مھاڳ
الطاف، جنهن آفريڪا جي نوجوان نينگريءَ جي ڪاري چھري تي باک ڦٽندي ڏٺي آھي. الطاف، جنهن شاھ بلوط جي ڇانوري ۾ ٻن ڀورن انسانن کي پيار ڪندي ڏٺو آھي. الطاف، جنهن سمنڊ جي شور ۽ جھاز جي الارم ۾ ٿري ماءُ جي لولي گونجندي ٻڌي آھي. الطاف، جنهن اولھ جي ميداني علائقن ۾ شام ويلي شفق جي ڳاڙھاڻ ۾ سنڌ جي پسين ۽ پيرن جا رنگ نکرندي ڏٺا آھن. الطاف، جنهن اوڀر ۾ ويجھي کان سج اڀرندي ڏٺو آھي. الطاف، جنهن بک وگھئي رَمُ (شراب) پي، خلاصين کي ڪپتان ۽ پنهنجي ھڪ ساٿي خلاصيءَ جو گوشت کائيندي ته نه ڏٺو آھي، پر رنگا مٽي جھاز تي چين ولايت ويندي، لڳاتار ست ڏينهن سامونڊي لھرن ۽ طوفان سان پاڻ ۽ پنهنجي ساٿين کي مقابلو ڪندي ضرور ڏٺو آھي، سو پنهنجي ڪتاب “موج نه سھي مڪڙي” جي ورقن مان پاڻ پسائي، اجھو مون سان ڪچھري پيو ڪري. ڄڻ ته اڇي ٽوپي پايو “رنگا مٽي” جھاز جو سکاڻ پڪڙي، شارڪ مڇي ڏيکاري، پيو مشھور غوطا خور روڊني فاڪس جي زخمي ٿيڻ جون ڳالھيون ٻڌائي.
سچ پچ الطاف ڦيٿ ھٿ ۾ کڻي ڌرتيءَ جي گولي کي ماپي ورتو آھي. سندس مشاھدي جي ڪئنواس تي ڇا ڇا نه آيو ھوندو؟ سوچيان پيو، ڪو اھڙو منظر يا ڪو اھڙو عڪس به ھوندو، جنهن الطاف جي شعور ۽ ذھن تي ڪو چٽ نه چٽيو ھجي؟ الطاف جنهن به ڪاريگر جو ڪو چڱو چٽ ۽ نقش ڏٺو آھي ته، اسان سان ان جو ذڪر دل کولي ڪيو اٿائين. ھن بنگال ڏٺو آھي، جنهن لاءِ جوش مليح آبادي چيو ھو ته، ھڪ ڏينهن ھن ھڪ بنگالڻ دوشيزه کي وھنجڻ کان پوءِ، ڪلھن تي لٽڪايل زلفن مان پاڻيءَ جا ڦڙا ڳڙندي ڏٺا ھئا ۽ ان ڏينهن کان پوءِ مرحوم جوش وھنجڻ شروع ڪيو ھو. الطاف جپان به ڏٺو آھي، جتي مون خود به ڪيوٽو ۾ شام ويلي، ڇاتيءَ ويڪرين ۽ برفاني جسمن وارين حسينائن کي سوني مندر Golden Temple وٽ، گھاٽن وڻن جي ڇانو ۾، کيکڙن جا پڪوڙا کائيندي ڏٺو ھو.
“ھڪڙي خوفناڪ سفر” ۾ مڇريل ۽ بکايل خلاصين جو جھاز جي ڪپتان ۽ ھڪ پنهنجي ساٿيءَ جو گوشت، ڳجھن جيان ڳڙڪائي ڇڏڻ وارو، ھڪ اھڙو عمل آھي، جنهن کي پڙھڻ سان لونءَ لونءَ ڪانڊارجيو وڃي. اھا بک ئي آھي جيڪا انسان کي وحشي بڻائي، انسان جو رت ٿي پياري. بک جي شدت جو اھو وڏي ۾ وڏو مثال آھي. انسان کي زندھ رھڻو آھي، پوءِ ڇو نه کيس پاڻ کان ڪمزور، ٻئي انسان جو گوشت کائڻو پوي.
