Sunday, February 20, 2011

دهلي ۾ ماڻهو سڄي رات پيا گهمن - الطاف شيخ



دهلي ۾ ماڻهو سڄي رات پيا گهمن

الطاف شيخ
دهلي پهچڻ کان پوءِ پهرين ڏينهن گمڻ لاءِ اسان جو يڪو ٽولو جنهن ۾ اٽڪل 15 کن ڄڻا هئاسين گهمڻ لاءِ نڪتاسين. مردن ۾ دودو ۽ راڻو هئا ۽ سندن زالون، ۽ ٻار، ڇوڪرن ۾ سنجي ۽ وجي هو. ڪي ڪلاڪ ته دهلي شهر جي رستن جا چڪر هڻندا رهياسين پر سمجهه ۾ نه اچي ته پهرين ڇا ڏسجي يا ڇا گهمجي. ڪو چوي ته شاپنگ ڪجي ته ڪو چوي ته فلم ڏسجي. دودي جو زور هو ته نان_ ويج ماني کائجي جو جيئن ئي لاهور ۽ واگها ٽپي انڊيا ۾ گهڙيا آهيون ته جتي ڪٿي رڳو دال ۽ ڀاڄي (Vegetranian) کاڌو مليو آهي، چڪن يا مڇي کائڻ تي دل پئي چوي. سنجي چوڻ لڳو ته چڪن کائجي پر ڪنهن هوٽل تي چڪن ڪَري يا چڪن ڪڙهائي ٺهرائڻ بدران مئڪڊولانڊ تان چڪن برگر وٺجي. جيڪي همراهه (اسان جي ڄڃ جا هتي دهليءَ جا مڪاني اوڏ) اسان کي پنهنجين ٻن وئگنر گاڏين ۾ کڻي آيا هئا تن اسان کي ساڪت نالي هڪ علائقي ۾ اچي لاٿو. ڪجهه هو به بيزا ٿي پيا هئا يا هنن اسان کي پنهنجي حال تي ٿي ڇڏيو ته جيئن وڻيسون تيئن ڪريون ۽ پنهنجا موبائيل فون نمبر ڏيئي چيائون ته اسان ڀلي هتي ساڪت واري علائقي ۾ گهمون ڦرون ۽ پنهنجي مرضيءَ سان آٽو رڪائشن ۾ واپسي تي پنهنجي رهائش گاهه ڏي هليا وڃون پر جي اسان کي ڪا دقت درپيش ٿئي  ته کين فون ڪريون ته هو اچي حاضر ٿيندا. 

 
انڊيا جي اها پلس Point مڃڻ کپي ته هتي جي رڪشا جنهن کي هي آٽو رڪشا سڏين ٿا اسان جي رڪشائن کان وڏي ۽ آرامده آهي. ڊرائيور قانون کان ڊڄن ٿا. پوليس توڙي عوام ڌارين ملڪن کان آيل يورپي ٽوئرسٽن توڙي پاڪستان کان آيل اسان ڪارن مسافرن جو خيال ڪري ٿي، ڀاڙا يورپ ۽ جاپان جهڙن ملڪن کان ته ٺهيو پر اسان جي ملڪ کان به گهٽ آهن. ان ڪري هتي آيل مسافر کي شهر ۾ گهمڻ لاءِ سواريءَ جو فڪر نٿو رهي. ساڳي طرح جيڪڏهن توهان جو گذارو گوشت مڇي بنا ٿيو وڃي ته پوءِ انڊيا ۾ ماني ٽڪيءَ جو به مسئلو نه آهي. انڊيا جي هر شهر وانگر هتي دهليءَ ۾ به جتي ڪٿي ننڍڙيون هوٽلون، سوزڪي پڪ اپ يا ڪاٺ جي ريڙهن ۾ ٺهيل موبائين هوٽلون يا هڪ هنڌ فڪس ڪاٺ جي