است چُون عاقبت ڪار جهان نيستي.....
الطاف شيخ
امام زاد محروق جي مقبري سامهون باغيچي ۾ رکيل
بينچ تان اٿي آئون عمر خيام جي مقبري ڏي وڌيس جيڪو پڻ هن ساڳي باغيچي – باغِ محروق
جي هڪ ڪنڊ تي آهي. گيٽ وٽ ويٺل ڪلارڪ ٻڌايو ته اندر
داخل ٿيڻ لاءِ کائنس ٽڪيٽ وٺڻ ضروري آهي.
ايران ۾ جيڪي مذهبي جايون ۽ مذهبي ماڻهن جا مقبرا
آهن انهن جي ڏسڻ جي ڪا ٽڪيٽ ناهي باقي تاريخي جاين تي ٿوري گهڻي ٽڪيٽ رکي وئي آهي،
جيئن ان کي وڌيڪ بهتر بنائجي ۽ بنيل شيءَ جي ٺاهه جوڙ تي ڌيان ڏيئي سگهجي ۽ ان
فيءَ (ٽڪيٽ) مان هتي جا واسطيدار کاتا واقعي ايمانداري سان ان عمارت جي ۽ پسگردائي
جي سار لهن ٿا ۽ ساڳي وقت ٽوئرسٽن جي سهوليت ۽ بهتري جو خيال رکن ٿا. اهڙن هنڌن تي
توهان کي جتي ڪٿي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي، صاف سٿرا ٽئاليٽ، وهڻ لاءِ اڏاوتن هيٺيان
رکيل بينچون، گند ڪچري اڇلائڻ لاءِ ٽوڪريون، گاڏيون بيهارڻ لاءِ فري پارڪنگ، ڪنهن
جي ڪا شيءَ يا ڪو ٻار منجهي وڃي ته ان جي مدد لاءِ عملو ... وغيره نظر اچي ٿو.
مون ٽي هزار ريال ڏئي عمر خيام جي مقبري ڏسڻ جي ٽڪيٽ ورتي. ٽي هزار
انگ تمام وڏو آهي پر بقول سلمان رضوي جي ايران جو سڪو بي برڪت آهي. ۳۰۰۰ ريال ۳۰۰ تمان ٿين ٿا ۽ اڄ
ڪلهه پاڪستاني هڪ رپئي ۾ ۱۵ تمن آهن معنيٰ اسان جي ناڻي جي حساب سان ان
ٽڪيٽ جي قيمت ۲۰ رپيا ٿي. ايران جي سڪي بابت هڪ دفعو وري ان ڪري به لکيو اٿم ته هتي ايندڙن
کي ان بابت مونجهارو نه رهي جيئن تهران جي ايئر پورٽ تي اخبار جي قيمت ۱۸۰ تمن (يعني ۱۸۰۰ ريال) ٻڌي آئون
پريشان ٿي ويو هوس ۽ واپس رکي ڇڏيم – بعد ۾ خبر پئي ته ايراني ايترا پئسا اسان جي
فقط ۱۲ رپين برابر ٿيا.
عمر خيال جو مقبرو نرالي انداز ۾ ٺهيل آهي جنهن
جي چوڌاري ٻاهران ۽ اندران سندس فارسي رباعيون لکيل آهن. عمر خيام پاڻ به نرالو انسان هو.