اسان آفريڪا جي ڏڪاريل انسانن جون انساني ڍانچي جھڙيون تصويرون ڏٺيون آھن ۽ احوال پڙھيا آھن. بکن جي اھڙي عالم ۾ جيڪڏھن بکيو پيءُ پنهنجي پٽ يا ڌيءَ جو پاڻ گوشت نه کائيندو ھوندو ته، گھٽ ۾ گھٽ پيءُ پنهنجي جسم مان گوشت جا ٽڪرا ڪوري پنهنجي پٽ ۽ ڌيءَ کي ضرور آڇيندو ھوندو ته، “بابا! ھيءُ کائو.” الطاف زندگيءَ جي ھن جھڙن حقيقي واقعن ۽ حادثن جا ترجما ڪري، پيٽ جي عالمي مسئلي جي چٽي ۽ صاف تصوير ويھي چِٽي آھي. اسان جي ٿري ۽ جابلو علائقن ۾ اڄ به انسان کي ويلن جا ويلا ماني ڀور نٿو ملي. جس ھجي انهن ٿري ۽ جابلو انسانن کي، جن اڃا سوڌو پنهنجي ڀاءُ يا پاڙيسريءَ جو گوشت نه چکيو آھي.
ھتي مون کي ننڍڙائپ جو ھڪ واقعو ياد اچي ويو آھي. مان وڌ ۾ وڌ يارنهن-ٻارنهن سالن جو ھيس. ٻيا شڪاري ۽ خفتي ڪراڙا ۽ جوان جماڻ ھئا. ڪچي ۾ سڄي رات باھيون ٻاري، اوسر جو شڪار ڪيو ھئوسين ۽ ڏينهن جو جھانگيلي ۽ باھڻيءَ ۾ تڙ جو شڪار ڪيو ھئوسين. بک ايڏو ته بي وس ڪيو ھو جو ٻوڏ کان پوءِ ڪچي ۾ تازن چڻن جي تازي پوکيل فصل جا ڀتر ۽ کڙا پاسي ڪري، چڻن جا انگور داڻا چونڊي کاڌا ھئاسين.
ساڳئي مضمون ۾ “ھوا جي بيھي وڃڻ”، “پاڻيءَ مان چرپر ختم ٿي وڃڻ”، “جھاز جو ڏينهن جا ڏينهن ھڪ ھنڌ ٽڪ ٻڌي بيھڻ” وارا عمل اسان جي معلومات ۾ حيرت وجھيو ڇڏين ٿا.
“جنهن جا ڊگھا وار تري رھيا ھئا. مون ھن کي وارن کان ڇڪي مٿي ٻيڙيءَ ۾ چاڙھيو. ھوءَ ھڪ عورت ھئي، جنهن پنهنجي کير پياڪ ٻار کي پنهنجي ڇاتيءَ سان لائي رکيو ھو.”
ھي اھي جملا آھن، جيڪي “موت جي سفر” مان ورتا ويا آھن. ٻڏڻ کان پوءِ به ٻارڙي کي ڇاتيءَ سان لائي رکڻ وارو فطري عمل، “مامتا” جو ھڪ لاجواب مثال آھي، جيڪو خوش قسمتيءَ سان اسان کي الطاف ئي ٻڌايو آھي.
“ٽونيءَ جي آواز تي سجاڳ ٿيس ته صبح ٿي چڪو ھو. مون کي ٽونيءَ جو ان ريت جاڳائڻ بنھ نه وڻيو. ھن مون کي اھڙي ننڊ مان کڻي سجاڳ ڪيو، جنهن ۾ نه بک جو احساس ھو ۽ نه اڃ جي پيڙا.”
بک جي احساس ۽ اڃ جي پيڙا جي خوبصورت تصوير چٽيل آھي. ڏڪارين ۽ ڦرلٽ ھٺيلن جي منهن تي ھڪ زوردار چماٽ آھي– الطاف جا مٿيان جملا ساھ ۾ سانڍڻ جھڙا آھن، وري وري پڙھڻ جوڳا آھن.
