وفا جي پتلي
الطاف شيخ
هن پنهنجو نالو ٻڌايو.
ٿي سگهي ٿو هن سمجهيو هجي ته آئون ڪو ٻوڙو آهيان ۽ وڏي آواز ۾ ٻڌان ٿو. مون کانئس وري سندس نالو پڇيو. هن وري چيو: ”جمي.“
مون چيومانس: ”پر هي ترڪن جو نالو ته نٿو لڳي. تنهنجو اصل نالو ڇا آهي؟“
”منهنجو اصل نالو جميلا آهي، پر توهان مون کي جمي چئي سگهو ٿا. آمريڪن سڀ مون کي ان ئي نالي سان سڏين ٿا.“
هوءَ منهنجي نئين گهر ۾ ڪم ڪرڻ واري نوڪرياڻي هئي. تمام ٿلهي ۽ ڦيڦي جسم واري عورت هئي، جيڪا گوشت جو هڪ جبل ٿي لڳي. وزن ٽي سؤ پائونڊ نه ته اڍائي سؤ پائونڊ ضرور ٿيندس.
هن جي عمر پڪ سٺ سال کن هئي.
مون ترڪئي ۾ رهڻ دوران ڏٺو هو ته ترڪ آمريڪن وانگر مختصر نالا پسند ڪن ٿا. اسماعيل کي سمائيل ڪري ڇڏيندا. بيلانٽ کي بلي سڏيندا، پر هن ٿلهيءَ ۾ سٺ سالن جي پوڙهيءَ کي جميءَ جهڙي رومانوي نالي سان پاڻ کي سڏائڻ ڪجهه ٺهيو ڪونه ٿي.
”چڱو جمي. هاڻ مون کي اهو ٻڌاءِ ته مسز برائون توکي گهڻي پگهار ڏيندي هئي.
”چار سؤ ليرا ماهوار.“
آئون چڱو حيران ٿيس جو هن پنهنجي پگهار بلڪل صحيح ٻڌائي. مون مسز برائون کان سندس پگهار جو پهرين ئي پڇي ڇڏيو هو ته هوءَ جميءَ کي مهيني ۾ ڇا ڏئي ٿي.
”چڱو هاڻ مون سان شروعات ساڍن چار سؤ ليرن سان ڪري سگهين ٿي.“ مون پڇيو.
”ٺيڪ آهي.“ جميءَ چيو ۽ هن ان ئي وقت منهنجي اپارٽمينٽ جي صفائيءَ شروع ڪئي.
منهنجي بدلي انهن ڏينهن ۾ ازمير (ترڪيءَ) ۾ ٿي هئي ۽ مون کي گهر جي ڪم لاءِ ڪنهن مائيءَ جي سخت ضرورت هئي. انهن ڏينهن ۾گهر جي ڪم لاءِ ڪنهن مائيءَ کي رکڻ شان ۽ وڏ ماڻهپي جي علامت نه هو، پر ضرورت ئي سمجهيو ويندو هو. ترڪيءَ ۾ تڏهن سپر مارڪيٽون نه هيون، گهر جي ڪم واريءَ کي روز ڀاڄيون، ميووا، بيضا، گوشت، کير، مرچ مسالا ويندي پيئڻ جو پاڻي خريد ڪرڻ لاءِ بازار وڃڻو پيو ٿي. ۽ اهي سڀ شيون مختلف هنڌن تان مليون ٿي. مون کي ترڪي ڊبل روٽي ڏاڍي وڻي ٿي، جو اها چڱي خاصي وزني ۽ ٿلهي ٿئي ٿي ۽ اڻ ڇڻيل اٽي مان ٺاهي وڃي ٿي. جڏهن ان کي ٽوسٽ ڪري، مکڻ هڻي کائيندو هوس ته ڏاڍو مزو ايندو هو. ان ڊبل روٽي ۾ هڪ خامي به هئي. اها هيءَ ته هڪ ڏينهن کان مٿي تازي نٿي رهي سگهي. ٻئي ڏينهن اها اهڙي ته سخت ٿيو وڃي جو گهر ٺاهڻ ۾ سر طور استعمال ڪري سگهجي ٿي. ان ڪري به مون کي گهر جي ڪم لاءِ عورت جي ضرورت هئي.، جيڪا گهر جي صفائيءَ وغيره کان علاوه مون لاءِ روز تازي ڊبل روٽي خريد ڪري اچي، جيڪا 1961ع ۾ فقط ڏهن سينٽن ۾ ملي ٿي.
جڏهن آئون ترڪيءَ جي شهر ديار بڪير ۾ رهيل هوس ته ٻن سالن جي عرصي م مون وٽ گهر جي ڪم ڪار لاءِ هڪ ڇوڪر به هو ۽ ٽي نوڪرياڻيون به. انهن ڏينهن ۾ پنهنجي امير هجڻ جو ڏيک ڏيندي مون کي خوشي ٿي ٿي. پر ترڪيءَ ۾ پنج سال گذارڻ بعد آئون ترڪن جي رنگ ۾ ڪافي رنگجي ويو هوس.