هو هڪ اعليٰ شاعر، فلاسفر، حساب دان ۽ عالمِ فلڪيات هو ۽ جنهن لاءِ هن کي دنيا مڃي ٿي. هو ايران جي هن شهر نيشاپور ۾ ڄائو
۽ هتي ئي دفن ٿيل آهي. خراسان صوبي جي هن شهر نيشاپور جي دنيا ۾ مشهوري عمر خيام
جي ڪري ٿي. منهنجو ڪو مطلب اهو نه آهي ته نيشاپور جي اهميت عمرخيام بنا ڪجهه به
ناهي. نيشاپور تاريخي خيال کان ايران جي گهڻن جهونن شهرن کان وڌيڪ اهميت رکي ٿو،
جتي نه فقط امام زاده محمد محروق جو آخري آرام گاهه آهي، عمر خيام جو شهر آهي پر
هن شهر جي مشهور ي عظيم صوفي شاعر فريد الدين عطار، مشهور ايراني آرٽسٽ ڪمال و
مولڪ ۽ ٻين عالمن، ڏاهن، شاعرن، سياستدانن کان علاوه فيروزه
پٿرن ڪري پڻ آهي. نيشاپوري کاڻين جو هي ٿڌي بلو ۽ سائي رنگ جي مڪسچر وارو پٿر هزار
سالن کان مٿي فيروزه نيشاپوري جي نالي سان مشهور آهي ۽ عورتون لاڪيٽن، ايرنگن،
ڪنگڻن ۽ منڊين ۾ لڳرائين ٿيون. امامزاده محروق جي مقبري ٻاهران واري روڊ خيابان
طبريسي جي دڪانن مان هڪ تان پاڻي جي بوتل وٺي رهيو هوس ته ”ليالي توس“ نالي ڀر
واري دڪان ۾ ڪجهه يورپي ٽوئرسٽن کي فيروزي پٿر جا ڳهه خريد ڪندو ڏسي
آئون به مٿي چڙهي پيس. اهي
مونکي نه فقط خوبصورت لڳا پر سستا به. فرانس جي قوميت رکندڙ هنن ايراني ٽوئرسٽن ٻڌايو
ته هن پٿر جون شيون مشهد ۾ به سستيون آهن پر هتي اڃان به وڌيڪ سستيون آهن جو هنن پٿرن
جون کاڻيون هن شهر نيشاپور
۾ ئي آهن. بعد ۾ اسانجي گروپ جي هڪ برٽش پاڪستاني
مرزا اصغر حسين ڪجهه منڊيون ورتيون ته هن ڪجهه وڌيڪ اگهه گهٽ ڪرايو. جنهن مان لڳو
ته دڪاندار مقرر ڪيل قيمت کان به ڏهه ويهه سيڪڙو سستو ڪن ٿا.
نيشاپور ساساني دور حڪومت ۾ شاهپور بادشاهه نالي ٺهرايو ويو. ساسانين جي حڪومت بعد ايران تي عربن جي حڪومت ٿي جن
نيشاپور کي خراسان صوبي جي گاديءَ جو شهر (Capital) مقرر ڪيو ۽ ڏهين صدي ۾ هي ايران جو بلي بلي شهر هو. هي شهر ڪاشي ۽ ٺڪر
جي شين کان به بيحد مشهور هو ۽ اڄ به هن علائقي جي ڪاشي ائين مشهور آهي جيئن اسان جي
ملڪ ۾ هالا، نصرپور ۽ ملتان جي. مشهد کان هيڏانهن نيشاپور ايندي ڪيترائي ڪاشي جي ڪارخانن
جا اشتهار نظر آيا ۽ مونکي به پهريون دفعو خبر پيئي ته ”ڪاشي“ اسانجي ڳوٺ هالا جو –
يعني سنڌيءَ جو نه پر فارسي زبان جو لفظ آهي. ايران ۾ مختلف مقبرن ۽ عمارتن ۾ ڪاشي
جو جهونو ۽ نئون ڪم ڏسي دل خوش ٿيو وڃي. ڇا ته آسماني، نيري، بلو ، فيروزي ۽ سائي رنگ
جا shade ۽ چٽ آهن ! سلجوق
گهراڻي جي پهرين حاڪم تغرل بيگ (سندس پورو نالو سلطان تغرل بن ميڪائيل هو – جنهن ۱۰۳۷ کان ۱۰۶۳ تائين ايران تي
حڪومت ڪئي) نيشاپور کي سڄي ايران جي گادي جو شهر بڻايو.