“سانباھو سمونڊ جو” جي مھاڳ ۾ اسان جي سڄاڻ ڌرتيءَ ڄائيءَ ڀيڻ نور الھديٰ شاھ لکيو آھي: “الطاف پنهنجي اندر جي ڪيفيتن کي ضرور ظاھر ڪري ٿو، پر ھڪ پرچارڪ جي انداز ۾ ۽ ذاتي تجربن جي اظھار کان ڄڻ لنوائي وڃي ٿو. نتيجي ۾ الطاف جا سفرناما ھاڻي ھن اسٽيج تي ورجاءِ جو شڪار ٿيڻ لڳا آھن.”
الطاف جي سفرنامي “جاني ته جھاز ۾” جو مھاڳ لڳندي، زبيده ميتلو لکيو آھي: “ڪن ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻھن کي چوندو ٻڌم ته، الطاف شيخ جي لکت ۾ تخليق جو عمل بلڪل ڪونهي – رڳو ملڪن جي رپورٽ جون جھلڪيون آھن.”
زبيده، الطاف جو دفاع ڪندي لکيو آھي ته تخليق کي ٻيا ڪھڙا سونا سڱ ھوندا آھن؟ ڇا ٻوليءَ جي پختگي، لکت ۾ ڏانءَ ۽ ڏاھپ جو لاڙو، جنون جو جمال تخليق ناھي ٿيندي؟
مون به سوچيو ھو ته ٻولي، گرامر، اصطلاحن ۽ جملن جي غلط استعمال جا مثال ڏيئي الطاف کي “رنگ” ۾ ڦاسائي، ٻه چار جڊو – ڪراٽي جا داءَ ڪيان، پر ائين نه ڪري سگھيس. ان ڪري نه ته ھو مون کان وڌيڪ طاقتور ۽ چوبڪو پھلوان آھي، پر ھيٺين حقيقتن ڪري:
“وايون وڻجارن جون” جي منڍ ۾ الطاف پنهنجين اھڙين اوڻاين جو ذڪر به ڪيو آھي ته اعتراف به – ان ڏس ۾ مان چوندس ته الطاف جون اھي نالي ماتر خاميون ۽ اوڻايون سندس لکڻين جي تخليقي عمل تي ڪڏھن به اثر انداز نٿيون ٿي سگھن. سڌيءَ توڙي اڻ سڌيءَ طرح، الطاف جي ڏات ۽ ڏانو واريءَ سھاڳڻ جي چنيءَ تي تخليقي عمل جا ٿورا گھڻا چٽ ضرور آھن.
اسان جي سڄاڻ محقق ۽ سنڌي ٻوليءَ جي عاشق سائين ڊاڪٽر غلام علي الانا “ڳالھيون تنهن جپان جون” جي مھاڳ ۾ الطاف کي ڏنل ادبي حيثيت ۽ اھميت پڙھي وڌيڪ ٿڌو ٿي ويس.
“بندر بازاريون” جو مھاڳ لکندي سدا حيات جانيئڙي امر جليل لکيو آھي: الطاف شيخ جو سنڌ ملڪ جي مٽيءَ سان پيچ پيل آھي، تنهن ڪري ھو دنيا جي جنهن به حصي ۾ ويندو آھي، اتي سنڌي سٻاجھڙن جي ڳولا ڪندو آھي.”
وري لکي ٿو: الطاف شيخ ڪولمبس ناھي، پر ھن ڪولمبس کان وڌيڪ سفر ڪيو آھي.”
سندس ڪتاب “ارائونڊ دي ورلڊ” بابت پيارو ليکڪ حميد سنڌي لکي ٿو: جيتوڻيڪ سندس پھريان سفرناما حياتيءَ جي ڪن رخن کان خالي ٿا ڏسجن، پر ھن سفرنامي ۾ سندس نظر چوڌاري ۽ گھري آھي. مون کي ته ھن سفرنامي ۾ الطاف اڳي کان وڌيڪ گنڀير ۽ سندس لکڻي فڪر انگيز ٿي لڳي.”
بس، الطاف ۽ الطاف جي لکڻين بابت اسان جي سڄاڻ مٿين ليکڪن جي مھاڳ پڙھڻ کان پوءِ الطاف تان منهنجي ڪاوڙ به ختم ٿي وئي. الطاف پاڻ به ته ايڏو مٺو ۽ محبتي يار آھي، جو مٿس ڪاوڙ ڪرڻ به ته اخلاقي گناھ آھي.
