دهليءَ جون حويليون
الطاف شيخ
انڊيا جي ٻين شهر وانگر دهليءَ ۾ به حويليون جام آهن. حويلي وڏن گهرن کي چيو ويو ٿي جنهن ۾ وقت جا امير ۽ مشهور شخصيتون رهيون ٿي ۽ اڃا به ڪيترين ۾ رهن ٿيون اهي حويليون اڄ به دهليءَ جون تاريخي ۽ ثقافتي Heritage سڏجن ٿيون. دهليءَ تي مختلف مسلمانن گهراڻن حڪومت ڪئي. خلجي، تغلق، سيد، لوڌي وغيره. هر هڪ هن شر کي مختلف Artistic اسٽائيل ڏنو. مغلن ۽ انگريزن جي ڏينهن ۾ ته دهلي حويلين جو شهر ليکيو ويو ٿي. انهن مان ڪجهه خاص حويلين جا نالا جيڪي اسان هتي دهليءَ ۾ ٻڌي رهيا آهيون يا مختلف اردو ۽ انگريزي ناولن ۾ پڙهيا اٿئون يا فلمن ۾ ٻڌڻ ۾ اچن ٿا ۽ هن وقت مون کي ياد آهن، هن ريت آهن:
سيٺ چهونا مل جي حويلي
حڪيم احسان خان جي حويلي: جتي جواهر لعل نهروءَ جي ڪملا نهروءَ سان شادي ٿي.
نمڪ حرام جي حويلي: جنهن جو مالڪ جسونت راءِ ويڙهاڪ مرهٽي جو دوست ڀواني شنڪر هو. ڀواني شنڪر بعد ۾ جسونت راءِ کي ڇڏي انگريزن سان وڃي مليو. ان ڪري هن جو نالو نمڪ حرام پيو. اها حويلي اڄ به چاندني چوڪ ۾ آهي.
زينت محل حويلي: زينت محل آخري مغل بادشاهه بهادر شاهه ظرف جي زال هئي. 1857ع واري غدر ۾ لڪڻ وارن لاءِ هيءَ حويلي قلعو ثابت ٿي هئي. اڄ ان حويلي واري جاءِ تي مسالن پيهڻ جو ڪارخانو، ڇوڪرين جو اسڪول، کير جو دڪان ۽ ڪجهه گهر آهن.
مرزا غالب جي حويلي: اردو جو شاعر مرزا اسدالله غالب آگري کان دهلي اچڻ تي سڄي عمر هن حويليءَ ۾ رهيو. هيءَ حويلي حاڪمن جي حويلي به سڏجي ٿي. دهلي جي باليمرن علائقي جي قاسم جان گهٽيءَ جي هيءَ حويلي اڄ بنهه ڊٺل حالت ۾ آهي. هن جا ڪمرا جنهن ۾ غالب ويهي اردو ۽ فارسيءَ جا ديوان لکيا اهي ويران آهن.
مٿي ذڪر ڪيل حڪيم احسان الله خان شهنشاهه بهادر شاهه ظفر جو ذاتي حڪيم هو. هي گهر ٻه هزار چورس والن تي هو.
حيدر قلي حويلي: هيءَ محل نما عمارت فتح پوري مسجد جي ڀرسان آهي. حيدر قلي مغل شهنشاهه محمد شاهه رنگيلي جي ڏينهن ۾ آرٽلريءَ جو ڪمانڊر هو. اڄڪلهه حويليءَ سوين گهرن ۾ تدبيل ڪئي وئي آهي. اهو آهي ته هن حويليءَ جو اصلوڪو گيٽ ۽ نالو اڃا به موجود آهي.
بشير احمد نالي هڪ مصنف جو ڪتاب آهي: ”وقعت دارالحڪومت دهلي“ جنهن ۾ هن دهليءَ جي حويلين بابت لکيو آهي. ان جا ڪجهه حصا انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل مون به پڙهيا آهن.
