ڪارول باغ جي هوٽل ۾
الطاف شيخ
دهلي پهچڻ سان پهرين اسين نيو دهليءَ جي علائقي ڪارول باغ جي هوٽل سنگهه ڪانٽينٽل ۾ رهياسين جو شادي هال به اتي ويجهو هو جتي آمريڪا کان اسان جي ڪاليجي دوست رامچند جي پٽ راجيش جي شادي ٿي رهي هئي. شاديءَ بعد سنڌ کان آيل اسين چاليهه کن ڄاڃي جن ۾ سواءِ منهنجي ٻيا سڀ نولراءِ اوڏ جا ڀائر ڀيڻون ۽ انهن جو اولاد هئا نيو دهليءَ جي هڪ ٻئي علائقي ” ڪالڪا جي“ ۾ اچي رهياسين ”ڪالڪاجي“ جو علائقو ڪالڪا ديوي ۽ ڪنول (Lotus) جي مندرن کان مشهور آهي. دراصل جتي اسان جي هاڻ رهائش آهي جتان هي لکي رهيو آهيان هڪ ڌرم شالا آهي جيڪا اگروال ڌرم شالا سڏجي ٿي. هتي نول جي هڪ دوست اوڏ رهائش جو بندوبست ڪيو آهي جيڪو 30 سالن کان انڊيا ۾ رهي ٿو. ڌرم شالا ۾ ڪيترائي هوٽل جيان Attach Bath سان ڪمرا آهن ۽ وڏو بورچي خانو پڻ آهي. اڄ صبح جو سوير اٿي واڪ ڪري گيٽ وٽ پهتس ته دودو به ڪو واڪ ڪري آيو هو. اسان ٻئي اتي بيهي چانهه واري کان چانهه وٺي پيئڻ لڳاسين.
پيٽارو جي تعليم يافته دودي اوڏ تعليم حاصل ڪرڻ جي Struggle بابت ٻڌايو ته هن جو والد چتون مل امير گهر ته ٺهيو پر مڊل ڪلاس جو امير به نه هو. ”سچ ته اهو هو ته هو اسان جي اباڻي اوڏڪي ڌنڌي سان وابسته هو. بابا ويچار ڪيو ته ڇو نه منهنجا ٻار به تعليم حاصل ڪن. ان جي لاءِ Motivation جو مثال نولراءِ جو پيءُ نارائڻ داس صاحب هو. جڏهن هو اوڏ ٿي پڙهي سگهي ٿو ته ڇو نه منهنجا ٻار به! ۽ تعليم حاصل ڪرڻ سان ماڻهوءَ جو مان مرتبو ئي بدلجيو وڃي.“
دودي وڌيڪ ٻڌايو ته پوءِ ان سوچ کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ منهنجي پيءُ کي ڪجهه ڪرڻو ئي پيو. ”اهم ڳالهه پئسو هو. هن ڏهاڙي جيڪو محنت مزوري مان ڪمايو ٿي ان مان ته اسان جي ڳوٺ جي اسڪول جي جهڙي تهڙي في ۽ ڪتاب به مشڪل سان ٿيا ٿي. وڌيڪ سٺي پڙهائيءَ لاءِ ته ڪوبه پئسو نه ڏيندو. بابا مون کي ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ پڙهائڻ چاهيو ٿي، جتان نارائڻ داس صاحب جا پٽ ارجن داس، نولراءِ، رامچند وغيره توهان سان گڏ پڙهي نڪتا هئا. هن امان کان سڀ ڳهه ڳٺا ورتا ۽ ٻيو ڪجهه سامان جيڪو گهر ۾ هو ۽ وڪامي سگهيو ٿي اهو وڪڻي وٺي ٺيڪيداري شروع ڪئي. پوءِ ان ۾ قدرت فائدو وجهي ڏنو جيتوڻيڪ هڪ ٻه اهڙو جهٽڪو به آيو جنهن ۾ اسان زيرو جي ويجهو وڃي پهتاسين پر هو هر صورت ۾ منهنجي پڙهائي جو بندوبست ڪندو رهيو توڙي سڄي گهر کي ويلا ڪاٽڻا پيا ٿي.“
”مون کي تعليم ڏيارڻ ۾ هڪ ٻيو به اهم پهلو هو. اسان اوڏن جون شاديون اوڏن ۾ ئي ٿين ٿيون ۽ اهي به پنهنجن ۾ نه پر ڌارين ۾. ان ڪري ڇوڪرين جي رشتي لاءِ ڪافي پرابلم رهي ٿو ته سٺا ۽ پڙهيل ڇوڪرا ڪٿان آڻجن. جيئن اڄ منهنجي ڌيءَ ڪرن پڙهي ڊاڪٽر ته ٿي وئي آهي پر ظاهر آهي هڪ Suitable ۽ Compatable رشتو ڪيئن ۽ ڪٿي ڳولجي جو اسان اوڏن ۾ ايترا تعليم يافته ۽ نوڪرين وارا نه آهن.“
”پروفيسر بسنت يا ادا گلاب راءِ ۽ حشمت راءِ جا جو پٽ آهن.“ مون چيو.
