دهليءَ جي گهٽين ۾
الطاف شيخ
ٻه ٽي ڏينهن پنهنجي گروپ سان دهليءَ کان ٻاهر گهمڻ بعد ڪالهه وري واندڪائي ملي ۽ مون دهليءَ جو هي تاريخي شهر گهمڻ چاهيو ٿي جيڪو مغل شهنشاهه بابر جهڙي کي پسند نٿي آيو. هو اتر کان ٿڌن ملڪن کان آيو هو تڏهن ته هن پنهنجي يادگيرين جي ڪتاب ۾ لکيو آهي...
”هن کي (دهلي جي رهاڪن کي) نه گهوڙا آهن نه سٺو گوشت، نه انگور آهن، نه خوشبودار گدرا، نه سٺو ميوو آهي ۽ نه برف يا ٿڌو پاڻي، هنن جي بازارين ۾ نه سٺو کاڌو آهي ۽ نه نان، نه غسل خانا آهن نه ڪاليج، نه ڏيا، شمعدان يا ميڻ بتيون.“
بابر جون لکيل ڪي ڪي ڳالهيون به عجيب آهن پر سائين بادشاهه جو ٿيو ۽ سو به هندستان جهڙي عظيم ملڪ جو. بهرحال دهلي يا هندستان جي ٻين شهرن جي افسوس ناڪ حالت کي هو اتر کان ڪهي سڌارڻ لاءِ آيو هو، پر ڇا هن اهو سڌارو عوام جي ڀلي لاءِ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي يا پنهنجي عياشيءَ لاءِ. بابر هندستان تي 1527ع کان 1530ع تائين ٽي چار سال حڪومت مس ڪئي ان بعد سندس اولاد حڪومت ڪندو رهيو.
گذريل هفتي جنهن آٽو رڪشا واري سان دهليءَ جو چڪر هنيو هوم تنهن همايون جي مقبري تي پنهنجي معلومات مطابق مون کي چيو هو.
”سائين مغل گهراڻي جو هي ٻيو شهنشاهه ڏاڍو Unfortunate ماڻهو هو، هو ٻن مشهور شخصيتن پيءُ بابر ۽ پٽ اڪبر جي وچ ۾ ڦاسي پيو.“
منهنجي خيال ۾ مئٽرڪ پاس ۽ گهڻي ڳالهائڻ جي عادت وارو اهو آٽو رڪشا وارو جنهن پاڻ کي ڊرائيور گهٽ پر گائيڊ گهڻو ٿي سمجهيو اهو ڪنهن حد تائين صحيح به هو. مئٽرڪ تائين جيڪي انگريزن جا تاريخ جا لکيل درسي ڪتاب اسان جي مسلمانن طرفان ترجمو ٿيل پڙهياسين يا ڊگهن سامونڊي سفرن جو وقت کٽائڻ لاءِ جيڪي تواريخ جا ڪتاب جهاز تي پڙهڻ لاءِ مهيا ٿي سگهيا انهن مان اهوئي لڳي ٿو ته هي آٽو رڪشا ڊرائيور ونود ڪافي حد تائين صحيح ٿو چوي. همايون جيتوڻيڪ ذهين حاڪم هو پر ساڳي وقت Unbalanced به چئي سگهجي ٿو، هن جتي شهر ٺاهيا اتي هن انهن جي تباهي به آندي، بابر جي هٿ ڪيل حڪومت جيڪا هن کي ورثي ۾ ملي ائين ئي وائڙن وانگر وڃائي ڇڏي ۽ دربدر ڌڪا کائڻ لڳو ۽ پوءِ آخرڪار هن کي اها وري واپس ملي وئي ته سندس حياتيءَ وفا نه ڪئي ۽ ڇهن مهينن بعد گذاري ويو. مغلن جي عمارت سازيءَ ۾ وڏي هاڪ آهي پر همايون توڙي سندس پيءُ جي هند سنڌ ۾ ڪا اهڙي ٺهرايل عمارت ناهي جنهن جا گڻ ڳائي سگهجن. دهليءَ ۾ همايون جو مقبرو ڏسڻ وٽان آهي ۽ مٿرا روڊ تان ايندي ويندي سندس ياد ٿو ڏياري پر ان جو ڪريڊٽ همايونءَ کي ته نٿو ڏئي سگهجي. اهو ته هن جي مرڻ بعد پوين ٺهرايو. باءِ دي وي مغلن جي ٺهرايل عمارتن ۾ همايون جو مقبرو پهرين شيءِ آهي. ٻيون عمارتون، مقبرا، درگاهون يا تاج محل سڀ پوءِ ٺهيا. همايون جو هي مقبرو وڏين ڪمانن (Arches) ۽ ٻٽي گبنڊ وارو 1565ع ڌاري سندس زال حاجي بيگم ٺهرايو ۽ Architect جي حساب سان ڪن ڳالهين ۾ تاج محل کان پوءِ ٻئي نمبر تي آهي. مٿرا روڊ تان لنگهندي ۽ هن مقبري وٽان ڦري لوڌي روڊ تي مڙڻ وقت ڪڏهن ڪڏهن ماضيءَ جي دنيا ۾ هليو ويندو آهيان ته اڄ کان ساڍيون چار صديون اڳ هتي مرحوم همايون جي بيوهه زال پنهنجي مڙس جي ياد ۾ ٺهرايل هن مقبري کي ڏسڻ لاءِ اچي بيهندي هوندي. تاج محل ته اڃا ٺهيو نه هو ۽ نه وري ڪا ٻي اهڙي اهم عمارت مغلن طرفان ٺهي هئي. هي هڪ اهڙو شاندار Monument ٺهي رهيو هو جنهن جي هو سنڌ ۾ وڏي هاڪ هلي رهي هوندي ۽ سالن تائين هلي هوندي ۽ پوءِ بعد ۾ ٻين عمارتن، باغ باغيچن ۽ خاص ڪري تاج محل ٺهڻ ڪري ماڻهن جو ڌيان هٽي ويو هوندو نه ته اڄ ڏينهن تائين حاجي بيگم جي تعريف پئي هلي ها ته زال ته همايون شهنشاهه جي چئجي جنهن پنهنجي مڙس مٿان بهترين مقبرو ٺهرايو جنهن تي هيترو خرچ ۽ هيترا سال لڳي ويا. ساڳي طرح هن وقت اهو سوچي افسوس ٿو ٿئي ته هي ئي مغلن جو مقبرو هو جنهن اندر لڪل مغل گهراڻي جي آخري شهنشاهه بهادر شاهه کي 1857ع واري بلوي ۾ انگريزن هن مقبري ۾ پڪڙي ورتو ۽ مغل بادشاهت جيڪا هندستان ۾ 330 کن سال قائم رهي ان جي The End ٿي وئي. بهادر شاهه کي ملڪ بدر ڪري رنگو (هاڻوڪو ينگون) موڪليو ويو ۽ سندس اولاد کي ماري ختم ڪيو ويو.
بهرحال دهليءَ جهڙي تاريخي شهر ۾ نه فقط مون جهڙو پر ٻيا به ڪيترائي ٽوئرسٽ ماضيءَ جي يادين ۾ هليا ويندا هوندا ۽ اها تاريخ ماضي ئي آهي جيڪو دهليءَ کي ڏسڻ وٽان ۽ خوبصورت بنائي ٿو ۽ انسان ان گذري ويل وقت ۾ ايڏو گم ٿيو وڃي جو هن کي حال جي مٽي، ڌوڙ، مکين، مڇرن، ٽرئفڪ جي دونهين ۽ ماڻهن جي پيهه پيهان جو ذرو به احسان نٿو ٿئي. مون دهلي شهر جو وري چڪر هڻڻ چاهيو ٿي. رهجي ويل شيون ڏسڻ چاهيون ٿي، پراڻي رڪشا ڊرائيور ونود ڪمار جو موبائيل نمبر هوم پر پوءِ تيار ٿيڻ بعد رستي تي نئين رڪشا ئي ترسائڻ بهتر سمجهيم جو مون کي هاڻ ڀاڙي جي Idea ته ٿي وئي هئي. جيڪڏهن ڪو آٽو رڪشا وارو مون کي نئون سمجهي ٽيهه چاليهه روپيا وڌيڪ ٿو وٺي ته اهو هن جو حق آهي جو آئون به رستي تي ڪيترائي دفعا رڪشا کي بيهاري فوٽو ڪڍان ٿو جنهن ۾ هن جو ڪافي وقت ضايع ٿئي ٿو. پر يارو هڪ ڳالهه حق جي ڪبي ته دهليءَ جا، بلڪه هيستائين انڊيا جي جن به شهرن مان ٿي آيو آهيان، ان مان اهوئي لڳي ٿو ته سڄي انڊيا جا ڊرائيور ٻين ملڪن جي ڊرائيورن کان سٺا آهن. پوءِ هو چاهي بسين جا هجن، ٽئڪسين جا، آٽو رڪشائن يا رڪشائن جا. ڀاڙو به يورپ، ملائيشيا، جاپان جهڙن ملڪن کان ته گهٽ آهي پر پاڪستان کان گهٽ آهي. رستن تي امن امان آهي هر ڪو فضيلت سان گاڏي هلائي ٿو ۽ هر ڊرائيور پوليس کان ڊڄي ٿو، هر ڊرائيور چاهي ٿو ته سوار خوش رهي ۽ سندس شڪايت نه ٿئي.
رستي تان لنگهندڙ هڪ آٽو رڪشا واري کي بيهاريم.
”ميٽر تي هلندين يا اُڪو؟“ مون پڇيومانس.
”توهان جي مرضي.“ ڊرائيور چيو.
”مون کي هتان چئن پنجن جاين تي وٺي هل ۽ وري واپس هتي اچي ڇڏ، گهڻو وٺندين.“
”ڪٿي ڪٿي هلندائو؟“
”جاميا ملي اسلاميه يونيورستي، جمنا ندي جو ڪنارو، حضرت نظام الدين اولياء جي درگاهه، جامع مسجد ۽ لال قلعو، رستي تي فوٽو به ڪڍڻا اٿم.“
”سائين جامع مسجد ۽ لال قلعو ته هتان کان چڱو پري آهي، پهچڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ ۾ توهان کي وقت لڳندو.“
”چڱو ڳالهه ٻڌ هن وقت صبح جا نو کن ٿيا آهن تون چار ڪلاڪ کن مون سان گڏ هجڻ جا گهڻا وٺندي، يعني هڪ بجي هتي اچي لاهجانءِ.“ مون پڇيو مانس. هن ٿوري دير سوچي اڍائي سؤ چيا ۽ مون هائوڪار ڪئي ته ڪلاڪ اڌ وڌيڪ لڳو ته ٻه سؤ روپيا کن وڌيڪ ڏيڻ به سستو ڪم آهي. جنهن ڏينهن کان آيو هوس ته اهو سچي رهيو هوس ته جمنا ندي جيڪا دهليءَ مان لنگهي ٿي اڃا نظر نه پئي اچي. نيٺ ڪالهه رات نماز تي گوبندا پوري واري مسجد جي قاريءَ کان پڇيم ته جمنا ندي ڪٿان وهي ٿي.
”سائين هتان ويجهو ته آهي. ٻه اڍائي ميل هن پاسي ويندائو ته جمنا ندي آهي. هونءَ به توهان جاميا ملي اسلاميا يونيورسٽي وڃو پيا ته ڀرسان ئي توهان جمنا ندي ملندي. جاميا يونيورسٽيءَ جي ڀرسان نگر ۽ ان سان گڏ ابوالفضل ڪالون بلڪل جمنا نديءَ جي ڪناري تي آهن. جاميا نگر جي ٻئي پاسي غفار نگر ۽ ذاڪر نگر آهن. انهن سڀني جي سامهون يعني جمنا ندي جي ٻئي ڪناري تي نوئيندا جو نئون ۽ ماڊرن شهر ٺاهيو ويو آهي جنهن کي جمنا نديءَ مٿان ٺهيل پل نوئيندا پرج دهليءَ جي اندرين Ring Road سان ملائي ٿي. نوئيدا ۽ گرگائون شهر بلڪل نوان ۽ دنيا جي ماڊرن شهرن وانگر اڏيا ويا آهن جيئن اسان وٽ اسلام آباد آهي پر اسلام آباد کي ٺهي وڏو عرصو ٿي ويو آهي، هي هاڻ ڪجهه سال اڳ ٺهيا آهن، سو هنن ۾ هر ڳالهه ۽ سهولت جو وڏو خيال رکيو ويو آهي. دهلي شهر جا امير ماڻهو نوئيندا ۽ گرگائون وڃي رهيا آهن جيڪي شهر هنن لاءِ يورپ جي شهرن کان گهٽ ناهن. ساڳي وقت دهليءَ کي وڌيڪ Congested ٿيڻ کان بچايو ويو آهي.
