Thursday, February 03, 2011

مشهد جا ميوزيم ۽ امامزاده محروق جو مقبرو - الطاف شيخ

مشهد جا ميوزيم ۽ امامزاده محروق جو مقبرو
الطاف شيخ
مشهد جو شهر توڙي ان جي آسپاس تواريخي جاين، بادشاهن، شهنشاهن، مذهبي پيشوائن، دين جي عالم، اسڪالرن ۽ مشهور شخصيتن جي مقبرن، عجائب گهرن (Museums) ۽ خوبصورت باغن ۽ ڳوٺن سان ڀريل آهي. اسان جي ملڪ جي ماڻهن کي ميوزم ڏسڻ جو شوق ناهي. سڄي عمر ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ گذارڻ بعد به هنن کي ڪڏهن مهاتا پئلس يا سنڌي ادبي بورڊ جو ميوزم ڏسڻ جي توفيق نٿي ٿئي. هتي جي هڪ ٻن ميوزيمن ۾ اڌ اڌ ڏينهن گذاريم پر مونکي هڪ به هم وطني نظر نه آيو. بهرحال هتي ڪجهه ميوزمن جو پتو لکان ٿو ان بعد اڳتي جو سفر جاري رکون ٿا.
 
مشهد ۾ ٽي بيحد دلچسپ ميوزيم آهن؛ آستانِ قدس جو ميوزيم، قرآن ميوزيم ۽ پوسٽ جي ٽڪلين (Stamps) جو ميوزيم. آستان قدس وارو ميوزم مختلف پراڻين ۽ تاريخي شين سان مالامال آهي. ڪيترائي پراڻا ۽ قيمتي غاليچا ۽ هٿ جي ڪم جا کيس کٿا (Rugs)، امام رضا جي پهرين مقبري جو سرون، مشهور ڪئليگرافر رضا عباسي جون لکڻيون ۽ ٻيون ڪيتريون يارهين صدي جون شيون نظر اچن ٿيون. هزارين زائرين- خاص ڪري ايران جا عقيدتد ۽ تاريخ سان دلچسپي رکندڙ، روزانو ڏسڻ اچن ٿا. هي ميوزيم ميدانِ حرم جي ويجهو صحنِ خميني جي اوڀر ۾ آهي. قرآن ميوزيم به آستانِ قدس جي ويجهو ئي آهي جنهن ۾ قرآن جا ڪيترائي جهونا نسخا رکيل آهن. هي ميوزيم ۱۹۸۵ کان کوليو ويو آهي. هتي رکيل قرآني نسخن ۾ سڀ کان جهونو ستين صدي جو، هرڻ جي کل تي ڪوفي لکت جو آهي. هتي اهو ٻڌائيندو هلان ته ميوزيم جي ڪنهن شي جي توڙي امام رضا جي مقبري ۽ گوهر شاد مسجد جي ڪنهن ڪمري يا سر Tile جي ڪئميرا سان تصوير ڪڍڻ جي اجازت ناهي. بلڪه حرم جي مين گيٽ ۾ گهڙڻ سان ڪئميرا ۽ ٻيو سامان جمع ڪرائڻو پوي ٿو. فوٽو ڪڍڻ جي شوقينن کي موبائل فون ذريعي فوٽو ڪڍڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. انتظاميا جو چوڻ آهي ته ڪئميرا جي فلئش سان ٽائيلن ۽ ٻين شين جا رنگ خراب ٿا ٿين.
