Sunday, February 20, 2011

لکين سج لھي ويا، کيڙيندي کارو - الطاف شيخ


لکين سج لھي ويا، کيڙيندي کارو

الطاف شيخ
ماڻھن کي زوريءَ خلاصيءَ طور ڀرتي ڪري، جھاز تي وٺي وڃڻ جو رواج، غلامن جي واپار واري دور ۾ ڪيترا ئي سؤ سال ھليو. ھيڏي سائنسي ترقيءَ جي باوجود اڄ به انسان سمنڊ جي ڇولين ۽ طوفانن کي واڳ وجھي نه سگھيو آھي. اڄ کان ٻه ٽي سؤ سال اڳ – جڏھن جو ھي سفر آھي، سامونڊي سفر اڄ کان ھيڪاندو گھڻو اڻانگو ۽ ڏکيو ھوندو ھو، نه اڄ وانگر انجڻن تي ھلندڙ ھي آٽوميٽڪ جھاز ھئا ۽ نه مھينن تائين کاڌي کي سٺو رکڻ لاءِ “ڪولڊ روم”. جھازن تي نه مٺي پاڻي ٺاھڻ جون مشينون ھيون ۽ نه طاقتور نيويگيشن جا اوزار، جيڪي سنوان سڌا رستا ٻڌائين.