پيڊين ۽ ڪئبنين ۾ هلندڙ رڌ پچاءُ هتي جي شهرين جي کاڌي جي ضروري پوري ڪري ٿو. ٻيو نه ته جاپاني، ڀت، آلو پراٺا، پوري، پٽاٽن جي ڀاڄي، مڪس ڀاڄي، مختلف قسمن جون داليون جتي ڪٿي وڪامندي نظر اچن ٿيون. مثال طور جتي اسان جي رهائش آهي ان علائقي ڪالڪا جي چونڪ وٽ ديش بندو ڪاليج آهي جنهن ۾ ڇوڪرا ڇوڪريون پڙهن ٿيون. ان جي ٻاهران به ڪيترائي گاڏن وارا بيٺا آهن جن کان ڪاليج جا شاگرد يا ٻيا رسيس ۾ يا موڪل مهل ماني وٺي کائين. هر هڪ گاڏي تي تئو هوندو جنهن تي هو گرم گرم اڦراٽا يا اڻڀي مانيءَ جا ڦلڪا پيو پچائيندو يا هنڊيءَ ۾ گرم ٿيل تيل ۾ پوريو تر پيو ڏيندو. هونءَ انڊيا توڙي سري لنڪا ۽ ملائيشيا جهڙن ملڪن جي انڊين هوٽلن ۾ ڀاڄي لسي پن تي رکي ڏيندا هئا ۽ اهو پن گهڻو ڪري ڪيلي جو استعمال ٿيندو هو جو وڏو ٿو ٿئي پر هاڻ اهڙيون مشينون ڪڍيون اٿن جن ۾ چار پنج ننڍا پن پريس ڪري انهن کي پيالي جي شڪل ڏني وڃي ۽ سڪڻ بعد پلاسٽڪ جهڙي پيالي ٿيو پوي جنهن ۾ مليل ڀاڄي کائي اڇلي سگهجي ٿي. ڪي گاڏي وارا ڀت وڪڻن. صبح جي وقت ته انهن گاڏين تي بيضا به ترجي ملن ته چانهه به ٺهيو ملي. سڀ کا وڏي ڳالهه ته قيمت تمام مناسب آهي جيڪا پاڪستان کان به گهٽ لڳي ٿي. مثال طور هڪ دفعو مون هڪ ”آلو پراٺو“ ورتو جيڪو هڪ وڏي ٿالهيءَ ۾ رکي ان سان گڏ ان ٿالهيءَ ۾ ٺهيل ٽن پيالين مان هر هڪ ۾ رائتو، مڪس ڀاڄيءَ ذرو ۽ دال وجهي ڏنائين جنهن جي قيمت اٺ روپيا ورتائين يعني پنهنجا ڏهه روپيا ٿيا. اهڙي طرح هتي مئڪڊونالڊ ۽ ڪينٽڪي به سستي آهي. مئڪڊونالڊ ۽ بيف برگر ۽ ڪوڪا ڪولا جا 38 روپيا آهن، هتي هنن مهاراجا برگر نالي هڪ تمام وڏو ٽن طبقن وارو برگز ڪڍيو آهي. جنهن جي قيمت به 49 روپيا آهي ۽ اسان وٽ سؤ  روپين کان گهٽ ته آهي ئي ڪونه. اهوئي سبب آهي جو KFC ۽ مئڪڊونالڊ جهڙيون هوٽلون ٻين ملڪن توڙي انڊيا ۾ غريب عوام جون هوٽلون سمجهيون وڃن ٿيون تڏهن ته انڊيا ۾ شاگرد طبقو به مئڪڊونالڊ ۾ نظر اچي ٿو پر اسان وٽ پاڪستان ۾ خبر ناهي ڇو وڏيون قيمتون رکيون ويون آهن ۽ مئڪڊونالڊ ۽ KFC ۾ وڃڻ غربت ۽ بچت جي نشاني نه پر امير پني  جو نشان Status Symbol ٿي پيو آهي.