دهلي شهر وٽان لنگهندڙ هن ندي جمنا تي مٿين نوئيدا پل کان علاوه ٻيون به ڪيتريون ئي پليون آهن جيئن ته وزيرآباد پل جيڪا دهليءَ جي اتراهين حصي کي جمناجي ٻئي پاسي ٺهيل وزيرآباد روڊ سان ملائي ٿي جيڪو رستو اترپرديش جي شهر غازي آباد تائين هليو وڃي. دنيا جي مشهور ۽ پراڻي رستي گرانڊ ٽرند روڊ کي (جيڪو لاهور کان ڪلڪتي تائين هليو وڃي ٿو) جمنا نديءَ تان ISBT پل ملائي ٿي. هن پل جي ڀرسان ئي دهليءَ جي ميٽرو ريل جمنا ندي ڪراس ڪري ٿي. ان کان علاوه جمنا نديءَ مٿان وڪاس مارگ ۽ نظام الدين (اولياء) جي نالن سان ٻه پليون آهن.
هتي ٻه اکر جمنا (Yamuna) نديءَ بابت لکڻ بي محل نه ٿيندو جنهن نديءَ جو نالو اسان ننڍي هوندي کان جاگرافي تاريخ جي ڪتابن ۾ پڙهون ٿا، ٻيو نه ته ڪيترين ڇوڪرين جا اهي نالا ٻڌا هونداسين جيڪي هندستان جي ٻن اهم ندين جمنا ۽ گنگا جا نالا آهن جيئن اسان وٽ سنڌ ۾ سنڌو آهي. ٻيو نه ته انهن ندين جا نالا انڊين فلمن ۾ ضرور ٻڌا هونداسين جن جو سنگم الهه آباد وٽ ٿئي ٿو ۽ جتي هندن جو وڏو ميلو کنڀ ميلو پڻ لڳي ٿو.
جمنا ندي چوڏهن سؤ کن ڪلو ميٽر (860 کن ميل) ڊگهي ندي آهي، جيڪا اتر ۾ هماليه جبلن تان شروع ٿي هن شهر دهلي ۽ آگري وٽان ٿي الهه آباد ۾ گنگا نديءَ سان وڃيو ملي. گنگا وانگر هن نديءَ جي ڪپر تي به ڪيترائي مندر، مقبرا ۽ تاريخي شيون آهن جن مان تاج محل پڻ هڪ آهي. دهلي شهر مان وهندڙ اها ندي جنهن جو پاڻي ڪجهه ڪلاڪن بعد تاج محل وتان پيو لنگهي ان کي نه ڏسڻ بدسوڻي آهي. ان ڪري رڪشا وارو پهرين مون کي جمنا نديءَ جي ڪناري تي وٺي آيو جيئن آئون ڪجهه فوٽو ڪڍي سگهان، ڀر ۾ غفار ڪالوني ڇا اسان جي بزرگ سياستدان (ولي خان والد صاحب) نالي تي ته نه آهي؟ اڃا تائين ڪنهن کان پڇڻ جو موقعو نه مليو اٿم پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته انڊيا جو عوام توڙي حڪومت اسان جي غفار خان صاحب کي وڏي عزت جي نگاهه سان ڏسن ٿا ۽ کيس سرحدي گانڌي سڏين ٿا. مين روڊ تي لڳل ”غفار منزل ڪالوني“ جي بورڊ اڳيان بيهي فوٽو ڪڍايان ٿو. ان مين روڊ جو نالو محمد علي جوهر مارگ آهي، هر ملڪ ۾ روڊن جا انگريزي ۽ مڪاني ٻولين جا نالا ٿين ٿا جيئن اسان وٽ روڊ ۽ اسٽريٽ کان علاوه رستن لاءِ شاهراهه ۽ ڊفينس سوسائٽي جهڙن علائقن ۾ ته لين، بليوارڊ ۽ خيابان به استعال ٿئي ٿو، ملائيشيا ۽ ڀر وارن ملڪن ۾ ”جالان“ لفط استعمال ٿئي ٿو جيڪو ملئي لفظ آهي جنهن جي معنيٰ رستو آهي. تيئن هتي انڊيا جي شهرن ۾ وڏي ۽ ويڪري رستي کي مارگ چون ٿا، جيڪو شايد هندي، سنسڪرت يا ڪنهن ٻي زبان جو لفظ هجي. سو هن روڊ جو نالو جنهن تي جاميا مليه يونيورسٽي آهي محمد علي جوهر مارگ آهي، جيڪو مولانا محمد علي جوهر نالي آهي.
آٽو رڪشا وارو روڊ تا ڦري ٻئي پاسي جاميا جي گيٽ وٽ اچي ٿو، سامهون مرزا غالب جي ڏه فوٽ کن ڊگهي اسٽيچيوجي چوڌاري ڪيترائي شاگرد ۽ شاگردياڻيون ڦري رهيون آهن، آئون ساڻن خبرچار ڪريان ٿو، هتي اچڻ کان اڳ مون سمجهيو ته هن يونيورسٽيءَ ۾ فقط مسلمان پڙهن ٿا پر سامهون ايندڙ پهرين ٽن ڇوڪرين کان معلوم ٿيو ته هنن ۾ ٻه هندو آهن ۽ هڪ سک آهي.
”انڊيا جو هي بهترين تعليمي ادارو آهي، جيڪو جيتوڻيڪ مسلمانن جي ڪوشش سان ٺهيو پر ملڪ جو هر شاگرد هندو توڙي عيسائي هن اداري مان تعليم حاصل ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪري ٿو.“ هي ڇوڪريون ٻڌائين ٿيون.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن تعليمي اداري جن حالتن ۾ جنم ورتو ۽ Survive ڪيو اها هڪ قابل داد ڳالهه آهي. هڪ ننڍي اسڪول مان ترقي ڪري هڪ اهڙي وڏي يونيورسٽي ٿيڻ جنهن تي هندستان کي ته ڇا دنيا جي سڀني مسلمانن کي فخر آهي. بقول سروجني نائيدو جي جيڪا هندستان جي بلبل سڏجي ٿي:
Jamia Millia is a saga of dedication, conviction and vision of people who worked against all odds and saw it growing step by step. Thy built up the jamia Millia stone by stone and sacrifice by sacrifice.
هي تعليم ادارو جاميه اسلاميه پهرين هڪ ننڍڙي اسڪول جي صورت ۾ علي ڳڙهه (اتر پرديش) ۾ 1920ع م، ٺهيو. ڪرچمند گانڌيءَ جي Quit India تحريڪ جنهن ۾ هن انگريزن کي انڊيا ڇڏڻ ۽ انڊيا جي ماڻهن کي انگريزن جي هر شيءِ کان بائيڪاٽ ڪرڻ جي سڏ تي علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽي جي ڪجهه ٽيچرن ۽ شاگردن علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽيءَ ۾ انگريزي نموني جي هلندڙ تعليم بدران پنهنجي نموني جو تعلمي ادارو کولڻ جو ارادو ڪيو. انهن ۾ چند ماڻهو هي هئا جيڪي اڳيان هلي ننڍي کند جون اهم شخصيتون ثابت ٿيون:
مولانا محمود حسن، مولا محمد علي، حڪيم اجمن خان، ڊاڪٽر مختيار احمد انصاري، عبدالحميد خواجه وغيره وغيره.
هن تعليمي اداري کولڻ ۾ گانڌيءَ به مسلمانن جي وڏي مدد ڪئي ۽ هڪ فائونڊيشن ڪميٽي 29 آڪٽوبر 1920ع ۾ ٺاهي وئي جنهن ۾ مٿين شخصيتن کان علاوه يوپي جا مولانا سليمان ندوي، مولانا شبير احمد عثماني، مولانا حسين احمد مدني ۽ چوڌري خليق زمان (جنهن جي نالي تي ڪراچيءَ ۾ تين تلوارن وٽ روڊ به آهي) پنجاب جو ڊاڪٽر سيف الدين ڪچليو ۽ ڊاڪٽر اقبال شاعر، بهار صوبي کان مولانا ابوالڪلام آزاد ۽ سنڌ بمبئي پاسي کان سيٺ عبدالله هارون (ڊان اخبار وارو) مولانا عبدالحق (باباءِ اردو) سيٺ ميان محمد حاجي جام ڇوٽاڻي وارا ۽ ٻيا چونڊيا ويا ۽ ان ئي ڏينهن جاميه مليه اسلاميه جي پيڙهه جو پٿر مولانا محمود حسن رکيو. مهيني کن بعد جاميه جي لاءِ پهريون چانسلر حڪيم اجمل کي چونڊيون ويو. وائيس چانسلر جي پوسٽ گانڌي صاحب ڊاڪٽر علامه اقبال صاحب کي آفر ڪئي پر هن جي قبول نه ڪرڻ تي مولانا محمد علي جوهر کي ڏني وئي.
سال ٻن بعد انگريز حڪومت هندستان جي مسلمانن توڙي هندن تي سختيون شروع ڪري ڏنيو، ڪيترن نيشنلسٽ قسم جي شاگردن ۽ استادن کي جيل ۾ وڌو ويو. نيٺ 1925ع ۾ جاميه کي لکنؤ مان شفٽ ڪري دهليءَ جي ڪارول باغ علائقي ۾ آندو ويو. گانڌي هر وقت هن تعليمي اداري جو مورال مٿانهون ڪندو رهيو، هڪ هنڌ ته هن ايتري قدر چيو ته:
The jamia has to run. If you are worried about its finances, I will go about with a begging bowl.
حڪيم اجميل خان لاءِ چون ٿا ته هو ان مشڪل وقت ۾ پنهنجي کيسي مان جاميه جي خرچ جو وڏو حصو ڏيندو رهيو ۽ ڊاڪٽر ذاڪر حسين، ڊاڪٽر عابد حسين ۽ ڊاڪٽر محمد مجيب جهڙن پروفيسرن جن جرمني مان پي ايچ ڊي ڪئي هئي ۽ اتي ئي نوڪريءَ ۾ هئا، جرمني ڇڏي تقريبا مفت ۾ اچي جاميه ۾ نوڪري ڪئي. انهن نه فقط صبح جو پر شام جو به پڙهائڻ شروع ڪيو. شام جو هنن تعليم بالغان شروع ڪئي جيڪا اڳتي هلي 1938ع ۾ ”اداره تعليم وترقي“ جي نالي سان مشهور ٿيو.
ڊاڪٽر ذاڪر حسين جي خدمتن جي اعتراف ۾ ته ويندي گانڌيءَ هڪ هنڌ چيو:
The goodness of a good man is itself his true jubilee. Dr. Zakir Husain‘s great work itsef is his true greatness.
مهاتما گانڌيءَ جو اهو قول جاميه جي هڪ در وٽ وڏي پٿر تي اڪريل نظر اچي ٿو. ڊاڪٽر ذاڪر حسين نالي جاميه ۾ يادگار ميوزيم به آهي. 1928ع ۾ حڪيم اجمل خان جي وفات بعد جمايه جو ٻي نمبر تي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ذاڪر حسين ٿيو. جاميه کي هر وقت پئسي ڏوڪڙ جي کوٽ رهي ٿي ۽ شاگردن کي اهوئي خدشو رهيو ٿي ته بنا پگهار يا گهٽ پگهار تي ڪم ڪندڙ ٽيچر اڄ آهن پر سڀاڻي به رهندا يا نه. ان وڳوڙ مان ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ ڊاڪٽر ذاڪر پاڻ سان گڏ هڪ ٽيچرن جوگروپ ٺاهيو ۽ سڀني اهو واعدو ڪيو ۽ قسم کنيو ته اسان ايندڙ ويهه سالن تائين جاميه جي خدمت ڪندا رهنداسين ۽ ان جو اجورو مهيني ۾ فقط ڏيڍ سؤ روپيا وٺنداسين. ان گروپ جي ٽيچرن کي جامعيه جو لائيف ميمبر سڏيو ويو جن مان ڪجهه جا نالا هن ريت آهن:
حافظ فياض احمد، جنا شفيق الرهمان ڪدوائي، مولانا محمد اسلم جيرا جپوري، پروفيسر مجبي، خواجه عبدالحئي وغيره.
1935ع ۾ دهلي جي اوکلا علائقي ۾ هڪ اسڪول جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو. انهن ڏينهن ۾ اوکلا هڪ گمنام ڳوٺ هو جنهن جو نقشي ۾ به نالو نه هو. 1936ع ۾ جاميه جا سڀ ڊپارٽمينٽ ڪارول باغ کان اوڏانهن شفٽ ڪيا ويا.
1939ع ۾ ڊاڪٽر ذاڪر حسين جي دعوت تي سنڌ کان مولانا عبيدالله سنڌي (ڄم جي تاريخ 1872ع، وفات 1944) جاميه ۾ اچي رهيو. هن جاميه ۾ بيت الحڪمہ نالي اسلامڪ اسٽڊيز جو اسڪول کوليو جتي هن شاهه ولي اللہ جي آئيڊلاجي جو سبق ڏنو.