منهنجي جڏهن ازمير ۾ بدلي ٿي ته مون کي اها ڳڻتي وٺي وئي ته نئين نوڪرياڻيءَ جي ڳولا مون لاءِ مسئلو نه بڻجي پوي. هتي مون کي هڪ تمام اتاهين بلڊنگ جي ستينءَ ماڙ تي اپارٽمينٽ مليو، جيڪو سمنڊ جي ڪناري تي ٺهيل هو. بالڪنيءَ مان سمنڊ جو نظاروو بلڪل چٽو ۽ سهڻو لڳو ٿي. بتين جي روشنيءَ ۾ جبل تي سڪندر اعظم جو پراڻو قلعو تمام سٺو لڳو ٿي. هن اتاهينءَ عمارت ۾ڏاڪڻيون به هيون ته لفٽ به. لفٽ ۾ بلڪل شفاف شيشا لڳل هئا. پوءِ مون کي خبر پئي ته مينهوڳي ۾ هي لفٽ خراب ٿيو پوي. ائين ڪيترائي ڀيرا ٿيو جو هلندي هلندي لفٽ خراب ٿي بيهي رهي ٿي. ان وقت بالڪنين ۾ بيٺل ترڪ عورتون مون کي لفٽ اندر ڦاٿل ڏسي ٽهڪ ڏينديون هيون ۽ پوءِ انهن ئي عورتن مان ڪا نيڪدل عورت لفٽ جي مستريءَ کي اطلاع ڪندي هئي، جيڪو پوءِ پراسرار انداز ۾ لفٽ کي وري چالو ڪري ڇڏيندوهو.
جنهن ڏينهن آئون ازمير، ان اپارٽمينٽ ۾ سامان کڻي اچي رهيو هوس، ان بلڊنگ جي چوڪيدار مون کان پڇيو: ”ڇا توهان کي گهر جي ڪم لاءِ ڪنهن مائيءَ جي ضرورت آهي؟ آئون هڪ تمام سٺيءَ نوڪرياڻي جو بندوبست ڪري سگهان ٿو.“ هن جي راز سان ڳالهه ڪرڻ واري نموني مون کي گهڻو ڪجهه سوچڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو.
ترڪيءَ ۾ رهڻ دوران مون ترڪ نوڪرياڻين ۽ غيرملڪي غير شادي شده ماڻهن بابت آئون تمام گهڻيون دلچسپ پر ڏکويل ڪهاڻيون ٻڌي چڪو هوس. هڪ واقعو ته اهڙو آهي جنهن کي وسارڻ سان به آئون وساري نٿو سگهان. اسان جي ڪمپنيءَ ۾ هڪ جرمن نوجوان ڪم ڪيو ٿي. هو سنهو سيپڪڙو ۽ ڊگهو هو. شراب بدران پاڻي ٿي پيتائين. هن جي گهر جيڪا ڪم واري مائي آئي ٿي اها پنجاهه کن ورهين جي ٿيندي. هڪ ڏينهن هن چيو، سڀاڻي مون کي ڪم آهي، آئون اچي نه سگهنديس ڪم ڪار لاءِ پنهنجي بدران ڌيءَ کي موڪليندس.
ٻئي ڏينهن ڪم تي هن جي ڌيءَ شيرين آئي. هو بيحد خوبصورت ۽ صحتمند هئي، جرمن نوجوان اڊولف کي هوءَ بيحد پسند اچي وئي. هن ڇوڪريءَ کي اها رات پاڻ وٽ ئي ترسائي ڇڏيو. صبح جو ڇهين وڳي شيرين جي ماءُ، هن جو پيءَ ۽ ڀائر هٿن ۾ رائفلون ۽ بندوقون کڻي فليٽ ۾ داخل ٿيا ۽ هن اڊولف کي شيرين سان شادي ڪرڻ لاءِ مجبورڪيو.
منهنجي خيال ۾ هو وڏا احمق هئا. اڊولف سان ڏاڍ زبردستي ڪرڻ جي ڪا ضرورت نه هئي. هو ته پهرين ئي شيرين کي پسند ڪري چڪو هو. ٻنهي جي شادي ڌوم ڌام سان ٿي. آئون به ان ۾ شريڪ ٿيو هوس. شاديءَ کانپوءِ هي جوڙو خوش خوش زندگي گهارڻ لڳو.
مون عمارت جي چوڪيدارکي چيو ته جنهن نوڪرياڻي جي هو ڳالهه ڪري رهيو آهي ان سان منهنجي ملاقات ڪراءِ. ٻئي ڏينهن هو هڪ عورت کي پاڻ سان وٺي آيو. هو بندري قد جي جوان عورت هئي. چوڪيدار هن کي ڪمري اندر ٿيلهو ڏيئي مون طرف ڏنو ۽ پاڻ هليو ويو.