ٽپال کاتي جي ٽڪلين جو، هتي وارو ميوزيم، سڄي ايران ۾ وڏو آهي. هي ميوزيم ۱۹۸۹ ۾ ٺاهيو ويو. ڪو زمانو هو ٽڪليون گڏ ڪرڻ ماڻهن جي خاص هابي هئي. ڪاليج جي ڏينهن ۾ اسان جي به اها خاص هابي هئي جيڪا پوءِ به ڪيتريون ڏهائيون هلي. هڪ ٻي جي Collection وڏي شوق سان ڏسبي هئي. منهنجي ڪجهه ڪلاس ميٽن شوڪت جماڻي (پيٽرول پمپن جو بادشاهه)، مرحوم رفيع ڪاڇيو (انبن جو شهنشاهه)، تنوير مجتبيٰ ( PIA جو جنرل مئنيجر) ۽ رميش ڪمار ڀيرواڻي ( آدم جي انشورنس جو جنرل مئنيجر) وٽ جيتريون ٽڪليون هيون مون ڪنهن ٻئي شاگرد وٽ نه ڏٺيون. بهرحال اڄ ڪلهه ڪٽين ڪٽ لهار، هاڻ انهين ڀيڻئين- دنيا جون پوسٽ آفيسون ويران نظر اچن ٿيون ۽ ملڪ جي خزاني تي چٽي آهن. هي دور اليڪٽرانڪ ميل ۽ ايس ايم ايس جو سڏيو وڃي ٿو. ڪنهن کي لفافو يا پارسل موڪلڻ لاءِ TCS، فيڊيڪس، يا ڪنهن ٻي ڪورئير سروس جو رخ ڪرڻو پوي ٿو. هونءَ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ايران، پولئنڊ ۽ اسپين جهڙا ملڪ خوبصورت ٽڪلين ڪري اسان جي دل ۽ دماغ تي ڇانئيل هوندا هئا.
مشهد جو قرآن ميوزيم صبح جو ۸ کان هڪ بجي منجهند تائين کليل رهي ٿو. پبلڪ ۽ مذهبي ڏينهن تي بند رهي ٿو. وري به توهان جي چاهيو ته ۲۲۵۸۰۰۱-۰۵۱۱ تي فون ڪري معلوم ڪري سگهو ٿا. ٽڪلين جي ميوزيم جو نمبر ۲۲۵۸۰۰۱-۰۵۱۱ آهي ۽ صبح جو اٺين کان شام چئين بجي تائين کليل رهي ٿو.
انهن ٽن ميوزمن کان علاوه ٻيا به ڪيترائي ننڍا وڏا ميوزيم مشهد شهر ۾ ۽ اوسي پاسي ۾ آهن. جيئن ته نادر شاهه جي مقبري تي ويس ته اتي به نادر شآهه جي دور جي پراڻين شين جو ميوزيم نظر آيو.
ان ڏينهن اسان مشهد جي ڀر وارن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ مختلف مقبرا، تاريخي جايون ۽ زيارتون ڏسڻ لاءِ نڪتاسين ته نيشاپور کان وڃي نڪتاسين، جتي امام زاده محمد محروق جو مقبرو آهي. هي نيشاپور جي وچ شهر کان ۶ ڪلوميٽر پري ڏکڻ اوڀر ۾ هڪ باغ ۾ آهي، جنهن جو نالو پڻ باغِ محروق آهي. هتي دفن ٿيل امام زادو محمد محروق حضرت موسيٰ بن جعفر جي اولاد مان چيو وڃي ٿو. هي خوبصورت ڪاشيءَ جي ڪم جو مقبرو ڏهين صدي جو ٺهيل آهي ۽ ان جي ڀرسان مسجد آهي جيڪا سورهين صدي جي ٺهيل آهي ۽ هتي جي ڪاشي ۽ لکائي ايتري ئي خوبصورت آهي جيترو مقبرو . هن مقبري ۽ مسجد جون تصويرون توهان کي ايران تي لکيل ڪيترن ئي ڪتابن ۾ نظر اينديون. هتي مون ڏٺو ته ڪيترائي فارينر نه فقط عقيدت جي خيال کان اچن ٿا پر هن باغِ محروق ۽ خوبصورت ڪم واري مقبري کي پڻ ڏسڻ لاءِ اچن ٿا. فوٽو گرافي جي اجازت هجڻ ڪري مون وانگر ڪيترائي تصويرون ڪڍي رهيا هئا. باغ ۾ جتي ڪٿي گلن کي پٽڻ کان منع لاءِ تختين تي شعرن جي صورت ۾ نوٽيس لکيل هئا. هڪ تي بلبل جو لفظ پڙهي هڪ ايرانيءَ کان پڇيم ته ان شعر جي ڇا معنيٰ آهي؟
ڇو ٿا هرو ڀرو بلبلن کي روئاڙيو .