جاميه جي لئبريري هال ۾ هن جاميه جي سلور جوبلي جي هڪ تصوير لڳل آهي جيڪا 1946ع ۾ ٿي هئي. ان ۾ جاميه جو وائيس چانسلر ذاڪر حسين وچ ۾ بيٺو آهي. سندس هڪ پاسي محمد علي جناح ۽ لياقت علي خان آهن ته ٻئي پاسي پنڊٽ جواهر لعل نهرو، آصف علي ۽ سر راجا گولا پاچاري بيٺل آحن، هندستان جي آزاديءَ بعد ڊاڪٽر ذاڪر حسين انڊيا جو پريزيڊنٽ ٿيو ۽ پوءِ جاميه جي چانسر عبدالمجيد خواجه جي وفات بعد، 1963ع ۾ ڊاڪٽر ذاڪر حسين هن يونيورسٽي (جاميه مليه) جو چانسلر به ٿيو ۽ ان ئي سال جاميه کي يونويرسٽي گرانٽس ڪميشن طرفان يونيورسٽي جو درجو حاصل ٿيو.
جاميه ۾ اچڻ وقت رستي تي ڪيترن هنڌن تي ملائيشا جي پرائيم منسٽر احمد بداوي جا پوسٽر ڏٺم جيڪي هن يونيورسٽيءَ ۾ اچڻ ۽ آنرري ڊاڪٽوريٽ ڊگري وٺڻ کان اڳ جا لڳل هئا، يونيورسٽي پهچڻ کان اڳ اهي پوسٽر ڏسي مون اهوئي سوچيو ته ملائيشيا جي وزيراعظم جي اچڻ ڪري هن يونيورسٽي (جاميه مليه اسلاميه) جي وڏي لئه ٿي وئي هوندي پر پوءِ جڏهن هن يونيورسٽي جي اڌ ميل کن ۾ ڊگهي عمارت، انجنيئرنگ، سائنس کان آرٽس جا انيڪ ڊپارٽمينٽ، ڊسپلينڊ شاگرد ۽ اعليٰ تعليم جا ماهر پروفيسر ڏٺم ته پوءِ اهو سوچيم ته ملائيشيا جي وزيراعظم بداويءَ جي هتي اچڻ ڪري هن يونيورسٽي جي نه پر بي اي پاس بداويءَ جي وڏي لئه ٿي وئي هوندي. 1986ع جڏهن هو وزير ٿيو هو ته مون هن کي پنهنجي مئرين انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ملاڪا ۾ چيف گيسٽ ڪري گهرايو هو ته جيئن اسان جي اڪيڊمي جي لئه ويهي ۽ هو اسان جي اڪيڊمي جيڪا هن يونيورسٽي جي مقابلي ۾سمجهيو ته پوسٽ ڪارڊ تي ٽڪلي هئي، مان بيحد متاثر ٿيو هو، اڄ هو ملائيشيا جو وزيراعظم آهي.
يونيورسٽي جي هڪ پروفيسر جن اهم ماڻهن جا نالا ٻڌايا جيڪي هتان گهمي ويا آهن انهن مان ڪجهه هي آهن: يوگوسلاويه جو ليڊر مارشل ٽيٽو، افغانستان جو بادشاهه ظاهر شاهه، سعودي عرب جو شهزادو فيصل، ايران جو شهنشاهه رضا شاهه پهلوي وغيره وغيره. يونيورسٽيءَ کان ٻاهر نڪتس ته ڊرائيور وڏي مرڪ سان منهنجو آڌرڀاءُ ڪيو يعني منهنجي گهڻي دير لڳائڻ ڪري هن کي جيڪو خوف هو ته آئون شايد ٻئي در کان ڀڄي ويس ۽ سندس ڀاڙو کائي ويس سو غلط ثابت ٿيو ۽ هن جا ٻڏل پئسا بچي ويا ۽ پوءِ يڪدم ٿورو ناراضگيءَ وارو چهرو ٺاهيائين يعني هر هنڌ مون هيڏي دير ڪئي ته هن جي رات ٿي ويندي. سگنل چٽو چپاٽو هو، سندس ويجهو پهچي چيومانس:
”ڏس تون پئسن جو فڪر نه ڪر مقرر ڪيل وقت کان وڌيڪ وقت جا توکي ٻيڻا ڪري پئسا ڏيندس.“
”نهين صاحب ميرا مطلب يه نهين هي، تصوير نکالون؟“
”جي ها ضرور.“ مون به خوش ٿيندي هائوڪار ڪئي جو مون کي هڪ ٻه تصويرون اڃا ڪڍائڻيون هيون، جاميه جي جنهن شاگرد يا شاگردياڻيءَ کي تصوير ڪڍڻ لاءِ ٿي چيم ته هن پهرين ڀري ڪتابن جي مون کان ٿي جهلرائي ۽ پوءِ ڪئميرا وٺي فوٽو ٿي ڪڍيا. بهرحال رڪشا ڊرائيور منهنجا فوٽو ڪڍڻ لڳو. هتي، هتي، هن در اڳيان، هن بورڊ اڳيان... ۽ پوءِ آهستي آهستي واڪ ڪندو اچي رڪشا ۾ ويٺس. هي رستو اهو آهي جنهن تي گذريل ستر سال، 1936ع کان وٺي خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا عالم، حاڪم، پروفيسر ۽ دانشور هليا ۽ انهن ۾ هڪ مولانا عبيدالله سنڌي پڻ! ۽ ان تان ياد آيو ته هن جاميه ۾ ٻين ملڪن کان به ڪيترائي وڏا تعليمي ماهر پڙهائڻ لاءِ آيا جيئن ته مصر جو بهاجت وهابي، ترڪيءَ جو مڊئم هالد اديب وغيره. مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي ڏينهن ۾ جرمني جي هڪ ليڊي پروفيسر گرڊا فلپسبون نالي پڻ هئي جنهن کي عام طور ”آپا جان“ سڏيندا هئا. هن ڪيترائي سال هن يونيورسٽيءَ ۾ پڙهايو کيس مرڻ بعد جاميه جي احاطي ۾ ئي دفن ڪيو ويو.
هن جاميه جو نشان ٻن کجين جي وچ ۾ تارو (Star) آهي جنهن اندر الله اڪبر لکيل آهي ۽ هيٺ چنڊ جي هيٺان جاميه مليه اسلاميه دهلي لکيل آهي ۽ چنڊ جي مٿان ٺهيل ڪتاب تي قرآن جي آيت: علم الانسان مالم يعلم لکيل آهي. جاميه جو ترانو محمد خليق صديقيءَ جو لکيل آهي:
ديا شوق ميرا ديا شوق ميرا
شهر آرزو ميرا، شهر آرزو ميرا.... وغيره
جاميه جو اڄڪلهه وائيس چانسلر پروفيسر مشيرالحسن آهي جيڪو 2004ع کان آهي ۽ ان کان اڳ چار سال کن سيد شاهد مهدي هو ۽ ان کان اڳ ليفٽيننٽ جنرل ايم اي ذڪي هو.
آٽو رڪشا وارو هاڻ مون کي حضرت نظام الدين اولياء جي درگاهه تي وٺي هلڻ چاهيو ٿي جيڪا اتان ويجهي هئي. ”يار ٿورو تکو تکو هل.“ هاڻ مون کي جلدي ٿيڻ لڳي. ويچارو شريف ڊرائيور گهڻو ئي تکو هليو پر هڪ هن ٽرئفڪ جام ۾ ڦاسي پيو. ڪارون، بسيون، ٽئڪسيون، آٽو رڪشائون، سائيڪل ۽ موٽر سائيڪلن تي سوار هڪ ٻئي ۾ ڀجندا وياسين.
”ڇا ڳالهه آهي سنگنل بند آهي؟“ مون پڇيو.
”سر خبر ناهي.“
”ڪو حادثو ٿيو آهي.“
ٽيڪسي ڊرائيور گهڻو ئي ڳاٽ ٻاهر ڪڍي پري پري تائين ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن کان ڊگهو آئون هوس مون کي ئي ڪجهه نظر نه پئي آيو. فقط گاڏيون ئي گاڏيون هيون. ڊرائيور گهڻو ئي پنهنجي رڪشا کي موڙي پڍيان موٽي ڪو ٻيو رستو اختيار ڪرڻ ٿي چاهيو پر سڀ گاڏيون ائين ته هڪ ٻئي ۾ ڦاٿيون پيون هيون جيئن ڪنهن مشين جون گيئرس. پٺيان ايندڙ گاڏين جي به ڊگهي قطار ٿي وئي. آخر ويهه پنجويهه منٽن جي ٻلي پير بعد چوراهو ڪراس ڪيوسين جتي نڌڻڪين ڍڳين جي چرڻ ڪري رستا بلاڪ ٿي ويا هئا، ڪراچيءَ ۾ ٽريفڪ جام ٿيندي آهي معنيٰ صوبي جي حاڪم ڊاڪٽر ارباب جي سواري پئي لنگهي يا ملڪ جي صدر مشرف جي. پر هتي ڍڳين جي ڪري ٽريفڪ جام ٿيو وڃي اسان جي پيٽارو جي پڙهيل ارباب رحيم ۽ سينٽ پئٽرڪ جي شاگرد کين پرويز مشرف کي ته اسان گهٽ وڌ به ڳالهائي سگهون ٿا ۽ نوڪرين تان لهڻ بعد ڏنڊا به هڻي سگهون ٿا پر ڪنهن کي آهي همت جو ڳئون ماتا کي ڏنڊا هڻي پري ڪي. دهلي جهڙي راجڌاڻي جي رستن تي روز ڪٿي نه ڪٿي ڪجهه نٺر، سست، بيمار، پوڙهيون ۽ ڪاهل ڍڳيون رستو بلاڪ ڪري ڇڏين. حڪومت توڙي عوام توڙي ٽرانسپورٽرن سورن ۾ پئجيو وڃن پر ڍڳين جو سائين ڪير نالو وٺي.
”پوءِ هنن ڍڳين جو تعداد ته روز وڌندو ويندو هوندو.“ مون هتي جي هڪ هندو رهاڪو کان پڇيو هو.
”ها، پر حڪومت لڪچوريءَ رات جي وقت انهن ڏٻرين ۽ بيمار ڍورن کي بارڊر پار ڪري ڇڏيندي آهي ته مسلمانن جي ملڪن ڏي هليون وڃن جتان وري ڪوبه نه موٽيو آهي.“ هن وراڻيو، خبر ناهي سچ يا ڪوڙ پر مون کي هن جو Sense of Humor پسند آيو جو هن ۾ ڪافي سچائي لڳي. هڪ اندين فلم يا شياد ڊرامو ڏٺو هوم جنهن ۾ ٻه دوست پنهنجي ٽين دوست مان پنهنجي جان ڇڏائڻ جو سوچي رهيا آهن جنهن هنن کي ڏڍاو تنگ ڪري رکيو هو. آخر ٻئي ان راءِ تي ٿا پهچن ته هن کي ڪنهن طريقي سان پاڪستان موڪلي ڏجي جتي روز بم ڌماڪا پيا ٿين، بسين ۽ گاڏين جا حادثا پيا ٿي، اغوام ۽ قتل پيا ٿين.... ڪٿي نه ڪٿي هو مري کپي ويندو.
بهرحال ڍڳين جي ڳالهه تان ياد آيو ته ڍڳيون نه فقط ٽريفڪ جام ٿيون ڪن پر فوٽو گرافيءَ جو مزو به ڪڍيو ڇڏين. گذريل ٻن ٽن هفتن جا فوٽو ويٺو ڏسان ته ڪيترن فوٽن ۾ رول ڍڳيون اچي ويون آهن خاص ڪري تاريخي جاين اڳيان. هڪ ۾ ته مون پاڻ ڪنهن عمارت اڳيان بيهي فوٽو ڪڍايو آهي ته ڀر ۾ ڍڳي به اچي بيهي رهي آهي. بهيڻ وقت ته آئون اڪيلو هوس پر فوٽو ڪڍڻ واري جيسين ڪئميرا کي فوڪس ڪري بٽڻ کي دٻايو آهي تيسين خرامان خرامان ڪا ڍڳي به اچي مون سان گڏ بيٺي آهي.