هن عورت کي انگريزي نٿي آئي. پر مون کي هن سان ڳالهائڻ ۾ ڪابه رنڊڪ نه ٿي، ڇو ته هاڻ آئون چڱي خاصي ترڪي ڳالهائي سگهيس ٿي. مون هن کي پنهنجي اپارٽمينٽ جو معائنو ڪرائيندي چيو. ”آئون چاهيان ٿو جڏهن آئون ڪم تان واپس اچان ته مون کي پنهنجو اپارٽمينٽ صاف سٿرو ملي. ڪم جا وقت تون پاڻ ئي طئه ڪر ته تون ڪهڙي ڪهڙي وقت اچي سگهين ٿي. ڪم ختم ڪرڻ تي تون گهر وڃي سگهين ٿي.“
”ان کان علاوه مون کي ڇا ڪرڻو آهي.“ هن پچيو.
”ڪجهه نه، چوڪيدار کي مون ٻڌائي ڇڏيو آهي ته تنهنجو پگهار چار سؤ ليا آهي. هيءَ اٿئي گهر جي ڪُنجي.“
”اوڪي!“ هن انگريزيءَ ۾ مرڪندي چيو.
ٻئي ڏينهن آئون جڏهن گهر پهتس ته هوءَ موجود هئي.ا ندر داخل ٿيس ته هوءَ ڊوڙندي آئي. مون اپارٽمينٽ جو جائزو ورتو. هن دل لڳائي صفائي ڪئي هئي. هر شيءِ پنهنجي جاءِ تي صحيح سلامت ۽ صاف سٿري رکي هئي.
”وڏي مهرباني!“ چڱو هاڻ شب بخير!“ مون چيو.
”بس. ٻيو ڪو ڪم؟“ هن پڇيو.
”نه. مهرباني، شب بخير!“
ٻيو ڏينهن ڇنڇر جو هو. ڏهين وڳي آئون اڃا هنڌ تي ستو پيو هوس ته هو سڌو مون واري بيڊروم ۾ داخل ٿي. زور زور سان تاڙيون وڄائي چوڻ لڳي:
”اٿو. اٿو. ڏهه ٿي ويا آهن. اٿو اٿو.“
مون کيس هٿ جي اشاري سان چيو ته هوءَ تيسين ٻئي ڪمري جي صفائي شروع ڪري. منهنجي ڪالهه واري رات ڪلب ۾ صحيح طرح نه گذري هئي. پنجين وڳي صبح جو موٽيوهوس ۽ ڇنڇر جو ڏينهن ئي هڪ اهڙو هوندو آهي، جنهن ڏينهن آئون دل ڀري ننڊ ڪري وٺندو آهيان. مونکي ننڊ ۽ آرام جي سخت ضرورت هئي هن منهنجي اشاري جي ڪا پرواهه نه ڪئي. تاڙيون وڄائي وڄائي وري زور سان چوڻ لڳي: ”اٿو! اٿو! صاحب ڏهه وڄي چڪا آهن.“
مون کي باهه وٺي ويئي. خبر ناهي مون کي ڇو ايڏي چڙ اچي وئي. رڙ ڪري چيومانس هلي وڃ ڇوري هتان- هن فليٽ مان، هن بلڊنگ مان، هلي وڃ، ٽري وڃ.“
هوءَ سڏڪا ڀري روئڻ لڳي. هن مون ڏي هڪ نگاهه وڌي ۽ پوءِ ڪمري کان ٻاهر وٺي ڊوڙ پاتائين. مون کي پنهنجي ان برتاءَ تي شرم آيو. ننڊ به اکين مان اُڏامي چڪي هئي. آئون هنڌ تان اُٿيس. وهنجي سهنجي ڪپڙا بدلائي ٻئي ڪمري ۾ آيس ته ڏسان هيءَ اتي اوڇنگارون ڏئي روئي رهي هئي. مون هن کي ٻن هفتن جو پگهار اڳواٽ ڏيندي چيو ته ’آئون پنهنجي ڪئي تي سخت پشيمان آهيان ۽ هاڻ مون کي تنهنجي ضرورت ناهي. ڇو ته ڇنڇر جي ڏينهن مون کي پنهنجي ننڊ ۽ آرام وڌيڪ پيارو آهي.‘ هوءَ روئندي ٻن هفتن جو پگهار وٺي رواني ٿي وئي. بعد ۾ مون کي احساس ٿيو ته آئون هن کي سمجهائي به سگهيس ٿي، پر هاڻ ڇا ٿو ٿي سگهي. آئون هن کي نوڪريءَ مان ڪڍي چڪو هوس.
ٻئي ڏينهن آفيس ۾ هڪ سيڪريٽري عورت مسز برائون مون کان پڇيو: ”ڇا توکي گهر جي ڪم لاءِ سٺيءَ نوڪرياڻيءَ جي ضرورت آهي؟“
”هن جي عمر ڇا ٿيندي؟“ مون جواب بدران سوال ڪيو مانس، جنهن جي مسز برائون کان ٿورو ڇرڪ نڪري ويو.