”حاڪمن جا ويجها فوجي عملدار ۽ آفيسر وڏين حويلين ۾ رهيا ٿي جن کي ”نشيمن“ به سڏيو ويو ٿي. هر حويلي جون ٻاهريون ڀتيون ٿلهي پٿر جون ٺهيل هونديون هيون جن مالڪ جي عورتن کي ڌارين جي نظرن کان بچايو ٿي ۽ هنگامن دوران گهر جي سامان جي حفاظت ڪئي ٿي. هر حويليءَ کي هڪ تمام وڏو گيٽ هو جيڪو ”نقار خانو“ سڏيو ويو ٿي جنهن ۾ پهريدار سپاهين کان علاوه بيوگل وڄائڻ وارا ۽ طبلچي به رهيا ٿي. جيئن زينت محل جي حويليءَ ۾ هو. زينت محمد جي اچڻ يا ٻاهر نڪرڻ وقت بيوگل ۽ توتارا وڄائي عام ماڻهوءَ کي آگاهه ڪيو ويو ٿي ته هو رستا خالي ڪري پاسي ڪنڊ ۾ ٿي بيهن. نقار خانن جي ڀر ۾ گهوڙن، اٺن ۽ هاٿين جا اسطبل هئا. سلطان نويد يا خان ٻڌائيندو هو ته هن جي وڏن جي حويليءَ ۾ ڏهه گهوڙا ڏهه اٺ ۽ پنج هاٿي هئا. هن جا وڏا مغل شهنشاهه جي فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ لاءِ ايران کان آيا هئا. انهن حويلين ۾ عورتن جا ڪمرا ”محلسرا“ سڏبا هئا ۽ حويليءَ جي بلڪل اندر واري حصي ۾ هئا. انهن محلسرائن ۾ ”تهه خانا“ ۽ ”سرد خانا“ هوندا هئا. گهر جا مالڪ آيل مهمانن سان ”ديوان خانن“ ۾ ملندا هئا. ديوان خانن سان لڳو لڳ لئبريري ”ڪتب خانا،“ هئا، جن ۾ خوبصورت الماڙين ڀرسان ”قلمدان“ (انڊپين رکڻ جي جاءِ) ”شمعدان“ (Candle Stand) هوندا هئا. انهن حويلين ۾ خوبصورت حمام (وهنجڻ جايون) هيون ۽ نوجوان ڇوڪرين لاءِ ”شيش محل“ (شيشي جا ڪمرا) هئا.“
انهن سڀني حويلين کي پاسي تي رکي اسان نهر واري حويلي ڏسڻ وياسين جنهن ۾اسان جي صدر جنرل پرويز مشرف جنم ورتو. اها درياهه گنج جي گولا مارڪيٽ جي پرتاپ اسٽريٽ ۾ آهي. سٺ سال اڳ پرويز صاحب جي ڄمڻ وقت هي علائقو ضرور خوبصورت هوندو، آدمشاري گهٽ هئي جيئن ان وقت اسان جي پراڻي (ڪراچي کارادر، ميٺادر) هئي. هينئر ته درياهه گنج جي مين روڊ تي هلڻ ۾ به اسان پوڙهن جا حال ٿيو وڃن. هفتو کن اڳ هتي جو فوٽ پاٿن تان پراڻا ڪتاب وٺڻ آيو هوس. جيتوڻيڪ اهو آچر جو ڏينهن هو ته به پيهه پيهان جو عالم هو. هينئر ڪرڪيٽ ميچ لاءِ صدر پرويز مشرف انڊيا اچي رهيو آهي ته هن جي پراڻي گهر ”نهر والي حويليءَ“ کي سرڪاري طرح خوب رنگ روغن ٿي رهيا آهن. اسان جي همراهن جو به شوق ٿيو ته اها حويلي ضرور ڏسجي. هونءَ به درياهه گنج جامعه مسجد، لال قلعي وارن علائقن مان هر وقت گذر ته ٿي رهيو هو سو اسان به پڳ ٻڌي ڪئميرا کڻي درياهه گنج ڏي روانا ٿياسين.