۱۱۴۵ واري زلزلي نيشاپور
جي ڪافي تباهي آندي ، رهي سهي ڪسر ۱۱۵۳ ۾ غز ترڪمن جي حملي پوري ڪئي پر هي اهو شهر آهي جيڪو وري جڙندو رهيو،
وڌندو رهيو، خوشحال ٿيندو رهيو. ۱۲۱۶ ۾ جڏهن عرب سياح ياقوت هي شهر گهميو ته هن کي سڀني شهرن ۾ سهڻو ۽ امير
لڳو. ۱۲۶۹ ۾ منگولن جي ٻي
حملي بعد به هي شهر وري اڀريو پر پوءِ آهستي آهستي امام رضا جو شهر مشهد هن تر جو خوشحال
۽ رونق وارو شهر ٿيندو ويو. پر ان هوندي به نيشاپور شهر پنهنجي سڃاڻپ ۽ سونهن برقرار
رکي، پر پوءِ ۱۷۲۲ ۾ افعانين واري حملي ۾ نيشاپور ترپٽ ٿي ويو. ان بعد جيئن ئي نادرشاهه
ايران جو حاڪم ٿيو ته هن مشهد کي ايران جي گاديءَ جو شهر
مقرر ڪيو. بهرحال نيشاپور اڄ به هڪ اهم تاريخي شهر آهي جيتوڻيڪ هو ڪيترائي دفعا
تباهه ٿيندو رهيو. بقول انڊيا جي انگريز وائسراءِ جارج ڪرزن جي جيڪو ۱۸۹۹ ۾ هن پوسٽ لاءِ
انڊيا پهتو هو ۽ هو ننڍي هوندي کان گهمڻ جو شوقين هو،
“ Neishahpur had certainly been destroyed and rebuilt more than
any other city in the world.”
هي شهر نيشاپور ڏهين، يارهين ۽ ٻارهين صدي ۾ مصر
جي قاهري ۽ عراق جي بغداد جي مقابلي جو شهر هو. تيرهين صدي ۾ هن شهر سان جيڪو ظلم
ٿيو ان لاءِ اڄ به دنيا افسوس ڪري ٿي. ۱۲۲۱ ۾ چنگيز خان جي ڌيءَ جي مڙس کي ڪنهن هن شهر ۾ ماري وڌو. ان جو بدلو چڪائڻ لاءِ چنگيز جي ڌي نيشاپور جي سڀني ماڻهن کي قتل ڪرڻ
جو حڪم ڏنو. هن حڪم جي پوئواري ۾ منگولن شهر جا سترهن لک ماڻهو ڪهي ڇڏيا ۽ مردن،
عورتن ۽ ٻارن جي کوپڙين سان هڪ وڏو اهرام (Pyramid) ٺهرايو. هن شهر کي زلزلن به ڪافي تنگ ڪيو آهي. گذريل ويهه سالن
۾ ٻه دفعا زبردست قسم
جا زلزلا آيا آهن هڪ ۱۹۸۶ ۾ ۽ ٻيو
۱۹۹۷ ۾.
اسان جهاز هلائڻ وارن کي فقط دنيا جي بندرگاهن جي
خبر آهي ته ڪهڙو بندرگاهه ڪهڙي ملڪ ۾
۽ ڪهڙي هنڌ تي آهي. عمر خيام جنهن جي فارسي رباعين جو ترجمو اسڪول جي ڏينهن ۾ وڏي شوق سان پڙهيو سين، ان بابت اها خبر ضرور
هئي ته هن جو تعلق ايران جي شهر نيشاپور سان آهي پر اهو هتي مشهد ۾ اچي معلوم ٿيو ته
عمر خيام نيشاپوري جو ڳوٺ مشهد کان فقط ٻه اڍائي ڪلاڪن جي سفر تي
آهي ۽ اڄ هتي نيشاپور ۾ ، عمر خيام جي مقبري اڳيان پاڻکي بيٺل ڏسي حيرت پئي ٿئي ته هن ۾ دفن
ٿيل همراهه جون انگريزي ۾ فٽز گرالڊ جون ترجمو ڪيل رباعيات، جواني جي ڏينهن ۾ Quote ڪندا رهياسين ٿي ...
“Here with a loaf of
Bread beneath the Bough,
A flask of Wine, a Book of
Verse .. and thou,
Beside me singing in the
wilderness,
And wilderness is Paradise
enow.
يا وري .....
Oh, come with old Khayyam, and
leave the wise,
To talk; one thing is certain,
that life flies.