”نه، اهي منهنجي ٻارن جا سؤٽ ماسات يا پڦاٽ ماروت ئي ته ٿيا. پروفيسر بسنت جي زال ميران ۽ منهنجي زال شانتا ڀيڻون ٿيون. حشمت ۽ گلاب راءِ وارا ان جا ڀائر ٿيا ۽ سري چند ۽ لڇمڻ جون زالون، جهمي ۽ ريکا منهنجون ڀيڻو ٿيون ۽ اسان پنهنجن ۾ شادي نه ڪندا آهيون. سو اهو ساڳيو مسئلو اسان جي سهري نارائڻ داس کي درپيش هو. هن پنهنجون ڌيئرون اوڏن کي ئي ڏيڻ چاهيون ٿي پر سندس گهر کان سواءِ اوڏن ۾ ڪوبه پڙهيل نه هو. اسين ننڍا هئاسين ته هو هڪ ڏينهن منهنجي پيءُ وٽ آيو. انهن ڏينهن ۾ نارائڻ داس ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ هو ۽ اسان جو پيءُ چتون مل هڪ عام اوڏ مزور. هن بابا کي چيو ته تنهنجا ٻار مون کي فضيلت وارا لڳن ٿا، آئون تنهنجن ٻن پٽن دودي ۽ مور کي پنهنجون ڌيئرون ڏيڻ چاهيان ٿو ۽ پنهنجن ٻن پٽن لاءِ تنهنجيون ڌيئرون وٺڻ به چاهيان ٿو.
ان ڳالهه کان پوءِ ته منهنجي پيءُ کي ويتر هورا کورا ٿي پئي ته ٻارن کي ضرور پڙهائڻ کپي.
”توهان پيٽارو ڪڏهن آيائو؟“ مون دودي کان پڇيو.
”منهنجو ڪٽ نمبر 7035 هو يعني مون ڪيڊٽ ڪاليج 1970ع ۾ Join ڪيو ۽ 1975ع ۾ نڪتس. اڄڪلهه جو چيف منسٽر ڊاڪٽر ارباب رحيم اسان جو ڪلاس ميٽ هو، سندس ڪٽ نمبر 7199 هو.“
”پيٽارو کان پوءِ ڇا پڙهايئو؟“ مون دودي اوڏ کان پڇيو.