بهرحال اسان جيڪي گهمڻ لاءِ نڪتا هئاسين سي گهڻي وقت ضايع ڪرڻ ۽ بحث ڪرڻ بعد آخرڪار ان فيصلي تي پهتاسين ته نه ڪڏهن گاڏي واري کان ماني وٺي ٿا کائون ۽ نه مئڪڊونالڊ تان. پاسي تي ٺهيل ٻن ٽن کليل هوٽلن مان هڪ جي آڳنڌ ۾ رکيل ڪرسين ٽيبلن تي ويهي چڪن ڪڙهائي ٿا کائون جيڪا شروع کان دودي جي فرمائش هئي ۽ هتي لهڻ سان سر پئي کنيائين ته آئون ته چڪن ڪڙهائي کائيندس. اسان ٽن ٽيبلن تي ورهائجي ويٺاسين. آئون دودو، سندس زال ۽ ڌيءَ ڊاڪٽر ڪرن واري ٽيبل تي ويٺس. هر ٽيبل لاءِ اڌ اڌ ڪڪڙ ٽماٽن وغيره ۾ ڪڙهائي ٺهي آئي ۽ ان سان گڏ نان، سلاد ۽ رائتو هو ۽ هر ٽيبل جو بل 120 روپيا آيو، يعني في ماڻهوءَ جو ٽيهه روپيا ٿيو، جيڪو منهنجي خيال ۾ ته ان قسم جي پاڪستاني هوٽل ۾ هر صورت ۾ 50 روپين کان مٿي اچي ٿو.
مانيءَ بعد اهوئي فيصلو ٿيو ته فلم ڏٺي وڃي. آئون ان جي Favour ۾ نه هوس جو اهو سوچي ته هتي جون فلمون ته پاڪستان ۾ ويهي به هنن جي چئنلن زي، سوني، مگامبو يا سٽار پلس تان ڏسي سگهجن ٿيون يا فلم جي سي ڊي وٺي ڏسي سگهجي ٿي. جيتوڻيڪ سئنيما هال ۾ ويهي فلم ڏسڻ جي جيڪا ڳالهه آهي اها ٻي ٿي ٿئي ۽ سئنيما ۾ ويٺي ڪي سال ويا هئا. بهرحال سڀني جو فيصلو اهو ٿيو ته فلم ضرور ڏسجي. ”ڀائي جان هاڻ مئجارٽي جي ڳالهه مڃڻي پوندي.“ دودي مون کي آهستي چيو.
”صحيح ٿا چئو، هلو ڀلا“ مون وراڻيو مانس جو دهليءَ جي رستن جي صحيح آئيڊيا اڃا مون کي نه ٿي هئي سو هن ٽولي کان الگ اڪيلو ٿي وڃي به صحيح نٿي سمجهيم.
سئنيما جي ٽڪيٽ گهر پهتاسين ته خبر پئي ته شروع ٿي ويو آهي ۽ هاڻ ٻيو شو ڏهين بجي شروع ٿيندو. ساڪت (Saket) دهلي جي خوبصورت شاپنگ مال مان هڪ آهي جنهن ۾ خوبصورت هوٽلون، بار، ڊانسنگ ڪلب، KFC جهڙا دنيا جا ڪيترائي چين اسٽور ۽ سڀ کان ماڊرن سئنيما هال آهن. هتي ساڪت ۾ هڪ ئي هنڌ تي چار سئنيما هال آهن جيڪي وڏي پڙدي، چٽائي ۽ مخلتف سائونڊ Effects کان دنيا ۾ مشهور آهن ۽ جتي انڊيا جي ٻين سئنيما هالن جي ٽڪيٽ چاليهه روپيا عام ۽ سٺ روپيا بالڪني آهي اتي هتي 150 روپيا عام ۽ 180 روپيا بالڪني جي آهي ۽ صبح جو ڏهين بجي کان فلم شو شروع ٿئي ٿو ته آخري شو رات جو ٻارهين کان اڍائي تائين هلي ٿو.
