قاعدي قانون واري ملڪ جا ڪجهه ڌاريا ڏوهاري
الطاف
شيخ
جپان دنيا جي انهن ملڪن مان آهي، جتي قاعدي قانون تي سختيءَ سان عمل ٿئي ٿو. ڪنهن بي گناهه جو پوليس يا ٻي ڪا ايجنسي نالو نٿي وٺي، پر ڏوهه ڪرڻ بعد جپان ۾ ورلي ڪو بچي سگهي. ان ڪري غير قانوني ڪمن کان هر جپاني پري ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هن کي ننڍي هوندي کان ماءُ پيءُ طرفان ۽ اسڪول ۾ ماسترياڻين طرفان اها سُتي پياريل آهي ته ڪوڙ نه ڳالهائجي، چوري نه ڪجي، ٻئي کي نه رنجائجي، رستو صحيح طرح ٽپجي، پاڙي وارن کي ڊسٽرب نه ڪجي- ويندي لئبرريءَ مان ڪتاب وٺجي ته وقت تي واپس ڪجي ۽ ان تي ڪو داغ ڌٻو نه ڪجي. بهرحال دنيا ۾ ڪنهن به هنڌ بنهه نه برابر به Crime Rate ناهي. ٿورا گهڻا ڏوهه ته ٿيندا رهن ٿا- جن ۾ وڏو حصو مڪاني ماڻهن جو ئي آهي. ڌاريو ماڻهو جپان ۾ تمام گهڻو خبردار ٿي هلي ٿو. هن جو پنهنجي ملڪ ۾ ڀلي خراب رڪارڊ هجي، پر جپان ۾ هو ڪابه اهڙي حرڪت نٿو ڪرڻ چاهي جو کيس ان جي سزا ملي ۽ جپان جهڙي ملڪ مان نيڪالي مليس. هونءَ اڄڪلهه هتي جپان ۾ گووندا پرساد نالي هڪ نيپالي هندوءَ جو نالو مشهور آهي، جنهن چاليهه سالن جي هڪ جپاني عورت جو پئسو ڦريو ۽ ان بعد هن جو قتل ڪيو.
گووندا ”ياسوڪو واتانابي“ نالي هڪ جپاني عورت کي 1997ع ۾ قتل ڪيو هو، ان بعد ڪورٽ جي پهرين ڪارروائي (Trail) ۾ گووندا ڪيس کٽي ويو، پر پوءِ ٽوڪيو هاءِ ڪورٽ ۾ هن ڪيس جي Ruling الٽ ٿي وئي ۽ هن کي عمر قيد جي سزا جو اعلان ڪيو ويو. هن ڪيس هتي جپان ۾ ڪافي Controversy پيدا ڪئي آهي. ويندي ڪجهه اخبار نويس ۽ وڪيل گووندا جي بچاءُ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن، پر اڄ (21 آڪٽوبر تي) جپان جي سپريم ڪورٽ گووندا جي اپيل Turn down ڪري ڇڏي آهي. گووندا جي هن ڪيس ۾ هتي جي ماڻهن جي دلچسپيءَ جو وڏو سبب اهو به آهي ته هن جي Victim ياسڪو هڪ قسم جي ٻٽي زندگي گذاري ٿي. هوءَ هڪ اعليٰ قسم جي يونيورسٽيءَ جي گريجوئيٽ هئي ۽ ڏينهن جي وقت هڪ مئنيجر جي حيثيت سان ”ٽوڪيو اليڪٽرڪ پاور“ ڪمپنيءَ ۾ نوڪري ڪئي ٿي. رات جي وقت شيبويا (Shibuya) واري علائقي جي پوين گهٽين ۾ عام رنڊين سان گڏ Prostitute ٿي پئسو ڪمايو ٿي. گووندا جي هن سان ملاقات هن رات واري ڌنڌي معرفت ٿي. هڪ ٻئي کي ڌتارڻ ۽ پئسو حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾ معاملو خون ريزيءَ تي وڃي پهتو.
هن ڪيس ۾ ڪيترن جپانين جو اهو خيال آهي ته هڪ ڌارئين جي حيثيت ۾ گووندا کي سخت کان سخت سزا ملڻ کپي، پر ڪجهه جپانين جي هن سان همدردي به آهي جو هنن جو چوڻ آهي ته هڪ ڌارئين کي ياسوڪو جهڙي پڙهيل ڳڙهيل ۽ وڏي عهدي واري عورت پنهنجي حوس جو شوق پورو ڪرڻ لاءِ Trap ڪيو.