گل پٽي ڇو ٿا سونهن برباد ڪريو“ هن ٻڌايو.
اسانجي گروپ جي زائرين مشهد کان ايندي وقت رستي تي اهوئي فيصلو ڪيو ته آخري منزل يعني نيشاپور پهچي اتي مجلس ڪنداسين. سو هاڻ مجلس جو بندوبست مسجد ۾ رکيو ويو. جتي سڀني کي پٽ تي وڇايل غاليچن تي وهڻو هو. آئون ٿوري دير ويٺس پر پٺي جي هڏي (Back Bone) ۾ حادثي ڪري سور هجڻ ڪري مونکان گهڻي دير نه پئي ويٺو ٿيو. ڀر ۾ ويٺل عابد جعفري کان پڇيم ته هيءَ مجلس گهڻي دير هلندي؟
” ٻن ڪلاڪ کن ته لڳي ويندا.“ هن ٻڌايو.
” ته پوءِ ڀلا آئون وهڻ لاءِ ڪا سر يا ڪاٺ جي صندلي ڳولي اچان.“ مون هن کي چيو.
ٻاهر نڪري هيڏانهن هوڏانهن اهڙي ڪا شيءَ ڳوليم پر نظر نه آئي. پارڪ جي هڪ حصي ۾ رکيل بينچ تي اسانجي هڪ ساٿي مسافر ۽ ڪراچي ۾ پلاٽن جو وڪرو ڪندڙ ڪمپني Land Masters جي مالڪ زڪريا جي والده ويٺي هئي. هن سان به پٽ تي وهڻ جو مسئلو هو جو مجلس بدران هتي اچي ويٺي. ساڳي بينچ تي هن جي ڀرسان ايران جي ڪنهن آفيس ۾ ڪم ڪندڙ ايراني ڇوڪريون ويٺل هيون. هو سبزوار نالي هڪ شهر کان هتي آيون هيون. هن بينچ تي وهڻ بعد پڇڻ تي هنن ڀڳل سڳل انگريزي ۾ ٻڌايو.
” زيارت لاءِ “ مون چيو.
”ڪجهه زيارت، ڪجهه پڪنڪ لاءِ“ هنن وارڻيو. هتي هلندڙ ڪيترين عورتن وانگر هنن کي به ايتري ڊگهي چادر اوڍيل نه هئي جهڙي مشهد ۾ امام رضا جي روضي تي ايراني عورتن کي ويڙهيل نظر اچي ٿي. مٿي تي روسري به اهڙي طرح ٻڌل هئي جو اڳئين حصي جا وار نظر اچي رهيا هئا.
”لڳي ٿو هاڻ اها خميني واري سختي نه رهي جيڪا انقلاب وقت هئي؟“ مون کين فرينڊلي ڏسي رمارڪ ڏنو.