 
ان زماني ۾ جھاز چپن تي ھلندا ھئا – يا وري وڏن سڙھن تي. ھڪ ھڪ جھاز ۾ سوين ماڻھو/غلام/قيدي/شيدي قطار ۾ ٿي ويھندا ھئا ۽ ڏينهن رات چپون ھلائيندا رھندا ھئا. خراب موسم ۾ ڀلي الٽيون ڪندا رھن يا کاڌي نه ھئڻ ڪري بک ۾ پاھ ٿيندا رھن، پر جھازن جا مالڪ/مالڪن جا ڇاڙتا/ڪپتان ۽ انهن جا ماڻھو ھنن کي رسي ۾ ٻڌي، چھبڪ ھڻي، ماري ڪٽي ھر حالت ۾ چپون ھلارائيندا ھئا. ٻيءَ صورت ۾ جھاز جي بيھڻ ڪري ٻڏڻ جو خطرو ھو. ڪڏھن ڪڏھن کاڌو خوراڪ ختم ٿي ويندو ھو ته به بک اڃ ۾ پڻ ھنن کان ڪم ورتو ويندو ھو ۽ منزل مقصود تائين پھچندي ڪيترا ئي موت جو شڪار ٿي ويندا ھئا يا بک ۽ تڪليفن جو تاب نه جھلي، موقعو ملڻ تي يا ته خودڪشي ڪندا ھئا يا وري جھاز تي ميونٽي (بلوو) ڪري جھاز جي مالڪن يا انهن جي ڇاڙتن يا پنهنجن ساٿين کي ماري، سندن گوشت کائيندا ھئا – جيئن ھن سفر ۾ آھي.
سڙھ وارن جھازن ۾ به ساڳيون تڪليفون ھيون. سڙھ ڦاٽي پوندا ھئا يا ھوا بند ٿي ويندي ھئي ته پوءِ ڏينهن جا ڏينهن سمنڊ ۾ ھڪ ھنڌ پيا ھوندا ھئا يا طوفاني ڇولين جي نظر ٿي ويندا ھئا.
ھي سفر ان زماني جو آھي، جڏھن يورپ جا ماڻھو سون، ھيرن، عاج جي تلاش ۾، آفريڪا مان شيدي جھلي، ڏکڻ آمريڪا وڪڻڻ ويندا ھئا يا آفريڪا ۽ آمريڪا جي مڪاني باشندن کي رم (شراب) ڏئي، کانئن مٿيون شيون حاصل ڪندا ھئا. ھي جھاز به شراب جا ڊرم کڻي پيرو (ڏکڻ آمريڪا) سون وٺڻ لاءِ وڃي رھيو ھو.
انهن ڏينهن ۾ رستو ڳولڻ لاءِ تارن ۽ سج کان مدد وٺبي ھئي يا قطب نما ۽ سيڪسٽنٽ (Sextant) اوزار کان. قطب نما اوزار ٺاھڻ تمام آسان آھي، جنهن ذريعي طرفن جي خبر پوي ٿي – خاص ڪري اتر جي. ڪنهن به چقمق جي ٽڪر کي وچ ۾ ڌاڳو ٻڌي لڙڪائبو ته ٽڪرو اتر ڏکڻ طرف منهن ڪري بيھندو. ٻن يا ھڪ طرف جي خبر پئجي وڃي ته باقي طرف ڳولڻ سولا آھن. قطب نما به ان ئي اصول تي ٺھيل آھي. سيڪسٽنٽ اوزار اڄ به نيويگيشن ۾ استعمال ٿئي ٿو، جيتوڻيڪ پاڻيءَ جي جھازن ۽ ھوائي جھازن ۾ ڊيڪا، لورين ۽ سيٽلائيٽ نيويگيٽر جھڙا آٽوميٽڪ اوزار نڪري پيا آھن. سيڪسٽنٽ ذريعي ڪنهن به آسماني چنڊ، تاري، سج جو ائنگل (ڪنڊ) معلوم ڪبي آھي. پوءِ ٽرگناميٽري ذريعي ٽڪنڊي جون ٻيون ڪنڊون ۽ پاسا معلوم ڪري، اھو حساب لڳائي سگھجي ٿو ته، جھاز دنيا جي ڪھڙي ھنڌ تي آھي ۽ مقرر وقت ۾ جھاز ڪيترو ھليو؟ اھو مفاصلو ٽڪنڊي جو ھيٺيون پاسو (Base) ٿيندو. بهرحال! اڄ جي دور ۾ ھي حساب ڪتاب تمام سولو ڪم آھي، جنهن جون ڪيتريون ئي بنيادي جدولون (سائين، ڪوسائين فارمولا وغيره) اڄڪلھ ھر اسڪول ۽ ڪاليج ۾ ئي سيکاريا وڃن ٿا.
گذريل زماني ۾ جھاز جي ڪئپٽن کي وڏي اٿارٽي ھوندي ھئي. ھو ئي گھڻو ڪري جھاز جو مالڪ ھوندو ھو ته، جھاز تي چڙھيل سامان جو مالڪ/واپاري پڻ. ھو ئي انتظام ھلائڻ ۽ سزائون ڏيڻ وارو جج ھوندو ھو ته، ھو ئي جھاز راني – خاص ڪري نيويگيشن (رستو ڳولڻ) جو ڄاڻو ھوندو ھو ۽ ھو ان رستي جي علم کي پاڻ تائين ئي محدود رکندو ھو، جيئن ملاح ڊپ ۾ ھجن ته ٻيلي ڪئپٽن جي ھيڏانهن ھوڏانهن ٿي ويو ته سڀ رڃ ۾ رلي وينداسون.
چون ٿا ته واسڪو ڊي گاما جڏھن پھريون دفعو جھاز کي ڪيپ آف گڊ ھوپ وٽ آندو ۽ ھاڻي اڳتي ھندستان جو گس ڳولڻ لاءِ وڌڻ وارو ھو ته خراب سمنڊ ۽ موسم ڪري جھاز جي خلاصين ۾ ايڏي ته بيچيني پيدا ٿي پئي، جو واسڪو ڊي گاما کي مجبور ڪرڻ لڳا ته واپس وطن، يورپ ڏي ھل. ان تي ڊي گاما جيڪو ڪري آيل پنڌ جو نقشو ٺاھيندو پئي آيو، تنهن کي ڦاڙي ڇيھون ڇيھون ڪندي چيائين: “ھاڻي واپس موٽي وڃڻ جو رستو فقط منهنجي دماغ ۾ ئي محفوظ آھي، ان ڪري توھان کي منهنجي راءِ مطابق اڳيان ھندستان ڏي ھلڻو پوندو. ان کان پوءِ توھان کي واپس وٺي ھلندس.”