“ڏکڻ سمنڊ جي ھڪ تعجب خيز ڳالھ” ۾ جھونپڙي “سرناس” ۽ سندس ساٿارين جو خوفناڪ سمنڊ جھاڳي تختن مان جوڙيل ٻيڙيءَ وسيلي، پولاپ ٻيٽ کان ترڪ ٻيٽ ڏانهن وڃڻ، جستجوءَ جي علامت جو پيارو مثال آھي – جھاز کي ويجھو ڏسي، ھمراھن نه دانهن ڪئي نه وري ڪنهن به قسم جي مدد لاءِ پڪاريو. ھو جھاز تي سوار ٿيڻ لاءِ تيار ئي تڏھن ٿيا، جڏھن جھاز جي ڪپتان سندن ٻيڙيءَ سوڌو جھاز تي سوار ٿيڻ وارو شرط مڃيو. ڦٽن جي پيڙا ۽ بک لاءِ سوچڻ جي بجاءِ ناکئي سرناس سميت، سڀني ملاحن جو پنهنجيءَ ڀڳل ٽٽل ٻيڙيءَ مان پاڻي ڪڍڻ، سڙھ سڪائڻ، ڦاٽل سڙھ سبي ساڄا ڪرڻ، ناريل مان ٺھيل رسا ڇڪي ٻڌڻ واري جدوجھد ثابت ٿي ڪري ته، سندن ھٿن سان جوڙيل سندن ٻيڙي، کين ڪيڏي نه پياري ھئي. جيئڻ لاءِ جھيڙڻ واري عمل ۾، ھنن لاءِ اھا ننڍڙي ٻيڙي ڪنهن به وڏي جھاز کان گھٽ نه ھئي.
الطاف سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح اسان کي ڇا ڇا نه پيو آڇي؟ الطاف اھو وڻجارو آھي، جنهن وٽ وکر ڍيرئون ڍير آھن. جيڪو ولايت مان ھر وڻج ۽ وڙ جون ٻوريون ۽ خرزينون ڀري اچي ٿو. بنا اگھ-پار ڳالھائڻ جي اسان اڳيان کوڙ ڪري، ڀل ته ھو ڪيترو به محصول ۽ قيمت ادا ڪري اسان وٽ پھچي، پر اسان کي وڙ وڙ جو وکر بنا ملھ پيو آڇي.
الطاف جي لکڻين مان تخليقي عمل مينهن جي گوھن وانگر وھندو نظر اچي ھا، جيڪڏھن ھو واسطو رکندڙ ملڪ جي سماجي تاريخ، ثقافتي، اقتصادي حالتن، مسئلن ۽ ادبي لاڙن ۽ رخن جو ڳوڙھو ۽ ڀرپور مطالعو ۽ مشق ڪري پوءِ ويھي ڪتاب لکي ھا. پوءِ ڇو نه ھو ٽن ڪتابن جي جاءِ تي ھڪ ڪتاب ڏئي ھا. تنهن ھوندي به مان ائين چوندس ته، ھن جو به وکر وھايو آھي، سو پئي پراڻو نه ٿيندو.
آئرلينڊ جي ڪناري ڀرسان آمريڪي جھاز “لوسيتانيا” جي ٻڏڻ واري ڀيانڪ منظر جو اھڙو ته سريلو ۽ سيبائيندڙ ترجمو ٿيل آھي، جو ان لکڻيءَ کان متاثر ٿي چوڻو ٿو پويم ته الطاف فقط اسان جو آھي ۽ نه ڪنهن ٻئي جو.
ھن حادثي کي پڙھڻ کان پوءِ مان سوچيان ٿو ته ھزارين ماڻھن کي سمنڊ ۾ ٻڏندو ڏسي، جرمن ڪپتان “سويگر” کي جا خوشي ٿي ھوندي، ان جو به جواب ناھي.
“مرندي مرندي بچڻ” ۾ الطاف لکيو آھي: “...... انهيءَ علائقي ۾ مان اڪيلو ٿي پيس ۽ قاعدا قانون ٺاھڻ واري شارڪ ھئي.” شارڪ جي سمنڊ تي حڪمراني، سندس دٻدٻو ۽ انسان جي مجبوري ۽ بي وسيءَ جا ڪھڙا نه عمدا ۽ سچا عڪس آھن.