هنن مرڪندي هائوڪار ڪئي. آئون اتي گهڻي ديرنه ويٺس جو سامهون عمر خيام جي مناري جهڙو ڊگهو مقبرو ڏسي، مون اوڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو. اٿڻ مهل مون هنن ڇوڪرين جو ذڪريا جي والده سان گڏ فوٽو ڪڍڻ جو پڇيو. مونکي حيرت ٿي ته هنن انڪار ڪرڻ بدران خوشيءَ سان هائوڪار ڪئي ۽ هنن ٻڌايو ته هو ” سبزوار يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز“ جي ائڊمن برانچ ۾ ڪنهن عهدي تي ڪم ڪن ٿيون. منهنجي اهو ٻڌائڻ تي ته آئون ايران تي ڪجهه لکڻ لاءِ هتي آيو آهيان ته هنن مونکي سبزاوار شهر پڻ ڏسڻ لاءِ Suggest ڪيو. هنن مونکي سندن شهر سبزوار بابت ڪجهه ٻڌائڻ چاهيو ٿي پر سندن انگريزي ايتري ڪمزور هئي جو مونکي گهٽ سمجهه ۾ آئي. بهرحال هنن اهو ٻڌائڻ ٿي چاهيو ته سبزاوار پڻ ايران جو هڪ تاريخي شهر آهي، جنهن بابت پوءِ رات جي ماني تي مشهد ۾ اسان جي PIA جي آفيس جي مئنيجر مهر حسين جعفري ٻڌايو ته سبزوار هتان هڪ سئو کن ڪلوميٽر پري ٿيندو ۽ هن شهر جو پراڻو نالو بيهق آهي جتان جو فارسي ادب جو ليکڪ ابو الفضل بيهقي تمام مشهور آهي. ابوالفضل بيهقي ايران جي هن تاريخي شهر سبزوار (بيهق) ۾ ۹۹۵ع ۾ ڄائو ۽ ۱۰۷۷ ۾ وفات ڪيائين. پاڻ ابن فندوق جي نالي سان به سڃاتو وڃي ٿو ۽ فارسي جو اعليٰ اديب ۽ تاريخدان مڃيو وڃي ٿو. سندس فارسي جو ڪتاب ” تاريخ مسعودي“ جيڪو تاريخِ بيهقي جي نالي به مشهور آهي، انگريزي ۽ ٻين زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. تن ڏينهن ۾ نيشاپور جو شهر سنڌ جي ٺٽي وانگر اسڪولن ۽ مدرسن کان مشهور هو ۽ ابوالفصل بيهقيءَ نيشاپور مان ئي تعليم حاصل ڪئي. پاڻ سومناٿ مندر جي مشهوري واري حاڪم محمود غزنوي (جنهن الپتگين، سبڪ تگين ۽ اسماعيل بعد ۹۹۸ کان ۱۰۳۰ تائين حڪومت ڪئي جنهن دوران جهونا ڳڙهه جي امير مندر تي حملا ڪري ڦرلٽ ڪئي) جي سيڪريٽريٽ ۾ ڪلارڪ ٿي رهيو. جتي هن پنهنجي قابليت ۽ علم جي ڄاڻ ڏيکاري. ۱۰۵۸ ۾ رٽائرمنٽ وٺڻ بعد ابوالفضل اهو تاريخ جو ڪتاب لکيو. ابوالفضل بيهقي جو غزنوي گهراڻي بابت لکيل هي تاريخي ڪتاب سچائي تي مبني سمجهيو وڃي ٿو هن تاريخي ڪتاب ۾ حسنڪ وزير وارو مشهور باب پڻ آهي.
حسنڪ وزير محمود غزنوي جي ڪورٽ جي ڏينهن کان وزير هو جنهن کي بعد ۾، جڏهن محمود غزنوي جو پٽ مسعود اول (۱۰۳۱ کان ۱۰۴۱ تائين) تخت تي ويٺو ته هن حسنڪ تي سياسي طور ڪفر جي ڪوڙي فتويٰ ڏياري سنگسار ڪيو هو. ان جو احوال ڪيترن ئي ڪتابن ۾ آهي پر تاريخ بيهقي (تاريخ مسعودي) ۾ تفصيل سان ڏنل آهي. محمود غزنوي جي مرڻ بعد هن جي وصيت موجب سندس پٽ محمد کي تخت تي ويهاريو ويو پر پوءِ محمود غزنوي جي ٻئي پٽ مسعود بغاوت ڪري تخت کسيو ۽ پنهنجي ڀاءُ محمد جو اکيون ڪڍرائي ڇڏيون ۽ وزير حسنڪ جو منهن ۽ مٿو لوهي ٽوپلي سان ڍڪرائي باقي جسم تي پٿرن سان وسڪارو ڪرايو.