”درگاهه تائين پهچڻ ۾ هاڻ باقي ٿورو پنڌ آهي.“ منهنجي پڇڻ تي ڊرائيور ٻڌايو. سنڌ هند بزرگن، درويشن، فقيرن، صوفين جي ڌرتي آهي جتي ڪيترائي اولياء، پير فقير زندگي بسر ڪري ويا جن ۾ گهڻا ئي وچ ايشيا، ايران، ترڪي افعانستان کان هتي آيا ۽ هن ڌرتي تي ئي زندگي گذاري ڇڏي. شاهه لطيف، سچل سرمست، قلندڙ شهباز، اڏيرو لعل جيان ڪيترائي بزرگ، اولياء هندستان جي ڌرتيءَ تي به رهيا جن جي اڄ تائين نه فقط مسلمان پر هن ديس جا هندو، سک ۽ ٻڌ به عزت ڪن ٿا. حضرت خواجه نظام الدين اولياء هندستان جو هڪ وڏو اولياء، درويش ۽ صوفي فقير ٿي گذريو آهي. جنهن جا هند سنڌ کان ٻاهر به معتقد آهن. هونءَ ته دهليءَ جو هي علائقو جتي حضرت نظام الدين اولياء جي درگاهه آهي اڄ کان ست اٺ سؤ سال اڳ غياث پور جي نالي سان مشهور هو پر هاڻ هن اولياء جي نالي سان سڏجي ٿو. ويندي ڀر واري پوليس اسٽيشن به هن اولياء جي نالي سان سڏجي ٿي. جنهن جي ويجهڙائي وارو ڊفينس سوسائٽي ڪراچي جهڙو علائقو نظام الدين ايسٽ ۽ نظام الدين ويسٽ سڏجي ٿو. پکيڙ توڙي آدمشماريءَ ۾ دهلي ڪراچيءَ کان گهڻو وڏو آهي ۽ جيئن ڪراچيءَ جون ٻه ريلور اسٽيشنون آهن ڪراچي صدر ۽ ڪراچي سٽي تيئن دهليءَ جون ٽي وڏيون اسٽيشنون آهن، نئين دهلي اسٽيشن، پراڻي دهلي اسٽيشن ۽ حضرت نظام الدين اولياء اسٽيشن. پهرين اسين دهلي جي ڪارول باغ علائقي ۾ رهياسين ٿي ته اتان نئين دهلي اسٽيشن ويجهي هئي ۽ هاڻ هتان ڪالڪاجي کان حضرت نظام الدين اسٽيشن ويجهي آهي. بهرحال منهنجو مطلب اهو آهي سڄي دنيا ۾ ڪيترائي بزرگ فقير آهن. ويندي دهليءَ ۾ ئي ڪيترن جون درگاهون ۽ مقبرا آهن پر هتي دهليءَ ۾ حضرت نظام الدين اولياء ايترو مشهور آهي جو هن جي نالي تي رود، پل بستيون ۽ ريلوي اسٽيشن آهي ۽ دهليءَ ۾ آيل هڪ نئين ماڻهوءَ کي به پهرين ڏينهن ئي خبر پئجيو وڃي ته هن اولياء جو مقبرو هتي آهي.
نظام الدين اولياء جا وڏا بخارا جا آهن، سمرقنڌ، بخارا، تاشقند، فرغنا جتي بابر ڄائو، اشڪ آباد وغيره اهي شهر تاجڪستان، ازبڪستان، ترڪمنستان جهڙن ملڪن جا آهن جيڪي افغانستان کان مٿي اتر ۾ آهن ۽ گذريل صدي گڏيل روس (USSR) جون رياستون به ٿي رهيا. اسان وٽ سنڌ ۾ به ڪيترا عالم ۽ بزرگ مرزا قليچ بيگ کان قلندر شهباز تائين جي وڏن جو انهن ملڪن سان واسطو هو. اسان جا ڪيترا بزرگ اولياء پير انهن (وچ ايشيا جي) شهرن کان آيا. دين جي تعليم حاصل ڪيائون ۽ ماڻهن کي پيار محبت سان اسلام جو سبق ڏنائون، حضرت نظام الدين جو به ڏاڏو ”خواجه علي“ ۽ نانو ”خواجه عرب“ بخارا کان انڊيا آيا ۽ پهرين لاهور ۾ رهيا ان بعد بدايون ۾ اچي Settle ٿيا. بدايون دهلي شهر جي اتر ۾ آهي. خواجه عليءَ پنهنجي پٽ خواجه احمد جي شادي خواجه عرب جي ڌيءَ بيبي زليخا سان ڪرائي جنهن مان کين سال 1238ع ۾ بدايون شهر ۾ حضرت نطام الدين اولياء ڄائو. حضرت نظام جو پيءُ خواجه احمد بدايون شهر جو جج هو پر حضرت نظام اڃا پنجن سالن جو مس هو ته هو گذاري ويو، پٺيان هن هڪ پائي به نه ڇڏي هئي. حضرت نظام جو ننڍپڻ سخت غربت گذريو ۽ ان غربت ۽ ڏکين ڏينهن مان ئي هن روحاني سگهه حاصل ڪئي. جنهن ڏينهن گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪجهه به نه هوندو هو ته سندن امڙ بيبي زليخا پنهنجي پٽ ۽ ڌيءَ کي چوندي هئي ته ”ٻچا اسان رب پاڪ جا مهمان آهيون.“ ۽ پوءِ ڪڏهن لڳاتار ڪيترا ڏينهن گهر ۾ کاڌو موجود هوندو ته ننڍڙو نظام پنهنجي ماءُ کان آهستي پڇندو هو ته امان اسان وري ڪڏهن رب پاڪ جا مهمان ٿينداسين.
بيبي زليخا وڏي همت واري عورت هئي جيتوڻيڪ ننڍي عمر ۾ هن جو ساٿي هليو ويو ۽ هوءَ نه فقط اڪيلي رهجي وئي پر کيس پئسي ڏوڪڙ جي به تنگي هئي پر هن چاهيو ٿي ته هن جو پٽ نيڪ رهي، دين جو درس ۽ دنيا جو علم حاصل ڪري. هن نظام کي مدرسي ۾ داخل ڪيو جتي هن قرآن جي ستن ئي طريقن جي قرئت سکي. ان کان پوءِ عربي زبان ۽ ان جي گرامر پڙهائي ۽ پوءِ قرآن جي تفسير، حديث ۽ فقي (اسلامي قانون) ۾ هن کي ڀڙ ڪرايو. ٻارهن سالن جي ڄمار ۾ هن کي ”علم جي پڳ“ عطا ڪئي وئي. ديني علم سان گڏ هن انگي حسابن ۽ سائنس نجوم (Astronomy) جي پڻ تعليم ورتي. خواجه شمس الملڪ ۽ مولانا ڪمال دين سندس استادن مان هئا.
حضرت نظام کي تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏ درويشن ۽ صوفين جي صحبت ۾ وهيڻ جو پڻ شوق هو جن مان هو تمام گهڻو متاثر رهيو ٿي. هڪ ڏينهن هڪ خانه بدوش قوال بدايون جي شهر ۾ آيو جنهن حضرت نظام الدين کي بابا فريد گنج شڪر ۽ هن جي اجوڌان واري خانقاه جي روحاني قسم جي ماحول بابت ٻڌايو. اجوڌان پاڪستان واري پنجاب جو شهر آهي ۽ هاڻ پاڪ تن سڏجي ٿو. بابا فريد جي نالي حضرت نطام الدين جي طيبعت ۾ عجيب لاڙو پيدا ٿيو. هن کي محسوس ٿيو ته هڪ ڏينهن اهڙو ضرور ايندو جڏهن هن کي بابا فريد جي قدمن ۾ ويهڻ جو شرف حاصل ٿيندو.
بنيادي تعليم بدايون ۾ حاصل ڪرڻ بعد حضرت نظام الدين 18 سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ سان گڏ دهلي لڏي آيو. دهلي انهن ڏينهن ۾ ترڪ سلطان جي خوبصورت گاديءَ وارو شهر هو. اهي سلان جن کي غلام گهراڻي جا بادشاهه سڏيو وڃي ٿو، جن جو پهريون بادشاهه قطب الدين ايبڪ هو جنهن 1206ع کان 1210ع تائين حڪومت ڪئي. پاڻ اصل ۾ غلام هو ۽ ترڪستان کان وقت جي حاڪم محمد غوريءَ وٽ پهتو هو. محمد غوريءَ کي پٽ نه هجڻ ڪري هن پنهنجي هن غلام قطب دين کي جيڪو ڏاهپ، انتظاميه ۽ جنگي معاملن ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، تخت و تاج لاءِ چونڊيو. دهليءَ جو مشهور قطب مينار جنهن جو ذڪر ان کي ڏسڻ بعد اڳتي هلي ڪنداسين دهليءَ جي هن بادشاهه نالي آهي.
قطب الدين جي مرڻ بعد ڪورٽ جي نوابن ۽ ڏاهن آرام شاهه کي تخت تي ويهاريو پر هن ڪو ٻوٽو نه ٻاريو ۽ کيس يڪدم لاهي پوءِ قطب الدين ناٺي جي التمش کي تخت تي ويهاريو جيڪو 1211ع کان 1236ع تائين دهليءَ جي تخت تي ويٺو. انهن ئي ڏينهن ۾ حضرت نطام الدين اولياء جو دهليءَ جي ڀر واري شهر بدايون ۾ 1238ع ۾ جنم ٿيو جڏهن التمش جي ڌيءَ رضيه سلطانه تخت تي هئي. رضيه سلطانه پهرين مسلمان عورت آهي جيڪا ملڪ جي حاڪم ٿي ۽ 1236ع کان 1240ع تائين دهليءَ تي تخت تي هئي. ۽ هاڻ جڏهن حضرت نطام الدين اولياء کان 18 ورهين جي ڄمار ۾ يعني 1256 ڌاري دهليءَ ۾ آيو ته رضيه سلطانه بعد سندس ڀاءُ نصرالدين محمود دهليءَ جي تخت تي هو جيڪو حضرت نظام الدين اولياء جي دهليءَ ۾ اچڻ بعد به ڏهه سال کن 1266ع تائين بادشاهه رهيو جنهن بعد ويهه سال کن غياث الدين بلبن دهليءَ جي تخت تي ويٺو. حضرت نظام جي عمر ماشاءَالله 86 سال رهي ۽ سندس سن 1324ع ۾ وفات تائين دهليءَ جي تخت تي خبر ناهي ڪيترا بادشاهه ويٺا. غياث الدين بلبن بعد سندس پٽ پرنس محمد تخت تي ويٺو ان بعد ٻئي پٽ جنهن جو نالو ڀڳڙو خان هو ان کي تخت جي آڇ ڪئي وئي پر هن هندستان جو بادشاهه ٿيڻ بدران بنگال يا ڪنهن ٻئي صوبي جو ئي گورنر ٿي رهڻ پسند ڪيو ۽ ان بعد ڀڳڙي جي پٽ ڪيقوياد کي 1287ع ۾ دهلي جي تخت تي ويهاريو ويو ۽ ڪجهه ٻين کي جيڪي گهڻو ڪري ڪي چند ڏينهن مس ويٺا جو کين بنهه افعال نه هو ۽ 1290ع تائين اهو سڄو گهراڻو ڪک پن ٿي ويو جنهن بعد دهليءَ جي حڪومت خلجي گهراڻي جي هٿ ۾ آئي جنهن جو پهرين بادشاهه جلال الدين خلجي 1290ع کان وٺي 1296ع تائين بادشاهه رهيو. ان بعد علاؤالدين خلجي تخت تي ويٺو جنهن جي ڏينهن ۾ حضرت نظام الدين اولياء جهڙن بزرگن ۽ سندس مريد، اردو ۽ فارسي جي شاعر امير خسرو جهڙن جو وڏو مان ڪيو ويو. علاؤالدين 1296ع کان 1320ع تائين سڌو سنئون يا اڻ سڌي طرح دهلي جي تخت تي رهيو، وچ ۾سندس پٽ مبارڪ ۽ شهاب الدين ۽ ٻيا هن جي آشيرواد سان تخت تي ويٺا، ان بعد هندستان جي حڪومت تغلق گهراڻي جي ور چڙهي جن هڪ سؤ کن ورهيه ڪم هلايو. پهريون بادشاهه غياث الدين تغلق پنج سال کن 1320ع کان 1325ع تائين حاڪم رهيو. جنهن جي ڏينهن ۾ حضرت نظام الدين اولياءَ سن 1324ع ۾ وفات ڪئي ۽ سال کن بعد 1325ع ۾ محمد بن تغلق دهليءَ جي تخت تي ويٺو.
رستي تي ماڻهن کي گوڏين، شلوار قميصن، پنجامن، ڄار وارين ۽ قراقلي ٽوپنين ۾ ڏسي سمجهي ويس ته مسلمانن جي رهائش جو ڪو علائقو اچي ويو آهي ٿي سگهي ٿو اتي ئي نطام الدين اولياء جي درگاهه هجي. منهنجي ڳالهه صحيح نڪتي جو ان ئي وقت ڊرائيور اعلان ڪيو ”بس سر پهنچ گئي“ ۽ پوءِ مين روڊ تان سائيڊ روڊ تي آيو ۽ پوءِ سائيڊ روڊ تان برانچ روڊ تي، پاسن کان جايون جاين سان مليل، جاين مٿان ڦڏيون سڏيون ماڙيون ٺهيل جتي ڪٿي انڪروچ مينٽ ۽ برانچ روڊ تان کاٻي ساڄي ويندڙ گهٽيون، گهٽين مان گهٽيون ۽ وڌيڪ انڪروچ مينٽ ۽ وڌيڪ ماڻهو، مرد عورتون، زالون، ٻار، مڪاني، ٿيلهن ۽ هڙن سان گڏ پرديسي، وڏن دڪانن ۽ هوٽلن بعد هاڻ ننڍا ننڍا دڪان ۽ ننڍيون هوٽلون، هر دڪان ڪاٺ جي تختن ذريعي يا ڪنهن نموني سان رستي تي ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ۾، ويتر گهٽيون سوڙهيون ٿينديون ويون. تيئن تيئن عوام جي پيهه پيهان، ڄڻ گهٽين جا ٽوپا اڊوڙي ٻاهر نڪري ايندا. رڪشا وري منهنجي سهولت لاءِ رڪشا کي اڃا اڳتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جيئن درگاهه تائين باقي پنڌ مون کي گهٽ ڪرڻو پوي پر پوءِ هڪ سوڙهي چوراهي وٽ ڪتابن ۽ مٺائي واري دڪان اڳيان بيهي رهيو.