”جمي سٺ سالن جي ٿيندي. هوءَ تمام محنتي، سٺي ۽ ايماندار مائي آهي. ايندڙ هفتي اسان ترڪيءَ جو هي شهر ازمير ڇڏي رهيا آهيون. هوءَ اسان جي گهر ۾ ڪم ڪري ٿي. آئون چاهيان ٿي ته اسان جي لڏڻ کان اڳ هن کي ڪنهن سٺي گهر ۾ پورهيو ملي وڃي.“
جمي جنهن جو اصل نالو جميلا هو، منهنجي اپارٽمينٽ ۾ آئي. هن کي ڏسي آئون اچرج ۾ پئجي ويس. هو تمام ٿلهي ۽ ڦيڦي هئي. هن جو قد ڪو پنج فوٽ هوندو ۽ ويڪرائي به ڪجهه ايتري ئي کڻي چئجي. هوءَ دروازي وٽ بيٺي هئي ۽ سڄو دروازو انساني گوشت سان ڀريل لڳي رهيو هو. مون هن کي وهڻ لاءِ چيو پر هو اندر اچي، بيٺي رهي. شايد ان جو سبب اهو به هجي ته ڪمري ۾ وهڻ لاءِ ڪا به اهڙي مناسب جاءِ نه هئي جنهن تي هو ويهي سگهي. ڪيترن ڏينهن کان صفائي نه ٿي هئي. چئني طرف رسالا، اخبارون، ٻوڙهاڻيون پليٽون، گلاس ۽ ٻيون شيون پکڙيون پيون هيون. ٿي سگهي ٿو سندس ٿولهه ڪري کيس اهو به ڊپ هجي ته جنهن ڪرسيءَ تي هوءَ وهڻ جي ڪندي اها ان ئي وقت چيڪاٽ ڪري ٻه اڌ ٿي پوندي.
پگهار سان گڏ جڏهن ٻين جو به فيصلو ٿي ويو ته هن پنهنجو ڪوٽ لاٿو ۽ ان ئي وقت ڪم ۾ جنبي وئي. هن آهستي آهستي ڪم ڪيو ٿي، پر ڪلاڪ سوا اندر سبني ڪمرن جي صفائي ڪري هر شيءِ ڇنڊي ٺاهي صحيح جاءِ تي ڪري رکي. مون رڌڻي ۾ ڏسڻ نٿي چاهيو ڇو جو مون ٻاهر وڃي کائڻ چاهيو ٿي. هن جي محنت کي ڏسي مون چيو؛
”اڄ جي لاءِ ايتروڪم ڪافي آهي. باقي سڀاڻي اچي پورو ڪجانءِ.“
”پر رڌڻو، ٿانوَ ٿپا....“
”نه اڄ اهو سب ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت ناهي.. ڪم تي اچڻ ۽ وڃڻ جو وقت تون ئي مقرر ڪري ڇڏجانءِ. آئون فقط ايترو چاهيان ٿو ته گهر صاف سٿرو ڏسڻ ۾ اچي.
”صحيح آهي مسٽر جان! ائين ئي ٿيندو، شب بخير.“
”شب بخير، جمي.“
جميءَ کي ڪم ڪندي هڪ هفتو گذري ويو. منهنجو گهر صاف سٿرو رهڻ لڳو. ريفريجريٽر ۾ ڏهاڙي تازي ڊبل روٽي نظر اچڻ لڳي. منهنجون قميصون ڌوتل ۽ استري ٿيل نظر اچڻ لڳيون. شام جو جڏهن آئون گهر موٽندو هوس ته ٻئي ڏينهن جي رڌ پچاءَ يا ڪم ڪار معلوم ڪرڻ لاءِ هوءِ منهنجي انتظار ۾ ويٺي هوندي هئي.
جڏهن هن کي ڪم ڪندي پندرهن ڏينهن ٿي ويا ته مون کي مسز برائون جي ڳالهه تي سؤ سيڪڙو يقين ٿي ويو ته جمي بيحد محنتي، ايماندار ۽ سگهڙ نوڪرياڻي آهي.
هن ۾ ڪجهه خاميون به هيون، پر اسان ۾ اهو ڪير آهي جنهن ۾ ڪا خامي نه هجي. هڪ شام جو جڏهن آئون دير سان گهر پهتس ته مون کي هٿن ڌوئڻ واري گينڊيءَ ۾ هڪ ڀڳل گلاس نظر آيو. هن جي بيپرواهيءَ تي مون کي تعجب لڳو، پر پوءِ جلد ئي،مون کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي ته هن ڀڳل گلاس اڇلي ڇو نه ڇڏيو. هن مون کي ٻڌائڻ چاهيو ٿي گلاس ڀڳو آهي، چوري نه ٿيو آهي. ٻيون ڪم واريون جن جو مون کي تجربو آهي. اهي ائين نه ڪنديون هيون. جيڪڏهن ڪا شيءِ ڀڄي پوندي هئي ته ٻڌائڻ بدران ان کي لڪائي ڇڏينديون هيون.