One thing is certain, and the rest
lies.
The flower that once has blown
forever dies.
۽ سڀ کان گهڻي جيڪا عمر خيام جي رباعي اسان استعمال ڪندا هئاسين، اها هئي ؛
Ah, love! Could thou and I
with fate conspire
To grasp the sorry scheme of
things entire
Would not we shatter it to
bits – and then
Re-mould it nearer to the Heart's
desire.
عمر خيام پنهنجن رباعين ۾ پنهنجي ڳوٺ نيشاپور جو
به نالو کڻي ٿو.
Whether at Naishapur or
Babylon,
Whether the cup with sweet or
bitter run,
The wine of life keeps oozing
drop by drop
The leaves of life keep
falling one by one.
۽ اڄ آئون هن جي ملڪ، هن جي شهر ۽ هن جي قبر وٽ بيٺو آهيان. پاڻ هن
دنيا جي مسافر خاني ۾ آيو، ڪجهه وقت رهيو هليو ويو، ڪئين سلطان بادشاهه آيا- وڏي
شان شوڪت سان، ڪو به هتي نه رهيو، مٽي سان مٽي ٿي ويا. عمر خيام
پنهنجي هڪ رباعي ۾ چوي ٿو؛
Think, in this battered
caravanserai
Whose doorways are alternate
night and day,
How sultan after sultan with
his Pomp
Abode his hour or two and went
his way.
عمر خيام، اصل نالو غياث الدين ابو الفتح عمر بن
ابراهيم خيام نيشاپوري، ۱۰۴۸ ۾ ، هن شهر نيشاپور ۾ ڄائو جڏهن ايران تي غزنوي گهراڻي جي حڪومت هئي.
پاڻ واري سومناٿ مندر واري بت شڪن هيرو (محمود غزنوي) کي وفات ڪئي ۱۸ سال ٿيا هئا ۽ سندس
ٻن پٽن محمد ۽ مسعود جي تخت تي وهڻ بعد هاڻ ايران جو سلطان مودود هو. ايران جي هن حصي تي سلجوقن جي حڪومت هئي ۽ عمر خيام جي ڄمڻ وقت سلجوق گهراڻي جو پهريون
سلطان تغرل بن ميڪائيل والي وارث هو. عمر خيام ۱۱۳۱ ۾ وفات ڪئي سندس
حياتي دوران هن ملڪ جا ڪيترائي سلطان ٿيا
تڏهن ته هو هنن جي ۽ هنن کان اڳ حڪومت ڪندڙن جي شان شوڪت جي ڳالهه ڪري ٿو ته ” آيا ڪئين سڪندر دارا، ويا پنهنجا وڄائي وارا“ . هن فاني
دنيا ۾ ڄڻ ته هو پل ٻه مس ڪي رهيا ۽ پنهنجي واٽ وٺي ويا.
عمر خيام وڏو قابل ماڻهو ٿي گذريو آهي. هو هڪ ئي
وقت شاعر، فلاسفر، Astronomer،
حسابدان (Mathematician) هو. ايران کان ٻاهر هن کي انگريز ترجميڪار ايڊورڊ فٽزگرالڊ جي Rubaiyat
of Omar Khayyam جي ڪري گهڻي مشهوري
ملي اسان جي به عمر خيام سان واقفيت انهن انگريزي ۾ ترجمو ٿيل رباعين جي ڪري ٿي. ايڊورڊ
بعد ٻين ڪجهه انگريزن عمر خيام جو رباعيون انگريزي ۾ ترجمو ڪيون آهن بلڪ دنيا جي ڪيترن ئي زبانن ۾ ٿي چڪيون آهن- فرينچ، جرمن، اسپيني
۽ اطالوي زبان ۾ ڪتاب ته مون به ڪيترن ايئرپورٽن تي وڪامندي ڏٺا آهن ۽ تهران ۾
حيدرآباد جو حسيني فيروز دين شاهه مليو جنهن ٻڌايو ته عمر خيام جون رباعيون اڙدو ۽
سنڌي ۾ به ترجمو ٿي چڪيون آهن. ويجهڙائيءَ ۾ هي سفرنامون لکڻ دوران دادو جي بشير سيتائي جو
ڪتاب ”رباعيون عمر خيام جون“ مليو اٿم جنهن ۾ هن صاحب عمر خيام جي رباعين جو انگريزي
۽ سنڌي ۾ ترجمو ڪيو آهي.
