ليکڪ جا لفظ
الطاف شيخ
سامونڊي زندگيءَ ۾ جتي گھمڻ ڦرڻ آھي، اتي مھم-جوئي ۽ ائڊوينچر پڻ آھي. منهنجا پڙھندڙ، ملڻ وقت، اڪثر اھو پڇندا آھن ته؛ سمنڊ تي پيش آيل ڪنهن به حادثي بابت ٻڌايو.
سامونڊي زندگيءَ ۾ جتي گھمڻ ڦرڻ آھي، اتي مھم-جوئي ۽ ائڊوينچر پڻ آھي. منهنجا پڙھندڙ، ملڻ وقت، اڪثر اھو پڇندا آھن ته؛ سمنڊ تي پيش آيل ڪنهن به حادثي بابت ٻڌايو.
سامونڊي سفر، ھڪ ماڻھوءَ جي “زندگيءَ” مثل آھي، جنهن ۾ جيئن ڏک سک، سٺا ۽ خراب ڏينهن اچن ٿا، تيئن سامونڊي سفر ۾ پڻ جتي خوشيون، گھمڻ ڦرڻ ۽ رنگينيون آھن، اتي موسمن جون گرميون/ سرديون، پاڻيءَ جا لاھا/ چاڙھا، ھوائن جا طوفان ۽ خاموشيون، جھاز جا لوڏا ۽ انجڻ جا دوکا پڻ موجود آھن. ان کان علاوه رستي کان ڀٽڪي وڃڻ، عملي جا بلوا ۽ ھنگاما، ائنڪريج تي ھفتن جا ھفتا، اندر بندرگاھ ۾ گھڙڻ لاءِ انتظار، اگھايون/ سگھايون ۽ ٻيا ڪيترا ئي حادثا ۽ حالتون پيدا ٿين ٿيون.
منهنجي ھميشھ اھا ڪوشش رھي آھي ته سمنڊ جي زندگيءَ جو بهترين ۽ دلچسپ رخ ٻڌايو وڃي، ڇو جو اسان جي قوم ايڏي گھڻي Sea-faring Nation ناھي ۽ کين اٿندي ئي، جي اھڙن حادثن ۽ خوفن جون ڳالھيون ٻڌائبيون ته، ھرڪو ھن زندگيءَ کان ونءُ ويندو. اھو ائين آھي جيئن، ڪو سرجن رڳو انهن مريضن جو ويھي ذڪر ڪري، جيڪي آپريشن دوران کانئس مري ويا ھجن، نتيجي ۾ ان اسپتال يا ڊاڪٽر وٽ ڪير ايندو؟ اھڙيءَ طرح رڳو جھازن جي حادثن ۽ سامونڊي صعوبتن جون ڳالھيون ڪبيون ته، ڪھڙو مسافر يا ماڻھو جھاز تي چڙھندو؟ ۽ جي ايندو به ته سمورو وقت پاڻ به بي چين رھندو ۽ جھاز ھلائڻ وارن جو به سک ڦٽائيندو.
اسان جي مرچنٽ نيويءَ کي ھلائڻ ۽ پنهنجا ماڻھو پيدا ڪرڻ لاءِ چٽگانگ (تڏھن جو اوڀر پاڪستان) ۾ مئرين اڪيڊمي کلي ھئي. اڪيڊمي چٽگانگ شھر کان گھڻو پري خليج بنگال ۾ ھڪ ٻيٽ جلديا تي ھئي. اسان ان اڪيڊمي جا شروعاتي ڪئڊٽ ھئاسين. ھڪ دفعي اڪيڊميءَ جي لانچ ۾ اسان جو سڄو ڪلاس چٽگانگ شھر ڏي گھمڻ لاءِ وڃي رھيو ھو. رستي تي ڪرناڦلي نديءَ جي ڇوڙ وٽ اوچتو موسم خراب ٿي وئي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ھوا طوفان جو روپ ڌاري سخت Cyclone بڻجي وئي. مٿان آسمان مان به پاڻي وسڻ لڳو ته ھيٺ سمنڊ جي پاڻيءَ جون ڇوليون به جبلن جيڏيون ٿي ويون. خليج بنگال ۽ ڪرناڦلي نديءَ واري حصي ۾ ڄڻ قيامت برپا ٿي وئي ھئي. ننڍڙيون ننڍڙيون ٻيڙيون ته اسان جي اڳيان ڀڄي ڀور ٿي رھيون ھيون ۽ انهن ۾ ويٺل ماڻھو ٻچن سميت اسان جي اکين اڳيان ٻڏي رھيا ھئا. اسان جي ھمراھن لانچ کي گھڻو ئي ڪنٽرول ۾ رکيو، پر ان جا پوڙھا بنگالي ملاح به دل ھاري ويٺا.
انهن ڏينهن ۾ مون کي لڳاتار مٿي ۾ سور رھندو ھو، جنهن جو چٽگانگ ۾ ڪوششن جي باوجود به Diagnosis (تشخيص) ئي نه پي ٿي سگھيو، ته ڇا کان آھي ۽ آئون ايڏو ته پريشان رھندو ھوس جو جيئڻ کان موت کي ترجيح ٿي ڏنم. منهنجي ڀر ۾ منهنجو ڪلاس ميٽ اجتبيٰ زيدي ويٺل ھو. تنهن چيو: يار بچڻ جي ڪا واھ ئي ناھي. ڪو ڪرشمو ٿئي ته ڪا ٻي ڳالھ آھي. چيومانس: ھڪ ڏينهن مرڻو ئي آھي پوءِ ڇو نه اڄ ئي. آءٌ ته زندگيءَ مان چاھ ڪڏھن کان وڃائي ويٺو آھيان.