”سر! هاڻ توهان کي پنڌ وڃڻو پوندو.“ هن چيو.
آئون ڪئميرا، ڪاپي پين ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ جي بوتل کڻي هيٺ لٿس، ڀرسان هوٽل هئي جنهن جي اڳيان ٻن وڏين ديڳين ۾ ڪجهه رڌجي رهيو هو. انهن جي پويان بيٺل علاؤالدين جي جن جهڙي ٿلهي ۽ پٺن اگهاڙي بورچيءَ وڏو لوهي چمچو اهڙو زور سان ديڳ تي هنيو جو مون کان ڇرڪ نڪري ويو. هن منهنجو ئي ڌيان ڇڪائڻ چاهيو ٿي جو پوءِ يڪدم اهو چمچمو منهنجي منهن اڳيان ڪري زور سان چيو: ”فقيرن جي خيرات لاءِ ديڳ حاضر آهي.“
مون کي ان بورچيءَ جي نه شڪل وڻي ۽ نه سندس اهو ڇرڪائي ڏوئيءَ جهڙو چممو منهنجي منهن اڳيان جهلي ڳالهائڻ جو انداز. آئون چڙ مان اکيون ڦاڙي هن کي گهورڻ لڳس ته هڪ ٻئي لنگهندڙ همراهه هڪ رسيدن جي بندي منهنجي اکين اڳيان لوڏي پڇيو ته ڪيترين غريبن جي لنگر جون پرچيون ڪٽيان.
”هي آهي ڇا! ائين Aggressive طريقي سان خيرات گهربو آهي.“ مون دل ئي دل ۾ سوچيو، هي ته ڄڻ گن پوائنٽ تي ڦر ڪرڻي ٿي.“
مون پٺن اگهاڙي بورچيءَ کي ڇڏي هن نئين پيدا ٿيل فئنٽومس کي ڪاوڙ مان ڏٺو. بورچي وري ديڳ تي چمچو هڻي ٻين ايندڙن جي منهن ۾ ذري گهٽ هڻندي هنن جو ڌيان ڇڪائڻ لڳو. مون ٻنهي کي ڇڏي اڳتي وڌڻ کي ڪئي. پاجامن ۾ هندستان ۾ رهندڙ مسلمان، شلوار قميص ۾ پاڪستان جي پنجاب ۽ سرحد جا پنجابي ۽ پٺاڻ مسلمان، هندستان جي جمون ۽ ڪشمير جا مسلمان مرد توڙي عورتون وڏي عقيدت سان ان سوڙهي گهٽيءَ مان اچي وڃي رهيا هئا. آئون اڳتي وڌندو رهيس. ٿوري دير اڳ مين روڊ (Mathura Road) تان لنگهندي مون سوچيو به نه هو ته ساڄي پاسي دهليءَ جي هن قديم ترين بستي جنهن جو اصل نالو ڳوٺ غياث پور هو پر هاڻ درگاهه نظام الدين اولياء جي نالي سان سڏجي ٿي، ان ۾ ماڻهن ۽ دڪانن جي ايڏي پيهه پيهان هوندي.. فقيرن جا ميڙ، گهوڙيئرن (Street Vendors) ڳاهٽ، ٽوپيون وڪڻدڙ ٻار، تسبيحون ۽ قرآني آيتون وڪڻدڙ... پاسي کان ڪوابن ۽ پورين پڪوڙن جا ننڍڙا دڪان، گلن جا دڪان، مزار مٿان چاڙهڻ لاءِ پڙ وارن جا دڪان.. هر هڪ خريد ڪرڻ لاءِ زور ڀري رهيو آهي. هڪ گهٽيءَ ۾ مغلي هوٽل ”دستر خوان ڪريم“ ٿورو اڳيان غالب اڪيڊمي، ۽ پوءِ درگاهه جي جيئن ئي ويجهو پهچڻ ٿيو ته گل، مٺا، پتاشا، پڙ لاءِ چادرون وڪڻندڙن جا نه فقط انيڪ دڪان پر هر دڪاندار دڪان مان نڪري گلن جي پليٽ توهان جي نڪ اڳيان جهلي خريد ڪرڻ لاءِ زور ڀري رهيو آهي. گل ۽ چادر ته وٺي وڃو، ٻه ڏينهن اڳ برلا مندر ۽ ڪالڪا مندر ٻاهران ديوتائن ۽ ديوين جي مورتين مٿان چاڙهڻ لاءِ چادرون، گل ۽ پتاشا وڪامندي مون تعجب پئي کاڌو ته ڇا انهن مورتين کي سيءُ تو لڳي يا بک ٿي لڳي جو پوڄاري انهن لاءِ چادرون، گل ۽ پتاشا ٿا کنيون وڃن ۽ اڄ هڪ مسلمان اولياء جي ٻاهران اهي ساڳيون شيون ڏسي تٿجب ٿو لڳيم ۽ دڪاندار ڪيڏو داداگيريءَ سان عقيدت مندن کي اهي خريد ڪرڻ لاءِ مجبور ٿا ڪن. ڇا حضرت نظام الدين اولياء جي قبر کي انهن شين جي ضرورت آهي. ڇا اهي شيون آفر ڪرڻ بنا ڪو فاتح يا قل نٿو پڙهي سگهي. حضرت نظام الدين اولياء جن پاڻ ئي حيات هئا ته پاڻ ڪڏهن به مادي شين کي اهميت نه ڏنائون، پاڻ وٺڻ بدران هميشه ڏنائون.
درگاهه ۾ اندر گهڙڻ سان چوڌاري ڏٽا مٽا مجاور ورايو وڃن جيڪي پاڻ کي هن درگاهه جا سجاده نشين ٿا سڏرائين يعني حضرت نظام الدين اولياء جو اولالد پر جيستائين مون کي خبر آهي ته شاهه لطيف وانگر حضرت نظام الدين کي به ڪو اولاد ناهي بلڪه هن ته شادي به نه ڪئي. درگاهه اندر حضرت نظام الدين اولياء ۽ سندس مريد ۽ شاگرد امير خسرو جا ڌار ڌار مقبرا آهن. آئون نظام الدين اولياء جي مقبري ڏي وڌان ٿو ته ڪجهه نوجوان مجاور مون کي ۽ ٻين کي جهلين ٿا.
”پهرين امير خسرو جي مقبري تي وڃجي ۽ پوءِ نظام الدين اولياءَ جي مقبري تي ”هو اسان کي Almost ڌڪي ٻئي طرف ڪن ٿا. هنن جي ڳالهائڻ جي انداز ۾ اها هوا آهي ته هو وڏا عالم آهن ڄڻ وڏي مذهبي ڳالهه پيا ٻڌائين ۽ اندر درگاهن ۾ اڃان به ٿلهي قسم جا صحتمند مجاور صاحب ويٺا ڪچهريون ڪن جيئن ئي ڪو عقيدت مند اندر گهڙي ٿو ته هن کان نذراني طور پئسا گهرن ٿا جنهن جو انداز پڻ سمجهو ته گن پوائنٽ وارو آهي. ”ماڻهو آهن ڇا!“ آئون دل ئي دل ۾ سوچيان ٿو. نه ڪم نه ڪار، ڏٽا مٽا پکا هلايو قبر اڳيان ٿڌڪار ۾ ويٺا ڪچهريون ڪن ماڻهن کان پئسا ۽ پڙ اوڳاڙين. ظهر نماز جو وقت آهي اٿي وڃي نماز پڙهڻ کپين پر ويٺا چڻا يا ڪو سڪل ميوو ڦڪين. ڇا اهو آهي اسلام. هڪ نئين ماڻهوءَ کي هن قسم جا ماڻهو ۽ ريتون رسمون ڪيڏو غلط Image ڏين ٿيون. ڪيترا ماڻهو خاص ڪري عورتون قبر تي هٿ لاهي منهن کي ملي رهيون هيون. هڪ ٻه ڄڻو ته قبر اڳيان سجدي ۾ ڪريل هو ۽ هي مجاور ڪهن کي به جهلين نه پيا ته هي گناهه جو ڪم آهي. ڏيڻ وارو داتا فقط هڪ رب آهي جنهن کان گهرڻ کپي. پر هي مجاور ته ان ڳالهه جي همت افزائي پيا ڪن جيئن هتي جي مندرن ۾ ٻاوا پيا ڪن ۽ جي اهوئي ڪجهه ڪرڻو آهي ته پوءِ هندن کي بت پرست ڇوٿا سڏيو. اها عظيم هستي جيڪا هتي دفن ٿيل آهي سا الله جي ڪلام، تفسير، حديث ۽ فقي جي ڄاڻو هئي هن ڪڏهن به پاڻ ائين نه ڪيو ۽ نه هن سوچيو هوندو ته سندس وفات بعد سندس قبر جي هن ريت پوڄا ٿيندي!
امير خسرو جي مقبري سامهون هڪ وڏو ڪاٺ جو بند ٿيل در ”حجره قديم“ آهي جيڪو ڪڏهن صوفي فقيرن جي اچڻ ۽ قوالي جي پروگرام تي کوليو وڃي ٿو. هي قديمي ڪمرو تيرهن صديءَ جي آخر ۾ ٺراهيو ويو هو، هن ڪمري جي ٻاهرين ڀت تي اردو جي شاعر ڊاڪٽر علامه اقبال جو حضرت نظام الدين جي ساراهه ۾ چيل شعر لکيل آهي، حضرت نظام الدين اولياء ۽ امير خسر جي مقبرن جي وچ ۾ ٻه چار ٻيون به قبرون آهن جن مان هڪ شاهجهان جي ڌيءَ جهان آرا جي آهي ۽ هڪ محمد شاهه جي آهي.
نظام الدين اولياء جي مقبري جي ٻاهران وڏو ورانڊو آهي جتي قوالي ٿيندي رهي ٿي جتي ان وقت ڪيترائي عقيدت مند ان وقت رحت وٺي رهيا هئا، اولهه طرف پڪين سرن جو جماعت خانو آهي جتي نماز پڙهي وڃي ٿي. اهو هال نظام الدين اولياءَ جي وفات کان ڪجهه سال پوءِ دهليءَ جي حاڪم فيروز شاهه تغلق ٺهرايو هو.
هونءَ خانقاه هتي نه هو جتي هينئر هي مقبرو آهي، خانقاه جتي حضرت نظام اڌ صدي کان ماڻهن سان مليو، کين تعليم ڏني، جتي سوچ ۽ فڪر ڪيو جتي عبادت ڪئي اهو هن درگاهه کان ميل کن پري بينا نديءَ جي ڪناري تي آهي.
بدايون کان دهلي لڏي اچڻ تي جيتوڻيڪ حضرت نظام الدين جي عالمن، پڙهيل لکيل ماڻهن ۾ وڏي عزت رهي پر حضرت نظام کي دلي طرح سڪون نٿي رهيو، آخر چار سال دهليءَ ۾ رهڻ بعد هو بابا فريد شڪر گنج جي ڳوٺ ويو ۽ هن جو مريد ٿي هن کان علم پرايو. 1265ع ۾ جڏهن بابا فريد گذاري ويو ته کين هن جو روحاني وارث بنايو ويو ۽ بابا فريد جو چوغو، عصا (لٺ) ۽ جانماز سندن (حضرت نظام الدين جي) حوالي ڪئي وئي.
حضرت نظام الدين پهرين قطب مينار وٽ رهڻ لڳو پر پوءِ چون ٿا ته 1280ع ڌاري هن غيب مان آواز ٻڌ ته غياثپور وڃي رهه. ان تي عمل ڪندي هو ڪجهه عقيدتمندن کي پاڻ سان وٺي اچي غياثپور کان نڪتو جتي هن يمنا (جمنا) نديءَ جي ڪناري تي هڪ سادو خانقاهه ٺاهي اللہ جي عبادت ڪئي ۽ ماڻهن کي پيار محبت ۾ رهڻ، صبر ۽ انسان ذات جي خدمت ڪرڻ جو سبق ڏنو.
آئون فاتح پڙهي ٻاهر نڪتس. درگاهه جي منهن وٽ ٻه معزز قداور برزگ مليا.
”ڪٿي جا آهيو؟“ مون کانئن انگريزيءَ ۾ پڇيو.