عمر خيام حسابدان به هو ۽ آلجبرا ۽ ٽرگناميٽري ۾
هن جي وڏي Contribution آهي. سال ۱۰۷۰ع ۾ جڏهن عمر خيام
فقط ۲۲ سالن جو هوو ته
هن جيوميٽري جي طريقي سان (Circle) گول کي هائيپربولا سان
intersect ڪري آلجبرا جون ڪيوب واريون Equations حل ڪرڻ جو طريقو متعارف ڪرايو. جيڪو
يورپ تائين پهتو. ان کان علاوه عمر خيام جيوميٽري ۾ Theory of Proportion پيش ڪئي ۽ ”شارح ما اشڪالا من مصدرت ڪتاب اڪلدس“ لکيو جيڪو
انگريزي ۾ Explanation of the difficulties in the postulates of
Euclid” نالي اڄ به مشهور
آهي.
جن ڏينهن ۾ اڃان ٽيلي اسڪوپ ايجاد نه ٿيا هئا ته
عربستان، ايران ويندي سنڌ ۽ راجستان جا ماڻهو چنڊ تارن ۽ انهن
جي چرپر جي ڄاڻ ۾ يورپين کان وڌيڪ هوشيار هئا، ڇو جو يورپ ۾ ڌنڌ ۽ هروقت جي گهاٽي
جهڙ ۽ سيءَ ڪري اتي جا ماڻهو نه ته اسان وانگر اڱڻ ۾ ستا ٿي ۽ نه اتي چنڊ تارا چٽا نظر آيا ٿي. ان فيلڊ ۾ عربن ۽ ايرانين جي وڏي contribution آهي. جنهن کان پاڻي جو جهاز هلائيندڙ ناکئا (Navigators) يا هوائي جهاز هلائيندڙ پائليٽ واقف آهن.
عمر خيام جي ڏينهن ۾ گهڻو ڪري هر حسابدان ماهر فلڪيات (Astronomer) به هوندو . سو عمر خيام به پنهنجي وقت جو مشهور ماهر فلڪيات ٿي گذريو آهي جنهن
جي يورپي به واکاڻ ڪن ٿا. ۱۰۷۳ ۾ سلجوق گهراڻي جي ٽئين حاڪم سلطان جلال دولا مالڪ شاهه ٻين سائنسدانن
سان گڏ عمر خيام کي آبزروئٽري ٺاهڻ لاءِ چيو. آخرڪار عمر خيام ۽ ان جي ساٿين سال جي ڊيگهه
ڊيسيمل کان به ڇهن انگن تائين صحيح انگ ۳۶۵.۲۴۲۱۹۸ ڏينهن ٻڌائي. هن ريت ۵۵۰۰ سالن ۾ فقط هڪ ڪلاڪ جو فرق اچي ٿو ۽ هوڏانهن يورپين طرفان ماپيل سال جيڪو
چئين صدين کان هلي رهيو هو ان ۾ ۳۳۰۰ سالن ۾ سڄي ڏينهن (۲۴ ڪلاڪن ) جو فرق
پيو ٿي. ۱۰۷۹ ۾ سلطان مالڪ شاهه
عمر خيام جي هن ڪئلينڊر کي ايران جو سرڪاري طرح ڪئلينڊر منظور ڪيو ۽
پنهنجي نالي پٺيان ان جو جلالي ڪئلينڊر رکيو جيڪو ان وقت جي جولين ڪئليندر کان تمام گهڻو Accurate ۽ اڄ جي گريگورين ڪئلينڊر سان ملندڙ جلندڙ هو. هونءَ ڪيترن
کي ضرور حيرت ٿئي ۽ مونکي به ڪڏهن ڪڏهن يقين نه ايندو آهي ته عمر خيام جهڙا ڪيترائي
ماڻهو ننڍي عمر ۾ ايڏو
هوشيار ٿي سگهن ٿا. پر پوءِ سوچيان ٿو ته هڪ ٽيچر جي حيثيت ۾ منهنجو به ڪجهه اهڙن
شاگردن سان واسطو پيو جيڪي ملائشيا پاسي ڏهاڪو سال پڙهائڻ واري نوڪري ۾ منهنجا