مون اهو گلاس اتي ئي رهڻ ڏنو. ٻئي ڏينهن آيس ته اهو گلاس ڳنڍيو پيو هو. منهنجي پڇڻ تي جميءَ ٻڌايو: ”مسز برائون مون کي هڪ سالوشڻ سان ڀڳل شيشي کي ڳنڍڻ سيکاريو هو.“
هوءَ تمام گهڻين خوبين جي مالڪ هئي. هن منهنجي هر ڳالهه جو خيال رکيو ٿي. گهر جي هر شيءِ هن جي نگاهه هيٺ رهي ٿي. آئون آفيس توڙي ڪلب ۾ جميءَ جي ڪم، محنت ۽ ايمانداريءَ جي واکاڻ ڪندو رهيس ٿي. اهو ٻڌي ٻين کي مون تي رشڪ آيو ٿي.
”سگريٽن جو هڪ وڏو دٻو نظر نه پيو اچي.“ هوءَ اوچتو مون کان سوال ڪندي هئي.
”ڪنهن نه کنيو آهي. اڄ آئون ئي ان کي آفيس کڻي ويو هوس.“
”۽ هو ڳاڙهي رنگ وارو ڪتاب به ٽيل تان غائب آهي.“ هن پچيو ٿي.
”ڪهڙي ڳاڙهي رنگ وارو ڪتاب؟“
”ڪالهه ته هتي ميز تي پيو هو.“ هن اشارو ڪري ٻڌايو ٿي.
”اهو ڳاڙهي رنگ وارو ڪتاب. هاڻ مون سمجهيو. اهو منهنجو نه هو. ان کي پڙهي واپس ڪري ڇڏيم.“
هڪ ڏينهن شام جو مون کي هڪ ترڪ ڪاريگر کي پنهنجي اپارٽمينٽ ۾ سڏرايو، جنهن اسان جي ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪيو ٿي. ٿانوَن ڌوئڻ واري گينڊي مان پاڻي ٽمي رهيو هو. هن ان جي مرمت ڪري ڇڏي. مون هن کي ڪجهه اجورو ڏيڻ چاهيو ته هن وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڪجهه سال اڳ مون کي ڪنهن هڪ سائي رنگ جو سئيٽر سوکڙيءَ طور ڏنو. آئون سئيٽر پائڻ پسند نٿو ڪريان. ڪٻٽ جي هيٺين خاني ۾ اهو پيو هو. اتان ڪڍي مون اهو سئيٽر هن ترڪ ڪاريگر کي تحفي طور ڏئي ڇڏيو. ان وقت جمي پنهنجو ڪم ختم ڪري وڃي چڪي هئي.
ٻئي ڏينهن هن مون کان پڇيوِ: ”سائين هو سائي رنگ جو سئيٽر ڪيڏانهن ويو؟“
آئون حيران به ٿيس ته خوش به. هن منهنجي هر شيءِ جي حفاظت ڪئي ٿي.
”ڪيڏانهن نه ويو آهي. مون ڪنهن کي تحفي ۾ ڏئي ڇڏيو آهي.“
هوءَ محنتي ۽ ايماندار ته هئي، ڪم به تمام گهڻو ڪندي هئي. هيڏانهن آئون جيڪا قميص لاهيندوهوس ته هو ان ئي وقت ڌوئي ڇڏيندي هئي.
”جمي! تون اهو ڪم سڀاڻ به ڪري سگهين ٿي. چڱي دير ٿي چڪي آهي. گهر وڃي آرام ڪر.“ هڪ ڏينهن مون هن کي چيو ته هن وراڻيو:
”آئون گهر ۾ ڪٿي ٿي رهان مسٽر جان! هڪ ننڍڙو ڪمرو آهي، جنهن جي مسواڙ اڍائي سؤ ليرا آهي ۽ گهر جي مالڪ کي مسواڙ وڌائڻ جي لڳي رهي ٿي.“
اهو ٻڌي مون کي ڏک ٿيو.
ڪڏهن ڪڏهن هوءَ پنهنجي منهن ڳائيندي رهندي هئي. هڪ ٻه ڀيرا مون کيس پنهنجو پاڻ سان ڳالهائيندي به ٻڌو.
”ڇا چئي جمي.“ مون پڇيو ٿي.
”ڪجهه نه. آئون پنهنجو پاڻ سان ڳالهائي رهي هيس.“ هن جو جواب هوندو هو.
هڪ ڏينهن گهر موٽيس ته جميءَ کي ڪمري جي فرش تي اڌ مئي حالت ۾ ليٽيل ڏٺم. آئون منجهي پيس. ههڙي صورت ۾ ڇا ڪريا. پوليس کي اطلاع ڪريان، ايمبولينس گهرايان؟ جمي کي هيٺ تائين ڪيئن لاهي سگهندس؟ ننڍڙي لفٽ ۾ هن جو ڳرو وجود ته پورو نٿي پيو. هوءَ ڏاڪڻين رستي مٿي ايندي هئي.