بهرحال گووندا جهڙا تمام ٿورا ڌاريا ملندا، جن جپان ۾ قانون جي ڀڃڪڙي ڪري بدناميءَ جو درجو حاصل ڪيو هوندو. ڌارين ڏوهارين ۾ سڀ کان گهڻو بدنام (Notorious) سابق بيٽلز پال مڪارٿني هو، جنهن کي چرس جو ٿيلهو سمگل ڪرڻ جي ڪوشش واري ڏوهه ۾ جپاني جيل ۾ نَو ڏينهن رکيو ويو هو. ڪجهه ٻيون ڌاريون شخصيتون جيڪي ڏوهن جي معاملي ۾ جپان ۾ تمام گهڻيون بدنام ٿيون، انهن مان هڪ والٽر نالي انگريز جي زال اِڊٿ پڻ ٿي گذري آهي. هي ڪيس هڪ سؤ سال کن اڳ جو آهي، جڏهن هوءَ 1890ع ۾ جپان ۾ آئي هئي ۽ والٽر ڪاريو نالي هڪ 43 سالن جي انگريز سان شادي ڪئي. ان وقت سندس عمر 27 سال هئي ۽ مڙس جي ڀيٽ ۾ بيحد خوبصورت ۽ جوان هئي. والٽر يوڪاهاما جي مشهور ’يونائيٽيڊ ڪلب‘ جو مئنيجر هو. پاڻ تمام گهڻو شرابي ۽ زاني هو. هو ڪن جنسي بيمارين (Sexually Transmitted) ۾ مبتلا هو. هي اهو زمانو هو، جنهن ۾ اڃا Antibiotics يا ٻيون دوائون ايجاد نه ٿيون هيون. سور جي سخت جسماني پيڙا کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ انهن ڏينهن ۾ اهي شيون کاڌيون ويون ٿي، جن ۾ Arsenic جهڙي زهر جو حصو مليل ٿيو ٿي.
يوڪوهاما ۾ رهندڙ فارينرن ۾ والٽر جي ننڍي نيٽي ۽ خوبصورت زال اِڊٿ ’ميم صاحبه‘ جي زندگي گذاري ٿي جو هن کي پنهنجي امير مڙس کان خوب پئسو مليو ٿي. سندس مڙس ڏينهون ڏينهن بيمار ٿي کٽ حوالي ٿيندو ويو، پر هيءَ ويتر وڌيڪ آزاديءَ سان ڪلبن ۽ ناچ گهرن جي راڻي ٿيندي وئي.
ڪجهه سالن بعد والٽر جي حالت يڪدم خراب ٿيڻ لڳي ۽ 22 آڪٽوبر 1896ع تي هو ستو ته وري نه اُٿيو. پوسٽ مارٽم ۾ اهو ظاهر ٿيو ته والٽر کي زهر ڏئي ماريو ويو آهي. سندس زال گهڻا ئي حيلا هلايا، ڊاڪٽر کي پئسو کارائي اها ڪوشش ڪئي ته اهو ثابت ٿئي ته هو ٻئي ڪنهن جي زهر سان نه پر پنهنجي ئي کاڌل دوائن جي غلط اثر ڪري مري ويو آهي، پر جپان پوليس ۽ ڪورٽ ۾ اهڙي وٺ پڪڙ ٿي جو راز کلي پيا ۽ اڊٿ جنهن کي پهرين شڪ جي بنياد تي نظربند ڪيو ويو هو، تنهن کي جج طرفان ڦاهيءَ جو حڪم ڏنو ويو، جو اهو ثابت ٿي ويو ته اڊٿ ئي پنهنجي مڙس کي زهر ڏيئي ماريو آهي.
ان ڪيس جي ڪري انگريزن جي وڏي بدنامي ٿي. هنن گهڻو ئي چاهيو ته اهو ڪيس ڪنهن ريت دٻجي وڃي ۽ ’ڪڏهن نه سج لهڻ‘ واري حڪومت تي ٽِڪو نه اچي، پر جپان حڪومت ان ڪيس جو فيصلو وڏي واڪ اعلان ڪري ڇڏيو. هي اهڙو ڪيس هو جنهن جي ڳالهه نه فقط جپان ۾ رهندڙ انگريزن ۽ يورپين جي وات تي اچي وئي، پر سڄي ڏور اوڀر ۽ ننڍي کنڊ ۾ چؤٻول مچي ويو.