شاگرد ٿي رهيا. اهڙائي ڪجهه Extra ordinary ذهين شاگرد، تعليم حاصل ڪرڻ دوران مليا جن مان هڪ اسانجي ملڪ جي
اهم شخصيت دادو ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي شاهه پنجو سلطان
جو انجنيئر غلام محمد سومرو آهي. غلام محمد سومرو، هاڻ سٺ سالن جو (جنم سال ۱۹۴۷) پاڪستان ريلويز جو رٽائرڊ آفيسر آهي هن جڏهن ۱۳ سالن جي ڄمار ۾ ۱۹۶۰ ڌاري، ڪئڊٽ ڪاليج
پيٽارو ۾ نائين ڪلاس ۾ داخلا ورتي ته هو پنهنجي ڪلاس ميٽن ۾ سڀ کان ننڍي عمر جو
هو ۽ هڪ ڏوراهين ڳوٺ جي اسڪول کان هجڻ ڪري هن کي داخلا وقت نه اڙدو آئي ٿي ۽ نه ڪا
گهڻي انگريزي پر اسانجي ان وقت جي برٽش آرمي جي رٽائرڊ ڪرنل ۽ ٻي جنگ عظيم جي جپاني
جنگي قيدي پرنسپال ڪرنل ڪومبس محسوس ڪري
ورتو ته هي ذهين شاگردن منجهان آهي ۽ واقعي ائين ئي ثابت ٿيو. ان وقت اسان مئٽرڪ
ڪلاس ۾ هئاسين. مونکي ياد آهي ته انٽر ڪلاس ۾ ٽرگناميٽري ۽ ڪئلڪيولس جا ڏکيا سوال
غلام محمد سومري کان حل ڪرائيندا
هئاسين. جيتوڻيڪ هو اسان کان هڪ سال جونيئر هو. بقول اسان جي
ڪلاس ميٽ انجنيئر خالد حسين مخدوم ۽
خادم حسين ميمڻ (رٽائرڊ اريگيشن سيڪريٽري، سنڌ حڪومت) جي ”غلام محمد سومرو اسان جي
دور جو آئن اسٽائن هو.“ انٽر بعد غلام محمد سومري ڪراچي جي NED ڪاليج ۾ سول انجنيئرنگ ۾ داخلا ورتي ۽ ڪراچي يونيورسٽي ۾
ٽاپ ڪيائين. سو عمر خيام جهڙا به ڪيترائي ماڻهو تاريخ ۾ ملندا جيڪي هڪ ئي وقت ڪيترن
ئي سبجيڪٽن ۾ ماهر هئا. جن مان هڪ ابو سينا جو احوال هنن ئي صفحن تي ڪري چڪو آهيان.
عمر خيام لاءِ چون ٿا ته هن
جا وڏا تنبن ٺاهڻ
جو ڪم ڪندا هئا ان ڪري عمر ”خيام“ (تنبو
ٺاهڻ وارو) سڏجڻ لڳو. اڳتي هلي عمر خيام پنهنجي ذات کي رباعي ۾ به استعمال ڪيو آهي، چي؛
Khayyam, who stitched the
tents of science
Has fallen in grief’s furnace
& been suddenly burned,
The shears of fate have cut
the tent ropes of his life,
And the broker of hope has
sold him for nothing.
عمر خيام کي ننڍي هوندي کان ئي مائٽن سٺي تعليم
ڏياري. هن سائنس ۽ فلسفي جو علم پنهنجي هن اباڻي شهر نيشاپور مان حاصل ڪيو، ان بعد وڌيڪ تعليم لاءِ هو بلخ ۾، ۽ پوءِ سمر قند ۾ پڙهيو جتي هن پنهنجي آلجبرا جي ڄاڻ جي
قابليت جي ڌاڪ وهاري. هن لاءِ چيو وڃي ٿو ته لبرل مسلمان هو. سندس
شاعري مان ئي سندس شراب ۽ شباب جي شوق جي خبر پوي ٿي . چي.