پوءِ مون ڏٺوته گوشت جي ان ڍڳ ۾ ڪجهه ڪجهه چرپر آئي. آءٌ تڪڙو ٿي هن جي ڀرسان ويهي هن جو هٿ مهٽڻ لڳس. هن جي ٻئي هٿ ۾ هڪ پيچڪش مضبوطي سان جهليل هو.
”جمي جمي هوش ۾ اچ. مونکي ٻڌاءِ ته توکي ڇا ٿيو آهي؟“
”اوهه! مسٽر جان!“ هن آهستي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي. مون ڪنهن طرح سان زور لڳائي هن کي اٿاري وهارڻ ۾ڪاميابي حاصل ڪئي پوءِ ڊوڙ پائي پاڻيءَ جو گلاس کڻي آيس. هو ڪنجهي رهي هئي.
”ٿوري وسڪي پي ڏس، طاقت اچي ويندءِ.“ مون هن کي صلاح ڏني.
”نه مسٽر جان! آئون شراب نه پيئندي آهيان.“ هن ڪڇيو.
”جمي ڀلا اهو ٻڌاءِ ته توکي ڇا ٿيو آهي؟“ مون پڇيو.
هن پنهنجون اکيون گهمايون ۽ هٿ ۾ جهليل پيچڪش سان ڀت تي موجود هڪ سئچ بورڊ ڏي اشارو ڪيو. آئون يڪدم سمجهي ويس ته هن کي اليڪٽرسٽي جو شاڪ لڳو آهي. جنهن جي جهٽڪي ڪري هن جا. هي حال ٿيا آهن.
غلطي منهنجي هئي. آئون جڏهن کان هن اپارٽمينٽ ۾ آيو هوس ته بجلي جي ٻن اگهاڙين تارن کي سئچ بورڊ اندر ڍڪرائي نه سگهيو هوس. بجليءَ جون هي تارون اسان کان اڳ هن گهر ۾ رهڻ وارا، ڀت واري لئمپ لاءِ استعمال ڪندا هئا. ويندي وقت هو لئمپ ڪڍي تارون کليل ڇڏي ويا. هڪ ڏينهن مون ارادوبه ڪيو ته انهن اگهاڙين ۽ کليل تارن کي ڪٽي ڇڏيان، پر پوءِ ڳالهه دل تان لهي ويم. مون کي ته اها به خبر نه هئي ته انهن ۾ اليڪٽرڪ ڪرنٽ موجود آهي يا نه. ويچاري جميءَ کي ان ڏينهن ڪوخيال اچي ويو ته انهن اگهاڙين تارن کي سئچ ۾ لڳائي ڇڏڻ کپي. تارن ۾ ڪرنٽ موجود هو. هن کي شاڪ لڳي ۽ فرش تي ڪِري پئي.
مون کي جتي پنهنجي غلطيءَ جو سخت احساس ٿيو، اتي جميءَ جي فرض شناسي ۽ جان بچڻ تي تمام گهڻي خوشي به ٿي. ڪجهه منٽن بعد هن جي طبيعت سڌرڻ لڳي. هن کي اٿارڻ لاءِ مون هن جي مدد ڪئي ٿي ته مون کي منع ڪري پاڻهي زور لڳائي اٿي بيٺي.
اهڙي طرح ڪيترائي مهينا گذري ويا. جمي منهنجي لازمي ضرورت ٿي پئي. آئون پارٽين ۽ آفيس ۾ اڪثر هن جي فرض شناسي جو ذڪر ڪرڻ لڳس. هڪ ڏينهن جڏهن هو پنهنجو ڪم ختم ڪري بس ڪيو ته هوءَ منهنجي ڪمري ۾ آئي.
”چئه جمي! ڇا ڳالهه آهي؟“
مون اندازو لڳائي ورتو ته هوءَ ڪجهه چوڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي پر هن کان ڪڇيو نٿو ٿئي.
”چئه چئه جمي! ڇا ڳالهه آهي؟“ مون وري پڇيو مانس.
”آئون مرڻ واري آهيان- قبر ۾ وڃڻ چاهيان ٿي.“
”ڇا چئي؟“ هن جي ڳالهه مون کي سمجهه ۾ نه پئي آهي.
”آئون پنهنجي وطن ۾ مرڻ چاهيان ٿي، مسٽر جان! توکي شايد خبر نه هجي ته آئون ترڪيءَ جي ترڪ نه پر قبرصي ترڪ آهيان.منهنجو وطن قبرص (Cyprus) آهي، جنهن تي ڌارين جو قبضو آهي. منهنجي ماءُ، ڀاءُ، ڀيڻن- سڀني کي يونانين قتل ڪري ڇڏيو هو. آئون ڪنهن طرح پنهنجي جان بچائي ڪجهه ساٿين سڃاڻن سان گڏ ترڪي اچڻ ۾ڪامياب ٿي وئي هيس. هاڻ آئون پوڙهي ٿي چڪي آهيان. مرڻ واري آهيان. آئون پنهنجي وطن ورڻ ٿي چاهيان. منهنجي هڪ ويڳي ڀيڻ اوڏانهن رهي ٿي. آئون هن وٽ وڃي سگهان ٿي.“
جميءَ جي ڳالهه ٻڌي آئون غمگين ٿي ويس. اڄ تائين هن مون کي اهو ٻڌايوئي نه هو ته هو پنهنجي وطن کان پري آهي ۽ هن جي وطن تي يونانين جو قبضو آهي. هن کي مون وٽ ڪم ڪندي لڳ ڀڳ ٻه سال ٿي چڪا هئا. آئون هن کي وڃڻ کان جهلي نٿي سگهيس.
