SEKARANG SAYA TAKUT
الطاف شيخ
هاشم وارن سامونڊي شيون کائي بس
ڪيون ۽ جنهن پني ۾ اهي ويڙهيل هيون ان سان هٿ اگهي پنو ڪچري جي بارديءَ ۾ اڇلايو.
گاڏي واري ڇوڪريءَ هاڻ ويجھو اچي کانئن آرڊر پڇيو. جيڪو سنگاپوري چيني همراهه
ڊئوڊ، ٿائي زبان ۾ ترجمو ڪري هن کي ٻڌايو. هاشم کير بدران چانهه جو آرڊر ڏنو.
”ڇو ڳئون جو کير نٿو پين؟“ ڊئوڊ
هاشم کان پڇيو.
”ڳئون جو کير هندو پيئندا آهن.“
هاشم وراڻيو.
”پر توهان مسلمان ڳئون جو گوشت ته
کائو ٿا.“
”اهو وري هندو نٿا کائين.“ هاشم
کلندي ٺهه پهه جواب ڏنس.
ڳئون جي کير ۾ جيتوڻيڪ ڪا خرابي
ناهي پر ملئي ماڻهو کير پيئڻ جا عادي ناهن. جيتوڻيڪ ملائيشيا ۾ ڳئون، مينهون ۽
ٻڪريون جام پيون هلن. پر کير رڳو انڊين پيئن. جيئن جهڙو گانگٽ مڪروهه تهڙو کيکڙو.
پر پاڪستان ۾ گانگٽ خوشيءَ سان کاڌو وڃي ٿو پر کيکڙي کائڻ جا عادي نه هجڻ ڪري ان
کان گهڻا ماڻهو ڀڄن ٿا. هاڻ مڙيئي حڪومت طرفان مهم هلي رهي آهي ته ننڍي وڏي لاءِ
کير پيئڻ ضروري آهي.
ڇوڪريءَ هاشم ۽ قاسم لاءِ ڊبل روٽي ٽهڪندڙ پاڻيءَ مان
نڪرندڙ ٻاڦ ۾ اوٻاري، چانهه سان گڏ کڻي آئي. هن پاسي جي ملڪن ۾ ڪيتريون ئي شيون
ـــ خاص ڪري ناريل جون مٺايون، پاڻيءَ جي اُٻَ ۾ رڌين. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ٻاڦ تي
رڌل شين جو پنهنجو هڪ خاص سواد ٿئي ٿو. ڊئوڊ ٻڌايو ته اها سائي رنگ جي جيلي، جيڪا
ناريل جي آهي، اها پڻ هيءَ ڇوڪري، گهر ۾، ٻاڦَ تي ٺاهيندي آهي.
ڊئوڊ مٿين ڳالهه ٻُڌائي جيسين ڏند
کوٽيا تيسين هاشم راز واري انداز ۾ چيو:
”اها ڇوڪري مسلمان آهي ۽ نالو اٿس
سڪينه.“
”توکي ڪيئن خبر پئي ـــ؟“ مون
پڇيومانس.
”ڊئوڊ ٻڌايو هوم. ۽ هُن ئي، هن وٽ
کائڻ لاءِ صلاح ڏني هُئي“.
تائيد ۾ ڊئوڊ چيانگ ڪنڌ ڌوڻيو.
”هن جي شادي هڪ ملئيءَ سان ٿي هئي.
ڪجهه وقت هيءَ ملائيشيا ۾ پڻ رهي هئي.“ هاشم وڌيڪَ ٻُڌايو.
”پوءِ ــــ؟“ مون پڇيو.
”بس پوءِ مڙسَ ڪڍي ڇڏيس.“ جواب
ڊئوڊ ڏنو.