“لکين سج لھي ويا، کيڙيندي کارو” جي تعارفي حصي ۾ الطاف اسان کي ظلم ۽ استحصالي قوتن جي ڪردار واريون اھڙيون ته ڳالھيون ٻڌايون آھن، جيڪي جيتوڻيڪ اسان جون ٻڌل ۽ پڙھيل به آھن، تڏھن به ڇرڪائي ٿيون ڇڏين. ظلم ۽ ظالم، پيڙڻ ۽ پيڙيندڙن جي غير انساني عمل خلاف آواز اٿارڻ لاءِ الطاف جون اھي ڳالھيون اسان جي قلم ۾ قوت ۽ آواز ۾ سگھ ٿيون پيدا ڪن.
آفريڪا جي ڏڪاريل ۽ پٺتي پيل ملڪن مان غلامن جا ٽولن جا ٽولا خريد ڪري اچڻ، غلامن ۽ قيدين جا چپن ھلائڻ، سندن اگھاڙين پٺين تي چھبڪ وسائڻ، بکيا ھجن توڙي ڏکيا، پر جھاز ضرور ھلائين. مالڪن، جھازرانن ۽ ڇاڙتن جي ظلمن کان تنگ ٿي خودڪشي ڪرڻ، ھوڏانهن وري انهن ستايل غلامن ۽ قيدين جا بلوا ڪري جھاز جي مالڪن ۽ سندن ڇاڙتن کي ماري سندن گوشت کائي ڇڏڻ وارا اوائلي واقعا، الطاف جي ڪتاب ۽ سندس لکڻين کي امر بڻائڻ وارا واقعا ۽ حادثا آھن. اسان کي خبر ٿي پوي ته جھازن کي جڏھن انجڻين سان نه پر چپن ۽ سڙھن وسيلي ھلايو ويندو ھو، تڏھن ھڪ طاقتور انسان، ٻئي مجبور انسان سان ڪھڙو ورتاءُ ڪندو ھو؟
ڪنهن به تخليقڪار جي تخليقن جو تنقيدي جائزو وٺندي، ڏسڻو اھو آھي ته ليکڪ ادب ۽ زندگيءَ جي جديد تقاضائن ۽ لاڙن سان ٺھڪندڙ، اسان کي ڪھڙيون شيون ڏنيون آھن؟ وقت ۽ ماحول جي ڪھڙي ڳالھ ڪھڙي انداز سان ڪئي اٿائين؟ ڪھڙو نئون گس ۽ ڪھڙي نئين لاٽ ٻاري اٿائين؟ ھن ڪنهن مخصوص ٽولي يا گروھ لاءِ ڪو پرچارڪ مواد ته نه ڏنو آھي؟ سندس لکڻين ۾ ڪيڏي وسعت ۽ نواڻ آھي؟ پراڻين ڳالھين جي ورجاءِ کان ئي سندس ادبي کيت ۾ ڪھڙا تخليقي عمل جا گل کڙيل آھن؟ ھن ڊپلوميسيءَ کان ڪم ورتو آھي يا ڪنهن سان جاندار رھيو آھي؟
الطاف جي شروعاتي سفرنامن ۾ تخليقي عمل بيشڪ گھٽ ٿو ملي، مگر وقت گذرڻ سان ھو ان غير تخليقي ڌٻڻ مان ٻاھر نڪرڻ ۾ ڪافي حد تائين سوڀارو ٿيو آھي. مون ٺري ويل خاڪ ھٽائي، چڱيءَ طرح ڏٺو آھي ته، الطاف جي تخليقي آويءَ مان تازا تيار ٿيل گھڙا اڳ وارن گھڙن کان نه رڳو سٺا پڪل آھن، پر مٿن اڪريل چٽ به موھيندڙ آھي. ڀٽائي ويندي ويندي اھڙن سامونڊي وڻجارن لاءِ تڏھن ته چيو ھو:
“ويا جي عميق ڏي، منهن ڪائو ڏئي،
تن سپون سوجھي ڪڍيون پاتاران پيھي،
پسندا سي ئي، املھ اکڙين سين.”
(شاه)
تاجل بيوس
No comments:
Post a Comment