هاڻ اسين نائين وارو شو ڏسڻ جو انتظار ڪرڻ لڳاسين، وقت پاس ڪرڻ لاءِ ننڍن ننڍن ٽولن ۾ ڪي دڪانن ۾ جهاتيون پائڻ لڳا ته ڪي پاڪستان فون ڪرڻ لڳا جو انڊيا جي شهرن ۽ ڳوٺڻ ۾ پبلڪ لاءِ فون جو بندوبست جي ڪٿي آهي. بهرحال ان ۾ اسان جي ملڪ ۾ به ڪافي ترقي ۽ سڌارو ٿيو آهي. انڊيا ان معاملي ۾ ايترو سو ضرور اڳتي نڪري ويو آهي جو هن ملائيشيا،  انگلينڊ، آمريڪا، سعودي عرب ۽ ٻين ڪجهه اهم ملڪن سان معاهدو ڪري فون جا اگهه گهٽ ڪرائي ڇڏيا آهن. جنهن مان انڊيا جي ماڻهن کي وڏو فائدي ٿي پيو آهي جو انهن ملڪن جا Rate ذري گهٽ لوڪل فون جي ويجهو وڃي ٿيا آهن. ملائيشيا ۾ هوندو هوس ته ان ڳالهه جو اتي به احساس ٿيندو هو جو مون سان گڏ ڪم ڪندڙ انڊين جهازي پنهنجي ملڪ هر وقت فون ڪندا رهندا هئا جو انڊيا جو ملائيشيا سان فون جو معاهدو هجڻ ڪري گهٽ في ڏيڻي پئي ٿي ۽ اسان کي پاڪستان ڪرڻ لاءِ ٽيڻا چوڻا پئسا ڏيڻا پيا ٿي.
بهرحال هينئر وري به دنيا ۾ فون ڪرڻ جا اگهه گهٽيا آهن، مون کي به ٻه فون پاڪستان ڪرڻا هئا ۽ ٻه کن انڊيا جي مختلف شهرن ۾، خاص ڪري بمئبي ۾ ڊاڪٽر ناريءَ کي ۽ اڌيپور ۾ ڊاڪٽر آسومل کي. هي ٻئي ڊاڪٽر ورهاڱي بعد انڊيا هليا ويا هئا ۽ منهنجي ڀيڻوئي ڊاڪٽر عابد ميمڻ جا دوست هئا. هو هڪ ٻئي کي هر سال ڏياري ۽ عيدن تي ڪارڊ موڪليندا رهيا ٿي. پر هاڻ 2003ع ۾ جيڪو گجرات صوبي ۾ زلزلو آيو ان بعد ڊاڪٽر آسومل جو خط پٽ اچڻ بند ٿي ويو هو. سو ڊاڪٽر عابد پنهنجن ٻنهي دوستن جي خبر چار لهڻ لاءِ مون کي تاڪيد ڪئي هئي، مون ڊاڪٽر آسومل  کي اڌيپور جو 02836 Code ملائي نمبر ڊائل ڪيو. اڌيپور گجرات صوبي جو هڪ شهر آهي. خبر پئي ته نمبر غلط آهي. هتي جي Enquiry آفيس مان معلوم ڪيم ته هنن ٻڌايو ته ڪوڊ نمبر ته صحيح آهي پر گهر جو نمبر صحيح ناهي جو هي فقط چئن انگن 6647 وارو نمبر آهي. فون جا ڇهه نمبر ٿئي به ڪيترا سال ٿي ويا آهن. هنن ڊاڪٽر آسومل نالي ڊائريڪٽري مان نمبر چيڪ ڪيو پر حاصل ڪري نه سگهيا جو ٿي سگهي ٿو سندس نالي بدران سندس پٽ يا ڪنهن ٻئي مائٽ جي نالي نمبر هجي.