بهرحال پوءِ انگريز ڊپلومئٽن وڏي ڪوشش ڪري هن جوان ۽ سهڻي انگريزياڻيءَ کي ڦاهيءَ جي ڦندي کان بچائي سخت پورهئي سان عمرقيد ڏياريو. اڊٿ کي پوءِ يڪدم انگريزن جي ڪالوني هانگ ڪانگ جي جيل ۾ رکيو ويو، جتان پوءِ ڪجهه سالن بعد انگلينڊ جي هڪ شهر ايلسبرگ جي جيل ۾ موڪليو ويو ۽ اٺ سال کن جيل ڪاٽڻ بعد 42 سالن جي ڄمار ۾ کيس آزاد ڪيو ويو. ان بعد هوءَ انگلينڊ ۾ خاموشيءَ جي زندگي گذاريندي رهي ۽ تمام وڏي ڄمار زندهه رهي، نَوي ورهين جي عمر ۾ سن 1958ع ۾ وفات ڪئي.
اڊٿ جي مڙس والٽر جي قبر اڄ به جپان ۾ ”يوڪوهاما فارينرس جنرل سيميٽري“ قبرستان ۾ نمايان طرح نظر اچي ٿي.
هڪ ٻيو ڪيس جنهن ۾ هڪ ڪورين کي سزا ملي، پر جتي هو جپانين جي نظر ۾ ڏوهاري ثابت ٿيو، هو ڪورين لاءِ هيرو مڃيو وڃي ٿو. جپان ۾ سڀ کان گهڻا ڌاريا ڪوريا جا آهن. انهن ڪورين ۾ ڪيترا ته اهي يا انهن ڪورين جو اولاد آهن، جيڪي جپان ۾ پنهنجي مرضيءَ سان رهڻ لاءِ نه آيا، پر جنگين ۾ جپاني هنن کي سندن ملڪ مان قيدي ڪري جپان وٺي آيا. هو ۽ سندن اولاد جپاني ڳالهائي ٿو ۽ ڪيترن جا ته جپانين سندن اصل ڪورين نالا بدلائي جپاني رکيا، جن سان هو اڄ به سڏيا وڃن ٿا، پر ان هوندي به اڄ جي دور ۾ به هڪ ڳالهه نمايان آهي ته هو جپانين جي نظر ۾ گهٽ ذات ۽ ڪمتر سمجهيا وڃن ٿا. هنن سان جتي ڪٿي خراب سلوڪ ڪيو وڃي ٿو. ان پس منظر ۾ جپاني ۽ ڪورين لٽريچر ۾ ڪيترائي افسانا ۽ ڪهاڻيون پڻ آهن.
بهرحال جپان ۾ ڌارين جي ڏوهن جي حوالي سان هي ڪيس هڪ ڪورين جو تمام گهڻو مشهور آهي. 20 فيبروري 1968ع ۾ ”ڪِم هي“ نالي هڪ چاليهه سالن جو ڪورين، جيڪو جپان ۾ ئي ڄائو هو، شيميزو شهر جي هڪ نائيٽ ڪلب ۾ داخل ٿيو ۽ پاڻ سان آندل بندوق سان اتي موجود ٻن جپاني غنڊن کي ماري وڌو.
ان بعد هو هڪ نويڪلي جاءِ تي ٺهيل ساماتاڪيو نالي هوٽل ۾ پهچي اتي موجود تيرهن ماڻهن کي Hostage بنايو. ڪِم نالي هن ڪورين جپان حڪومت کي چتاءُ ڏنو ته هن جون گهرجون پوريون نه ٿيڻ تي هو سڀني ماڻهن کي ڊائنامائيٽ سان تباهه ڪري ڇڏيندو.
"I don't intend to die until the media makes people aware of the discrimination against Korea".
هن اخباري نمائندن سان پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ته ”آئون تيسين مرڻ نٿو چاهيان، جيسين جپان جي عوام کي اسان سان رکيل سندن بي روا سلوڪ جي ڄاڻ نه ٿئي.“
هن کي جيئڻ جو گهڻو موقعو نه ملي سگهيو جو اخباري نمائندن ۾ موجود هڪ سادا ڪپڙا پهريل ڪمانڊو هن کي سوگهو ڪري ورتو.
ڪِم تي ڪيس هليو ۽ مليل سزا مطابق هن جيل ۾ 33 سال گذاريا، ان بعد جپان حڪومت هن کي 1999ع ۾ ڪوريا موڪلي ڇڏيو.
جپان ۾ رهندڙ هڪ ننڍڙي ڪورين ڪميونٽي جي سهنج ۽ سهولتن لاءِ ورتل ڪوشش ڪِم کي ڏکڻ ڪوريا جو قومي هيرو بنائي ڇڏيو- جپانين جي نظرن ۾ توڻي کڻي هو وڏو ڏوهاري هجي.
No comments:
Post a Comment