”اتان جا جتي جو هي بزرگ آهي. سمجهو؟“
”جي ها. بخارا جا.“ مون وراڻيومان.
”صحيح سمجهانو. پر هينئر افغانستان ۾ رهون ٿا ۽ هتي انڊيا اچڻ تي هيڏانهن به آيا آهيون.“ هن ٻڌايو ۽ مون ساڻن گڏ فوٽو ڪڍرايو، مون کي هنن جا پرسڪون چهرا ۽ پرسڪون ڳالهائڻ جو اسٽائيل ڏاڍو وڻيو.“
ٻاهر نڪرڻ سان هڪ دفعو وري گوڙ گهمسان ۽ Aggressive Selling جي دنيا ۾ ماڻهو اچي ويو پر خوش نصيبي سان گلن، پتاشن ۽ پڙن (چادرن) وڪڻڻ وارا خاموش هئا فقط هوٽلن وارا لنگر جو چندو يا فقيرن کي کارائڻ جو چندو وٺي رهيا هئا. ها هڪ ٻن هنڌن تي قداور قسم جي Heavy Weight ٻڪرن سان بيٺل همراهن، لنگهڻ وقت، انهن ٻڪرن جو منهن منهنجي هٿن ۾ هڻي مون کي بيهاريو ٿي. هنن صدقي يا شايد عقيقي يا خيرات لاءِ ٻڪر ذبح ڪرڻ جون خدمتون سر انجام ڏيڻ چاهيون ٿي. هر هڪ جو اهو زور هو ته ٻڪر کي هڪ دفعو ته غور سان ڏسو ته ان جي قيمت جي مقابلي ۾ ڪيڏو اتم آهي پر منهنجيون نظرون ٻڪر بدران آٽو رڪشا ڊرائيور کي ڳولينديون رهيون جيڪو منهنجي دير ڪرڻ تي پڪ موڊ آف ۾ هوندو، پر جڏهن هو مليو ته هن خوش مزاجي جو ئي اظهار ڪيو، مون هن سان گڏ اتي هڪ ڇاپڙا هوٽل ۾ ويهي چانهه پيتي پوءِ هن کي اڳتي هلڻ لاءِ چيو.
حضرت نظام الدين اولياء جي درگاهه جي ٻاهران ان ڇاپڙا هوٽل ۾ چانهه پيئڻ دوران اردوءَ جي رٽائرڊ اسڪول ٽيچر عبدالرشيد سان ملاقات ٿي. هو لکنؤ کان هتي دهلي ٻن ٽن ڏينهن لاءِ آيل هو. انگريزي ۽ اردو سان گڏ کيس فارسي به آئي ٿي.
”امير خسرو هڪ ئي وقت هوشيار دنيادار، باڪمال صوفي ۽ عظيم شاعر هو.“ هن ٻڌايو. ”هو سپاهي به هو ته ولي ڪامل به، شاعر به هو ته ماهر موسيقي به. عاشق به هو ته زنده دل به.“
هن امير خسروءَ جي حضرت خواجه نظام الدين اولياء سان پهرين ملاقات جو ٻڌايو ته امير خسرو جڏهن اٺن سالن جو هو ته هن جي ماءُ کيس اولياء سان ملڻ لاءِ هن جي خانقاه ڏي موڪليو. خانقاه وٽ پهچي هو يڪدم اندر نه گهڙيو. هن نظام الدين اولياء کي آزمائڻ ٿي چاهيو سو در وٽ ويهي هن پنهنجي منهن هي سٽون ٺاهيون:
Tu aan Shai ke ber aiwan-e qasrat
Kabutar ger nasheenad, baaz gardead
Ghareeb-e mustamand-e der aamed
Be- yaayad and aroon, ya baaz gardad.
(تون بادشاهه آهين جنهن جي محل جي در تي،
هڪ ڪبوتر به باز ٿيو پوي.
هڪ غريب مسافر تنهنجي در تي آيو آهي،
ڇا هو اندر اچي، يا موٽي وڃي).
چون ٿا ته ان گهڙيءَ خانقاه ۾ موجود حضرت نظام الدين پنهنجي خادم کي سڏ ڪري چيو ته ٻاهر وڃ ۽ در وٽ ويٺل همراهه کي هي شعر ٻڌاءِ:
Be- yaayad andaroon mard-e haqeeqat
Ke ba ma yek nafas hamraaz gardad
Agar abla buvad aan mard-e naadan
Azzan raah-e ke aamad baaz gardad.
(او مرد حقيقت اندر هليو اچ
جيئن تو منهنجو همرزا ٿي سگهين
پر جي اندر اچڻ وارو همراهه بيوقوف (مرد نادان) آهي
ته پوءِ هو جيئن آيو آهي تيئن موٽي وڃي).
اهو ٻڌي خسروءَ کي پڪ ٿي ته هو صحيح جاءِ تي پهتو آهي.
نظام اولياء خسروءَ جي ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ ڏينهن هو صبح پهر يمنا نديءَ جي ڪناري تي ويهي پري کان ماڻهن کي يمنا نديءَ ۾ سنان ڪندي ۽ پوڄا ڪندي ڏسي رهيا هئا. نظام الدين اولياء امير خسروءَ جو انهن ڏي ڌيان ڇڪائي چيو:
هر قوم راست راهي ديني وقبله گاهي
(هر قوم جو پنهنجو دين آهي، جنهن قبلي ڏي هو منهن ڪن ٿا).
اتفاق سان حضرت نظام الدين مٿي تي پنهني ٽوپي ٿوري ڦڏي ڪري رکي هئي جنهن ڏي امير خسروءَ اشارو ڪندي چيو:
من قبله راست کردم برسمت کج کلاهي
(مون پنهنجو قبلو ان ڦڏي ٽوپيءَ جي سنوت ۾ سڌو ڪيو آهي).
ان ڇاپڙا هوٽل جي ڀت تي هنديءَ ۾ لکيل شعر هن ماستر صاحب پڙهي ٻڌايو ته اهو پڻ امير خسروءَ جو آهي:
”کهير پکائي جتن سي، چرخہ ديا جلا
آيا کتا کها گيا تو بيڻهي ڊهول بجا.“
1316ع ڌاري جڏهن هندستان تي خلجي گهراڻي جي حڪومت هئي ته هن گهراڻي جي وقت جي حاڪم سلطان مبارڪ شاهه حضرت نظام الدين اولياء کي چوائي موڪليو ته هو هر مهيني جي آخري ڏينهن تي هن سان ملڻ ايندو ڪري. نياپو آڻڻ واري کي اولياء ٻڌايو ته هي اسان فقيرن جي روايت جي خلاف آهي. مقرر ڏينهن اچڻ تي اولياء سان سندن ساٿين اندر اوريو ته بادشاهه جو چيو نه مڃڻ تي اسان لاءِ هاڃيڪار ثابت نه ٿي پوي.
”بادشاهه مون تي سوڀ حاصل ڪري نه سگهندو جو مون هينئر خواب ڏٺو آهي ته هڪ سڱن وارو جانور مون تي حملو ڪرڻ لاءِ وڌي رهيو آهي، هن جي ويجهو اچڻ تي مون هن کي سڱن کان جهلي اهڙو پٽ سان هنيو آهي جو هو مري ويو آهي.“
۽ پوءِ جڏهن ڏينهن پورو ٿي ويو ۽ مريد پريشانيءَ جي حالت ۾ بادشاهه طرفان ڪا مصيبت نازل ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا ته کين اطلاع مليو ته خسرو خان نالي هڪ هندو مان نئين مسلمان ٿيل همراهه مبارڪ شاهه کي قتل ڪري ڇڏيو آهي.
مبارڪ شاهه جي مرڻ بعد سندس ڀاءُ شهاب الدين ڪو سال اڌ لاءِ دهليءَ جي تخت تي ويٺو ان بعد اهو خسرو خان تخت تي ويٺو جنهن کي ان ئي سال غازي مَلڪ قتل ڪري پاڻ تخت تي ويٺو ۽ ان غازي ملڪ هندستان ۾ تغلق گهراڻي جو بنياد رکيو ۽ پنهنجو لقب غياث الدين تغلق رکيو. هن بادشاهه غياث الدين تغلق چاهيو ٿي ته هن جي دهليءَ جي دوري تي نڪرڻ کان اڳ حضرت نظام الدين اولياء غياثپور ڇڏي وڃي. اهو ٻڌي حضرت نظام الدين کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ چيو ”دهلي دور است“ (دهلي اڃا گهڻو پري آهي) ۽ پوءِ بادشاهه جي دهليءَ لاءِ نڪرڻ کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ غياث الدين تغلق جو تغلق آباد وارو محل هن مٿان ڪري پيو ۽ بادشاهه ان هيٺان دٻجي مري ويو.
آٽو رڪشا وارو نظام الدين اولياء جي درگاهه واريون سوڙهيون گهٽيون اڪري مين روڊ تي پهتو، رستي تي نظام الدين اولياء واري علائقي ۾ جيڪو دهلي نمبر3 به سڏجي ٿو اوبيراءِ هوٽل جي سامهون هڪ قبرستان وٽ لهي فوٽو ڪڍرايم. مين گيٽ وٽ لڳل بورڊ تي لکيل آهي: ”مسجد ومدرسه حفظ القرآن.“
رڪشا وارو اڳتي هلي ٿو. مين روڊ تان کاٻي پاسي مڙي پرانا قلعه روڊ ڏي وڃي ٿو، بورڊ تي هندي، انگريزي، اردو ۽ گرمکي اکرن ۾ ”پرانا قلعه“ روڊ جو نالو لکيل آهي، ٽرئفڪ ڪجهه دير ڳاڙهي سنگل اڳيان بيهي پوءِ وڌي ٿي آيئون ڊرائيور کي ترسائي تصور ڪڍان ٿو. ڀر ۾ هڪ ننڍڙي ڇوڪري ڪرتب ڏيکاري، ڳاڙهي سنگل ڪري بيٺل گاڏين وارن کان، خيرات گهري ٿي. خيرات ته نه پر ڪرتب ڏيکاري وندرائڻ جو اجورو ڇو جو توهان کي تعجب لڳندو ته انڊيا ۾ پنڻ تي بندش وڌي وئي آهي. بندش ته اسان وٽ به آهي پر ان قانون تي عمل ۽ سختي نٿي ڪئي وڃي پر هتي جا ماڻهو اسان جي ماڻهن کان وڌيڪ قانون جي پوئواري ڪن ٿا ۽ پوليس جهڙن ادارن کان ڊڄن ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪٿي ڪٿي لڪ چوريءَ ڪو پنندو به رهي ٿو پر کلي عام نه. اهڙي ئي هڪ فقير کي مون شروع وارن ڏينهن ۾ خيرات ڏنو ته مون کي يڪدم ٻين واٽهڙن خبردار ڪيو ته هتي دهليءَ توڙي انڊيا جي ٻين شهرن ۾ پنڻ ڏوهه آهي ۽ پنڻ واري سان گڏ خيرات ڏيندڙ لاءِ به سزا ۽ پنج سؤ روپيا ڏنڊ آهي ۽ پوءِ ته ان بابت چتاءُ جا ڪيترائي اشتهار دهليءَ جي مختلف رستن تي نظر آيا. بهرحال هاڻ هتي جا فقير سنئون سڌو پنڻ بدران ڪا شيءِ وڪڻندا نظر اچن ٿا يا مين روڊ جي چوراهن تي مختلف ڪرتب ڪري ڏسندڙن کان پئسا پنن ٿا. هونءَ ان قسم جا کيل تماشا يا ننڍڙين اسٽيجن تي مزاحيه يا ڌرمي ڊراما پڻ گهٽين گهوٽين ۾ ٿيندي نظر اچن ٿا.
رڪشا وارو مون کي دهليءَ جو مشهور لال قلعو ڏيکارڻ لاءِ هلي رهيو هو. کاٻي پاسي ويندڙ رستو جنهن قلعي ڏي ويو ٿي اهو پراڻو قلعو سڏجي ٿو. پراڻو قلعو (Old Fort) تاريخ جي ٻن بادشاهن همايون ۽ شيرشاهه سوريءَ سورهين صديءَ جي پهرين اڌ (1535ع کان 1545ع) ۾ ٺهرايو. مغل شهنشاهه اڪبر جي حڪومت ۾ سندس ڪورٽ جي هڪ رتن ابوالفضل ”عين الاڪبري“ نالي ڪتاب لکيو. سورهين صديءَ جي هن جهوني ڪتاب ۾ ابوالفضل لکيو آهي ته جنهن هنڌ تي همايون هي قلعو (پراڻو قلعو) ٺهرايو اهو هندستان جي هڪ جهوني شهر اندرا پراسٿا جي Location آهي اندرا پراسٿا (Indraprastha) هندو ڌرم جي مشهور ڪهاڻي مهاڀارت جي هيرو پانڊوون جي گاديءَ جو هنڌ هو. دراصل 19 هين صديءَ جي آخر تائين هن قلعي اندر اندراپت نالي هڪ ڳوٺڙو هوندو هو جنهن جو نالو اندارا پراسٿا سان ملي ٿو. بهرحال ان جي اڄ تائين پڪ نه ٿي سگهي آهي ته عين الاڪبري ڪتاب موجب اهو جهونو شهر واقعي هتي هو يا نه جنهن جو مهاڀارت ڌرمي ڪتاب موجب اڄ کان ٽي هزار سال اڳ هن ڌرتيءَ تي وجو هو.