ان بعد ڊاڪٽر ناريءَ کي بمبئي (ممبئي) فون ڪيم ته نه رڳو اهو لڳي ويو پر ڊاڪٽر ناري پاڻ ئي فون تي هو. ڏاڍي قرب سان کيڪار کڙي ڪيائين ۽ بمبئي اچڻ لاءِ چيائين. مون کيس ٻڌايو ته سندس والد محترم ڊاڪٽر منگهن مل جي خدمتن جي اڄ به سنڌ ۾، خاص ڪري حيدرآباد جا جهونا ماڻهو واکاڻ ڪن ٿا. اسان به ننڍي هوندي ڊاڪٽر منگهن مل جي تعريف ڊاڪٽر عابد کان ٻڌيسين جنهن MBBS ڪرڻ بعد پرائيويٽ پرئڪٽس جي شروعات هن ڊاڪٽر وٽ ڪئي. ڊاڪٽر ناري هن وقت ستر پنجهتر سالن جو ٿيندو سندس ذات ڪرپلاڻي آهي ۽ بمبئي ۾ نيپيئر سي روڊ تي جل درشن علائقي ۾ رهي ٿو ۽ اتي ئي پريڪٽس ڪري ٿو ۽ مٿيون ڊاڪٽر آسومل اڌيپور جي ڀر ۾ هڪ ڳوٺ نڪتانا (Naktana) ۾ ڪري ٿو. مون کي لڳي ٿو ته ڊاڪٽر آسومل جو ڳوٺ هالا ئي هو. فون ڪرڻ بعد ڪجهه دير پراڻن ڪتابن جا اسٽال ڏسندو رهيس. پراڻن ڪتابن جا ان علائقي ۾ چار پنج اسٽال هئا جن تي نه فقط ڌارين ملڪن جا پر هتي جا مڪاني ماڻهو پڻ، خاص ڪري نوجوان طبقو ڳول ڳولهان ۽ خريداريءَ ۾ مشغول هئا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته يورپ ۽ انگلينڊ جي رهاڪن جا انڊيا بابت لکيل ڪتاب ۽ ساڳي وقت انڊيا جي ڪيترن ليڪکن جا انڊيا جي بئڪ گرائونڊ ۾ لکيل انگريزي ناول دنيا ۾ بيحد پسن ڪيا وڃن ٿا ۽ سڀني خريدارن جو مارو اهڙن ڪتابن تي هو يا انڊيا جي آرٽ تي لکيل ڪتابن تي. آئون ان سوچ ۾ هوس ته انٽرنيٽ ۽ ٽي وي چئنلن ڪري ماڻهن مان ڪتاب پڙهڻ جو شوق دور ٿيندو وڃي جنهن ۾ ڪنهن حد تائين حقيقت به آهي پر هتي انڊيا ۾ ان رات جيڪا ڪتابن خريد ڪرڻ تي حالت ڏٺم ۽ ان بعد آچر ڏينهن پراڻي دهلي ۾ درياه گنج کان جامع مسجد تائين فٽ پاٿ تي جيڪي پراڻن ڪتابن جا بڪ اسٽال ڏٺم سي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڏيڍ ڪلوميٽر تائين ٿيندا ۽ وٺڻ وارا به هر قسم جا هئا: هندو، مسلمان، پارسي، عيسائي،، پوڙها، نوجوان، ڊاڪٽر انجنيئر وغيره.. ڪيترا اسٽال ته هڪ ٻئي ڀرسان ڊاڪٽري يا انجنيئرنگ جي ڪتابن جا هئا، ان مان ته ائين لڳو ته انڊيا جي ماڻهن کي ڪتاب پڙهڻ جو شوق اڄ به آهي. اسان سان گڏ آيل پروفيسر بسنت به پنهنجن ڊاڪٽرن ڌيئرن ۽ ناٺين لاءِ ميڊيڪل جا ڪتاب ورتا جيڪي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ جاب ٿا ڪن ۽ ڪارڊيولاجي يا ڪنهن ٻئي سبجيڪٽ ۾ پوسٽ گرئجوئيشن پڻ ڪري رهيا آهن. هن ٻڌايو ته اهي هن کي بيحد سستا مليا جيتوڻيڪ منهنجو Opinion ابتڙ آهي جو هتي ويندي پراڻن سالن جون National Ceographic مئگزينون چاليهه روپين جي حساب سان ملي رهيون هيون ۽ ڪيڏو به بحث ڪرڻ تي هڪ روپيو