اھو ٻڌي ملاح سڀ چپ ٿي ويا ۽ ڪنهن به واسڪو ڊي گاما جو نالو نه ورتو، جو ھن کي مارڻ سان ماڳھين سڀ ئي ڏکيا ٿي ٿيا. پر ھن سفر ۾ ملاحن ڪاوڙ ۾ اچي في الحال ته ڪئپٽن کي ماري ڇڏيو، پر پوءِ کين اڳتي ھلڻ جو نه نقشو ھٿ آيو ۽ نه رستي ڳولڻ جا اوزار.
جھاز تي ڪئپٽن کان پوءِ ٻئي نمبر تي انچارج چيف آفيسر ٿئي ٿو – جنهن کي ڪيترن ئي ملڪن ۾ “چيف ميٽ” يا ٺلھو “ميٽ” (Mate) به سڏين. انهن ڏينهن ۾ اھو ضروري نه ھو ته چيف آفيسر به ذري گھٽ ايترو قابل ۽ ڄاڻو ھجي، جيترو ڪئپٽن جيئن ايمرجنسيءَ ۾ جھاز جي واڳ سنڀالي سگھي. نتيجي طور جيڪو ڏاڍو سو گابو وارو حساب ھو. جيئن ھتي ڪئپٽن جي مرڻ بعد جھاز جو بورچي پاڻ کي ٺلھ تي ڪئپٽن سڏائي ويھي ٿو رھي.
جھاز جو انتظام صحيح نه ھجڻ ڪري، اھو نتيجو نڪتو ته، مشڪل وقت تي جھاز جا ماڻھو ٻانهن ٻيلي ٿيڻ بدران ھڪ ٻئي سان وڙھندا رھيا. لائيف بوٽس ھوندي به بچي نه سگھيا، جو ھر ھڪ کي پنهنجي جان بچائڻ جي لڳي رھي.
انسان سک جي حالت ۾ ته ماڻھپي ۾ رھي سگھي ٿو، پر ڏک، بک، اڃ، بيماريءَ ۾ ذھني سوچ سمجھ به وڃايو ڇڏي. انهيءَ ڪري سمنڊ يا سامونڊي سفر ۾ ڊسيپلين جي سختي ڪئي وڃي ٿي، جيئن اھڙي مشڪل وقت تي ذھني ۽ جسماني طرح تڪليف ھوندي به جيتري قدر ٿي سگھي ته ھو ڪنهن رٿيل اصول تي پابند رھي.
ھن کان اڳئين سفر ۾ پاڻيءَ ۽ کاڌي جي کوٽ ھجڻ باوجود ڊسيپلين ھيٺ ھيترا سارا ماڻھو – عورتون مرد لائيف بوٽ ۾ سفر ڪندا رھيا، نه ته جھيڙو جھٽو جي ڪن ھا ته بچيل پاڻي ھڪ ڏينهن ۾ چٽ ڪري وجھن ھا ۽ ايترا ڏينهن زندگي بچائڻ لاءِ جدوجھد جاري رکي نه سگھن ھا. ھو ھر وقت ھڪ کي ليڊر ٺاھي، ان جي حڪم جي پيروي ڪندا رھيا.
سمنڊ ۾ جتي به ڪا وڏي ندي ڇوڙ ڪري ٿي ته سمنڊ جي ان حصي جو پاڻي مٺو ٿيو وڃي – خاص ڪري وير لھڻ مھل. يعني ان وقت سمنڊ جو پاڻي ھيٺاھون ٿيو وڃي ۽ زور نٿو رھيس ۽ ھوڏانهن درياءَ جو وھڪرو سمنڊ ۾ رستو ٺاھيندو، ڪيتري پنڌ تائين ڌوڪيندو اچي ۽ سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ يڪدم نه ملڻ ڪري، اھو پاڻي ڪا دير ۽ ڪو پنڌ اصلي صورت ۾ رھي ٿو – يعني مٺو ۽ سوادي رھي ٿو. ان جو مثال بنگلاديش جي ڪرناڦلي ندي پڻ آھي، جنهن سان اسان جو واسطو پڙھائيءَ جي ڏيھن ۾ چٽگانگ ۾ پوندو ھو. ڇوڙ وٽ ڪرناڦلي نديءَ جي پاڻيءَ جي وھڪري ۾ ايڏو ته زور ھوندو ھو جو خليج بنگال/سمنڊ ۾ ميلن تائين، سندس مٺو ۽ ميرانجھڙو پاڻي مٿان ترندو نظر ايندو ھو ۽ ساڳي وقت وير چڙھڻ وقت سمنڊ جو کارو پاڻي نديءَ اندر ڌوڪي ايندو ھو ۽ نديءَ جو ميلن تائين پاڻي کارو ٿي پوندو ھو. بهرحال! ھن سفر ۾ سمنڊ ۾ مليل مٺي پاڻيءَ جي وھڪري جو حساب ان ريت آھي ۽ ٽوني ۽ ڇوڪر کي سمنڊ ۾ مٺو پاڻي پيئڻ لاءِ مليو وڃي.
اڄڪلھ جھاز آٽوميٽڪ ھوندي به ڪنٽرول روم (نيويگيشنل برج) ۾ اسٽيرنگ ويل لڳايو وڃي ٿو، جنهن ذريعي بندرگاھ ۾ ايندي يا ويندي وقت يا ايمرجنسيءَ ۾ ھٿ سان سکان کي مرضي مطابق جھلي، جھاز جو رخ موڙي سگھجي ٿو. پر اڳئين زماني ۾ ته سڄي سفر دوران ھر وقت ھڪ ھمراھ جھاز کي سڌو ڪرڻ لاءِ ان ڦيري (Wheel)/سکان کي رستي مطابق جھلي بيھندو ھو. عام زبان ۾ جھاز جي ان اسٽيرنگ ويل کي فقط “ويل” ئي سڏجي ٿو ۽ جھاز جي جنهن حصي/ڪمري ۾ اھو لڳل ھوندو آھي، ان کي ويل – ھائوس (۽ برج پڻ) چئجي ٿو.
ھي خوفناڪ سفر ميچل برنانوس جو بيان ڪيل آھي، جنهن کي پڻ ان جھاز جي ڪنهن بچيل مسافر ٻڌايو ھوندو.



No comments:

Post a Comment