وقت سان گڏ هن حويليءَ جا مالڪ بدلبا رهيا ۽ حصن ۾ ورهائبي رهي. هينئر هن جي هڪ حصي ۾ مشهور ٿيٽر گولچا (Golcha) آهي، هيءَ حويلي جيڪا نهر واري حويلي سڏجي ٿي پٺيان فيض بازار سان وڃيو ملي جيڪا ڪراچيءَ جي جوڙيا بازار ۽ کجور بازار وانگر دڪانن ۽ ماڻهن سان ڳهتيل آهي. اها ڪل ست سؤ والن تي چار ماڙ آهي، هتي جي هڪ پراڻي رهاڪوءَ ٻڌايو ته اورينجل حويلي مغل عمارتسازيءَ جي نموني جي ٺهيل هئي. اڄڪلهه هيءَ حويلي اٺن حصن ۾ ورهايل آهن جنهن ۾ 28 فيمليون رهن ٿيون. هيٺين حصي ۾ چاليهه کن ننڍا وڏا دڪان آهن.
حويليءَ جو اورينجل اسٽرڪچر ٻن حصن ۾ ورهايل هو جنهن ۾ ٻه فيمليون رهيون ٿي. هڪ حصي ۾ صدر پرويز مشرف جي ڏاڏي امينا بيگم ۽ ان جي ڀيڻ رهي ٿي ۽ ٻئي حصي ۾ پرويز مشرف جي ڏاڏيءَ جا ڀائر، متمعن دين، قاضي محمد نظام الدين ۽ قاضي مغيم الدين، حويليءَ جو ٽيون حصو هو جيڪو امينا بيگم جي ڀيڻ سعيدا جي حوالي هو.
راجيش جي نالي هڪ چارٽرڊ اڪائونٽنٽ سعيد واري حصي ۾ اڄڪلهه رهي ٿو، هڪ ٻئي حصي ۾ راڪيش، سنديپ ۽ هيمچند نالي ٽي ڀائر رهن ٿا جن جو چوڻ آهي ته هن جي پيءُ پريمچند گولا 1946 ۾ حويلي جو اهو حصو 65 هزار روپين ۾ خريد ڪيو هو.
صدر صاحب جي دهليءَ واري دؤري دوران ان حويلي جي چڱي طرح صفائي ڪري ٻاهران رنگ روغن لڳايا ويا آهن ۽ عمارت اڳيان پٿرن جو هڪ خاص اسٽرڪچر پڻ ٺاهيو ويو آهي.
صدر پرويز مشرف جيڪو هن حويليءَ ۾ ڄائو سيد مشرف دين جو ٻيو نمبر پٽ آهي جو ان وقت دهليءَ ۾ سول سپلائيز ڊپارٽمينٽ ۾ ڊائريڪٽر جنرل هو. ان وقت جو هڪ اهڙو ماڻهو اڃا زندهه آهي۽ هتي رهي ٿو جنهن کي پرويز ۽ سندس ڀاءُ اشرف جي ننڍپڻ جا ڏينهن ياد آهن جن جون ننڍپڻ جون ڏنگايون گهر جي سڀني ڀاتين کي مشغول رکنديون هيون. اها آهي 92 ورهين جي ڪمشير ٻائي جنهن هن حويليءَ جي ٻهاري ۽ ڇنڊ ڦوڪ ڪئي ٿي. گذريل دفعي صدر پرويز آيو هو ته هن سان مليو هو. ڪشمير ٻائيءَ کي اميد آهي ته هن دفعي به سندس ملڪ جي حڪومت سيڪورٽي ۽ پروٽوڪال کي پاسيرو رکي هن کي پاڪستان جو صدر صاحب سان ملڻ ڏيندي. ڪشمير ٻائيءَ سان هر ڪو ماڻهو چرچا ڪري رهيو آهي ته تون ئي هڪ واحد ماڻهو هتي آهين جنهن جنرل صاحب کي Nappies ۾ ڊوڙندو ڏٺو صدر صاحب خرچي ڏنئي ته مٺائي اسان کي به کارائجانءِ.
No comments:
Post a Comment