به قيمت نٿي گهٽايائون (جنهن مان اهو ضرور ثابت ٿيو ته هتي وٺڻ ورا به انيڪ اچن ٿا) ۽ اهي ڪراچي جي کوڙي گارڊن ۽ گلشن اقبال جي فٽ پاٿ تي ويهين کان پندرهن روپئي ۾ آرام سان مليو وڃن. اهڙي طرح ٻيا ڪتاب جيڪي فريئر هال واري اولڊ بڪ مارڪيٽ ۾ به سستا آهن. بهرحال هتي جي نوجوان ٽهيءَ جو ڪتابن ۽ ڪمپيوٽر سائنس سان لاڙو قابل داد آهي. مون به ڪجهه ڪتاب انهن سيڪنڊ هئنڊ مارڪيٽن مان ته ڪجهه تازا ڇپيل ڪتاب دڪانن تان خريد ڪيا آهن ۽ واندڪائيءَ ۾ کولي ويهي پڙهندو آهيان جن دلچسپ ڪتابن جو مختصر احوال جاءِ بچي ته کڻي وچ ۾ ڪبو. هڪ ته خوشونت سنگهه جو پراڻو ڪتاب Delhi به ورتم جيڪو ڪراچيءَ جي آچر بازار مان جيتوڻيڪ تمام سستو 50 روپئي مليو هو پر Priated ڪاپي هجڻ ڪري ان جي ڇپائي ايڏي ته ڊٺل ۽ بيڪار هئي جو پڙهڻ تان دل کٽي ٿي وئي ان ڪري هتان به سئو خرچ ڪري ورتم. جن ڏينهن ۾ آئون سوئيڊن ۾ M.Sc ڪري رهيو هوس ته ڀر واري ملڪ ڊينمارڪ ۾ مرحوم محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو پٽ محمد علي ميمڻ صاحب پاڪستان ايمبسيءَ ۾ ٽريڊ ڪمشنرهو ۽ هو انهن ڏينهن ۾خوشونت سنگهه جو مٿيون ڪتاب پڙهي رهيو هو. جڏهن به فون ڪندو هو ته ان ڪتاب جي حوالي سان ڪانه ڪا ڳالهه ضرور ڪندو هو. سو هينئر دهلي جي فٽ پاٿ تي لڳل پراڻن ڪتابن جي اسٽالن تي اهو ڪتاب ڏسي پڙهڻ لاءِ خريد ڪرڻو ئي پيو آهي.
بهرحال ان رات اهڙي طرح وقت پاس ڪري اچي سئنيما هال جي گيٽ تي پهتاسين ۽ ٽڪيٽون وٺي اندر گهڙياسين پر اندر گهڙڻ ڪو هالا جي سئنيما محفل وانگر هڪ ٻرانگهه ورائي در ۾ گهڙڻ نه هو پر ائين ٿي لڳو ڄڻ ڪنهن بين الاقوامي ايئرپورٽ تان جهاز ۾ چڙهڻ لاءِ وڃي رهيا آهيون. اليڪٽرانڪ Scanning کي واري در مان گذرڻ بعد وري ساڳي مسخري، هر هڪ جي لنگهڻ تي الارم پيو وڄي، ڪنهن وٽ چاٻين جو ڇلو ته ڪنهن جي بريزيئر ۾ لڳل لوهي Hook هنن جي Scanner کي Axtivate ڪريو ڇڏي ۽ الارم وڄڻ تي وري هڪ هڪ جي کيسن ۽ پرسن جي تلاشي. اسان سڀني وٽ ڪئميرائون هيون. ”سئنيما هال ۾ ڪئميرائون ڇو کڻي آيا آهيو؟“ حيرت مان سئنيما جي انتظاميا سوال ڪيو.
هاڻ کين ڪهڙو جواب ڏيون ته فلم انڊسٽريءَ ۾ توهان ايڏو Advance ٿي ويا آهيو، اسان ته آخري فلم شوڪت جماڻيءَ سان گڏ خيرپور جي سئنيما ۾ اڄ کان ٽيهارو کن سال اڳ ڏٺي اتي ته اسان کائڻ لاءِ پاڻ سان ڀڳڙا ۽ ڏڌڙي به کڻي ويا هئاسين ۽ هتي توهان سونف مسالا جي پڙي کڻي وڃن کان به جهلي رهيا آهيو. بهرحال اسان کي ڪئميرا مان بيٽري ڪڍي جمع ڪرائڻ لاءِ چيو ويو جنهن جي رسيد ڏنائون ته وڃڻ وقت هر ڪو پنهنجي امانت کڻي وڃي.