”ڀائيجان پيٽارو کان پوءِ مون کي ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ملي وئي پر منهنجي پيءُ وٽ ايڏو پئسو نه هو جو مون کي به پڙهائي ۽ منهنجي ڀائرن کي به جيڪي پڻ هاڻ اسڪولن جي پڙهائي ختم ڪري ڪاليج ليول تائين پهچي چڪا هئا ۽ اسڪولن جون فيون ۽ ڪتابن وغيره تي گهڻو خرچ ٿي آيو. نتيجي ۾ مون ميڊيڪل تان هٿ کڻي ڳوٺ ۾ رهي آرٽس ۾ گريجوئيشن ڪئي، ان بعد نوڪريءَ لاءِ ڏاڍو واجهايم پر نه ملي. جتي وڃان اتان جواب ملي. هڪ ڏينهن ته بيزار ٿي تن ڏينهن جي ملڪ جي حاڪم ۽ والي وارث ضياءُالحق کي به خط لکيم ته ”آخر اسان اقليت وارا وڃون سو وڃون ڪڏانهن.“ ۽ نه فقط خط لکيو پر جنرل ضياء کي پوسٽ به ڪري ڇڏيم. اهو خط هن تائين نه فقط پهچي ويو پر هن پڙهي مون کي جواب به لکيو، جنهن جي ڪاپي مون وٽ اڄ به موجود آهي. هن مون کي پوليس جي IG سان ملڻ لاءِ چيو. ڪجهه ڏينهن سوچڻ بعد، هن سان ملڻ ويس. جنهن انٽريو ورتو ۽ آئون موٽي ڳوٺ اچي پنهنجي پيءُ سان ٺيڪيداري جي ڪمن ۾ ٻانهن ٻيلي ٿيس. پوءِ ڪجهه مهينن بعد مون کي پوليس ۾ ASI جي پوسٽ جي نوڪري جو خط مليو پر ان کان اڳ آئون ڳوٺ جي بئنڪ ۾ ڪلارڪ ٿي چڪو هوس ۽ مون پوليس ۾ وڃڻ بدران ان پهرين مليل نوڪريءَ سان ئي نڀائڻ بهتر سمجهيو. پوءِ ڀائيجان وڌيڪ پڙهندو رهيس ته وقت سان گڏ پروموشن به ملندا رهيا، تان جو وڃي مئنيجر ٿيس.“
”بيحد خوشيءَ جي ڳالهه چئبي.“ مون دودي کي داد ڏيندي چيو. ”ها پر مون لاءِ صحيح خوشي تڏهن ٿيندي جڏهن منهنجو اولاد مون کان وڌيڪ تعليم حاصل ڪندو. آئون ته ڊاڪٽر ٿي نه سگهيس پر منهنجا ٻار ته گهٽ ۾ گهٽ MBBS ڪن. مون پنهنجو وقت ۽ پئسو ٻارن جي تعليم ۾ استعمال ڪيو اڄ منهنجي وڏي ڌيءَ ڪرن MBBS ڊگري حاصل ڪرڻ سان گڏ سٺي ڊاڪٽر پڻ آهي. هوءَ ڪراچيءَ جي ضياءُالدين اسپتال ۾ جاب ٿي ڪري. ٻي ڌيءَ پونم سول انجنيئر آهي ۽ باقي ٽن ٻارن، سريندر، سنتوش ۽ ونود پڻ BE ڪئي آهي ۽ انجنيئر آهن.
ايتري ۾ هتي جي هڪ آٽو رڪشا اچي لنگهي جنهن جو دودو انتظار ڪري رهيو هو جو هن کي پنهنجي ڀيڻوئي ڊاڪٽر لڇمڻ جي آڌرڀاءُ لاءِ ايئرپورٽ وڃڻو. ڊاڪٽر لڇمڻ اوڏ ڪئناڊا جو شهري آهي. هو ڪئناڊا کان سڌو دهلي اچڻ بدران ڪراچي ۾ مائٽن سان ملندو هاڻ دهلي اچي رهيو هو. آٽو رڪشا هندستان جي عام توڙي خاص ماڻهن جي دلپسند سواري آهي جيڪا اسان جي رڪشا کان ڪجهه وڏي آهي ۽ منجهس چار سنها ماڻهو آرام سان وهيو وڃن. آٽو رڪشا واري ٻڌايو ته اڄ آٽو رڪشا وارن جي اسٽرائيڪ آهي، ان ڪري ڪابه نظر نه پئي اچي، آئون به واپس گهر پيو وڃان.
آٽو رڪشائن جي اسٽرائيڪ جو ٻڌي افسوس ٿيو جو مون به اڄ تاج محل ڏسڻ لاءِ آگري وڃڻ جو پروگرام ڪينسل ڪري هتي دهليءَ ۾ ئي قطب مينار ۽ انڊيا گيٽ ڏسڻ جو سوچيو هو. دودي کي چيم ته يار ڏاڍي ٿي. نڀاڳي مڱڻهار کي گهور مهل ٽورو لڳي... سو هتي انڊيا ۾ هونءَ ته هڙتالون عام نه آهن پر هنن به اڄ آهي ڪئي، هاڻ ٽيڪسي جو ڀاڙو ڀرڻو پئجي ويو يا ٻي بس آهي جنهن ۾ زالون ۽ ڇوڪريون به پيون سفر ڪن اسان ته وري به مرد آهيون.
No comments:
Post a Comment