏو ناٺي به چٽگانگ ۾ آهي. سندس نالو امير حسن چوڌري آهي ۽ اتي ڪامرس جو پروفيسر  آهي. سڀ ۾ ننڍو  نالي عليم اختر ڀنيا پڻ اتي آهي. هو ڊاڪٽر آهي.
هيءَ مسجد ڪيترو پراڻي آهي؟
”چيو وڃي ٿو ته ڏيڍ سؤ سالَ کان به پراڻي آهي.“ مولانا ٻڌايو.
تنهن جي معنيٰ ته هيءَ  ”بنگالي مسجد“ پينانگ ٻيٽ تي سڀ ۾ پراڻي آهي؟ مون پڇيو.
”ها تمام پراڻي مسجد آهي پر ان کان وڌيڪَ پراڻي مسجد ڪپتان ڪلنگ مسجد آهي. اها ۱۶۳ سال پراڻي آهي ۽ چيو وڃي ٿو ته پينانگ ٻيٽ تي اها پهرين مسجد آهي،  جيڪا هڪ مدراسي واپاريءَ ٺهرائي هئي. هو ڏکڻ هندستان کان هتي آيو هو هونءَ ته چوليا اسٽريٽ تي درگاهه ناگوري شاهه ٻه سؤ سالَ پراڻي آهي پر ان کي جامع مسجد نٿو چئي سگهجي. پينانگ جي مئڪلسٽر روڊ (Mcalister Road) تي هڪ پاڪستاني مسجد نالي به آهي، جيڪا اڄ کان ۲۵ سال اڳ بنگالين ئي ٺهرائي پر تن ڏينهن ۾ مشرقي بنگال پاڪستان ۾ هجڻ ڪري اها مسجد پاڪستاني سڏجڻ لڳي. آئون ان مسجد جو سيڪريٽري پڻ رهي چڪو آهيان.“
”پينانگ ٻيٽ تي ڪنهن زماني ۾ تمام گهڻا بنگالي رهندا هئا. نواکلي، ڪوميلا، سلهٽ، چٽگانگ، کلنا ـــ ويندي ڪلڪتي ضلعي جا ڪيترا ئي بنگالي هتي رهندا هئا. اهو ان ڪري جو ملايا کان بنگال ويجھو آهي ۽ تنهن زماني ۾ ته عربن توڙي يورپين جا جهاز به ڪنارو ڪنارو ڏيئي  ملايا ۽ سيام جي ملڪن ۾ اچڻ لاءِ بنگال کان ٿيندا ايندا هئا ۽ ساڻن گڏ ڪيترا ئي بنگالي پورهئي، واپار ۽ رهبريءَ لاءِ چڙهي پوندا هئا. ان بعد جيتوڻيڪ گڏيل هندستان جي ٻين صوبن مان به ماڻهو هتي ايندا رهيا جهڙوڪ: سک پنجاب کان، تامل تامل نادو کان ، گجراتي ۽ مرهٽا مهاراشٽر کان، سنڌي سنڌ کان پر هتي جا لوڪل ماڻهو سڀني کي بنگالي سڏيندا هئا. اڄ به ملائيشيا جي ڳوٺن ۾ ڌارين کي بنگالي چون. ويندي سکن کي به ڪيترا بنگالي چون. سو هيءَ مسجد اڄ کان ڏيڍ سؤ سال اڳ بنگال جي مسلمانن ٺهرائي يا هندستان جي ڪنهن ٻئي صوبي جي مسلمانن پر اهو ضرور آهي ته پينانگ ۾ ان زماني ۾ بنگالي گهڻا  هئا. ۽ هن علائقي ۾ جتي هيءَ مسجد آهي اتي ته اوڻهين سؤ پنجاهه يا سٺ تائين به ڏاڍا هئا. انگريزن جي جهازن تي گهڻي ڀاڱي ڪم بنگالي خلاصي ڪندا هئا. ۽ جيئن انگريزن پوک جي ڪم لاءِ ننڍي کنڊ مان تامل آندا، سک پوليس، ريلوي ۽ چوڪيداريءَ جي ڪم لاءِ، گجراتي ۽ سنڌي واپار ۽ هٽڙا هلائڻ لاءِ تيئن بنگالين کي خلاصيءَ طور آندو. پينانگ ويجھڙائيءَ تائين بنگالي خلاصين جو وڏو اڏو هو، جتان نه فقط انگريزن جي ٻيڙن تي پر پوءِ دنيا جي ٻين جهازن تي به بنگالي خلاصي سپلاءِ ٿيندا هئا. هن پاڙي لاءِ ته مشهور آهي سڄو بنگالين جو هوندو هو ۽ خود پينانگ جا ملئي ۽ چيني هن  محلي مان لنگهندي گھٻرائيندا هئا.“
ڇا هن پاڙي ۾ اڃا به بنگالي آهن؟ مون پڇيومانس.
”هن پاڙي ۾ ته هاڻ ڪو به نظر نٿو اچي سڀ هليا ويا.  باقي پينانگ ۾ هونءَ ايڪڙ ٻيڪڙ اڃا آهن.“