سئنيما هال ۾ گهڙڻ تائين اسان اهو معلوم نه ڪيو ته ڪهڙي فلم ڏسڻ پيا وڃون. هونءَ به اسان فلمن کان وڌيڪ هتي جي سئنيمائن جي تعريف ٻڌي آيا هئاسين ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته انڊيا ۾ جيڪي هي PVR ٽائيپ سئنيما هال ٺهيا آهن انهن جو مقابلو جاپان ۽ آمريڪا جا به ڪي ورلي شهر ڪري سگهندا. پردو، آواز، ويهڻ جون سيٽون، صيفائي سٿرائي جي خيال کان هڪ قسم جا State of Art آهن. مثال طور سائونڊ Effect اهڙي طرح جو سامهون اسڪرين تي آيل ماڻهوءَ جو آواز ته سامهون اچي پر ٻاهر نڪري ويل جو آواز يا گانو ويٺل کي پاسن کان ٻڌڻ ۾ اچي ۽ ڪن حالتن ۾ تمام ڏور جو آواز يا فائرنگ جو آواز بلڪل پٺيان لڳل مائيڪن مان اچي.
تازي release ٿيل فلم ”ڪرم“ هئي جنهن جي فوٽو گرافي، ڪهاڻي جي اسٽائيل ۽ ان ۾ پيدا ٿيل تجسس ۽ خوف جو ڀرپور مظاهرو تعريف جوڳو هو ۽ اها اڄ جي حساب سان ان چوٽيءَ تي پئي لڳي جيتري اڄ کان ويهه سال کن اڳ God Pather فلم لڳي ٿي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته انڊيا جو بالي ووڊ آمريڪا جي هالي ووڊ سان  ٽڪر کائي رهيو آهي ۽ هتي جي فلمن ۾ جيترو خرچ ٿئي ٿو ان جو حساب نٿو ڪري سگهجي. ان کان علاوه هر روز نت نوان چهرا ايندا رهن ٿا جيڪي سونهن سوڀيا توڙي پنهنجي فن ۾ ماهر آهن، اسان وٽ مسئلو اهو آهي جو پراڻيون اداڪارائون نڪو ٿيون مرن ۽ نڪو ٿيون فلمي دنيا جي جان ڇڏين. اسان جي عمرين جون اداڪارائون جيڪي اسان وانگر نانيون ڏاڏيون ٿي ويون آهن پر اڃا به فلمن ۾ هيروئنيون ٿي اچڻ چاهن ٿيون. ان کان وڏو اسان جي ماڻهن سان ٻيو ڪهڙو ظلم چئبو.
مٿين فلم ڪرم ڏسڻ بعد ٻه ٽي ٻين فلمن ڏسڻ جو به موقعو مليو جيئن ته وقت، پيج ٿري، مجهه سي شادي ڪروگي، وغيره. جن جي ڪا دلچسپ ڳالهه ياد اچي وئي ته ڪٿي ٻئي هنڌ ڪنداسين. هڪ فلم 3 Page پاڙي جي سئنيما پارس ۾ ڏسڻ ويس پر سئنيما هال اهڙو ته بيڪار ۽ اڻ ايئر ڪنڊيشند هو. ۽ فلم ايڏي ته ڌنڌلي نظر اچي رهي هئي جو ان کان ٽيهارو سال اڳ جا راحت، نيومئنجسٽڪ، فردوس، ڪوهه نور ۽ ٻيا حيدرآباد جا سئنيما هال سٺا هئا. اڌ ڪلاڪ بعد مجبور ٿي نڪرڻو پيو جيتوڻيڪ پٺيان وارا پئسا کائڻ جي چڪر ۾ پنهنجو پاڻ کي صبر سان ويهي سڄي فلم ڏسڻ جي ڏاڍي تليقين ڪيم پر اٿڻ تي مجبور ٿي ويس جو بار بار فلم ڪٽجي به وئي پئي ۽ ڏسندڙن سيٽون وڄائي هال مٿي تي کڻي ٿي ڏنو، پئسا ته ضايع ٿيا سي ٿيا وڌيڪ ٻه ڪلاڪ ويهي موڊ آف ڪرڻ بدران ڇو نه ٻاهر نڪري لوڌي باغ يا دهليءَ جو ڳاڙهو قلعو گهمان يا ڀر واري ڳوٺ گرگائون هليو وڃان جيڪو دهليءَ جي حڪومت دهلي کان ويهه کن ڪلوميٽر پري هڪ الگ ٿلڳ ماڊرن ۽ مثالي شهر ٺاهيو آهي ۽ ان کان علاوه هڪ ٻيو شهر نوڊيا پڻ اڏايو آهي جيڪو سونهن ۽ آرڪيٽيڪٽ جو هڪ شاهڪار آهي.