هن پراڻي قلعي ۾ جيڪو هن وقت ڪافي ڊٺل حالت ۾ آهي، اندر داخل ٿيڻ لاءِ ٽي دروازا آهن جن جا نالا هن ريت آهن: همايون دروازو، تلاڪي دروازو ۽ بڙا (وڏو) دروازو. قلعي اندر 1541ع جي شير شاهه جي ٺهيل مسجد آرڪيٽيڪٽ جو ماسٽر پيس آهي. ان جي اولهه واري اندرين ڀت ۾ اڇي ۽ ڪاري سنگ مرمر پٿر جا ڪمان وارا کليل در آهن. مسجد اندر هڪ وڏي پٿر جي سلئب تي جيڪي فارسيءَ ۾ سٽون لکيل آهن انهن جي مون واري گائيڊ هن ريت Translation ڪئي:
As long as there are people on this earth, may this edrfice be frequented and people be sheerful and happy in ii.
ان گائيڊ سان، جڏهن ٻه چار ڏينهن اڳ هي پراڻو قلعو ڏسڻ آيو هوس ته هن، اٺ ڪنڊي مناري ڏي اشارو ڪري ٻڌايو هو ته ان مناري تان همايون جو پير ترڪي ويو هو ۽ ڌڪي کائڻ تي هن جو موت ٿيو. ان ڏينهن جيڪو رڪشا ڊرائيور هو سو پڙهيل ڳڙيهل ضرو هو پر هن جون مغلن جي هن بادشاهه همايون تي وڏيون خارون هيون جنهن کان هن افغان بادشاهه شير شاهه سوريءَ 1540ع ۾ سوڀ کٽي ۽ همايون کي ملڪ بدر ڪري ڇڏيو.
”سر تاريخ نويسن جي ڳالهين تي گهڻو نه لڳجو.“ ان ڊرائيور هي پراڻو قلعو گهمڻ وقت مون کي ائين چيو ڄڻ ڪا راز جي ڳالهه ٿو ٻڌائي ”سر! همايون بيوقوف کان شيرشاهه سوري سچ ته سٺو ماڻهو هو. بس شيرشاهه سوريءَ جي فقط اها غلطي هئي جو هو ڀلوڙ پٽ پيدا ڪري نه سگهيو، هي قلعو شيرشاهه ئي ٺهرايو هو ۽ پوءِ جڏهن همايونءَ شيرشاهه جي مرڻ بعد سندس ڇسي پٽ کان پنهنجي حڪومت واپس کسي ورتي ته هو پنهنجي لاءِ ڪو ٻيو محل محلات ٺاهڻ بدران شيرشاهه جي ٺهيل هن قلعي ۾ رهي پيو. همايونءَ اها ٻي وڏي غلطي ڪئي جو هو بنهه سست ۽ ڪاهل ماڻهو هو. سر! سوچڻ جي ڳالهه آهي ته همايونءَ جهڙو هٽو ڪٽو ماڻهو ڏاڪڻ تان ڪري پوي! هو ڪو اهڙو ڪمزور يا پوڙهو ته نه هو؟“
”پوءِ ڀلا تنهنجو ڇا خيال آهي؟“ مون پڇيومانس.
”سر هن کي نشو پياريو ويو هو، بلڪه هو Drunk هو، آئون توهان کي سچ ٿو ٻڌايان همايون Drug Addicted هو. ۽ پوءِ شير شاهه کڻي هن کي ڌڪو ڏنو....“
”شير شاهه!؟“ مون سندس ڳالهه کي اڌ ۾ ڪٽيندي چيو، ”شيرشاهه ته ان وقت تائين مري چڪو هو تڏهن ته همايونءَ هن جي ڪاهل پٽ کان دهليءَ جي گادي واپس کسي ورتي.“
”سر منهنجو مطلب شيرشاهه جي Ghost (روح) سان آهي. جيڪو ان قلعي ۾ موجود هو. همايون دماغ ۾ ڀريل ڪيميڪل (نشي) جي زور تي سيٽيون وڄائي ڳائي رهيو هو ته شيرشاهه جي روح کڻي هيٺ ڌڪو ڏنس. ڌڙام! بدلو وٺي ڇڏيائينس.“
واهه جي ٿيوري ٻڌائين.... مون دل ئي دل ۾ سوچيو. ڪاش اڄ ڊاڪٽر مبارڪ جهڙو ڪو تاريخ دان مون سان گڏ هجي ها! آئون ته رڳو جهازن ۽ انهن جي انجڻين بابت ئي بحث ڪري سگهان ٿو.
بهرحال اڄ جو ماٺيڻو ڊرائيور هن وقت دهليءَ جي جاميه ۽ حضرت نظام الدين اولياء جي درگاهه ڏيکارڻ بعد مون کي لال قلعو Red Rort ڏيکارڻ لاءِ نيتا جي سڀاش مارگ روڊ تي وٺيو پئي هليو جنهن روڊ جي ٻئي پاسي دهليءَ جي مشهور جامع مسجد آهي. ٿورو کاٻي پاسي هتي جو مشحور چاندني چوڪ ۽ فتح پوري مسجد پڻ آهي.
هونءَ ته ڏٺو وڃي ته تاريخ کان اڻ واقف ماڻهوءَ لاءِ دهليءَ جو شهر ڌوڙ، دونهون، ماڻهن جي پيهه پيهان، گرمي ۽ مکيون ۽ مڇر آهن، پر تاريخ جي لحاظ کان ڏسجي ته دهليءَ جي شهر جي ڇا ته اهميت آهي. هڪ يا ٻه بادشاهه نه پر گهراڻن جا گهراڻا هن شهر دهليءَ ۾ رهيا ۽ هند سنڌ تي حڪومت ڪئي. مسجدون ۽ مندر ٺهرايا. قلعا ۽ باغ باغيچا ٺهرا. دهليءَ جي شهر ۾ توهان کي قدم قدم تي تاريخ نظر ايندي. دهليءَ جو شهر جتي ماڊرن آهي اتي قديمي به آهي. هتي دهليءَ ۾ اچي اهو سوچيندو رهان ٿو ته دنيا جو ٻيو ڪهڙو اهڙو شهر آهي جتي صدين تائين بادشاهت جا سلسلا رهيا. نظام الدين اولياء ۽ امير خسرو جهرا بزرگ ۽ شاعر رهيا، نادر شاهه ۽ منگولن جهڙا ڊاڪو ۽ ڌاڙيل آيا ۽ جيڪو شهر اڄ به اسڪولن ڪاليجن، يونيورسٽين اسپتالن، مندرن، مسجدن ۽ ٽڪاڻن کان مشهور آهي. دهلي اهو گاديءَ جو هنڌ آهي جتي هڪ گهراڻي يا قوم جي حاڪمن نه پر منگولن، مغلن، ترڪن، افغانن ويندي انگريزن حڪومت ڪئي. دهليءَ جي مقابلي ۾ دنيا جي ڪيترن شهرن کي ڀيٽ ۾ رکان ٿو... ٽوڪيو، سنگاپور، ڪوالالمپور، پينانگ، ڪراچي، عدن، ڪولمبو.... اهي سڀ شهر ته دهليءَ جي اڳيان ٻار لڳن ٿا پر لنڊن، سمرقنڌ، بخارا، تهران، قاهره جهڙا شهر به ايترو تاريخي Charm نٿا رکن جيترو دهليءَ جو اتاهون مان آهي. رڪشا مختلف روڊن تان ٿيندي اچي لال قلعي جي اڳيان بيٺي آهي. چوڌاري شهر جي عام بسين ۽ ٽوئرسٽ بسين جا ڳاهٽ آهن ۽ انهن کي چوڌاري وڪوڙي بيٺل آٽو رڪشائون، سائيڪل رڪشائون، ٽيڪسيون، موٽر سائيڪلون، سائيڪلون ۽ پرائيويٽ ڪارون آهن. فوٽ پاٿ مختلف شين وڪڻندڙن سان ڦاٽن ٿا. قلعي وٽ بيٺل پوليس ڪنهن به گاڏي يا سائيڪل واري کي قلعي جي ويجهو بيهڻ کان منع ڪري ٿي ان ڪري هن قلعي جو خوبصورت نظارو پري پري تائين چٽو نظر اچي ٿو. اها هڪ اهڙي ڳالهه آهي جنهن تي ملائيشيا، سنگاپور، انگلينڊ ۽ ٻيا ملڪ به عمل ڪن ٿا ان ڪري اتي جون تواريخي جايون اڃا تائين سهڻي انداز ۾ نظر اچن ٿيون ۽ اهي حيدرآباد جو قلعو يا موهن جو دڙو نه ٿينديون وڃن.
ويجهڙائيءَ کان هندستان ٻن قانونن تي تمام سختيءَ سان عمل ڪري رهيو آهي، هڪ ته حڪومت طرفان هر ان وڏي عمارت ٺهرائڻ تي بندش وڌي وئي آهي ۽ بنا اجازت اڏجندڙ هر ان عمارت کي ڊهرايو پيو وڃي جيڪا ڪنهن تاريخي مقبري، مندر، مسجد کي آڏ ٿي ٿئي. ان سان گڏ رستن تي انگ اگهاڙا پوسٽر لڳائڻ تي به سختي ڪئي پئي وڃي. هنن ئي ڏينهن ۾ اسرائيل جي يهودي جماعت به ان ڳالهه تي سختي ڪئي آهي ۽ ڪيتريون بين الاقوامي ڪمپنيون جن جا لکين روپين جا اشتهاري پوسٽر Bill Board اڳهين لڳل آهن سي انهن کي لاهڻ بدران انهن ۾ ڏيکاريل اگهاڙين عورن کي پينٽ (رنگ) ذريعي يا ڪپڙن ذريعي ڍڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن.
منهنجي خيال ۾ دهليءَ جو لال قلعو هڪ اهڙي عمارت آهي جنهن کان هڪ تاريخ جو اڻ واقف به متاثر ٿئي ٿو. ڇاته اتاهون خوبصورت ۽ وڏو قلعو آهي. نه فقط تن ڏينهن جي حساب کان جڏهن ٺهيو هو پر اڄ جي حساب سان به جڏهن عمارت سازيءَ جي ڪم لاءِ ڪيتريون ئي ماڊرن مشينون نڪري پيون آهن ڪيترائي Constructional Material ايجاد ٿي چڪا آهن. لال قلعو سونهن ۽ سوڀيا جي نشاني آهي.
ڳاڙهي پٿر ۽ سرن جو هي اتاهين. ڀتين، برجن، درين، منارن وارو قلعو پئرا ميٽر ۾ ٻن ميلن کان به وڏو آهي. جنهن جون ڀتيون يمنا نديءَ واري پاسي کان 18 ميٽر (يعني 40 کن فوٽ اٺ کن ماڻهو هڪ ٻئي جي ڪلهن تي بيهن ته پوءِ ان تي رسن) ۽ شهر واري پاسي کان جتان اسين ڏسڻ وارا داخل ٿيون ٿا، اڃا به اتاهيون. اٽڪل 33 ميٽر آهن. هي قلعو (لال قلعو) مغل شهنشاهه 1638ع ۾ ٺهرايو ۽ ڏهن سالن ۾ (1648ع ۾) ٺهي راس ٿيو. همايون ۽ سندس پيءُ بابر جي ڏينهن ۾ ته گاديءَ جو هنڌ دهلي هو پر پوءِ اڪبر بعد مغل بادشاهن آگري شهر کي وڌيڪ Prefer ڪيو. ان بعد شاهجهان پنهنجي تخت کي دهليءَ ۾ آڻڻ چايهو جنهن لاءِ هن نئون شهر شاهجان آباد ٻڌرايو جتي هي قلعو به ٺهرايو. دهليءَ جي آسپاس وارا هي سڀ شهر غياث پور کان (جتي حضرت نظام الدين اولياء خانقاه ٺاهيو ۽ درگاهه آهي) کان وٺي هي شاهجهان آباد ملي هڪ شهر ٿي پيو آهي نه ته هي سڀ بستيون هڪ ٻئي کان ائين پري هيون جيئن ڪراچيءَ ۾ ماريپور، کارادر، ڪياماڙي، لالو کيت (لياقت آباد) ميمڻ ڳوٺ، ملير، لانڍي وغيره. جيڪي اسان جي ننڍپڻ ۾ به الگ الگ ڳوٺن جي صورت ۾ هئا.