مون رات ڏٺو ته هن مسجد ۾ جماعتي، رپئي مان ٻارهن آنا مدراسي تامل هئا ۽ چار آنا ڪي ملئي. يعني اهي ما ڻهو توهان جو خطبو نه اڙدو ۾ نه بنگاليءَ ۾ سمجھي سگهندا هوندا نه وري عربيءَ پارسيءَ ۾. ڇو جو ملئي ته اڙدو نٿا سمجھن پر مدراسي ۽ ٻيا ڏکڻ هندستان جا ماڻهو به اڙدو يا هنديءَ جو لفظ به نٿا سمجھن. اڃا به تامل، مليالم، ڪنهڙ يا تيلگو ملباري زبانون سمجھن ٿا. پوءِ توهان ڇا ڪريو؟
”نيت هميشه اڙدوءَ ۾ پڙهان. ۽ پوءِ خطبو ملئي زبان ۾ پڙهان جيڪو هرڪو سمجي ٿو. مونکي ملئي زبان پهرين سمجھه ۾ نه ايندي هئي. پر پوءِ جھٽ سکي ورتم. ائين مونکي برمي به اچي ٿي.“
ٻن ڏينهن بعد عيد  هئي ۽ عيد نماز تي ڏٺم ته  مولانا صاحب عيد نماز جو طريقو ۽ نيت اڙدوءَ ۾ ٻڌائي. جيڪا پاڻ ۽  مون کان علاوه شايد ئي ڪنهن ٻئي سمجھي هجي. ڇو  جو نماز بعد ڪا دير جماعتين کي ڏسندو رهيس ته انهن ۾ ڪو اتر هندستان يا پاڪستان جو هجي ته ساڻس ڳالهايان پر سڀ تامل ڳالهائڻ وارا هئا. پر اها واقعي عجيب ڳالهه آهي ته ڪو سمجھي يا نه پر مولانا صاحب سالن کان نيت اڙدوءَ ۾ پڙهڻ جي روايت قائم رکندو اچي.
مولانا کان پڇيم: ڏکڻ هندستان جي تاملن ۾ هندو به آهن ته مسلمان ۽ عيسائي به. هتي پينانگ ٻيٽ تي انهن تاملن جو تعداد ڇا هوندو؟
”مسلمان اٽڪل ٽي هزار کن، هندو تامل چار هزار کن ۽ عيسائي تامل هزار کن ٿيندا“.
توهان کي ڀلا هتي جو پاسپورٽ آهي يا بنگلاديش جو؟
”مون وٽ انگريزن جي زماني کان برٽش پاسپورٽ هو پوءِ پاڪستان جو به ٺهرائي هتي آيس. بنگلاديش ته اڃا ٿيو نه هو. پوءِ هتي اچي ملائيشيا جو پاسپورٽ ٺهرايم. باقي زال ۽ ٻارن ٻچن کي بنگلاديش جو ئي آهي. هر سال هو هيڏانهن اچن مون سان ملي ويندا آهن.“
ڀلا سائين اهو پڇي سگهان ٿو ته توهان کي سرڪار طرفان يا هن مسجد جي ڪميٽيءَ طرفان ڪيترو پگهار ملي ٿو؟
”بس اهو پڇو ئي نه. بس الله جي فضل سان گنج ملن ٿا ۽ شڪر آهي. دال روٽي ٿيو وڃي. Cukup Untuk Makan (مطلب پيٽ لاءِ پورو آهي).  ڪجهه ٻارن کي به موڪليندو آهيان.
پر تڏهن به.......
”بس. ان کي ڇڏي ڏيو،. جو مون ڪڏهن به پنهنجي خذمت جو اجورو پئسي ۾ نه ماپيو آهي. خبر اٿئي جڏهن آيو هوس ته ڪيترا ئي سالَ ته مونکي  مهيني ۾ فقط پنجاهه ڊالر ملندا هئا. تڏهن به شڪر ۽ صبر ۾ گذاريندو هوس.“
اسان جي ڳالهين دوران هڪ ويهن پنجويهن سالن جو نوجوان، گلاس ۾، اسان لاءِ چانهه کڻي آيو. مولانا صاحب ٻڌايو ته هي تبليغ جماعت وارا آهن. پاڪستان ۾ به ٿي آيا آهن. ٽن راتين لاءِ هتي واعظ لاءِ آيا آهن. ساڻن گڏ ٻيا به ڇهه ست ڄڻا آهن.
چانهه ملئي نموني بدران ملباري قسم جي ميٽ جهڙي هئي جيڪا گهڻن ڏينهن بعد ـــ بلڪه سالن بعد پيئڻ لاءِ ملي. ان کان اڳ اهڙي چانهه پاڪستان ۾، اسٽاپن تي، پٺاڻن جي هوٽلن ۾ ئي پيتي هيم.
ان چانهه کان پوءِ مون يڪدم مولانا کان موڪلايو، جنهن کا تاج محل ريسٽورينٽ ۾ مانيءَ لاءِ وڃڻو هو.

جت جر وهي ٿو جال ڪتاب تان کنيل


No comments:

Post a Comment