”ڇو ڀلا ـــ ؟“
”بس ڪو ٻار نه ٿيس. ان ڪري مڙس ڪڍي
ڇڏيس. سندس پوڙهي مڙس کي اڳهين ٻه زالون هيون. جن مان پڻ اولاد نه هوس. پوءِ هتان
هُن کي وٺي ويو.“ ڊئوڊ ٻڌايو ۽ پوءِ ٿوري دير ڏند کوٽي چيو، ”سڪينا جيڪو وقت ان
مڙس وٽ رهي، اهو سورن ۾ گذريس. رات جو اهو چَم جهڙو پوڙهو سندس جسم پٽيندو هو ته
ڏينهن جو سندس پهريون ٻه جويون ڄنڊا پٽينديون هيس. غريب ڪري سو ڪري ڇا. نيٺ ملائيشيا
کان واپس ٿائلنڊ ڀڄي آئي. هاڻي هي شيون وڪڻي پيٽ پالي ٿي.“
”او پوئر گرل!“ هن ڏي ڏسي منهنجي
واتَ مان نڪتو. انگريزيءَ کان نا واقف هجڻ ڪري منهنجا لفظ يا ڊئوڊ جو سندس بابت
قصو، سڪينه جيتوڻيڪ نه سمجھيو، پر ايترو ضرور سمجهيو ته اسان هن جي ئي ڳالهه ڪري
رهيا آهيون. سو پڪ ڪرڻ خاطر ڊئوڊ کان ٿائيءَ ۾ پڇيائين ته اسان ڪهڙي ڳالهه پيا
ڪريون. ڊئوڊ ٻڌايس ته تنهنجي ڏکن جي ڳالهه پيا ڪريون ته ڪيئن شادي ٿي ۽ جھٽ ختم ٿي
وئي. اهو ٻڌي هوءَ منهنجي ويجھو اچي تکو تکو ٿائي زبان ۾ ڪو قصو ٻڌائڻ لڳي ڄڻ
مونکي ٿائي ٻولي ايندي هُجي. پر هوءِ پنهنجي اندر جوڳ بار هلڪو ڪرڻ لاءِ
ڳالهائيندي رهي. ڊئوڊ ترجمو ڪري ٻڌايو ته هوءَ چوي ٿي ته هن جو ڪو ڏوهه نه هو. مڙس
۾ مڙسي بلڪل نه هئي ٻار ڪٿان ٿيندو. سندس پهريون ٻه ڏاڏي پوٽيءَ جون ملئي زالون،
هن (سڪينا) تي الزامَ هڻنديون هيون ته پاڙي وارن سان ٺهيل آهي. کيس چونديون هيون
ته ملڪيت جي وارثياڻي بنجڻ لاءِ پيٽ سان ٿيڻ چاهين ٿي پر جنهن وقت توکي ٻار ٿيو ته
توکي ڪورٽ ۾ ڇڪرائينديون سين. مڙس جو ميڊيڪل ٽيسٽ ڪرائي ثابت ڪنديوسين ته هي مڙس
صفا اڳڙين جو گڏو آهي ۽ ٻار ڪنهن ٻئي مان آهي. بهرحال اتي جي انهن تعدين کان،
هوءَ، هن پورهئي جي زندگيءَ مان خوش آهي.“
قاسم چيو ”بڪواس ويٺي ڪري.“ تنهن
تي ڊئوڊ کلي چيس: ”ان ۾ بڪواس جي ڪهڙي ڳالهه آهي. تنهنجي ملئي ماڻهن جا ڪَمَ ئي
اهي آهن ــ خاص ڪري اهي جيڪي ٿائلنڊ جي بارڊر ڀر وارن شهرن ۾ رهن ٿا“.
ڊئوڊ کي چيم: ”مڙس ته ڇڏي ڏنس. ٻار
به نه اٿيس. عمر جي به ڪا وڏي ناهي. کيس کپي ته هينئر به ڪنهن سان شادي ڪري ڇڏي.“
سڪينا منهنجي ڳالهه معلوم ڪرڻ لاءِ
ڊئوڊ کان پڇيو. جنهن ٿائي ۾ ترجمو ڪري ٻڌايس. جيڪو ٻڌي ملئي ۾ چيائين:
“Sekarang
Saya Takut”
هاڻ آئون (شاديءَ جي نالي کان به)
ڊڄان ٿي.
هاشم چيو: ”چڱو جو ملائيشيا حڪومت
ويجھڙائيءَ ۾ اميگريشن جا قاعدا سخت ڪيا آهن. نه ته ڪيترا اسانجا ملئي مردَ ٿائي
ڇوڪرين سان شادي رچائي پنهنجي گهرَ ۾ هنگامو برپا ڪندا هئا. پوءِ بهانو آهو ئي ته
اسلام ۾ چئن شادين جي موڪل آهي. يا چوندا ڪنهن غير مسلم کي مسلمان بنائڻ ثواب جو
ڪم آهي. ٻيا نيڪ ڪَمَ ڪرڻ ۽ فرض پورا ڪرڻ اتي ٿيا، زور ان تي ته ٿائي ٻڌ ڇوڪرين سان شادي ڪري مسلمانن جو ڳاڻيٽو
وڌائجي. ساڳي وقت ٿائي ڇوڪرين جو به ڏوهه آهي. ڪيتريون ٿائي ڇوڪريون ملائيشيا ۾
رهڻ جي شوقَ ۾ گرو گنجو، پڪو پوڙهو جيڪو به ملئي مڙس ملين ٿو ان کي کڻيو قبول ڪن.
بلڪه اهي پوڙها، پٽن پوٽن وارا جن کي پنهنجي ملڪَ ۾ ته لفٽ نٿي ملئي، ٿائلنڊ مان جوان ٿائي ڇوڪريءَ سان شادي
رچائي اچن ٿا. پوءِ هڪ طرف گهر ۾ زال مڙس جو جھيڙو ته ٻئي طرف پاڙي جي جوان ڇوڪرن
جي هڪ ٻئي سان دشمني.“
اي جرني ٽو ٿائيلينڊ ڪتاب تان کنيل
No comments:
Post a Comment