شاهجهان بادشاهه جو هي شهر شاهجهان آباد جنهن ۾ سمجهو ته هي لال قلعو ۽ جامع مسجد جهڙيون شيون اچي وڃن ٿيون اڄ پراڻي دهلي جو حصو سڏجي ٿو. شاهجهان هن قلعي تي وڏو خرچ ڪيو ۽ قلعي اندر مسجدون (موتي مسجد) عام ۽ خاص ماڻهن سان ملاقاتن لاءِ ديوان عام، ديوان خاص، نقار خانو، جيڪو نوبت خانو به سڏجي ٿو. تهه خانا ۽ خوبصورت محلات ٺهرايو. ان وقت يمنا ندي بلڪل قلعي وٽان لنگهي ٿي جنهن مان ڪئنال قلعي اندر آيا ٿي. قلعي اندر ٺهيل ٻين محلاتن جا اهڃاڻ اڄ به ممتاز محل، رنگ محل، خاص محل، ديوان خاص، حمام ۽ شاهه برج جي صورت ۾ موجود آهن. شاهه برج وٽان جيڪو پاڻيءَ جو ڪئنال نڪري محلن وٽان لنگهيو ٿي ان کي نهر بهشت (جنت جي نهر) سڏيو ويو ٿي.
اڄ به هن قلعي اندر ڇا بهاري ۽ سڪون آهي. قلعي ۾ اندر اچڻ کان اڳ ٻاهر گاڏين لارين جو گوڙ گهمسان ۽ ماڻهن جو هل هنگامو پر قلعي ۾ اندر اچڻ بعد لڳي ٿو ته اهو سڀ ڪجهه لائيٽ Years ڏور هليو ويو. قلعي اندر عمارتون، محل محلاتون، انهن جون ڀتيون، ڀتين تي ٿيل رنگين چٽسالي ۽ ڪاٺ جي درن توڙي پٿرن جي محرابن تي ٿيل گل گلڪاريءَ جو ڪم موهيو رکي ۽ اهڙي هڪ پٿرائين محراب جي هيٺان ڪنهن ڪاليج يا يونيورسٽيءَ جو شاگرد ۽ شاگردياڻي آهستي آهستي چپن ۾ ڀڻڪي رهيا آهن. ڪتاب ۽ ڪاپيون سندن هٿن ۾ آهن. اڄ ئي آئون اهو سوچي رهيو هوس ته دهليءَ جي هن گوڙ شور ۾ خبر ناهي پريمي مٺا ٻول هڪ ٻئي کي ڪيئن ٻڌائي سگهندا هوندا. ٺهيو هاڻ خبر پئي ته مغلن هي محلاتون ۽ باغ باغيچا نه فقط پنهنجي سک لاءِ ٺهرايا پر ايندڙ نسلن جي پريمين جي Communication)) لاءِ پڻ ڇڏي ويا آهن. آئون سندن ويجهو وڃي بيهان ٿو پر هنن کي ڪو هوش ناهي پنهنجيءَ ۾ غرق آهن تان جو آئون سندن تصوير ڪڍي کين ٻڌايان ٿو ته مون هي خوبصورت محراب جي نه پر توهان جي تصوير ڪڍي آهي.
”اوه سر! توهان اجايو پنهنجو فوٽو ضايع ڪيو، اسان ۾ ڪهڙي سونهن، سونهن ته هنن عمارتن ۾ آهي.“ ڇوڪر چيو.
”پر منهنجي خيال ۾ توهان جي موجودگيءَ ۾ هنن ۾ وڌيڪ سوڀيا اچيو وڃي.“ مون وراڻيو مان.
شاهجهان بادشاهه هيڏو خرچ ڪري پنهنجي بچاءَ لاءِ هي شاهي قلعو ۽ سڪون سان رهڻ لاءِ هي خوبصورت محل ٺهرايا پر افسوس جو هن کي ٻئي نصيب نه ٿي سگهيا. هو آگري مان هتي پنهنجي نالي ٻڌرايل ڳوٺ جي هن قلعي ۾ پوري طرح اڃا شفٽ به نه ٿيو ته سندس پٽ اورنگزيب کيس تخت تان لاهي اوڏانهن آگري واري قلعي ۾ قيد ڪري رکيو ان بعد اورنگزيب هندستان جو بادشاهه ٿيو ۽ دهليءَ جي هن لالا قلعي ۾ اچي رهيو. دهليءَ مان حڪومت ڪرڻ وارن مغل بادشاهن مان اورنگزيب پهريون ۽ آخري مشهور حاڪم ٿي رهيو.
قلعي اندر ٺهيل ديوان خاص جيڪو اڇي رنگ جي پٿر جو ٺهيل آهي اڄ به هتي جي شان شوڪت جي شاهدي ڏئي ٿو. جتي وقت جو حاڪم خاص ماڻهن سان ميٽنگون ڪندو هو. هال جي وچ ۾ زبردست قسم جو تخت جيڪو ”مور تخت“ (Peacock Throne) جي نالي سان مشهور ٿيو، رکيل هو. هي سڄو سون جو ٺهيل هو جنهن جي پويان مور ٺهيل هئا. تخت ۾ لڳل انيڪ قيمتي رنگين هيرن جي روشني ماڻهن کي مدهوش ڪندي هئي. اڄ اهو تخت غائب آهي جو 1739ع ۾ نادر شاهه جيڪا دهليءَ جي ڀينگ ڪئي ان ۾ هي تخت به ايران کڻائي ويو. ان بعد 1760ع ۾ هن هال (ديوان خاص) جي نج چانديءَ مان ٺهيل ڇت ڪڍي ويا سو اڄ فقط ان جاه جلوي ۽ مال ملڪيت جو هڪ هئڊو پاڇو وڃي رهيو آهي. البته ڀتين تي تن ڏينهن جي مشهور شاعر فردوسيءَ جو اڪريل فارسي شعر اڄ به موجود آهي، جنهن جي معنيٰ ڪجهه هن ريت آهي ته:
جيڪڏهن هن ڌرتيءَ تي ڪو بهشت آهي
ته اهو هي آهي، اهو هي آهي، اهو هي آهي.
قلعي اندر هڪ ننڍڙي مسجد پٿرن جي ٺهيل ”موتي مسجد“ نالي پڻ آهي. هي ڍڪيل مسجد 1659ع ۾ اورنگزيب پنهني ذاتي عبادت لاءِ ٺهرائي هئي.
شام جي وقت هن قلعي ۾ کلي ميدان تي ”سائونڊ ۽ لائيٽن“ جو شو پڻ ٿئي ٿو جنهن ۾ انڊيا جي تاريخ ٻڌائي وڃي ٿي. ههڙا Sound & Light شو دنيا جي ٻين به ڪيترن ئي شهرن ۾ ٿين ٿا. هي دهليءَ وارو به ڏسڻ وٽان آهي پر بهتر اهو آهي ته هٿن، پيرن ۽ ڪنڌ تي مڇرن کي ڀڄائڻ جي Mospel جهڙي دوا مکي اچجي نه ته مڇر پٽيو وڃن.
دهليءَ جي لال قلعي ۽ ان جي ٺهرائيندڙ شاهجان جي ڳالهه ڪرڻ وقت اهو لکڻ بي محل نه ٿيندو ته ٺٽي جي 93 گنذن ۽ 33 محرابن واري مسجد به هن ئي مغل شهنشاهه شاهجان ٺهرائي هئي ان ڪري سندس نالو ”شاهجهان مسجد“ آهي. ٺٽي جي هيءَ ”شاهجهان مسجد“ سن 1647ع ۾ هندستان جي حاڪم شاهه جهان جي حڪم سان مير عبدالله ٺهرائي.
مغل شهنشاهه شاهجهان هن ٺٽي واري مسجد کان علاوه ٻيون به ڪيتريون ئي مسجدون ٺهرايون جيڪي، Architect جي خيال کان اڄ به اهم آهن ۽ پسند ڪيون وڃن ٿيون. لاهو، آگرا اجمير به شاهجهان جي ٺهرايل مسجدن کان مشهور آهن. سڀ کان وڏي ۽ خوبصورت دهليءَ جي جامع مسجد آهي. جيڪا لال قلعي کان ميل کن جي پنڌ تي آهي.
”ڏس هيستائين لال قلعي تائين ته پهچي ويا آهيون.“ مون گهر ڏي واپس موٽڻ وقت رڪشا ڊرائيور کي چيو، ”هاڻ سامهون ته جامع مسجد آهي. ان لاءِ سڀاڻي وري هن پاسي اچان ان کان بهتر آهي ته هينئر ئي ڏيکاريندو هل.“
ڊرائيور هائوڪار ڪئي پر ڪجهه سست هائوڪار جنهن جي سبب اڳتي هلي خبر پئي ته جامع مسجد جي آسپاس وارين گهٽين ۾ ايڏي ٽريفڪ جام ۽ ماڻهن جي پيهه پيهان رهي ٿي جو اڌ ڪلو ميٽر جو فاصلو اسان اڌ مني ڪلاڪ ۾ پورو ڪيو. ڪجهه ڪجهه ڪراچي جي کوري گارڊن ۽ حيدرآباد جي فقير جي پڙ وارو حال هو. رستي جي ٻنهي پاسي ننڍا ننڍا دڪان ۽ انهن اڳيان فٽ پاٿ تي چادرون، پنا، دفتريون وڇائي شيون وڪڻندڙن جا سوين اسٽال هئا. هتي ڪاسائين جا دڪان به عام طرح نظر آيا جن وٽ ڪٺل ڪڪڙيون ۽ ٻڪريون ٽنگيل هيون. ٻڪريءَ جي پاون ۽ منڍيءَ جا به ڪيترائي دڪان هئا. وري ننڍڙيون هوٽلون جن مان ڪن تي فقط چانهه وڪامي رهي هئي ته ڪن وٽ کاڌي پيتي جا ديڳڙا هئا جن تي رکي رکي بورچيءَ زور سان لوهي چمچو هڻي لنگهندڙن جو ڌيان پاڻ ڏي ڇڪايو ٿي. اڳهين سندن هوٽلن ۾ بيرن جون رڙيون، وڏي آواز تي اسپيڪرن مان گانن جو آواز ۽ فٽ پاٿ تي شيون وڪڻندڙن جا هوڪا ڪي گهٽ هئا جو رکي رکي هنن بورچين لوهي چمچا ديڳڙن تي ٿي هنيا. فٽ پاٿ تي انڊين شين کان علاوه چين جون سستيون شيون: بيٽري سيلن کان ٽيپ رڪارڊر ۽ ڪئميرائون پڻ هيون. پانن ۽ ٻين اوزارن جا دڪان ته اهي به هڪ ٻئي پويان جام. تسبيحن ۽ جانمازن جا دڪان ته اهي به انيڪ. کاڌي پيتي جي شين جا، جڙين ٻوٽين ۽ تيلن جا دڪان. سرمي ڏندڻ، گنجين، ڪڇن جا دڪان، لنڊا جو سامان وڪڻندڙن جون رڙيون. بوٽن ۽ پرسن وڪڻندڙن جا ڪوڪڙاٽ، رکي رکي آئون به ڪنهن هنڌ ترسي قيمت پڇڻ لڳس ٿي هر شيءِ سستي هئي پر اسان جي آچر بازارين، کوري گارڊن، موتن داس ۽ بولٽن مارڪيٽن ۾ وڪرو ٿيندڙ آنهن ساڳين شين جي قيمت کان وڌيڪ هيون. مون هنن فٽ پاٿي دڪانن مان ڪجهه تي خاص ڪري سيڪنڊ هئنڊ ڪتابن ۽ اليڪٽرانڪ جي شين وارن تي ڪجهه دير ترسي ڪا ڪم جي شيءِ ڏسڻ ٿي چاهي پر پٺيان مڙڻ تي ڊرائيور کي پنهنجي اوسيئڙي ۾ بيٺل ڏسي پوءِ مسجد ڏي سڌو رخ رکيم.
ڪو دهليءَ ۾ ڏينهن اڌ لاءِ اچي ته به هن کي ٻيو نه ته هتي جو هي لال قلعو ۽ ڀر ۾ هيءَ انڊيا جي وڏي ۾ وڏي مسجد جامع مسجد (جيڪا شورع جي ڏينهن ۾ ”مسجد جهانما“ سڏبي هئي) ضرور ڏسڻ کپي. جامع مسجد تائين پهچڻ لاءِ هنن سستين، گوڙ شور ۽ پيهه پيهانن وارين بازارين ۾ به مزو ايندو جو انهن ۾ نه فقط اسان ايشيائي پر يورپ ۽ آمريڪا پاسي جا ماڻهو به چڪر هڻي رهيا هئا ۽ سستين ۽ عجيب قسم جي شين جي خريداري ڪري، خوش ٿي رهيا هئا.
انڊيا جي هيءَ وڏي ۾ وڏي مسجد، شاهجهان بادشاهه 1650ع ۾ ٺهرائڻ شروع ڪئي جنهن تي پنج هزار کن مزور ڇهن سالن تائين ڪم ڪندا رهيا. هن ۾ هڪ ئي وقت پنجويهه هزار کن ماڻهو نماز پڙهي سگهن ٿا.
No comments:
Post a Comment