بهرحال ان رات اها فلم ڏسي ٻارهين ساڍي ٻارهين نڪتاسين ته چوڌاري آڌي رات واري خاموشيءَ بدران اهوئي شام وارو ميلو متل هو پارسي ۽ عيسائي ڇوڪريون اسڪوٽرن ۾، هندو ڇوڪرا ڇوڪريون جينز ۾ ٽولن ۾ هلي رهيا هئا. ڪيترائي فارينر به گهمي رهيا هئا، معنيٰ امن امان جي صورت بهتر آهي. گهٽ ۾ گهٽ انهن اتراهن توڙي ڏاکڻين رياستن ۾. اوڀر ۾ ناگالينڊ، ميزورام، مني پور ۽ تريپورا وارين رياستن ۾ اتي جا وڏيرا ڦرلٽ ۽ داداگيري ۾ لڳيا پيا آهن ته پيا ڌوڙ پائين ۽ اهي صوبا ڀلي پٺتي ئي پيا هجن باقي انڊيا جون اتراهون رياستون فارينرن جي گهمڻ لاءِ هڪ ماڊل ملڪ آهي. اسان جيڪو سوچيو پئي ته آڌي رات ٿي وئي آهي ۽ سئنيما کان گهر ڀڄڻ جي ڪيون سو سئنيما کان ٻاهر نڪري شام وارو ههڙو ميلو متل ڏٺويسين ته ڍرا ٿي وياسين، سڀني چيو ته چانهه يا ڪافي پي پوءِ هلجي. اڌ ڪلاڪ ان فيصلي ۾ چٽ ٿي ويو ته ڪهڙي ڪيفي ۾ چانهه پيئجي ۽ پوءِ چانهه پي اچي آٽو رڪشائن ۾ ويٺاسين. ٽن رڪشائن ۾ سڀ اچي وياسين. رڪشا وارن کي ڪالڪاجي علائقو يا مارڪيٽ چوڻ بدران اسان هنن کي رڳو ڪالڪا چيو ۽ هنن اچي اسان کي ڪالڪا مندر ۾ لاٿو. سڀ چون هتان ته اسين ته چڙهيا هئاسين هي ته علائقو ٻيو پيو لڳي. چڱو جو اسان جي ميزبانن جا موبائيل فون نمبر اسان وٽ هئا. انهن کي فون ڪيوسين جن رڪشا وارن کي سمجهايو ۽ هو منهن مٿو پٽيندا اسان کي واپس اسان جي اصلي جاءِ ڏي ڍوئڻ لڳا جنهن لاءِ اسان کين اهو چئي وڌيڪ پئسا ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته اهو سندن ڏوهه آهي، پر چڱو جو کين گهڻو پنڌ ڪرڻو نه پيو جو اهو ڪالڪا مندر به اسان واري علائقي ۾ ئي آهي. بلڪه هن علائقي جو نالو ڪالڪاجي ان ڪالڪا ديويءَ جي پراڻي مندر تان پيو آهي جنهن جو احوال اڳتي ڪنداسين. هڪ ئي وقت ٽن آٽو رڪشائن مان ٻارنهن کن ماڻهو لهڻ تي سامهون پوليس چوڪيءَ جو پوليس وارو وڌي اڳيان آيو. پڇڻ تي ٻڌايوسين ته اسان پاڪستان جا ٽوئرسٽ آهيون ۽ هتي رهون ٿا.
”ڪوئي بات نهين.“ چئي هو واپس پنهنجي ڊيوٽيءَ تي هليو ويو، نه هن پاسپورٽ ڏسڻ لاءِ اسان کي تنگ ڪيو نه اهو پڇيو ته آڌيءَ رات جو ڪڏانهن ويا هئائو.

No comments:

Post a Comment