ابو الفضل بيهقي (ابن فندوق) جو سڄو نالو ابن زيد ابن محمد ايوسي خازمي بيهقي شافعي هو. سندس تعلق شافعي مڪتبِ فڪر سان هو .
سبزوار انگورن ۽ ڪشمش کان مشهور آهي هتان مختلف تازا ميوا ۽ ڀاڄيون، ڊراءِ فروٽ، دٻن بند ٿيل چٽڻيون آچار ايران جي ٻين شهر ۽ ڀر وارن ملڪن ڏي وڃن ٿا. تهران کان مشهد ويندڙ مين روڊ به هتان سبزوار مان لنگهي ٿو. سبزوار جون ٻه تاريخي شيون مشهور آهن؛ ٻارهين صدي جو خسرائو گرڊ ٽاور ۽ ۱۹ صدي جو مدرسو جيڪو مسلمان فلاسفر حاجي هادي سبزواريءَ ٺهرايو. ايران ۾ عربن جي فتح کان اڳ آتش پرست ساسانين جي ۲۲۴ کان ۶۵۱ تائين حڪومت رهي جنهن ۾ سبزوار هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو هو. ان بعد ۱۵۰۰ تائين هي شهر واپار وڙي، تعليمي ادارن، باغ باغيچن کان چڱو مشهور ٿيو ۽ ڪيترن ئي ڌارين حاڪم جي حملن ۽ ڦرلٽ جو شڪار رهيو. اڄ جو ڪارخانن ۽ فئڪٽرين وارو هي شهر سبزوار ۱۹۶۰ کان پوءِ جي پيداوار آهي.
سبزوار جي مٿي ذڪل ڪيل ڇوڪرين ٻڌايو ته سندن يونيورسٽي کان علاوه سبزوار شهر ۾ ٻيون يونيورسٽيون به مشهور آهن؛ ” سبزوار يونيورسٽي تربيت معلم“ ۽ ” اسلامڪ آزاد يونيورسٽي آف سبزوار“.
سبزوار جي اهم ماڻهن مان مٿي ذڪر ڪيل ابوالفضل بيهقي کان علاوه حاجي مولاه هادي سبزواري، آدم سبزواري ۽ علي شريعتي پڻ آهن. علي شريعتيءَ ايران ۾ ۱۹۷۹ واري اسلامي انقلاب لاءِ ڪافي گرائونڊ ورڪ ٺاهيو ۽ ماڻهن جي ذهنن ۾ ان جي ضرورت جي اهميت نقش ڪئي. ان ڪري علي شريعتي کي مغربي دنيا ۾ به Ideologue of the Iranian Revolution سڏيو وڃي ٿو. علي شريعتي ۱۹۳۳ ۾ ڄائو ۽ بنيادي تعليم پنهنجي والد آقا محمد تقي شريعتي وٽ حاصل ڪئي ان بعد مشهد ۾ تعليم حاصل ڪئي جتي سندس والد جو اسلامي تعليم جي تبيلغ جو مدرسو هو. ۱۹۵۶ ۾ مشهد جي يونيورسٽي ۾ داخلا ورتائين. ۱۹۶۰ ۾ گرئجوئيشن حاصل ڪرڻ بعد اعليٰ تعليم لاءِ فرانس جي يونيورسٽي آف پئرس ۾ ۴ سال پڙهيو. سندس اسلامي تبليغ ۽ انقلابي ڳالهين ڪري پهلوي حڪومت هن جي خلاف هئي. ۱۹۷۷ ۾ سندس اوچتي موت پٺيان SAVAK وارن جو هٿ چيو وڃي ٿو.

No comments:

Post a Comment