اي خيام! اگر زباده مستي خوش باش
با ماهه رخي نشستي خوش باش
چون عاقبت ڪار جهان نيستي است
انگار ڪھ نيستي، چو هستي خوش باش.
هن رباعي جو فٽز گرالڊ يا شايد ڪنهن ٻي انگريز
واهه جون ترجمو ڪيو آهي؛
Khayyam if with wine you are drunk
be happy
If seated with a moon-faced
(beauty) be happy
Since the end purpose of the
universe is nothing-ness
Hence then you shall be
naught, then while you are happy.
هن زبان جو دادو جي وڪيل بشير
سيتائيءَ سنڌيءَ ۾ هن ريت ترجمو ڪيو آهي:
اي خيام اگر شراب کان مست آهين ته
خوش رهه،
لاله رخ محبوب سان گڏ ٿو ويهين ته
خوش هج،
دنيا جي ڪارگذاري جي پڄاڻي نابودي
آهي،
پوءِ ڄاڻ ته نابودي به هستي آهي،
تون خوش رهه.
عمر خيام اهو View رکيو ٿي ته عيش ڪري وٺو، هي دنيا فاني آهي ۽ سڄڻ سٻاجهيندڙ
آهي.
“Enjoy wine & women
and don’t be afraid, God has compassion”
اي دوست بيا تاغم فردا نخوريم
دين يڪ دم عمر را غنيمت شمريم
فردا که ازين دير فنا در گزريم
با هفت هزار سالڪان سر بسريم
(اي دوست ڇو فڪرن ۾ پريشان ٿيندو وتين؟ قسمت ۾ لکيل هر
صورت ۾ پورو ٿيڻو آهي. هيءَ زندگي چئن ڏينهن جو چٽڪو آهي. ان ڪري ڇو نه ان کي کل خوشي ۾
گذاري ڇڏجي)
۴۴ ورهن جي ڄمار ۾، ۱۰۹۲ ۾ عمر خيام حج ڪرڻ
مڪي ويو جتان موٽڻ بعد هو زندگي جا باقي ڏينهن هتي نيشاپور ۾ فلاسافي، قانون، تاريخ،
انگي حساب Mathematics، طب ۽ Astronomy – جن سبجيڪٽن ۾ پاڻ پڙهو ۽ پڙهائيندو رهيو.
عمر خيام نالي سوين رباعيون منسوب ٿيل آهن پر جيڪي ۷۲ پڪيون چيون وڃن ٿيون اهي The
wine of Nishapur ڏنل آهي عمر خيام ۱۱۳۱ ۾ هتي (نيشاپور)
۾ وفات ڪئي ۽ هتي باغ محروق ۾ امامزاده محمد محروق جي مقبري جي سامهون دفن ٿيل آهي.
عمر خيام جي مقبري تان موٽڻ کان اڳ سندس سيراندي
وٽ لڳل سنگمرمر جي اڇي پٿر تي لکيل ڪارن لفظن ۾ عبارت پڙهان ٿو، جنهن
جي مٿان عربي ۾ بسم الله يا ۷۸۶ بدران فارسي ۾ لکيل آهي ؛ ” بنام پروردگار دانا و توانا.“
بپاس مرتبه بلند علمي و فلسفي حڪيم و منجم
و حبيب و رياضي دان عالميت و رباعي سراي نامدار
ايران خواجا امام حجتھ الحق ابوالفتح عمر بن
ابراهيم
خيامي معروف بحڪيم عمر خيام متوفي در سال ۵۱۷ هجري قمري
......
ان بعد ضرور عيسوي سن لکيل هوندو پر ڪنهن لوهي
شيءَ سان کرچي ان کي ڊاهي ڇڏيو آهي .... آئون پٺيان پير ڪري واپس پنهنجي ساٿين جي ٽولي ڏي
روانو ٿيان ٿو.

No comments:
Post a Comment