ياد اٿم ته ان واويلا جي حالت ۾ اجتبيٰ چيو: “پر يار! پاڻ کي ھيئن مرڻ نه کپي، جو ماڻھو سامونڊي زندگيءَ تي ان جو ڏوھ مڙھين ۽ پنهنجا پاڪستاني، جن اڃا ھاڻ ھن زندگيءَ طرف رخ رکيو آھي، دل شڪسته ٿي پون. اڪيڊميءَ جي ھيترن ڪئڊٽن جي موت جي خبر، باھ وانگر ملڪ ۾ پکڙجي ويندي ۽ اڪيڊمي ئي بند ٿي ويندي ۽ پوءِ اسان جا مال بردار جھاز گورن (انگريزن) جي ئي ھٿن ۾ رھندا.”
اڄ ان کي ويھ سال ٿي ويا آھن. گورا سڀ ھليا ويا. اسان جي بئچ جا ته سڀ ڪڏھوڪو ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر ٿي ويا، پر ان کان پوءِ به ايترا ٿي چڪا آھن، جو پنهنجا جھاز ته پاڻ ٿا ھلايون، پر اسان جا ھمراھ ڪن ملڪن ۽ ڪمپنين جا جھاز دنيا جي مختلف سمنڊن ۾ وڏي خير خوبيءَ سان ھلائي رھيا آھن ۽ اسان کي جھازي ڪم ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ بهترين مڃيو وڃي ٿو. منهنجي خيال ۾ گذريل ويھن سالن ۾، درپيش آيل انيڪ حادثا ھاڻ ٻڌائي سگھجن ٿا. انهن مان ڪجھ قلمبند ڪري رھيو آھيان. ھونءَ به ھيستائين پڙھندڙن سمنڊ بابت سٺيون سٺيون ڳالھيون ايتريون ته ٻڌيون آھن، جو ھي چند حادثا اٽي ۾ لوڻ برابر ثابت ٿيندا ۽ ڪو گھرو اثر نه ڇڏيندا.
بهرحال! ھن ڪتاب ۾ جھاز ۽ سمنڊ بابت پنهنجا نه، پر ٻين کي پيش آيل مختلف واقعا ڏيئي رھيو آھيان، جيڪي سمنڊ تي بلڪل عام آھن. ھر واقعي جي اڳيان ڪوشش ڪري سمجھاڻيون ڏنيون اٿم، جيئن سامونڊي زندگيءَ کان غير واقف ان کي چڱيءَ طرح سمجھي سگھن.
ٻي ڳالھ ته لکڻ منهنجي وندر آھي، منهنجي زندگي آھي. لکڻ کي مون روزگار جو ذريعو نه بڻايو آھي ۽ نه ئي سمجھان ٿو ته ڪنهن سنڌي ليکڪ کي لکڻ مان ڪو مالي فائدو رسيو ھجي. جيل، دڙڪا، ڌمڪيون ضرور نصيب ٿيون ھوندس. منهنجي ڪتابن جي قيمت جي شڪايت پڙھندڙ اڪثر مون سان ڪن ٿا. سنڌي ڪتاب مھانگا ھجڻ جي شڪايت مون کي به آھي. منهنجي ھر وقت اھا ڪوشش رھي ٿي ته منهنجي ڪتابن جي قيمت اڃا به گھٽ رھي. سنڌي ڇپائي خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ مھانگي ھجڻ ڪري ۽ ايجنٽن طرفان ججھي ڪميشن جي گھر ڪري (جيڪا ذري گھٽ ڪتاب جي اڌ قيمت جيتري وڃيو ٿئي) ڪيترا ئي دفعا پبلشرن کي به ماڳھين نقصان پيو ھوندو. ساڳئي وقت ايجنٽن سان به اھو مسئلو ٻڌجي ٿو ته ھو اھي ڪتاب سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پھچائڻ لاءِ مختلف بڪ اسٽال وارن کي ڳاٽي ٽوڙ ڪميشن ڏين ٿا، ڪتابن موڪلڻ تي خرچ ڪن ٿا، پئسن جي وصوليءَ لاءِ ڪيترائي پنڌ ٿا ڪن ۽ ٽائيم سان گڏ ڳاٽي ٽوڙ ڀاڙا ٿا ڀرن پوءِ به سندن ڪجھ پئسا ٻڏي ٿا وڃن، وغيره وغيره.
بهرحال! ان ھوندي به آئون ھر وقت پبلشرس کي قيمت گھٽ ڪرڻ لاءِ چوندو رھان ٿو. ان ھوندي به ڪو ڀاءُ/ڀيڻ سمجھي ٿو ته ھو منهنجا ڪتاب نيو فيلڊس يا روشني پبليڪيشن جي معيار جھڙا ڇپائي اڃا به گھٽ قيمت ۾ پڙھندڙن تائين پھچائي سگھي ٿو ته مون کي خوشي ٿيندي ۽ ھو مون سان لھ وچڙ ۾ اچي سگھي ٿو.
پڙھندڙن جي راءِ/تنقيد ۽ صلاح مشوري جو اوسيئڙو رھندو.
خلوص منجھان
No comments:
Post a Comment