”جمي! ٻڌاءِ ته تولاءِ آئون ڇا ٿو ڪري سگهان؟“
”مون وٽ پئسن جي کوٽ آهي.“ هن ڏڪندي ٻڌايو.
”ڪيترا پئسا گهٽ آهن؟“ مون کانئس پڇيو.
هن جيڪا رقم ٻڌائي اها تمام معمولي هئي، هن جي پگهار جا پئسا پڻ مون کي ڏيڻا هئا. پگهار سميت مون کيس سندن ضرورت جا پئسا وڌائي ڏنا ۽ هوءَ هر هر منهنجو ٿورو مڃيندي رهي.
”جمي تو مون کان ڪا خاص رقم نه گهري آهي. ٻڌاءِ ته قبرص ڪڏهن وڃي رهي آهين؟“
”سڀاڻي“
”سڀاڻي؟“ مون حيرت مان پڇيو.
”ها، سڀاڻي هڪ ٻيڙيءَ رستي رواني ٿي رهي آهيان.ا ها هتان قبرض وڃي رهي آهي.“
جميءَ منهنجي منهن ڏي ڏٺو. هن منهنجي ذهن ۾ ايندڙ خيالن جو اندازو لڳائي ورتو.
”نئين نوڪرياڻيءَ لاءِ توهان فڪرمند نه ٿيو. مسٽر جان! مون ان جو انتظام ڪري ڇڏيو آهي. منهنجي هڪ ساهيڙي آهي جا منهنجي پاران تنهنجو ڪم ڪندي. توهان کي مون وانگر هن سان به ڪڏهن شڪايت پيدا نه ٿيندي.“
آئون هن کي ڏسندو رهيس. هن جي اکين ۾ ڳوڙها هئا. هوءَ پنهنجيون ڪجهه هلڪيون ڦلڪيون شيون منهنجي اپارٽمينٽ ۾ ئي رکي ڇڏيندي هئي. اهي شيون هن منهنجي سامهون هڪ وڏي ڪاغذي بئگ ۾ وڌيون. آئون سمجهي ويس ته هو ائين ڇو ڪري رهي آهي. هن مون کي ڏيکارڻ چاهيون ٿي ته هو فقط پنهنجيون ئي شيون کڻي وڃي رهي آهي.
وڃڻ جي گهڙي اچي وئي. هن پهريون دفعو مون سان هٿ ملايو ۽ هلڻ لڳي. ڪجهه قدم وڌڻ کانپوءِ هوءَ مڙي ۽ مون وٽ آئي. مامتا جهڙي شفقت سان هن منهنجي ڪلهن تي ٿڦڪي ڏني ۽ تکو تکو هلي وئي. آئون دير تائين ماٺ ۾ بيٺو رهيس.
ٻئي ڏينهن اها نوڪرياڻي ڪم تي اچي وئي، جنهن کي جميءَ پنهنجي جاءِ تي ڪم ڪرڻ لاءِ چئي وئي هئي. هن جي عمر به سٺ ورهيه کن ٿيندي. پر هوءَ سنهي سڪل ۽ ڊگهي هئي.
”تنهنجو نالو؟“ مون پڇيومانس.
”خَدي.“ هن وراڻيو.
”سڄو ۽ اصلي نالو ٻڌاءِ.“
”خديجه....“ هن جواب ڏنو.
پگهار ۽ گهر ۾ ڪهڙو ڪم ڪار هن کي ڪرڻو آهي. اهو طئه ڪري هوءَ ڪم ڪرڻ لڳي. بس نالي جو ڪم ٿي ڪيائين ڪپڙا به ڪي خاص استري نٿي ڪيائين. گلاس تي به داغ رهجي ويا ٿي. مون کي هوءَ ڪا چڱي نه لڳي. ان جو سبب سندس ڪم ۾ ڪوتاهيون نه هيون، پر هن ۾ اها مامتا ۽ شفقت بنهه نه هئي، جنهن جو شديد احساس مون کي هاڻ جميءَ جي وڃڻ بعد ٿي رهيو هو.
مون هن کي ٻئي هفتي ئي موڪل ڪرائي ڇڏي. ان ڏينهن مون کي جمي ڏاڍو ياد آئي. منهنجو گهر بي ترتيبيءَ جو شڪار ٿي ويو. ميرن ڪپڙن ۽ ٿانوَن جا ڍير لڳي ويا. گهر جي ابتڙ حالت ڏسي مون کي جمي ياد اچي وئي. ڪيتريون ئي راتيون اهڙيون به آيون جو آئون ڪنهن دوست جي گهر ۾ رهي ٿي پيس ۽ پنهنجي فليٽ نٿي آيس.
۽ پوءِ هڪ ڏينهن آئون پنهنجي گهر پهتس ته مون جميءَ کي ڏٺو. هوءَ منهنجي اپارٽمينٽ جي دروازي سان چيلهه لڳائي سهڪي رهي هئي.
جمي! تون هتي؟“ بي اختيار منهنجي زبان مان نڪتو.
”اوهه مسٽر جان! اوه مسٽر جان!“ هن ڀڻڪيو- جيئن هن عادت موجب پنهنجو پاڻ سان ڳالهايو ٿي.
مون دروازو کوليو. هو اندر داخل ٿي.
”جمي! ڇا ٿيو؟ تون واپس ڪيئن اچي وئين؟“ مون بي صبري مان پڇيو.
”آئون پنهنجي اباڻي وطن پهتيس ته منهنجي ويڳي ڀيڻ نه هئي. خبر پئي ته هوءَ مري چڪي آهي. هاڻ آئون اتي ڪنهن وٽ رهي سگهيس ٿي. ڪير سهارو ڏئيم ها. سو آئون موٽي آئي آهيان.“ هن نهايت سادگيءَ سان پنهنجي روئداد ٻڌائي.. ڳالهه ختم ڪرڻ سان هن پنهنجو ڪوٽ لاهي هڪ طرف رکيو ۽ وري صفائي ۾ لڳي وئي. ان ڏينهن کان جيستائين منهنجي بدلي انقره نه ٿي جمي منهنجي گهر ۾ ڪم ڪندي رهي. جڏهن آئون انقره وڃڻ لڳس ته هن کي ڪئرنگٽن جي گهراڻي ۾ نوڪري وٺرائي ڏنم. مون کي اهو دلي اطمينان هو ته جمي سٺي گهراڻي ۾ڪم ڪندي. جمي مون کي ڍير دعائن سان گڏ انقره روانو ڪيو.
مونکي انقره آئي هڪ سال ٿي چڪو هو ته مون کي ڪئرنگٽن وارن طرفان خط مليو.
ڊيئرجان!
جمي مري وئي، هوءَ پنهنجي ڪمري ۾ ستي پئي هئي ته ستي ستي هن جو ساهه نڪري ويو. هن جي ساهيڙين اسان کي هن جي موت جي خبر ٻڌائي. مون کي بيحد افسوس ٿيو. آئون هن جو آخري ديدار ڪرڻ ويس. هوءَ بيحد سڪون ۾ نظر اچي رهي هئي. هو تمام سٺي ۽ تمام نيڪ روح هئي. اسان هن جي دفن ڪفن ۾ چڱي مدد ڪئي. هن جي قبر تي ڪتبو به لڳرايو. مون هن کان ڪيترائي دفعا پڇيو به هو ته هوءَ مون کي پاڻ بابت تفصيل سان ٻڌائي. بساهن فقط ايترو ٻڌايو هو ته هن جو پورو ۽ اصلي نالو جميلا آهن. اسان هن جي قبر تي لکرايو آهي:
”جميلا
وفات 1965ع.“
موت سڀني لاءِ آهي، پر اسين هن کي تمام گهڻو ياد ڪنداسين.“
مسٽر ڪئرنگٽن.
خط پڙهي آئون جهڙو ساڻو ٿي پيس. ها هن کي مرڻو ئي هو، پر ڪاش هوءَ جيڪر پنهنجي اباڻي وطن قبرص ۾ مري ها جنهن تي ڌارين جو قبضو آهي.ا ها عورت جيڪا ڌارين ۾ مامتا ۽ شفقت ورهائيندي هئي، ان کي پنهنجي وطن ۾ مرڻ لاءِ ٻه گز زمين به نه ملي.
]”وفا جي پتلي“ ڪهاڻي دراصل هڪ انگريزي ڪتاب ‘Scotch and water’ جو هڪ باب آهي. هن ڪتاب (اسڪاچ ۽ وسڪي) جو مصنف جان ڊي ٽمپين آهي. پاڻ ڏهه سال کن ترڪيءَ ۾ رهيو ۽ جيڪي ڪجهه هن ڏٺو يا تجربو ٿيس ان جو احوال هن ڪتاب ۾ڏنو اٿس. ترڪيءَ جي ماڻهن جي نفسيات ۽ شخصيت، تهذيب ۽ قدر (Values) ٽمپين پنهنجي ڪتاب ۾ جنهن سهڻي ۽ فنڪارانه نموني سان ڏنا آهن، ان جو اندازو هن هڪڙي باب پڙهڻ سان لڳائي سگهجي ٿو، جيڪو پنهنجي جاءِ تي هڪ ڪهاڻي پڻ آهي.. [
No comments:
Post a Comment